جڏھن بوندون برسنديون...
ميان مير چانڊيو
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي
جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي، ليڪن هاڻي ته جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي
مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي.
ماڻھو دُٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون
ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. پيٽ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي
شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي. صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھ ٻين علائقن سميت سنڌ ۾
جر جي پاڻي ۾ ٽيھ سيڪڙو سينکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار
قرار ڏنو آھي. اهڙي پاڻيءَ کي واپرائڻ سان جگر، گردا، ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي
ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي ھڪ ڊاڪٽر دوست به
ٻڌايو هو ته جر جو پاڻي پيئڻ خودڪشي برابر آھي جڏھن کان ان ۾ سنکئي جو مقدار وڌڻ
شروع ٿيو آھي. هن اين جو اوز ۾ ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي اوز کلئي پاڻيءَ کي هٿرادو
فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو. ڊاڪٽر انسان دوست ماڻھو هو، هن ۾ سنجيدگي
۽ ديرينائي جهلڪي رهي هئي. اهي گڻ وچٿري عمر جا هوندا آھن. هو ته اڃان ڦوھ جواني ۾
ھو. ان ۾ ماڻھن لاءِ خدمت جو جذبو چنڊ جي چٽائيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. هن مون
کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن، جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن موم بتيءَ
جيان ٻرندي نظر اچي ٿي. ماڻھوءَ جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي تائين
لکندڙن کي زندھ رکن ٿا. هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو
ڪرڻ کپندو هو، ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھ ھنڌن
تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي. اهي به گهڻو ڪري ناڪاره بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ
کان ٽيھ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين، جنهن تي آئون
اڳ لکي چڪو آھيان.
