Friday, November 23, 2018

جڏھن بوندون برسنديون... ميان مير چانڊيو


جڏھن بوندون برسنديون...
ميان مير چانڊيو
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي، ليڪن هاڻي ته جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي. ماڻھو دُٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. پيٽ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي. صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھ ٻين علائقن سميت سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ ٽيھ سيڪڙو سينکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنو آھي. اهڙي پاڻيءَ کي واپرائڻ سان جگر، گردا، ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي ھڪ ڊاڪٽر دوست به ٻڌايو هو ته جر جو پاڻي پيئڻ خودڪشي برابر آھي جڏھن کان ان ۾ سنکئي جو مقدار وڌڻ شروع ٿيو آھي. هن اين جو اوز ۾ ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي اوز کلئي پاڻيءَ کي هٿرادو فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو. ڊاڪٽر انسان دوست ماڻھو هو، هن ۾ سنجيدگي ۽ ديرينائي جهلڪي رهي هئي. اهي گڻ وچٿري عمر جا هوندا آھن. هو ته اڃان ڦوھ جواني ۾ ھو. ان ۾ ماڻھن لاءِ خدمت جو جذبو چنڊ جي چٽائيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن، جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن موم بتيءَ جيان ٻرندي نظر اچي ٿي. ماڻھوءَ جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي تائين لکندڙن کي زندھ رکن ٿا. هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو ڪرڻ کپندو هو، ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھ ھنڌن تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي. اهي به گهڻو ڪري ناڪاره بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ کان ٽيھ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين، جنهن تي آئون اڳ لکي چڪو آھيان.


مون کي ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ڪولهين جا اهي ٻارڙا ياد ٿا پون، جيڪي اتي ٻڪريون چاري رهيا هئا. ڏھن کان تيرهن سالن جا ڇوڪرا پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙھي وري لٿا ٿي. وري پهاڙي تي چڙھيا ٿي جا ننگر شھر جي ڏکڻ اولھ ۾ آھي. جڏھن اهي ٻارڙا پهاڙي جي چوٽيءَ تي چڙھيا ٿي ته ايئن ٿي لڳا گويا ڪنهن اوچي مينار تي جهرڪ ويٺل هجن. اهي ٻارڙا بار بار پهاڙ جي چوٽي تي چڙھڻ کان پوءِ ھيٺ لهي اسان وٽ آيا ٿي ۽ پاڻي گهرڻ ٿي لڳا. ان ڏينهن ٿورو تڙڪول به هو، جنهن ڪري ڏاڍي پياس لڳي رهي هئي. ٿر ته صدين کان اڃارو رهيو آھي، مون ٿري ٻارڙن کي خرچي ڏيئي راضي ته ڪري ورتو ليڪن گاڏيءَ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري انهن ٻارڙن جي اڃ اجهائي نه سگهيس. پوءِ انهن ٿري ٻارڙن جو پاڻي لاءِ ڪيل سوال منهنجي ذھن ۾ ڪنهن صدا جيان ڪيتري عرصي تائين گونجندو رهيو.
پوءِ مون کي اوچتو ياد آيو، ڪيئي ورهيه اڳ ننڍي هوندي فتح باغ ويجهو مائٽن جي دعوت تان ڍڳي گاڏي ۾ موٽي رهيا هئاسين، آرهڙ جي ٻپهري هئي. سج ڄڻ ھيٺ لهي آيو هو، تيز لري لڳي رهي هئي. ان وقت مون کي ايتري ته اڃ لڳي جو آئون بيحال ٿي ويو هوس. جوڻان جي علائقي کان اتر اولھ ۾ نانگ جهڙي ور وڪڙ واري ڪچي واٽ ھئي. واٽ جي پاسن کان وڻڪار هئي. باقي رڃ ٿي واڪا ڪيا. پري پري تائين ڪٿي ڪنهن ڳوٺڙي جو ڪو نشان ئي نظر ڪونه ٿي آيو. منهنجي چاچي گاڏيءَ ۾ رکيل بستري تي ڌتاري مون کي سمهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ليڪن اڃ ۾ ننڊ به ڪو نه ٿي آئي. ڊگهي سفر ڪرڻ کان پوءِ جڏھن شام لڙي ۽ گاڏيءَ جي لوڏن ۽ خاص آوازن جي ردم تي مون کي ننڊ اچي ويئي، اکيون تڏھن کليم جڏھن ڳوٺ پهتاسين ۽ ڏٺم ته ڳوٺ جي گهر گهر ۾ ڏيئو ٿي ٽمڪيو. ان کان گهڻو پوءِ جڏھن مون شاهه لطيف جي شاعري جا، ديسي، ڪوهياري، معذوري ۽ آبري سر پڙھيا ته انهن سرن ۾ رائو، رڃ ۽ اڃ جي ڪيفيت چٽائيءَ سان محسوس ٿيڻ لڳي ۽ ايئن ڀانيم ته اهو سارو منظر ڄڻ ته ڪيئي صديون اڳ لطيف سائين ننڍپڻ ۾ بيل گاڏي تي ڪيل منهنجي اڃاري سفر تي لکيو آھي.
سسئي تي لکيل سرن ۾ ڀٽائي سائين جي سموري شاعري ۾ مجازي اڃ کانسواءِ ظاهري اڃ ۽ اساٽ جو اکين ڏٺو احوال پڻ محسوس ٿئي ٿو.
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ به پاڻي جي قدرتي کوٽ ٿيندي هئي. ليڪن هٿرادو کوٽ پيدا نه ڪئي ويندي هئي، جيئن هاڻي درياهه بادشاهه کي ڪنهن چانگي جيان ڏاوڻ ڏيئي ونگيو ويو آھي. دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي ٿئي ٿي، ليڪن اسان وٽ هٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ڪري. ان کي قدرتي کوٽ ڄاڻائي حاڪم طبقو پاڻ کي بي ميار سڏائڻ لڳي ٿو. آڳاٽي دور ۽ موجوده دور ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو فرق آھي ته اهو آھي آڳاٽي وقت ۾ ماڻھو کليو پاڻي زياده ۽ ڪٿي ڪٿي کوهن جو پاڻي پيئندا هئا. جڏھن هاڻي ماڻھو گهڻي ۾ گهڻو نلڪن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جنهن ۾ سنکئي جو مقدار وڌي ويو آھي جو صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آھي.
مٺي ريڊيو اسٽيشن تي بلاول اوٺي جي چانھ پيئڻ وياسين ته اتي اسٽوڊيو انجنيئر توفيق احمد ميمڻ سان به ملاقات ٿي. اسٽوڊيو جي دروازي ٻاهران ڪجھ اهڙيون تصويرون نظر آيون، جنهن ۾ ٿر جا خوبصورت منظر حيران ڪندڙ ھئا. انهن تصويرن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جون تصويرون هيون، جيڪي محنت ڪش ۽ اڏول نظر ٿي آيون. مون ڀالوا تي به هڪ ڇوڪري جي اهڙي تصوير ڏٺي هئي، جنهن کي مخملي لباس پاتل هو، جنهن جي مٺ ۾ جنڊ جو هٿيو هو، پس منظر ۾ باک جو منظر نظر اچي رهيو هو. مصور جي اهڙين خوبصورت ۽ محنت ڪش تصويرن کي ڏسي مون کي اها پهاڙي ڇوڪري ياد پيئي، جيڪا شنگرف جي رنگ جهڙي هئي. پٿر ڪٽي والدين سان گڏ وقت ٿي ڪٽيائين، اها سندس والدين سان گڏ ڪجھ وقت پهاڙ کي ڇڏي اچي، اسان جي ڳوٺ ۾ رهي هئي شادين جي موقعي تي اها ڇوڪري جڏھن گهرن ۾ پهاڙي ڳيچ ڳائيندي هئي ته پهاڙي ورلاپ جو پڙاڏو ڄڻ ساري ڳوٺ ۾ گونجي اٿندو هو.
مٺي شھر کي ڇڏڻ وقت مون کي ايئن لڳو ته آئون مڌر گيتن جي شھر کي ڇڏي رهيو آھيان جيتوڻيڪ هاڻي مڌر گيتن جي گونج مها ڪلاڪارن جي مري وڃڻ بعد گهٽجي ويئي آھي، جيئن وڏ ڦڙئي وسڻ جو آواز هوا بدلي ٿيڻ ڪري جهڪو ٿي ويندو آھي.
مون کي ان وقت چڙ ٿي آئي، جنهن وقت رينجرس وارن سياحن کي چيڪنگ بهاني گهڻو پريشان ٿي ڪيو ۽ بار بار اهو ٿي پڇيو ته ٿر جي انهن هنڌن تي رکيو ڇا آھي جو سڀ ان طرف وڃي رهيا آھيو؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته ٿر جنهن ۾ سواءِ ڪنهن ٻج ڇٽڻ جي نه فقط هزارين خوبصورت ڦولدار وڻ، ٻوٽا ۽ گاهه مورن ٿا، ليڪن اهي لوڪ گيت به گونجندا رهن ٿا، جن جي صدين کان سيني به سيني ڪايا پلٽ ٿيندي رهندي آھي. مون کي گاڏي ۾ گهُٽ محسوس ٿيڻ ڪري پياس وڌڻ لڳي. مون گاڏي بيهاري پاڻي جي بوتل ورتي ۽ يڪي ساهي پي ويس، مون کي اهڙي اڃ سعيدپور جي پهاڙن تي ان وقت لڳي هئي، جڏھن اسين پهاڙي مٿي چڙھيا هئاسين. ان وقت مون سوچيو ته ٿر ۾ ته ڪٿي ڏھ پندرهن پرھ ته ڪٿي وري سٺ پرهه کوھ آھن، جتي وڏي ورت ۽ ڀاري ڪوس سان پاڻي ڪڍي اڃ اجهائجي ٿي. ليڪن پهاڙن ۾ سخت زمين هئڻ ڪري کوهه کوٽجي نه ٿا سگهجن، جنهن ڪري اتي پاڻي گاڏين تي پري پري کان آڻڻو ٿو پوي. اسين پهاڙي تي جنهن هنڌ بيٺل هئاسين اتي قديم زماني ۾ ٻڌ ڌرم جا ماڻھو رهندا هئا، جيڪي مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تپسائون ڪندا هئا. سر رامڪلي ۾ لطيف سائين اهڙن ماڻھن کي ڪاپڙي، نانگا، لاهوتي ۽ ٻين نالن سان سڏيو آھي. پهاڙي تان هيٺ لٿاسين ته فون آيو ته داد گذاري ويو آھي. مون کي داد جي تصوير ذهن ۾ اڀري آئي وچولي قد وارو ويڪري ڇاتي سان پهلوان جوان هو، اڌ مڻيون چيچن ۾ کڻي هٿ مٿي ڪري بيهندو هو. ڪڏھن ڪڏھن هلندڙ بيل گاڏين جي ڦيٿن ۾ ھٿ وجهي ان کي ٻانهن جي ٻل تي بيهاري ڇڏيندو هو، پر آھستي آهستي وقت هن کي پيري ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو ۽ هن جي چھري تي وقت جا ڪانگ پيرا ايترا ته پئجي چڪا هئا، جيئن سڪندڙ تلاءِ ۾ ڊوڙندڙ پکين جي پيرن جا نشان. مون هن جو جوڀن، مستي ۽ پيري ڏٺي هئي. پيري هن کان لطافت ۽ طاقت کسي ورتي هئي. آخر ۾ فالج جي حملي سبب هن جا اهي هٿ کيرا ٿي ويا هئا، جيڪي چنبي بازي ۾ ھن کان ڪو پهلوان ڇڏائي نه سگهندو هو. ان شام ستين بجي جڏھن هن جو جنازو نيو پئي ويو ته عجيب اتفاق سان اڪيلو ڪڪر وسي رهيو هو. هن جي جنازي واري کٽ تي هٿ رکيم ته ماڻھن جي انبوھ ۾ ڀنواٽي اچي ويئي، پوءِ الائي ڇو هن جي زندگي جو سفر ايئن محسوس ٿيو جيئن ڪلوئي کان ڪاسبي جو سفر، جنهن سفر ۾ پياس ئي پياس هوندي آھي. اهڙي سفر ۾ پاڻ سان پاڻي نيڻ انتهائي ضروري هوندو آھي.

No comments:

Post a Comment