ايم ٽريڪ رستي واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط: 45
ياسر قاضي
پوئين آچر واري هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي
45هين حصّي جي آخر تائين اسين امريڪا جي سفر ۾ امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ
۾ آخري شام گذاري، يُونين ريلوي اسٽيشن تان نيُويارڪ روانا ٿي رهيا هُئاسِين. اسان
کي شام 6 لڳي نيُويارڪ لاءِ ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) جي ريل ۾ سفر شرُوع ڪرڻو هو.
”اسِيلا ايڪسپريس 2124“ نالي ”ايم ٽريڪ“ جِي ريل جي روانگيءَ کان لڳ ڀڳ 20 منٽ کن اڳ
ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن ويٽنگ لائُونج ۾ اسان ويهي انتظار پئي ڪيو ۽ پيٽ
پُوڄا سان گڏ شام جي چانهه پئي پيتي، ان جي سامهُون ئي اهو پليٽ فارم هو، جتان هن ريل
کي روانو ٿيڻو هو. سَڏ ٿيڻ سان اسان کي بمشڪل 100 قدم ٽرين جي بزنس ڪلاس جي اُن دٻي
تائي پهچڻ جو ڪشٽ ڪرڻو پيو، جنهن ۾ اسان جُون سِيٽُون بُڪ ٿيل هيُون.
