مري، ماڻهو ۽ موسم
مٺل جسڪاڻي
مري،
يعني ڪوهه مري، جيڪو اڄ ڪلهه پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جي سب ڊويزن
آهي، اهو دراصل هماليه جبلن جي سلسلي جي ڏاکڻي پوڇڙي وارو علائقو آهي ۽ سمنڊ جي
سطح کان 7516 فوٽن جي اوچائي تي آهي. راولپنڊي اسلام آباد کان اتر طرف 60 ڪلوميٽرن
جي فاصلي تي موجود مري 1850ع ۾ ميونسپالٽي هئي، 1851ع کان انگريز سرڪار جي توجهه
جو مرڪز بڻي، 1853ع کان مريءَ جي موجودهه بيهڪ جي شروعات ٿي. ان کان اڳ جي تاريخ
ڦلورڻ سان خبر پوندي، ته پهرين ڪو هڪ ماڻهو، انهن جبلن مان ٿي آيو هوندو، يا ممڪن
آهي شروع ۾ ڪو هڪ جوڙو لوڪ کان لڪي وڃي رهائش پذير ٿيو هجي، ۽ ان کانپوءِ آهستي
آهستي آدمشماري وڌندي وئي هجي. ڇو ته مري جي مٿاهين واري انگڙ ونگڙ جابلو سلسلي
تائين رسائي لاءِ، اڄ ڪلهه به 60 ڪلوميٽرن جو اهو جابلو رستو، روڊ ذريعي سفر ٻن
اڍائي ڪلاڪن جو آهي! هاڻي تصور ڪريو ته مريءَ تي رهائش اختيار ڪندڙ پهرئين هڪ شخص
يا جوڙي، ڪيئن ۽ ڇو، اهو ڪمال جو پنڌ ڪري، ٻين ماڻهن کان گهڻو پري وڃي رهائش
اختيار ڪئي!
