Thursday, June 27, 2019

وڙهارو ڍنڍ - نصير مرزا


وڙهارو ڍنڍ
سنڌ جي ھڪ پر اسرار ڍنڍ
نصير مرزا
هيءُ کپري شهر جو چوڪ هو، جنهن جي چئني پاسي رستا ۽ رستن جي پاسن کان سنهڙيون، بي ترتيب، پُر پيچ گهٽيون، جن ۾ هر جات جا هندو ۽ مسلمان صلح ڪُل سان آباد، پر هي عجيب شهر، نالي ۾ ته شهر مگر ماحول سارو ڳوٺاڻو- اصل ۾ ان شهر جي ههڙي هنگام مان ان سبب آئون لنگهي رهيو هوس، جو مون کي هن ديار جي اُن پراسرار ڍنڍ کي ڏسڻ جو شوق ڏياريو ويو هو، جنهن جو نالو کپري واسين وٽ زبان زد عام “وڙهارو ڍنڍ” هو. هاڻي شهر جي چوڪ وٽان لنگهندي گاڏيءَ جي دريءَ مان هن مزيدار شهر کي ڏسڻ شروع ڪيو. رستا کڙ کٻڙ، جن جي پاسن کان ڪٿي ڪٿي، مٽيءَ ۽ ڌُوڙ سان ڀڀوت وڻ ۽ عام هلندڙ ماڻهن جا چهرا به مٽي مٽي...چئني طرفن کان شهر جو رستو مٿڀرو ۽ بئنڪون، ڦٽين جا ڀانڊا، سيٺين جون پيڍيون، ڪپڙي ۽ سيڌي جا دڪان وري هيٺ...اهو شايد ان ڪري، جو اهي سڀ قديم ۽ رستو شايد بار بار مرمت سبب مٿي ٿيندو ويو آهي. اوچتو آس پاس هلندڙ کپري واسي مرد ۽ خواتين جي لباسن ۾ مُنهنجي دلچسپي وڌي وئي...ڇا ڏسان ته هندو عورتون پولڪن، پڙن ۽ وڏن رنگين رون ۾ ڄڻ ڪرشن جون گوپيون ۽ مسلمان زائفائون وري شٽل ڪاڪ اڇن برقعن ۾...مرد ڌوتين ۾، ڪُلهن تي پوتڙا ۽ ڪي ڪي ته شلوار قميص ۾ به- آس پاس هلندڙ ۽ هتي آباد جاتين بابت خبر پئي ته ڪي ديوان، ڪي لوهاڻا، ڀيل، ڪولهي، ۽ بس ميگهواڙ وغيره. واڻڪين ڌوتين ۽ ٽوپُڙين ۾ ملبوس ڪي بزرگ اتان نڪرندي ڏٺم ته دل ۾ سوچيم پڪ انهن گهٽين اندر ڪي مندر، ٽڪاڻا ۽ شوالا هوندا....مون ٿورا عيسائي مشنري جا ماڻهو به ته ان شهر جي رستن تي ڦرندي گهمندي ڏٺا. اجهو اهڙن رستن ۽ ڳوٺاڻي ماحول مان لنگهندي ڪنهن ڪنهن گهڙيءَ ته لڳم، آئون عظيم سنڌي ڪهاڻيڪار آسانند ممتوراءِ جا سنڌ جي ڳوٺاڻي جيوت بابت افسانا اکين سان ڏسندو پيو وڃان.


هيءُ کپرو ڇا ته اداس، اجاڙ، شهر ڀرپاسي ۾ کنڊ ۽ ڦُٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا، ڪمند، ووئڻن، ڪڪڙن ۽  ڦُٽين جا دبنگ واپاري...پر شهر جي حالت مڪمل ابتر، بدحال ۽ بدحال...شهر جي ههڙي بدحالي ۾ منهنجو ڇا؟ ان ڪري “ورهاڙو ڍنڍ” ڏسڻ جي شوق ۽ بهاني سان مون ضلعي سانگهڙ ۽ تعلقي کپري ۽ ناري ۾ موجود ٻين ڍنڍن کي به ياد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو...ڇا ته انهن جا انڊلٺ ۽ مور جي پرن جهڙا رنگين نالا ڪنهن وقت پڙهيا هئا. جيئن ابڙائو ڍنڍ، رتڙائو ڍنڍ، ٻاڙي ڍنڍ، جنهن لاءِ پڙهيم ته اُها ايتري ته اونهي، جو ڪنهن کي نه ان جي انت جي خبر نه، پار جي. پوءِ سَرن واري ڍنڍ،  ڏونگريون ڍنڍ، ڪلاچ ڍنڍ، کيرَ واري ڍنڍ، ماڙين واري ڍنڍ، مکي ڍنڍ....جتان وڏا ٻڌائيندا هُئا ته آس پاس جي جهنگ مان مڻين مُنهن ماکي ملندي هُئي ۽ هو زبردست ڪاڪاهوُ ڍنڍ، جيڪا پنهنجي ڪنهن ڪتاب جي مهورت بهاني اسان جي پياري دوست اشتياق انصاريءَ اسان کي گهُمائي. ڇا ته اجگر جيڏي اها ڍنڍ، جنهن جي سطح تي ٻيڙيون ۽ بتيلا به موجود، ڪيترن قلمڪان ته ٻيڙين تي چڙهي سير به ڪيو پر آئون ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ کان سدائين ڊڄان ۽ ان جي ويجهو اصل ئي نه وڃان، ان ڪري پري رهيس. ڪنهن ٻڌايو ته، ڪنهن وقت آس پاس هڪڙي ونهيل واري ڍنڍ به هُئي، جنهن ۾ واڳن جو واسو هوندو هو. جيڪي هاڻي ان ڍنڍ ۾ چون ٿا موجود ناهن.
هاڻي وڙهاڙو نالي واري هيءَ پراسرار ڍنڍ جيڪا کپري جي چوٿين ڪُنڊ ۾ پئي ٻڌائي ويئي، ان لاءِ کپري شهر مان اسين کاٻي پاسي لنڪ روڊ تي لهي پيا هُئاسين. اجهو ان ناهموار سوڙهي رستي جي ٻنهي پاسي قطار در قطار يوڪلپٽس ۽ سوُانجهڙي جا ڇڊا پاڊا وڻ هُئا، جن جي پويان ڪٿي ڪٿي جهنگ، ته ڪٿي اجاڙ وارياسو ميدان هو. ڪنهن ڪنهن هنڌ ڪکن ڪانن واريون يڪ ٿنڀيون جهوپڙيون به هُيون، پر ماڻهن کان خالي، اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين...اوچتو ڀٽائيءَ صاحب جي اها سٽ چپن تي چڙهي آئي هُئم. مون دل ۾ سوچيو ته، ڇا کاڻي راڄڙ وارو درويش صفت، صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ به ڪڏهن هن پار آيو هوندو؟ جو ڪٿي پڙهيم ته ان به سالن جا سال جهنگن برن ۾ چلا ڪڍيا هُئا. يوڪلپٽس جي قطار در قطار رستي جي ٻنهي پاسي خبر پئي ته سرحدي علائقي هجڻ سبب اندر جهنگ ۾ وطن جا محافّظ سپاهي رهندڙ وسندڙ آهن. بس بهار رُت ۾ هي ڪچڙي منجهند جو وقت هو، ڪلاڪ سوا جي سفر بعد جڏهن سج جنوهر جي ٽڪيءَ وانگر مون کي وڻيو پئي. رستي جي جهولي ۾ جهولندا ۽ مختلف موڙن وٽان ڦرموٽيءَ وانگر ڦرندا، ڇڻيل پنن وانگر اڏامندا، کپري جي ان چوٿين ڪُنڊ وٽ اسين پهچي وياسين، جتي هيءَ پراسرار ورهاڙو ڍنڍ اسان جي اکين جي آڏو هُئي، جنهن جي تلاش ۾ اسين اتي پهتا هُئاسين. هاڻي ويجهو پهچي جو ڏٺم ته ڍنڍ جو صرف ڇوليون هڻندڙ آڳو ظاهر ۽ باقي ڍنڍ ٻن نهايت اوچين ۽ ڀوائتين ڀٽن جي ڀاڪر ۾ قيد، ۽ جنهن جي پوئين باقي حصي کي ٻيڙين تي سوار ٿي ڏسڻ کان سواءِ ڪو ئي به چارو ڪو نه هو. ڍنڍ جو لهرون هڻندڙ پاڻيءَ جو رنگ سياهه ڪارو ۽ ذائقو اڦٽ ٻاڙو. دور دور تائين ڍنڍ جون لهرون ايئن هوا ۾ لڏندڙ، ڄڻ انهن جي تهن هيٺيان ڪي خوفناڪ، ڊيڄاريندڙ آبي جانور لڪل هجن. خبر پئي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، بس صرف پاپليٽ مڇي جيڪا مزاجن مڪار مڇي آهي، جو شل نه ڪناري تي پکي اچي ويهي يا لامارو ڏيئي سطح تان پاڻي پيئي، تاڪ ۾ ڦرندڙ پاپليٽ جهٽ هنيو ان کي پاڻ ۾ گهليو وڃي. ته بس ان خوني پاپليٽ جي ڊپ کان ڪو پرڏيهي پکي هنج، ڊگهوش، آڙي ۽ بدڪ سميت ڪو به هن ڍنڍ تي سياري مُند ۾ لهڻ کان گوشو ڪندو آهي. تڏهن ان ڍنڍ جي سياهه مخملي سطح تي يڪ ٽِڪ نگاهه مرڪوز رکندي لڳم ته ان جي مٿان ڪو اُڀار ٿيو آهي. اهو پڪ ڪو واڳون يا ڪو اجگر...پر اهو ته ڪو ٿلهو ٿنڀرو سياهڪارو ڪڇون هو، جنهن نانگ جي ڦڻ وانگر ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي اسان اجنبين کي ڏٺو ۽ پوءِ ڇپڙاڪ گم. شايد هن کي اسان مان ڪنهن به سياح جو مُنهن نه وڻيو. تڏهن لڏندڙ ۽ ڦٿڪندڙ لهرن ۾ ڦڙڦوٽ ڏسي اڌ ڪٺل ۽ زمين تي ليٿڙيون پائيندڙ ڪنهن گُرڙ پکيءَ سان هن پراسرار ڍنڍ کي مون دل ۾ تشبيهه ڏني هُئي. ايتري ۾ ڏٺم ته ڪي ٻيا پکي پکڻ ته نه، البته ٿورا ڪي ڪانگ ڍنڍ جي ڪناري لٿا ۽ چهنبون ٻوڙي ڪجهه پاڻي پي ۽ ڪجهه پنهنجي پرن تي ڇڻڪاري هي گدگد ٿي رهيا هُئا. ياالله! هي ڪارا ڪانگ ۽ ڪارو نڀور ڍنڍ جو پاڻي ۽ ايئن ڪي ڪلاڪ اتي گهاريندي لڳو ته آسمان مان شام جو ستارو نمودار ٿي رهيو آهي. تڏهن اوچتو الائي ڪٿان پياسن ڪارن ابابيلن جا ڪٽڪ ۽ چمڙن جا لشڪر، آس پاس جي ڀٽن مان نڪري نروار ٿيا ۽ ڍنڍ جي سطح مٿان اڏامندي ان کي ويتر سياهه پوش ڪندا ويا. هي مون سوچيو “ورهاڙو ڍنڍ” جو ديار آهي يا پرين ڪو پراسرار آستان يا ڪنهن سامري جادوگر جي جادونگري....مون کي اوچتو مشهور اردو شاعر تلوڪ چند محروم جي هي سٽ ياد پئي: “دن ڪو ڀي يهان، شب ڪي سياهي ڪا سمان هئه.”
ڍنڍ جي سياهه غلاف رنگ منچ تي لهرن جي صورت سياهه پوش رقاصائن جو رقص اڃان جاري هو، جنهن کي ڏسندي منهنجي اندر جي روح جي سڪ اڃان پوري ئي ڪا نه ٿي هُئي، جو ڏٺم ته ڪنهن طرف کان ان ديار ۾ ڪو اجنبي اوٺار لانگهائو ٿيو... جنهن کي اٺ تي سوار ڏسي سوچيم ته پڪ سان ڪو راڻو رگهوير سنگهه هوندو. پوءِ مون ڏٺو ته اٺن جو ڪو وڳ ۽ مال جو ڌڻ اتان ڌُوڙ اڏائيندو گذريو ته هر طرف ڄڻ رئي اڏامڻ لڳي. تڏهن ڪا دير اڃان به ان ڀيد ڀري ۽ ڊيڄاريندڙ فضا ۾ مون اتي رهڻ ۽ پاڻ کي خوف ۾ مُبتلا ڏسڻ ٿي چاهيو، جو ڪنهن اڄاتل خوف ۾ رهڻ جو به ته پنهنجو ئي مزو آهي- پر ڇا ڪجي، هوڏانهن کپري شهر ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ سائين محمد عمر هڱورجي جي، ريڊيو آفيسر علي اڪبر هڱورجي ۽ ايڊووڪيٽ حاجي خان هڱورجي وارن جي اوطاق تي اسان جي رات واري مانيءَ لاءِ گرما گرم طعام تيار ٿي چُڪا هئا، جن منجهان تترن ۽ جيرانڊين جي ٻوڙ، روسٽ ٿيل سِجين ۽ پلي پُلاءَ... شدت سان اسان کي پڪارڻ شروع ڪري ڏنو هو.

No comments:

Post a Comment