Showing posts with label KANGSAR. Show all posts
Showing posts with label KANGSAR. Show all posts

Thursday, September 05, 2013

ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت - الطاف شيخ

ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت
(KUALA KANGSAR DAN LUMUT)
الطاف شيخ

پيراق رياست جو وڏو شهر جيتوڻيڪ اپوح آهي پر پيراق جي سلطان جو محلات اپوح بدران ڪئالا ڪنگسار ۾ آهي. جيڪو اپوح کان ٻٽيهه ميل پري ڏکڻ پينانگ ڏي آهي. جتي چار پوڙها سک ريلوي اسٽيشن تي ملن. هي محلات Istana -Iskandariah پيراق نديءَ جي ڪناري تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. جنهن جي ڀر ۾ پهريون پراڻي زماني جو محلات Istana-Kenagan پڻ اڃا ان حالت ۾ موجود آهي ۽ ملئي عمارت سازيءَ جو نمونو پيش ڪري ٿو. سندس ڀر ۾ چندن ٽڪريءَ تي سوني قبي واري ابودايا مسجد ڏسڻ جهڙي شيءِ آهي، جنهن لاءِ ٽوئرسٽ ڪئالا ڪنگسار هلي ايندا آهن. هونءَ پاڪستان، ايران، افغانستان يا عرب ملڪن جي رهاڪن کي عمارت سازيءَ جي لحاظ کان هتي جي هر مسجد نرالي لڳندي جو هڪ ته هتي جي عمارت سازيءَ تي انڊين ۽ چيني آرڪيٽيڪٽ جو اثر آهي ۽ ٻيو ته هتي جي موسم هر وقت مينهوڳيءَ واري هجڻ ڪري، هتي جي هر هڪ عمارت جون ڇتيون ڪنڊائتيون آهن. گهڻو عمارتي ڪاٺ هجڻ ڪري لوهه پٿر بدران ڪاٺ استعمال ٿئي ٿو ۽ ڇت ۾ ناريل جا پن وڌا وڃن ٿا جيڪي عمارت کي ٿڌو رکن ٿا.