منهنجو هي ريل رستي ٿائلنڊ ڏي سفر
الطاف شيخ
گذريل ڇهن سالن کان ملائيشيا جي
جنهن شهر ۾ رهان ٿو ان جو نالو ملاڪا آهي. هي شهر ملائيشيا جي اولهه پاسي واري سامونڊي
ڪناري West Coast تي آهي. ملائيشيا جا سڀ مشهور شهر هن ڪناري
ويسٽ ڪوسٽ تي آهن: جوهوربارو، موئر (Muar)، ڪوالالمپور،
اپوح، پينانگ، الور اسٽار، سنگائي پتاني، ڪئالا ڪنگسار وغيره وغيره. پورچوگيز، ڊچ،
انگريز ـــ سڀني جي هن ڪناري تي مار مارا هئي. باقي اوڀر پاسي (East Coast) تي عوام به گهٽ آهي ته شهر به گهٽ آهن. اتي
خاموش، سامونڊي ڪنارو (Beaches)، ڪُميون، انهن
جا بيضا ۽ وائڙا آمريڪن ۽ منجھيل جپاني ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا.