Friday, January 11, 2013

دنيا جو هر ماڻهو فرانس جو شهري آهي - عبدالحي پليجو


دنيا جو هر ماڻهو فرانس جو شهري آهي
عبدالحي پليجو
جيئن ته ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ بادشاهه هينريءَ جو ذڪر ڪري آيو آهيان، ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته سندس دور ۾ صنعت ترقي ڪئي. هن جو وزير اعظم سُولي هوگيوناٽ ڪٽر ڪالونسٽ هوندي به، سندس بهترين صلاحڪار ثابت ٿيو. هن جي زماني ۾ روڊن، پلين ۽ واهن جي حالت سڌاري وئي. سلڪ، ڪلابات (سوني ڌاڳي) جي ڪم ۽ شيشي جي صنعت، ملڪ جي اقصادي حالت سڌارڻ ۾ مدد ڪئي. هينري فرانس جي باربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو، جنهن پنهنجن پوين لاءِ هڪ اهڙو خوشحال ۽ مذهبي معاملن ۾ رواداري رکندڙ ملڪ ورثي ۾ ڇڏيو، جيڪو مضبوط ۽ متحد هو. هن پنهنجن اختيارن، مضبوط قوت ارادي، خوش خلقي ۽ حرفت کان ڪم وٺي ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. جڏهن آگسٽ ۱۶۱۰ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ مذهبي مجنون، کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو، تڏهن هو سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ متحد ۽ طاقتور ملڪ جو حاڪم هو. هن جي باربان جانشينن فرانس کي مهانگين ۽ فضول جنگين ۾ جيڪو ڦاسايو، سو شايد اڻٽر هو، پر هن جي دور، هڪ صديءَ لاءِ اهڙا بنياد مهيا ڪري ڏنا، جنهن ۾ فرانس يورپ جي سڀ کان وڏي طاقت رهيو. هن ملڪ سورهين صديءَ ۾ جيڪو ڪامياب تجربو ڪيو، سو ڪنهن به طرح گهٽ ڪارنامو نه هو.

ماڻهو جنهن به ملڪ وڃي ٿو، ته صرف انهيءَ ملڪ جي تعريف ٿو ڪري ته،  واهه جو ملڪ هو، ڏاڍا سُٺا ماڻهو هئا، سڀ ڪم ڪار قانون مطابق پئي ٿيو، اصل شينهن ٻڪريءَ گڏ پي کاڌو، پر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته انهيءَ ملڪ جي اوڻائين جي باري ۾ يا ته بلڪل ڪجهه به ڪونه لکيو ويو آهي، يا وري بلڪل نه برابر لکيل آهي، پر انهيءَ جي ابتڙ سنڌ ۾ جيڪي به سياح آيا، انهن جيڪي ڪتاب لکيا، اهي سڀ سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف لکيل آهن، مثلاً: چچ نامو مظهر شاهجهانيءَ ۾ ته سنڌين جي باري ۾ تمام گهڻو ڪينو ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ جي هڪ انگريز محقق لامبرڪ به Tarots ۾ حُرن جي خلاف لکيو آهي, حُر به ته سنڌي آهن.
سو آئون به چاهيندو آهيان ته جنهن به ملڪ ۾ وڃجي ته انهيءَ ملڪ جي خوبين سان گڏ خامين جو به ذڪر ڪجي، پر ڪي ملڪ اهڙا به هوندا آهن، جن ۾ ڪا گهٽتائي نظر ئي ڪا نه ايندي آهي، تنهنڪري انهيءَ ملڪ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه ميڙي چونڊي پڙهندڙن اڳيان رکجي، سو هي ٿورو گهڻو اخباري مواد، فرانس جي اڳوڻي صدر جي خلاف ڏٺم سو هت لکي رهيو آهيان. جيئن توهان حڪومت جي خلاف مخالفن جا رايا پڙهي ۽ معلوم ڪري سگهو.
سرد جنگ کانپوءِ دنيا ۾ وڏيون اٿلون پٿلون آيون، جن ۾ ڪيترن ملڪن جو ته وجود ئي ختم ٿي ويو، جيئن يوگو سلاويا ۽ اوڀر جرمنيءَ ته وري ڪئين نوان ملڪ وجود ۾ آيا، جيئن ازبڪستان، بوسنيا، قازڪستان ۽ ٻيا به ڪيترا ملڪ پر فرينچ اڃا تائين سابق صدر مٽرانڊ واري هاڃيڪار پاليسيءَ جو شڪار آهن ۽ سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ به فرينچ قومي وقار ۽ اعتماد گهربل حد تائين اُجاگر نه ٿيو. جيتوڻيڪ ۱۹۹۵ع ۾ سندس وفات کانپوءِ مٽرانڊ جي شهرت ۹۳ سيڪڙو وڌي ۽ اهو جلد پڌرو ٿيو ته هن فارنس کي شهسواريءَ لاءِ کنيو هو. هن پنهنجي جاءِ والاريندڙ جميڪُس شراڪ کي گرفت کان ٻاهر پسماندگيءَ ۽ بيلغام بيروزگاريءَ واري فرانس ۾ ڇڏيو. ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيندي مٽرانڊ جي حڪومت واري وزير دفاع کي ڪي جي بي  ڇاڙتي طور ملزم ڄاڻايو ويو آهي ۽ مٽرانڊ جي وقت واريون نظر پرور عمارتون ۽ هوٽلون وغيره ڪِرن پيون. ماڻهو حيران آهن ته سرڪاري توڙي خانگي خزاني جي ذخيرن ۾ ڪُجهه بچيو به آهي، جنهن سان هن ڇڙوڇڙ صورتحال کي سڌاري جي سرڪار هن ڏس ۾ ڪئين منصوبا جوڙيا آهن، پر انهن تي عمل تمام سُست رفتاري سان ٿئي ٿو. سراسري طور ترت اُڪلائڻ وارن ڪمن لاءِ به پارليامينٽ کي ٻه سال لڳي ٿا وڃن. ماڻهو اڃا تائين وڌيڪ پريشان پيا ٿين، جيڪا ڳالهه هميشه حڪومت کي ڏکي ٿي لڳي، نتيجتاً صورتحال سنگين آهي. عوام سمجهي ٿو ته هن صورتحال جو سبب شراڪ جي قدامت پرست پاليسي آهي ۽ سرڪار جي خيال ۾ انهيءَ جو سبب نون آبادڪارن جي تعداد ۾ غير متوقع اضافو آهي، جيڪي اڪثر بي سرو سامان ۽ هٿين خالي اچي معيشت تي بار ٿيا آهن. مذڪوره صورتحال جي پيش نظر ۱۹۹۶ع واري اُگرا واقعا پيش آيا. فرانس ۾ آگسٽ جو مهينو معمول موجب لطف ۽ لذت ماڻڻ وارو هوندو آهي ۽ هن مهيني ۾ ماڻهو ڊگهي موڪلن تي سير ۽ تفريح لاءِ گهمڻ ڦرڻ نڪري ويندا آهن، پر ۱۹۹۶ع واري آگسٽ جو مهينو  لڏي آيل ۳۰۰  آفريڪي ماڻهن جي جنجال ۽ فساد وارو مهينو هو، انهن مان ۴۸ ماڻهن کي ۱۹۹۴ع واري قانون موجب واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻو هو. پر ٿيو ايئن ته اهي سمورا ۳۰۰ ڄڻا سينٽ برنارڊ واري چرچ جي هڪ هجري ۾ وڃي لڪا ۽ انهن مان ڏهن ڄڻن بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي.
آخرڪار وئڪيشن جي خاتمي کان هڪ ڏينهن اڳ پوليس، چرچ تي چڙهائي ڪري انجا دروازا ڀڃي داخل ٿي، انهن لڪل ۽ هڙتالي آفريڪين کي پڪڙي حراست مرڪز ۾ بند ڪيو. هن ڪارروائي کي گهڻن فرينچن ساراهيو، ڇو ته سندن خيال موجب آفريڪي ۽ عرب ماڻهن هت اچي بيروزگاري ۽ اخلاقي ڏوهن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، ٻي طرف اڪثر شاگرد ۽ دانشور طبقو لڏي ايندڙن لاءِ ٺهيل قانون تي سخت تنقيد ڪري ٿو ۽ سندن چوڻ آهي ته مٿيان قانون حڪومت پنهنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ ترتيب ڏنا آهن.
سن ۱۹۹۶ع شراڪ لاءِ لڳاتار مصيبتن جو سال رهيو، جنهن دوران ٽپال گهرن ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۽ عوامي جڳهين تي بم ڌماڪن سان ماڻهن کي ماريو ويو ۽ دهشتگردي ڦهلائي وئي. انتظاميه ٽن طرفن کان دهشتگرديءَ جي زد ۾ آئي وغيره.
بهرحال اهي  سندن پنهنجا رايا آهن، اسان مختصر وقت ۾ پنهنجو ڪوبه رايو قائم ڪونه ٿا ڪري سگهون. تنهنڪري پاڻ اچون ٿا واپس پنهنجي سفر جي پچار تي.
اسان فرانس جي ميداني علائقي مان وڃي رهيا آهيون، پري پري سرسبز پهاڙن تي ڳاڙها گهر، جن جي ارد گرد وڏا وڏا خوبصورت وڻ صاف نظر اچي رهيا آهن، ته وري ڪنهن ڪنهن هنڌ ايڪڙ ٻيڪڙ گهر،  نه ته صرف پهاڙ ئي پهاڙ ۽ انهن مٿان سنهڙا ڊگها وڻ، هن پهاڙن جي سونهن ۽ عظمت کي وڌيڪ اجاگر ڪريو بيٺا آهن. مائوزي تنگ جو هڪ شعر آهي ته،
”سونهن هميشه توهانکي پهاڙن جي چوٽين تي ملندي.“
آمريڪي صدر نڪسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ليڊرس (Leaders) ۾ پئرس شهر مان واپس ٿيندي، بنجمن فرينڪلن جا هي لفظ ياد ڪندي لکيا آهن ته:
”دنيا ۾ هر انسان ٻن ملڪن جو شهري آهي. هڪ پنهنجي ملڪ جو ۽ ٻيو فرانس جو.“
منهنجي سوچ مطابق انهيءَ جملي جي معنيٰ آهي ته هر ماڻهوءَ کي فرانس اهڙو ٿو وڻي ۽ پنهنجو محسوس ٿئي، جو هر انسان فرانس کي پنهنجو چوڻ تي مجبور ٿيو پوي ۽ انهيءَ جي سڪ ائين ستائي ٿي، جيئن پنهنجي ملڪ کان ٻاهر پنهنجي ملڪ جون يادون.
فرانس مون ڪئين دفعا ڏٺو آهي، پر مونکي فرانس هميشه جوان لڳو، ڇو ته؛ ’جواني ئي سونهن آهي.‘

No comments:

Post a Comment