Showing posts with label ٽنڊوڄام، ڪيٽي بندر، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ٽنڊوڄام، ڪيٽي بندر، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

Friday, August 04, 2017

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر
مٺل جسڪاڻي
ٿيو ائين ته مون کي، منھنجي فرزند ارجمند وقار مٺل جسڪاڻي سان ڳاڙھو، ضلع ٺٽه وڃي ملڻو ھو. هو ملازمت سانگي، اتي ترسيل آهي. گهر کان ٻاهر اڪيلي رهڻ جو سندس هي پهريون موقعو آهي، ان ڪري فون تي ڳالهين مان لڳو، ته همراهه سان روبرو ملي، سندس تربيت ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري سفر جي سھوليت ڀاءُ علي جسڪاڻي مهيا ڪئي. اسان سان گڏ بدين مان آيل مھمان ماما گنھور جسڪاڻي به ھليو. وقت ٿورو، فاصلو گھڻو ھو. ان ڪري لوڪ کان نه، سنگت ساٿ کان لڪي لڪي، آچر ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۷ع جي صبح ستين وڳي ٽنڊوڄام مان نڪتاسين. ڪيٽي بندر کان ٿي، رات جو ٻارهين وڳي ڌاري واپس پهتاسين.