سڊنيءَ ۾ رولاڪي
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”ڪٿان
جا آهيو؟“
”سڪرنڊ ۽ موري جا.“ وراڻيوسينس.
”اوهان
ڪٿي جا آهيو؟“
ٻڌايائين؛ ”مان خيرپور ميرس جو آهيان پر سڊني ۾ گذريل ٽيهن
سالن کان رهان ٿو.“
اوبر ٽيڪسي جو ڊرائيور هيو ته پنجابي، پر سنڌي صاف پئي ڳالهايائين.
وڌيڪ چيائين؛ ”مونکي خوشي پئي ٿئي جو مان سنڌي گهڻي وقت کان پوءِ پيو ڳالهايان.
هونءَ به سنڌي ۽ پنجابي ۾ تمام گهڻا لفظ ۽ جملا بلڪل ساڳيا آهن.“
سفر وڏو هو. اسٽاڪهولم کان دبئي، وري دبئي کان بئنڪاڪ ۽
پوءِ وري بئنڪاڪ کان سڊني. هوائي اڏي کان ٻاهر آيس ته الطاف مظهر آڌر ڀاءُ ڪيو ۽
خيرپور واري سائينءَ جي ٽيڪسي ۾ سڊني يونيورسٽي جي ڀرسان رهائش تي پهتاسين. گهر ۾
اندر گهڙياسين ته مون سوچيو ته شايد ڪنهن ڇانوڻيءَ ۾ پهچي ويا آهيون. سوفن تي فوجي
ڊريسون پيون هيون. الطاف ٻڌايو ته؛ ”هي گهر اتر سنڌ جي ڪنهن سنڌيءَ جو آهي، جيڪو
آسٽريليا ۾ ڪو ۳۲ سال کن پهريان آيو هو. پر هاڻي ڳوٺ ٿو رهي ۽ هتي سندس پٽ اڪيلو ٿو
رهي، جيڪو هتي آسٽريليا جي فوج ۾ آهي.“ ان آسٽريليا جي سنڌي فوجيءَ سان به ملاقات ٿي.
سندس لهجو انگريزي سنڌي گاڏڙ هو. الطاف مونکي سمهڻ واري ڪمري ۾ هٿيڪو ڪري، پاڻ
يونيورسٽي هليو ويو. مون به ڪجهه آرام ڪري ورتو. شام جو واءُ سواءُ تي نڪتاسين.
هئي ته سياري جي مند پر سڊنيءَ ۾ ايترو سيءُ ڪو نه هو.
الطاف، يونيورسٽيءَ جو تڪڙو چڪر لڳرايو. ساڳيا ڇوڪرا ڇوڪريون،
ڪمپيوٽرن جي اسڪرينن جي اڳيان ويٺل، ٽيبلن تي ڪتاب، چانهه يا ڪافي جا ٿرماس، ڪجهه
کائڻ پيئڻ جو سامان. مونکي اسٽاڪهولم جو رائل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ اسٽاڪهولم
يونيورسٽي جو بزنس اسڪول ياد اچي ويو، جتي آ پاڻ انهيءَ ساڳئي ماحول جو حصو رهيو آهيان.
اتان کان پوءِ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي، سڊني جي سي بي ڊي يعني سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾
آياسين. پوءِ پنڌ ئي پنڌ گهمندا، اچي جڳ مشهور سڊني جي اوپيرا هائوس تي پهتاسين. وڏي
رونق لڳي پئي هئي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو پئي ڦريا. هڪ ڇوڪري ته لڳي پيو ته الائي سڌو
هوائي اڏي تان هتي آئي هجي. سندس وڏو ٿيلهو ساڻس گڏ هيو ۽ فوٽو پئي ڪڍيائين. اسان
پڇيوسينس؛ ”يا ته تون سڊني هاڻي پهتي آهين يا ته اڄ تون واپس پئي وڃين؟“ کلي چيائين؛
”ها بلڪل صحيح ٿا چئو، هاڻي ئي سڊني پهتي آهيان. اصل ۾ انگلينڊ جي آهيان.“ کيس رات
جو اوپيرا هائوس جا فوٽو ڪڍڻا هئا. اسان به کيس پنهنجي ڪئميرا ڏيندي چيوسينس؛ ”اسان
ٻنهي جا به ڪجهه گڏ فوٽو ڪڍ.“
اتان واپسي تي اسان ڊارلنگ هاربر جي علائقي ڪوڪل بي تي
پهتاسين ته هڪ پاسي وڏيون عمارتون ته ٻئي پاسي هاربر جي پاڻي جو نظارو. عمارتن
اندر ٻرندڙ بتين جي روشني جڏهن پاڻيءَ تي ٿي پئي ته ماحول صفا رومانوي پئي لڳو. هر
طرف کاڌي پيتي جا هوٽل نظر آيا. بک به لڳل هئي ۽ مٿان وري کاڌن جي خوشبوءِ اڳتي وڌڻ
کان روڪيو. اتي ئي رات جي ماني کائڻ جو پروگرام ڪيوسين. صلاح بيٺي ته اڄ آسٽريليا
جي مشهور سلو روسٽ لئمب شانڪ کائجي. سادن اکرن ۾ رڍ جو گوشت. آهستي آهستي پچايل هو،
ايستائين جو وڃي صفا نرم ٿي کائڻ جي لائق ٿئي. ان سان گڏ وري پٽاٽو ماش، ٻين لفظن
۾ پٽاٽن جي ڪريم ڏنائون. کائي ڍءُ ڪيوسين.
واپسيءَ تي، رهائش واري پاسي ويندي، سيون اليون تان
چانهه ورتيسين. دڪان تي ڪم ڪندڙ همراھ لاهور جو هو. ٻڌايائين؛ ”صبح جو پڙهائي ۽ رات
جو هتي نوڪري.“ پڙهائي جي پڙهائي ۽ خرچ جو خرچ. ترقي يافته ملڪن ۾ پڙهائي لاءِ
ايندڙ ديسين جي هڪ حقيقت.
سيون اليون کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ نوجوان جوڙو بيٺل هو،
جيڪو نينهن جو ناتو نڀائڻ جا وچن ڪري رهيو هو. نه ڇوڪري کي ڪاري ٿيڻ جو ڊپ ۽ نه ئي
وري ڇوڪريءَ کي. اسان به چانهه جا ڍڪ هڻندا اچي انهيءَ هڪ فوجيءَ واري ڇانوڻي ۾ گهڙياسين.
ٻئي ڏينهن اسان کي سڊني جي ڀرسان هنٽر ويلي گهمڻ لاءِ وڃڻو هو، جنهن جي اسان اڳواٽ
بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. سمهڻ کان پهريان، آن لائن سنڌي اخبارون پئي پڙهيم. سوچيم ته
الله ڪري اهڙي ڪا خبر اڳيان نه اچي جنهن ۾ ڪنهن نياڻي نماڻيءَ کي ڪاري ڪري ماريو
هجين.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي تيار ٿي، وقت تي سڊنيءَ جي
ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ٻڌايل روڊ تي اچي بيٺاسين. اسان اڃا چانهه به ختم نه ڪئي
هئي ته دائود (ڊيوڊ) پنهنجو ڪوسٽر ڪاهي آيو. ڪجهه گهوماڪڙ اڳ ۾ ئي ويٺا هئا. اسان
به بسم الله ڪري چڙهي ويٺاسين. هڪ ٻن ٻين جڳهين تان به سياح چڙهيا. آخر ۾ انگلينڊ
جون ٽي ڇوڪريون چڙهيون ۽ قافلو هنٽر ويليءَ طرف روانو ٿيو. انگريز ڇوڪرين سان ڳالهه
ٻولهه ٿي ته ٻڌايائون ته ٽنهي ڄڻين ڏندن جي ڊاڪٽري پڙهي پوري ڪئي آهي ۽ هاڻي آسٽريليا
گهمڻ آيون آهن. هنٽر ويلي سڊنيءَ کان تقريبن ۱۲۰ ڪلوميٽر اتر ۾ نيو سائوٿ ويلز جو
علائقو آهي ۽ علائقي تي نالو ۱۷۹۷ع ۾ برطانيه جي نيو سائوٿ ويلز تي مقرر ڪيل گورنر
ڪيپٽن جان هنٽر جي پويان رکيل آهي. دائود گاڏي هلائڻ سان گڏوگڏ علائقي جي باري ۾ پڻ
ٻڌائيندو پئي هليو. ڪن غور سان پئي ٻڌو، ڪن ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪيو پر همراه رڳو پئي ڳالهايو،
جيڪو سندس نوڪري جو حصو هو. تقريبن ٽيهارو کن ڪلوميٽر اسڪوائر تي ڦهليل هن هنٽر
ويلي ۾ ۱۵۰ جي لڳ ڀڳ وائنريز آهن جتي مقامي توڙي ٻاهرين ملڪن جا سياح اچن ٿا ۽
مختلف وائنريز ۾ وائن کي پرکين ٿا. دائود ٻڌايو ته هي علائقو آسٽريليا جو مشهور ۽
پراڻي ۾ پراڻو وائن پيدا ڪندڙ علائقو آهي. هنٽر ويلي ۾ جهنگلي ڪئنگرو به جام هئا، ٿورو
ويجهو وڃجي ته ڀڄي پئي ويا.
ٽيون ڏينهن اسان رڳو سڊني کي گهمڻ لاءِ رکيو. انهيءَ هڪ
فوجي واري ڇانوڻي مان نڪري سڌو سڊني يونيورسٽي آياسين، جيڪا پنڌ ئي پنڌ رڳو ڪجهه
منٽن جي پنڌ تي هئي يا پاڻ جنهن کي سنڌي ۾ چئون ته سڏ پنڌ تي هئي. سڊني يونيورسٽي
۽ سڊني شهر ۾ گهڻي ۾ گهڻا چيني نظر ايندا. اڄ اسان سڊني جو اوپيرا هائوس ڏينهن جي
روشني ۾ ڏٺو. الطاف کي انهن سڀني جاين جي خبر هئي ته ڪٿان کان فوٽو سٺا ايندا. ڪٿي
ٻيڙي ۾ چڙهي ان هنڌ پهتاسين ته ڪٿي پنڌ ئي پنڌ. سڊني جي مشهور پل پڻ گهمياسين. پل
تان اوپيرا هائوس جو نظارو ڀلو هو ۽ هيٺان وري گذرندڙ ٻيڙين پڻ ماحول کي صفا سهڻو ڪري
پئي ڇڏيو.
سڊني جو سي بي ڊي يعني سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ انتهائي سهڻو
علائقو آهي. تمام وڏيون عمارتون، ماڻهن جي اچ وڃ، گهما گهمي، زندگي روان دوان، ڪارپوريٽ
ورلڊ جو نمايان مثال. مونکي وڪٽوريه بلڊنگ تمام گهڻي وڻي. تمام سهڻي؛ جهڙي اندران،
تهڙي ٻاهران. اندر تمام گهڻا سجايل دڪان اٿس، جنهن کي وڻي سامان وٺي. شام جو الطاف
۽ مان، وري تيار ٿي سڊني ۾ رهندڙ منهنجي هڪ پراڻي قلمي دوست سان ملڻ لاءِ وياسين.
قلمي دوستن سان ملڻ جو به هڪ پنهنجو نرالو مزو آهي. ڪافي ڪچهري ٿي، نه چاهيندي به
اٿياسين جو ٻئي ڏينهن وري اسان کي صبح سوير اٿڻو هو، ڪنهن ٻئي ماڳ جي کوجنا ڪرڻ
لاءِ.
جروس بي ۽ هائمز بيچ تي وڃڻ لاءِ اڄ ۲ ڇوڪريون ڪوسٽر ڪاهي
آيون. هڪ آسٽريلين ۽ ٻي وري ڊئنمارڪ جي هئي، شايد ورڪنگ هاليڊيز تي آيل هئي. هن ٽرپ
۾ اڄ رڳو شاگرد هيا، جيڪي سڊني جي مختلف يونيورسٽين جا هيا، ڪي ايڪسچينگ ته ڪي
پروگرامن ۾ داخل هيا. الطاف اتي ڪافي شاگردن کي پڻ سڃاڻي پيو، جيڪي سندس هاسٽل
واري بلڊنگ ۾ رهندا هئا. سفر جي دوران ڊئنمارڪ واري سونهين ڇوڪريءَ تمام کليل سوال
پئي ڪيا، جيڪي هتي لکي نٿا سگهجن. انهن سوالن جا جواب يورپ جي ٻين ملڪن جي ڇوڪرين
پڻ ڏيڻ کان پئي شرمايو.
جروس بي ۽ هائمز بي نيو سائوٿ ويلز جي ڏکڻ وارو سامونڊي ڪنارو
آهي جيڪو دنيا ۾ سندس اڇي واريءَ واري ڪناري طور مشهور آهي. اتي پهچڻ کان پوءِ
اسان هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهياسين. تقريبن ۲۵ کن سياح هئاسين. ٻيڙي پهريان ته تمام تيزيءَ
سان هلي. پوءِ وچ سمنڊ ۾ هلي بيٺي. جتان پوءِ، اتان کان آهستي آهستي، ڊولفن مڇين
کي ڳولهڻ لڳاسين، جيڪي ڪافي تعداد ۾ هيون. اتي ڪڏهن ڪڏهن وهيل به اچيو وڃي، بهرحال
اسان کي ڊولفن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. ڪنارو انتهائي سهڻو ۽ صاف سٿرو هيو.
جيئن اتي اڃا سيارو هو، ان ڪري گهڻا ماڻهو ڪناري تي نه هيا. جروس بي ۽ هائمر بي،
پنهنجي قدرتي خوبصورتيءَ سان گڏوگڏ ڪايڪنگ، پيڊل بورڊنگ، سيلنگ ۽ اسڪوبا ڊائيونگ
جي ڪري پڻ گهڻا مشهور آهن. واپسيءَ تي رات جو اسان منهنجي رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي
اسٽاڪهولم جي هم ڪلاسي پيٽي ڊيوس سان ملاقات ڪئي ۽ ڪافي وقت ڪچهري ڪندا رهياسين. ڊيوس
ٻڌايو ته سندس چار نسل پهريان اسڪاٽلينڊ کان ڪئنسلينڊ آيا هيا. ڊيوس هاڻي سڊني جي ٽرانسپورٽ
واري کاتي ۾ انجنيئر آهي. ٻئي ڏينهن صبح سوير الطاف ۽ مونکي سڊني کان ميلبورن، ريل
رستي، منهنجي دوست رابرٽ وٽ ٽن ڏينهن لاءِ وڃڻو هو ۽ اڄ اسان الطاف واري هاسٽل تي
ئي رهياسين.
ميلبورن کان واپسيءَ تي، مون وٽ رڳو هڪ ڏينهن هيو، يا ته
گھمجي يا ته ماڻهو بس آرام ڪري جو اڳيان
وري وڏو سفر هيو. يعني سڊني کان دبئي ۱۴ ڪلاڪ رڳو جهاز ۾، وري دبئي ۾ ڪجهه ڪلاڪ
انتظار ۽ وري ڪراچي ۽ پوءِ وري موري. اسان جي موري ۾ سائين عباس علي شاهه هوندو
هيو، ڌڻي تعاليٰ جنت نصيب ڪريس، چوندو هو ته؛ ”بابا بادامي ڀلي ڪڙي هجي پر تيل ان
مان به ڪڍبو آهي.“ اهو ئي سوچيم پئي ته هتي سڊني ۾ هڪ ڏينهن ڇو خراب ڪيان. ٿڪاوٽ
ته ضرور ٿيندي پر هڪ ٻه ٻيون جايون ڇو نه گهمي وٺان. انهيءَ آخري ڏينهن تي الطاف ۽
مان بليو مائونٽين ۽ جينولين غار گهمڻ جو رٿيو.
ساڳي جاءِ تان وري اسان جو سفر شروع ٿيو. ڪوسٽر هلائڻ
وارو به ساڳيو ته سونهون به ساڳيو. ڏاڍو ٿا ڳالهائين سائين. صفا ٿڪجن ئي ڪو نه ٿا.
پهريان بليو مائونٽين تي وٺي آيو، انتهائي دلڪش ۽ سهڻو نظارو هيو. هتي به ماڻهو
مختلف شيون؛ جن ۾ راڪ ڪلائمبنگ، جبلن ۾ سائيڪلون هلائڻ، هائيڪنگ ۽ ڪئمپنگ ڪري
سگهجي ٿي. اسان اتي بيهي پري کان ئي جيميسن ويلي، ٿري سسٽرز، سوليٽري پهاڙ ۽
نارونيڪ پلاٽو جو ديدار ۽ نظارو ڪيو. آخر ۾ اسان قدرت جا خلقيل غار ڏسڻ وياسين.
اندر گهڙڻ کان پوءِ سج جي روشني ٻاهر رهجي وئي، انهن غارن ۾ به وري مختلف روٽ هيا.
ڪن سياحن جو ڪو ٽرپ بڪ هيو ته ڪن جو وري ڪو ٻيو. اسان جنهن غار ۾ وياسين ان جو
نالو هيو لوڪس، جيڪو ۱۸۶۰ع ڌاري لڌو هو. اسان تقريبا ڪلاڪ اندر هئاسين. چُن جي پٿر
جا اهي غار هيا. هٿ نه لائڻ لاءِ، هر هر پئي چيائون. غار تمام وڏا آهن ۽ کوڙ اندر
۽ ٻاهر وڃڻ جا رستا آهن پر چون ٿا ته اڃا انهن تي وڌيڪ کوجنا جاري آهي. اندر چن جي
پٿرن جون عجيب و غريب شڪليون نظر اچن ٿيون، هر جڳهه تي روشني جو بندوبست ڪيل آهي
ته جيئن سياح سولائي سان هن قدرت جي عجوبي کي ڏسي سگهن.
No comments:
Post a Comment