وچڙندڙ بيماريون ۽ ڪبوتر پالڻ جو شوق
الطاف شيخ
ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي ننڍي هوندي کان اسان پنهنجي
آسپاس ۾ ٿينديون ڏسي سمجھون ٿا ته، سڀ صحيح آهن. بهرحال اهي ڳالهيون نقصانڪار سهي،
پنهنجي گهر، گهٽيءَ ۽ ڳوٺ تائين ته صحيح آهن پر ٻئي شهر، صوبي يا ملڪ ۾ ضروري ناهي
ته اهي برداشت ڪيون وڃن ۽ اهي ڳالهيون اسانجي خاندان، مذهب يا ملڪ کي ٻين جي نظرن
۾ کِلڻهارڪو بنائي سگهن ٿيون.
مثال طور، اسلامي طرح ته ڪُتو هڪ نجس جانور آهي ئي
پر اڄ جي ميڊيڪل سائنس به اهو ئي چوي ٿي. جن ملڪن ۾ ڪُتن کي گهر ۾ پاليو وڃي ٿو، انهن
کان پڇي سگهجي ٿو. ناروي ۽ سُئيڊن ۾ رهائش دوران مون اتي جي عورتن جو احوال پنهنجي
سفرنامن ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ ۽ ”يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون“ ۾ لکيو آهي،
جيڪي اتي ڪُتا پالين ٿيون. هو پنهنجن ڪُتن جي صحت جو پنهنجي ٻارن کان به وڌيڪ خيال
رکن ٿيون.... روزانو کين اوچن صابڻن ۽ شئمپوئن سان وهنجارين ٿيون، دٻن ۾ پئڪ کاڌو کارائين
ٿيون، وقت تي سُيون ۽ ٽُڪا هڻائين ٿيون.... تڏهن به هو ڊڄنديون رهن ٿيون ته کين ڪا
بيماري نه هجي. سندن (يعني ڪُتن جي) ضروري حاجت جو به کين وڏو اُونو رهي ٿي. صبح جو
سخت سيءَ ۾ حڪومت طرفان مقرر ڪيل پارڪ ٽڪري ۾ هو پيون پنهنجن ڪتن کي واڪ ڪرائينديون،
جيئن هو جلد آجا ٿي سگهن، قبضيءَ جو سوچي کين چاڪليٽ کارائينديون، جيئن هو پوءِ گهر
کي خراب نه ڪن يا شام جو ساڻن واڪ ڪندي، رستي تي کين شرمندو نه ڪن. حڪومت طرفان اهڙن
ملڪن ۾، توڙي هيڏانهن مشرق ۾ جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۾ جتي ڪٿي وڏا بورڊ لڳا پيا
آهن ته؛ ”خبردار! پنهنجي ڪُتي جو لٿو پاڻ سان کڻي وڃجو.“ ڇو جو اڄ جي سائنس جي ڄاڻ
واري هر انسان کي خبر آهي ته، ڪُتي جي زبان ۽ ڪرفتي ۾ ڪئين بيماريون آهن، مسلمانن لاءِ
ته اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ان چتاءَ کان ۱۴۰۰ سالن کان آگاهه آهن..... پر ٻئي پاسي
اسان مسلمانن جي ملڪ جي ڳوٺن جو حال ڏسو! گهٽين ۾ بيمار ڪُتا پيا گندگي ڦهلائين ۽ ڀرسان
ٻار پيا ڌُوڙ ۾ راند کيڏن..... گٽر سسٽم آهي ڪونه، گهرن جا گند به ٻاهر نالين ۾ پيا
آهن، يورپ جا ماڻهو ته ڇا پر اسان جي مسلمان ايشيائي ملڪن: ملائيشيا کان سعودي عرب
جا ماڻهو، اسان جا هي حال ڏسن ته حيرت کائين، اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه دنيا ۾ سڀ کان
گهڻا ڇتي ڪُتي جي چَڪن جا واقعا سنڌ ۾ ٿين ٿا ۽ سڀ کان ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته آفريڪا
جي ملڪن ۾ به ان جي علاج لاءِ سُيون موجود آهن پر اسان وٽ غير موجود يا نقلي هجڻ ڪري
مريض تڙپيو تڙپيو مريو وڃن.
اسان وٽ ڪبوتر به وڏي شوق سان پاليا وڃن ٿا.......
يعني کين ڪاٺ جا خانا ٺاهي رکيو وڃي ٿو. يا وري روز اَنُ کارائي پنهنجي پَر ۾ ثواب
حاصل ڪرڻ هوندو آهي. هنن جي گندگي صاف ڪرڻ جو ڪو تدارڪ نه ڪندا آهيون. اسان جي ڀر واري
گهر جي پوڙهي پنجاب پنهنجي ڳوٺ وئي. واپس اچڻ تي هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو هڪ پاٽوڙي
۾ ٻاجھري، ته ٻئي ۾ پاڻي ڀري، اسان واري ڪامن ڀت تي رکيا. مون سمجھيو ته هن جي ڪا سُکا
پوري ٿي آهي ۽ سندن ڳوٺ جي پير صاحب کيس ڪجهه ڏينهن لاءِ اهو ”خير“ جو ڪم ڪرڻ لاءِ
چيو آهي. پر سائين جمعو جمعو اٺ ڏينهن ٿي ويا پر هي ڪم بند نه ٿيو. بلڪ لڳو ته پوڙهيءَ روز ڪلو ٻاجھر گهرائڻ
بدران سڄي ڳوڻ گهرائي رکي ۽ جيئن ئي پاٽوڙو خالي ٿيڻ تي پهتو ٿي ته ان کي وري ڪنا تار
ڪيو ٿي. پهرئين ڏينهن ته رڳو جھرڪيون اينديون رهيون، سي به رکي رکي آيون ٿي...... پر
پوءِ ڪانوَ ۽ ڪٻرون اچڻ لڳا. ٽئين يا چوٿين ڏينهن کان ڪبوتر اچڻ شروع ٿيا، جن جو روزانو
تعداد وڌندو ويو، نه رڳو اوسي پاسي کان پر هاڻ پري پري جا ڪبوتر اچڻ لڳا، هونءَ انگريزي
۾ چوڻي مشهور آهي ته There is no
free lunch...... پر هتي ته سائين نيرن
کان ڊنر تائين معاملو مفت هو، پري پري کان اڏامي ايندڙ ڪبوترنDaily Out Back ڪرڻ بدران پوڙهيءَ جي ۽ اسان جي گهر جي درين مٿان،
ڇڄن تي ۽ ايئرڪنڊيشنرن پويان ڪک پَنَ رکي مستقل رهائش اختيار ڪئي. يعني هاڻي هو مهمان
طور نه، پر پي آرPermanent
Residency)) تي رهائش پذير ٿي پيا.
يعني هاڻ ڀلي اَنُ بند ڪيو وڃي ته به هو موٽي افغانستان نه ويندا. صبح جو اُٿڻ سان
ڏسبو هو ته ڪار ۽ راهداري، وِٺيَن سان ڀريل نظر ايندي هئي. پنج ڇهه مهينن اندر اهو
حال ٿي ويو جو چوڌاري، ڀتين توڙي ڇتين تي، ڪبوتر نظر اچڻ لڳا.
ڪبوترن کي اَنُ کارائي، ثواب حاصل ڪرڻ وارو آسان ڪم،
اسانجي ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن ۾ عام آهي. پنهنجي ايران واري سفرنامي ”ايران ڏي اُڏام“
۾ لکي چڪو آهيان ته ايران جي شهر مَشهد ۾ امام رضا جي روضي تي اسان جي گروپ ۾ موجود
هڪ ملتاني پوڙهي عورت، پاڻيءَ جي سبيل مٿان ٻن ڪبوترن کي ڏسي، پنهنجي مڙس کي ٻاجھري
جي ٿيلهي ڏني. هن سبيل مٿان ٺهيل کڏ تي اَن اڇليو ته يڪدم هِتان هُتان ڪجهه ڪبوتر اچي
ويا. سامهون بيٺل ايراني گارڊ اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو. هو اسان ڏي وڌيو ۽ ڪبوترن کي
اَنُ ڏيندڙ ملتاني پير مرد کي فارسيءَ ۾ ڪجهه چئي ويو. اسان سمجهيو ته ايراني گارڊ
هن جو شڪريو مڃيو هوندو جو ملتان کان ٻاجھري کڻي هتي جي بُکايل ڪبوترن کي اچي کارائي
آهي، پر اسان جي فارسي ڄاڻندڙ گائيڊ ٻڌايو ته ايراني گارڊ سخت ڪاوڙيل هو ۽ هو دڙڪا
ڏئي ويو آهي ته توهان پاڪستاني اهڙن هنڌن تي ڪبوترن کي اَنُ ڏيو ٿا ۽ پوءِ هو هتي وِٺِيون
لاهين ٿا. ڇا مشهد ۾ پارڪن جي کوٽ آهي. جيڪڏهن پکين کي کارائڻو اٿانوَ ته اتي وڃي کارايو.
ممبئي ۾ دادر ريلوي اسٽيشن کان چرچ گيٽ اسٽيشن وڃي
رهيو هئس. منهنجي ڀر ۾ ويٺل ممبئي يونيورسٽيءَ جو هڪ شاگرد، مون کي ممبئي شهر جي اهم
عمارتن ۽ علائقن بابت ٻڌائي رهيو هو. ”سئنڊ هرسٽ“ يا ”ڪَري روڊ“ واري اسٽيشن ويجھو،
هن هڪ جھوپڙين واري علائقي ڏانهن اشارو ڪري چيو؛ ”سر! هتي گهڻي ڀاڱي مسلمان رهن ٿا.“
مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته يورپ جهڙي شهر ممبئي ۾، مسلمانن جي معاشي حالت ڪا سُٺي
نه آهي. مون غور سان چوڌاري نظر ڊوڙائي ته انهن ٽين ۽ کوکا پٽين وارين ڇتين مٿان ڪيترائي
نوجوان لٺ ذريعي پنهنجن ڪبوترن کي سڏي رهيا هئا. ڪيترن انهن جھوپڙين مٿان ڪاٺَ جا پڃرا
ٺهرائي ڇڏيا هئا، جيڪي ڪبوترن سان سَٿيا پيا هئا.
اسان نئين صديءَ ۾ پهچي ويا آهيون پر اسان کي ڪا به
ڄاڻ نه آهي. پکين ۽ جانورن مان انسانذات کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون، جن مان ڪجهه
وچڙندڙ پڻ آهن. اسان وٽ نه فقط وڏا پر اهي پنهنجن ٻارن کي به ڇڏي ڏيندا ته پيا ڪُڪڙين،
ڪبوترن ۽ طوطن کي ڀاڪر پائين ۽ چُميون ڏين.
دراصل اسان وٽ ماڻهن کي ميڊيڪل جي ڄاڻ به ته نه آهي.
ڪهـڙين ڳالهين ۾ ڪهڙا جراثيم آهن، جيڪي انسان جي صحت تي اثر ڪن ٿا..... ڪا خبر ناهي،
ڪبوترن جي وِٺِين ۾، خاص ڪري جڏهن اهي سُڪيو وڃن ته انهن جو ٻُورو Powder)) هوا
۾ اڏامي ٿو ۽ ان جي ڀرسان لنگھندڙ جي ساهه کڻڻ سان ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ڪيترين ئي
بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. ڪبوترن جي وِٺين، ڇڻيل کنڀن ۽ مئل ٻچن مان پيدا ٿيندڙ فنگس
Fungus)) ۽ جراثيمن مان ٽي بيماريون عام آهن، سڀ کان
گهڻي Histoplasmosis آهي. هن ۾ ڪڏهن علامتون نظر
اچن ٿيون ته ڪڏهن فِلو جهڙي بيماري ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن بيماريءَ ۾ تمام گهڻو بخار ۽ نمونيا ٿيڻ سبب، زندگي به ضايع
ٿيو وڃي.
امتحانن دوران، لنڊن ۾ جنهن فليٽ ۾ ڪئپٽن مخدوم ۽ آئون
رهيل هئاسين، ان جي سالياني صفائي ڪرڻ وارن اهو چئي ان جي بُخاري (چمني) صاف ڪرڻ کان
انڪار ڪيو ته ان ۾ ڪبوترن جو پراڻو آکيرو آهي ۽ وِٺيون صاف ڪرڻ لاءِ هنن جي ڳري في
آهي، جو انهن سُڪل وِٺين مٿان پهريون جراثيم ختم ڪرڻ واريون دوائون هڻڻيون پونديون.
آغا خان اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته؛ اسان وٽ هِسٽوپلاسموسز
بيماري تمام عام آهي، خاص ڪري ڪبوتر پالڻ وارن ۽ وڪڻڻ وارن ۾. ڪيترين حالتن ۾ موت به
درپيش آيو آهي پر مريضن جو ڪبوترن جي ڪرفتي ڏي ڌيان وڃڻ بدران، هو اهو ئي سمجھن ٿا
ته هنن کي موسم جي تبديليءَ جي ڪري بخار ٿيو آهي.
ڪبوترن جي وِٺِين مان لڳندڙ هڪ بيماري Cryptococcus آهي. هيءَ بيماري پڻ ڪبوترن جي وِٺين مان نڪرندڙ
فنگس مان لڳي ٿي، جيڪا ساههَ ذريعي انسانن ۾ داخل ٿئي ٿي. ان کان علاوه Psittacosis ۽ Toxoplasmosis بيماريون پڻ عام آهن. جپان
جهڙا ملڪ، جتي عوام جي صحت جو تمام گهڻو خيال ڪيو وڃي ٿو، اتي جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته؛
ماڻهن کي جيڪڏهن خبر پوي ته ڪبوترن جون وِٺيون ڪيڏيون خطرناڪ آهن ته هو انهن جي صفائيءَ
کان وڌيڪ ڪبوترن کي مارڻ جي تقاضا ڪن.
بهرحال هي ڪبوترن جي ڳالهه ان ڪري کڻي ويٺس، ته جيئن
اسان جي ماڻهن کي احساس ٿي سگهي ته ڪبوتر پالڻ جهڙيون ڳالهيون، جيڪي اسان وٽ معيوب
نٿيون سمجھيون وڃن پر دنيا انهن ڳالهين تان اسان تي کلي ٿي. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون
به آهن، جن کي اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن، کڻي مذهبي رنگ ڏنو آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ان
جهالت تي نه فقط عرب پر ملائيشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان به اسان تي چِٿرون ڪن ٿا. هو
اهو ئي چون ٿا ته؛ پکي يا ڪو جانور پالڻو اٿانوَ ته ان جي صحيح طرح پرگھور به ته لهو.
هن کي هائيجنڪ ڪنڊيشن ۾ رکو، هن جي رهائش وارو پڃرو يا جاءِ صاف سٿري رکو، هن جي ڪرفتي
هر وقت صاف ڪندا وتو ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ پاڙيوارن لاءِ بيماريون پيدا نه ڪريو.
No comments:
Post a Comment