دنيا جو هر ماڻهو فرانس جو شهري آهي
عبدالحي پليجو
جيئن ته ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ بادشاهه هينريءَ جو ذڪر ڪري آيو آهيان،
ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته سندس دور ۾ صنعت ترقي ڪئي. هن جو وزير اعظم سُولي
هوگيوناٽ ڪٽر ڪالونسٽ هوندي به، سندس بهترين صلاحڪار ثابت ٿيو. هن جي زماني ۾ روڊن،
پلين ۽ واهن جي حالت سڌاري وئي. سلڪ، ڪلابات (سوني ڌاڳي) جي ڪم ۽ شيشي جي صنعت، ملڪ
جي اقصادي حالت سڌارڻ ۾ مدد ڪئي. هينري فرانس جي باربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو،
جنهن پنهنجن پوين لاءِ هڪ اهڙو خوشحال ۽ مذهبي معاملن ۾ رواداري رکندڙ ملڪ ورثي ۾ ڇڏيو،
جيڪو مضبوط ۽ متحد هو. هن پنهنجن اختيارن، مضبوط قوت ارادي، خوش خلقي ۽ حرفت کان ڪم
وٺي ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. جڏهن آگسٽ ۱۶۱۰ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ مذهبي مجنون، کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو، تڏهن هو سڄي يورپ
۾ سڀ کان وڌيڪ متحد ۽ طاقتور ملڪ جو حاڪم هو. هن جي باربان جانشينن فرانس کي مهانگين
۽ فضول جنگين ۾ جيڪو ڦاسايو، سو شايد اڻٽر هو، پر هن جي دور، هڪ صديءَ لاءِ اهڙا بنياد
مهيا ڪري ڏنا، جنهن ۾ فرانس يورپ جي سڀ کان وڏي طاقت رهيو. هن ملڪ سورهين صديءَ ۾ جيڪو
ڪامياب تجربو ڪيو، سو ڪنهن به طرح گهٽ ڪارنامو نه هو.
