زردي رنگ جو شربت.....
الطاف شيخ
ڀر واري گاڏي تي هڪ ٿائي ٻڌ ڇوڪري هيڊي رنگ جو شربت ۽ ناريل
جو پاڻي وڪڻي رهي هئي. سمجھ ۾ نه آيو ته شربت ڇا جو آهي. سخت اڃ ۽ گهڻي هلڻ ڪري ڪجهه
ڪجهه دماغ پڻ سوچڻ کان نابري واريو بيٺو هو. سو To be on
safe side اهو هيڊو زردو شربت وٺي پيئڻ بدران ناريل ڏي
اشارو ڪيم. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي سڄو ناريل وڪامي ته ڪن هنڌن تي هڪ ناريل مان ٻه
گلاس ڀَري، ڪجهه مٺي چاش ملائي ڏين. هونءَ ملائيشيا جا ناريل ايترا مٺا نه آهن
جيترو هي سيامي (ٿائلنڊ) جا ناريل. قيمت پڻ اڌَ جيتري اٿن. ڇوڪريءَ ناريل جي ٽوپيءَ
وٽان پنهنجي ٺونٺ جيڏي پرانگ (ڪات) سان چٿر لاهي، منجس چوسڻ جي ڪاني (Straw) ٽنبي ڏني.