اٺ ڏينهن آذر بائيجان ۾
ڊاڪٽر نواز علي
شوق
ننڍڙي لاءِ قصن ۾ ٻڌندا
هئاسون ته آذربائيجان نالي هڪ ملڪ آهي، جتي ڪوهه ڪاف آهي. ان جبل تي پريون رهن ٿيون.
جيئن جنت جي حورن لاءِ طرح طرح جا تصور پيدا ٿيندا هئا، تيئن ڪوهه ڪاف ۽ اتان جي
پرين متعلق به عجيب و غريب خيال دل ۾ اڀري ايندا هئا. تصوراتي دنيا جون رنگينيون
به عجيب هونديون آهن. جڏهن ادبي دنيا ۾ آيس ۽ شاهه لطيف جو رسالو پڙهيم ته سُر ڪوهياري
۾ شاهه صاحب ڏونگر کي مخاطب ٿي، ان کي ڪاف (قاف) جي تاريخي نالي سان مخاطب ٿي
فرمايو آهي:
ڏونگر! ڏس پرين جو، ڪاف نه ڏئين ڪو
*
ڏونگر! ڏس پرين جو، ڪاف نه ڏئين ڪُل.
لعل شهباز بابت ڪجهه
ڪتاب پڙهيم. معلوم ٿيو ته لعل شهباز اصل مرند جو ويٺل هو، جيڪو آذربائيجان ۾ آهي.
اتي سندس والد سيد ڪبير جي مزار آهي. لطيف سرڪار جا وڏڙا به هرات کان هتي آيا هئا.
فارسي زبان جو مشهور شاعر نظامي به ان ملڪ جي هڪ تاريخي شهر گنجه جو ويٺل هو، جنهن
جو ڪتاب خمسه نظامي مشهور آهي. جنهن جي تتبع تي فارسي جي ڪن شاعرن مثنويون لکيون.
سنڌ جي مشهور شاعر نواب گل محمد زيب مگسي پڻ هڪ ڪتاب ”پنج گلدستئه زيب“ لکيو هو.
زيب سنڌي، فارسي ۽ اردو جو بلند پايه شاعر هو.
هيءَ حقيقت آهي ته
سنڌ جا وچ ايشيا سان گهرا تعلقات رهيا آهن. سوچيم ته من اتي ڪي سنڌ ۽ وچ ايشيا جي
لاڳاپن جي حوالي سان ڪي ڪتاب ملي وڃن ۽ قلندر شهباز جي والد سيد ڪبير جي مزار تي
حاضري ڀريان، من مرند ۾ ڪي ڪتاب ملي وڃن، جن مان لعل شهباز قلندر جي سوانح بابت ڪو
مستند مواد ملي وڃي. ڇو ته تاريخن ۾ لعل شهباز
بابت ٻن ٽن صفحن کان وڌيڪ مواد نه ٿو ملي. هر سال لعل شهباز ادبي ڪانفرنس
جي موقعي تي ساڳيون ڳالهيون بيان ڪيون وڃن ٿيون، ڪا نئين تحقيق نظر نه ايندي آهي.
ان جو وڏو سبب مواد جي کوٽ آهي. اسان اديب
هر سال لفظن جي جادوگريءَ ۽ ڪرامتن جي ڪاريگريءَ مان ڪم وٺي مقالو تيار ڪندا آهيون
۽ لفافو وٺي پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندا آهيون. اهو آءٌ گذريل ويهن ورهين کان ڏسندو
پيو اچان، انهن اديبن ۾ آءٌ به شامل آهيان. مواد جي کوٽ سبب مون ٻاهريان پاسا وٺي
قلندري مسلڪ، قلندر جا همعصر، قلندر جي دور ۽ ڪن ٻين اهڙن موضوعن تي ٻه ٽي ڪتاب
لکيا آهن، جيڪي ڇپجي چڪا آهن. سائمن ڊگبي جي هڪ مقالي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هيم، جيڪو
”قلندر ۽ انهن سان لاڳاپيل مسلڪ“ جي عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي چڪو
آهي.ٻيا ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپجي
چڪا آهن. قلندر شهباز جي مستند سوانح حيات اڃان سوڌو ڪونه لکي وئي آهي. مون کي
سالن کان مسند مواد جي تلاش هئي، اهوئي سبب هو، جو مون آذربائيجان وڃڻ جو ارادو ڪيو.
منهنجي پٽ محمد راشد ٽڪٽ، ويزا ۽ باڪُو ۾ هوٽل جي بڪنگ وغيره جو بندو بست ڪيو. ايڏي
ڊگھي سفر تي اڪيلو وڃڻ مناسب نه هو، تنهنڪري پنهنجي قومي مقدم جي پڳدار پٽ رحمت
خان سان آذربائيجان وڃڻ جي ڳالهه ڪيم ته هُو به تيار ٿي ويو.
۱۱ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع فلاءِ دبئي ذريعي شام جو باڪُو پهچي وياسون. اريوا هوٽل تي ڪمرو بڪ ٿيل
هو. سامان سڙو اتي رکي ٿڪ ڀڃي سج لاهو مهل نظامي ڳلي پهچي وياسون.
هونئن ته سڄو ملڪ
انساني حسن ۽ قدرتي نظارن جي لحاظ سان هڪ مثالي ملڪ آهي. هر هنڌ ساوڪ ئي ساوڪ ۽ بي
انتها صفائي آهي. هرجاءِ حُسن جو هڳاءُ ۽ سونهن جي سڳنڌ آهي، پر باڪُو جي ڳالهه ئي
ٻي آهي. خاص طور نظامي ڳلي ڄڻ آذربائيجان جو بهشت آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن شڪارپور
جو جوڀن هو ۽ شهر کي پئرس سڏيو ويندو هو. شام جو ماڻهو رابيل جون ڪنڍيون پائي لکي
در ايندا هئا. لکي در تي غلمان نظر ايندا هئا، پر باڪُو جي نظامي ڳلي ۾ حورون هلي
اينديون آهن. نظامي واري خوبصورت علائقي
کي هونئن ته نظامي ڳلي سڏيو ويندو آهي، پر اتي هڪ نه، پر پنج ڇهه ڳليون آهن. اتي ڪابه
ٽرئفڪ نه هوندي آهي. اتي رڳو حسن ئي حسن هوندو آهي. اهو ڄڻ باڪُو جو پريم نگر آهي.
گهٽين ۾ گھمندي مون کي غمدل فقير جي ڪافي ياد اچي ويئي:
”ڳليان پريم
نگر ديان حضرت عشق وکايم“
سهڻا ويس وڳا ڏسي
چنبيلي ۽ چندن جي خوشبو جو واس وٺڻ مهل ڀٽائيءَ جو هي بيت ياد اچي ويو:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها هُو هُٻيس،
پسئو سونهن سيد چئي، نيهن اچن نيس،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
جيئن جيئن حسن وارن
جي نيڻن ۾ نهاريندو رهيس، ته ڪيترائي شعر ياد ايندا رهيا، هڪ موقعي تي ڀٽائي جو هي
بيت دل تي تري آيو:
گجر کي گجويل جون، تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون.
وري جڏهن ڪنهن سان
اکيون چار ٿيون ته نواب ولي محمد جي ڪافي جا ٻول ياد اچي ويا:
جڏان نين سي ملئي، نين ڏونهين،
ٿيا حاصل حج حرمين ڏونهين.
وري هڪ موقعي تي
خيرپور جي شاعر پيرل فقير ڦلپوٽي جي ڪافي ياد اچي وئي:
سهڻيون اکيون تنهنجون سانوريون
سرمي بنا وتن سي بانوريون.
جيڏانهن نهار، حسن
ئي حسن، ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سونهن سامهون.“ وارو منظر هو. پريمي جوڙن جون
جھلڪون، ڪن جا هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ ونگ وڌل، ڪن جون هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايل،
ڪٿي هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ پيچ پيل، ڪٿي منڊا پاتل، صدقي حضرت عشق تان.
نڪا جھل نه پل، نڪو ڏائڻ ڏيهه ۾،
آذري سڀ اَمل، نظاميءَ جي ڳليءَ ۾.
نظامي ڳلي ۾ هر ريسٽورانٽ
اڳيان خوبصورت ڇوڪري مينو کنيو بيٺي هوندي. اها حسين ادائن سان مينو ڏيکاري ريسٽورانٽ
۾ وڃڻ تي آماده ڪندي. ڪن دڪانن اڳيان خوبصورت ڇوڪريون بيٺل هونديون، جيڪي ڪافر
ادائن سان اوهان کي دڪان تي هلڻ جو اشارو ڪنديون. ڪي عطر جا نمونا هٿ ۾ جھليو بيٺيون
هونديون. اوهان کي ان جو نمونو هٿ ۾ ڏينديون ۽ اندر دڪان ۾ هلڻ جو اشارو ڪنديون.
توهان دڪان ۾ ويندؤ ته اتي وڪرو ڪرڻ
واريون هڪ ٻه ڇوڪريون اوهان جو موهيندڙ مرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪنديون. اوهان اندر وڃي
گھمي ڦري بنان خريداريءَ جي ٻاهر نڪري ويندؤ، ته دڪان وارين ڇوڪرين جي چهري تي
اهائي مٺي مرڪ هوندي. دڪان جي اندر نيڻ واري ڇوڪري جو به اهوئي پيار ۽ عزت وارو
انداز هوندو. مون ڪڏهن به ڪنهن جي منهن تي ڪاوڙ نه ڏٺي. ڪاوڙ ته پري جي ڳالهه، ڪوجهو
منهن به نه ڏٺو. هرهڪ جي منهن تي موهيندڙ مرڪ يا مکڙي جي ٽڙڻ وارو منظر. يعني ڪڏهن
مکڙي ته ڪڏهن گل. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي:
هر غنچه که گل گشت، دگر غنچه نه گردد
قربان ز لبِ، يار گھي غنچه گھي گل.
يعني جيڪا مکڙي ٽڙي
گل ٿئي ٿي، سا وري مکڙي ٿي نه ٿي سگھي. يار جي لبن تان قربان وڃان جو اهي ڪڏهن مکڙي
ته ڪڏهن گل بڻجي وڃن ٿا. مرڪي ته مکڙي، کلي ته گل!
حسن وري اهڙو جو ڀٽائي جي چواڻي:
سج اڀرندي جا ڪري، سامي سائي روءِ!
ان مصرع ۾ ٿوري
تبديلي جي گستاخي ڪري چوان:
سج اڀرندي جا ڪري، سڀني سائي رُوءِ.
مردن جي پوشاڪ پينٽ
شرٽ، باقي اڪثر ڇوڪرين کي ننڍڙي چڍي ۽ بنان ٻانهن جي ننڍڙي چولي، جتان پهرين جي چنڊ وانگر پيٽ تي لڪير
چمڪندي نظر ايندي. رئي جو رواج ڪونهي.
نظامي ڳلي نيهن ئي نيهن آهي، هر وقت محبتن جو مينهن وسندو رهي ٿو. توهان اڪيلا
بينچ تي ويٺا هوندؤ ته ڪا ڇوڪري اچي توهان جي ڀر ۾ ويهندي. پيار محبت جون ڳالهيون ٿينديون.
پوءِ ”زر آ ته عشق ٺهه پهه“.
هڪ ڀيري شام جو
نظامي ڳلي ۾ گھمي رهيو هوس. گلڙن جو واس وٺي رهيو هوس، ته ڪنهن منهنجي پٺيءَ تي
هورڙيان هٿ هنيو. مون سوچيو ته هتي ته منهنجو ڪو واقف ئي نه آهي، ڪير ٿي سگھي ٿو؟
پٺتي نهاريم ته هڪ اڌيڙ عمر جي مائي کلندي پاڻ ڏي اچڻ جي ميڇ ڏني. مون موٽ ۾ کيس ٽري
وڃڻ جو اشارو ڪيو. پوءِ به مرڪندي ميڇون ڏيندي رهي. مان کيس ٽري وڃڻ جا اشارا ڪندو
رهيس. سولي سنڌيءَ ۾ چيومانس ته، ”مائي مون مان تنهنجي من جا مطلب پورا نه ٿيندا،
وڃي ڪنهن ٻئي کي پاسو ڏي.“ اتي ٻيا به ڪي حسين حادثا ٿيا، جيڪي لکڻ جھڙا نه آهن.
بهتر ائين آهي ته پاڻ باڪُو وڃي حسين حادثن جو شڪار ٿيو. وڃو ته گرمين جي موسم ۾،
اڄ ڪلهه سخت سردي آهي. جون کان سيپٽمبر تائين موسم خوشگوار رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾
باڪُو جون هوائون ڄڻ بهار جون هوائون هونديون آهن. ويزا آن لائين ٻن ٽن ڏينهن ۾
ملي وڃي ٿي. هوٽل سستا، کاڌو پيتو ۽ فروٽ سستو آهي. جهاز جي ٽڪيٽ جو دارو مدار ڊالر
تي آهي. اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ۵۰ هزار رپين جي لڳ ڀڳ هوندي آهي. اوهان لک روپين ۾ وڏي
لئه سان آذربائيجان گھمي سگھو ٿا. پر ٻوليءَ جو وڏو مسئلو آهي. نه فارسي ڳالهائين
۽ نه وري انگريزي، رڳو آذري ڳالهائين، جيڪا تُرڪيءَ سان ملندڙ آهي. ڪنهن شاعر چواڻي:
زبان ِ يار من تُرڪي و من تُرڪي نمي دائم.
يعني: (منهنجي يار
جي زبان تُرڪي آهي، پر مون کي ترڪي نه ٿي اچي.)
هن ملڪ جي وڻندڙ
آبهوا سبب پٿر جي دور کان هتي انساني آباديءَ جا آثار مليا آهن. هن علائقي تي
مختلف دورن ۾ مختلف قومن حڪومت ڪئي. ايراني آيا، ميد آيا، زرتشت آيا، جن آتشڪدو
تعمير ڪيو، جيڪو اڃان تائين موجود آهي. اوائل ۾ هتي البانين جي حڪومت رهي، جن
الباني لپي رائج ڪئي. ساسانين ۽ بازنطينين جي حملن باوجود الباني ۸ صديءَ تائين رائج رهي. ايرانين فارسي رائج ڪئي.
عرب آيا ته هنن عربي رائج ڪئي. هيءَ رياست ڪجهه عرصو روس جو به حصو رهي ۽ ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ آذربائيجان روس کان آزاد ٿيو ۽ باڪُو کي
گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو، جيڪو آذربائيجان
جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. منهنجي اندازي موجب حيدرآباد جيترو شهر ٿيندو.
هينئر آذربائيجان
کي جمهوريه آذربائيجان سڏيو وڃي ٿو. هتي ۹۵ سيڪڙو مسلمان آهن. جن مان ۸۵ سيڪڙو اهل ِ تشيع آهن ۽ ۱۵ سيڪڙو سني آهن. آذربائيجان جا دنيا جي ۱۵۸ ملڪن سان سفارتي ناتا آهن.
آذربائيجان جي ٽن
حصن کان پهاڙ آهن ۽ اوڀر ۾ ڪئپسين سمنڊ آهي. اهو ڪنهن ٻئي سمنڊ سان ڳنڍيل نه آهي.
ائين سمجھو ته هڪ تمام وڏي ڍنڍ آهي. ننڍيون ننڍيون نهرون آهن، جن مان۲۴ هڪ سؤ ڪلوميٽر ڊگھيون آهن، جيڪي ڪئپسين سمنڊ
۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. هن ملڪ ۾ ڍنڍون به آهن، جن مان هڪ وڏي ڍنڍ سريسو آهي، جيڪا ۶۷ ڪلوميٽر ڊگھي آهي. ٻي وڏي ۾ وڏي نديءَ کي ڪُور سڏين ٿا.
پهاڙي ڪاريزون هن
ملڪ جي سونهن آهن. هڪ هزار مٺي پاڻيءَ جا چشما آهن. ڪيترائي آبشار آهن. ٻيلا جام
آهن، جن ۾ قسم قسم جا وڻ آهن. ماکي به گھڻي آهي. ملڪ جو قومي جانور قرح باغ جو گھوڙو
آهي، جيڪو خوبصورت ۽ سگهارو آهي. اهو نسل صدين کان هلندو اچي. ڪيترائي خوبصورت پکي
آهن. سمنڊ جي ڪناري باغيچا آهن. هر طرف سهڻا گل ٻوٽا نظر ايندا. ڪناري تي شٽل بس
سروس جو انتظام آهي، جيڪا صرف ٻن مناتن ۾ اوهان کي سامونڊي ڪناري جو سير ڪرائيندي.
بينچن تي پريمي جوڙا ويٺل، جيڪي ڄڻ موکي
جي مٽن جو مڌ پيتل هجن. ڄڻ ڪلاڙڪي هٽ تان هينئر آيا. هجن مطلب ته آذربائيجان قدرتي
نظارن ۽ حسن وارن جو ملڪ آهي. پر مڙني شهرن مان باڪُو جي ڳالهه ئي ٻي آهي. هي
انتهائي خوبصورت شهر آهي. صفائي اهڙي جو ڪٿي ڪو ڪک پن نظر نه ايندو. هر طرف باغ
باغيچا، گل ٻوٽا، ڏسڻ سان دل باغ بهار ٿي وڃي. ڪاريگرن اهڙيون عمارتون ٺاهيون آهن،
جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پٿرن جون ٺاهيل شاندار عمارتون، ڪاريگرن جي ڪمال جو
اعليٰ مثال آهن. بسيون، ٽيڪسيون عام جام. ان کان سواءِ ريل جي سهوليت. مطلب ته هڪ
شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لاءِ مناسب پئسن ۾ هڪدم سواري ملي وڃي ٿي. بسن جو ڀاڙو مقرر
آهي، پر ٽيڪسي وارا پهرين گھڻو ڀاڙو ٻڌائيندا،
پوءِ ڪجهه ڇڏ ڇوٽ ڪندا. نئون ماڻهو بي خبر هوندو آهي، تنهنڪري هو دوکي ۾ اچي وڃي ٿو
۽ گھڻو ڀاڙو ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو.
اسان وٽ پوليس تمام
گھڻي نظر ايندي، پر باڪو ۾ ورلي ڪو پوليس وارو نظر ايندو. ماڻهو امن پسند آهن ۽
قاعدي قانون جي پابندي ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪو ڦڏو فساد نه ٿو ٿئي ۽ گھڻي پوليس جي به
ضرورت نه ٿي رهي. ماڻهن کي تعليم ۽ انصاف ملي ته پوءِ بدامني ازخود گھٽجي ويندي
آهي. هتي اسان وٽ بدامني وڌي ٿي ته سرڪار
گھڻا ٿاڻا ٺهرائي ٿي، پر اهو نه ٿو ڏٺو وڃي ته بدامني وڌڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن.
پهريان مرض جي تشخيص ڪئي ويندي آهي، پوءِ ان جو علاج ڪيو ويندو آهي. پر هِتي ائين
نه آهي.
اسلام کان اڳ عربن
۾ هرقسم جون برايون هيون، قبائلي جھيڙا هئا. ٻنهي جهانن جي سردار نبي ڪريم صلي
الله عليه وسلم عربن کي تعليم ڏني ۽ انصاف جو اعليٰ نظام قائم ڪيو ته عرب جا جاهل
بدو اعليٰ قوم بڻجي ويا. مطلب ته پوليس ٿاڻا ٺهرائڻ بجاءِ، عربن کي تعليم ڏني وئي
۽ ڪنهن سان به نا انصافي نه ٿيڻ لڳي ته ازخود امن امان قائم ٿي ويو ۽ قبائلي جھيڙا
به ختم ٿي ويا. پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ صحيح نموني جي تعليم نه ٿي ملي. پرائمري
ماستر ڪوٽا تي مقرر ٿين ٿا، جن جو ميٽرڪ جو امتحان به ٻين ڏنو، سي ڪيئن پڙهائي
سگھندا. اهوئي سبب آهي جو اسڪول کان
گسائين ٿا. ڪي وري وڏيرن جا خاص ماڻهو آهن، تنهنڪري انهن کي ڪو
لهر لوڏو ڪونهي. نتيجي ۾ هزارين اسڪول مال جا واڙا يا بُهه جا ڀانڊا بڻجي ويا. وڏن
ماڻهن جا ٻار ته وڏن شهرن ۾ اعليٰ تعليم
حاصل ڪن ٿا، پر ٻهراڙيءَ جا ٻار تعليم کان محروم آهن. سنڌ سرڪار جي اسيمبلي
اميدوارن کي گهڻا ووٽ به ٻهراڙين مان ملن ٿا. پوءِ به مسڪينن جو تعليم ۽ صحت جي
لحاظ کان برو حال آهي ۽ بدامني وڌندي رهي ٿي ته نوان ٿاڻا به ٺهندا رهن ٿا، پر
بدامني گھٽجڻ بجاءِ وڌندي رهي ٿي.
مرض بڙهتا گيا، جون جون دوا ڪي.
ترقياتي ڪمن جو اهو
حال آهي جو ٺيڪيدار، وزيرن مشيرن جا يار، تنهن ڪري صحيح معنيٰ ۾ ڪم نه ٿو ٿئي ۽
پيسا ڀنگ ڀُرڙا ٿي وڃن ٿا.
اسان هڪ ڏينهن باڪُو
کان گُبله وياسون، جيڪو ۲۰۰ ڪلوميٽر پري آهي. ويڪرو روڊ، هر طرف وڻڪار،
پهاڙ سرسبز، ڪٿي ننڍيون نديون، ڪٿي ڪاريزون، ڪٿي ڍنڍون ته ڪٿي آبشار نظر آيا. ڇا
ته نظارا هئا، اهي خوبصورت ۽ دلڪش نظارا لفظن ۾ بيان ٿي نه ٿا سگھن.
منجھند ٿي ڊرائيور
کي چيوسون ته بُک لڳي آهي، ڪٿي هلي ماني کائون. هو هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي وٺي آيو. ان
ڍنڍ جي ٻئي ڪناري تمام پري هڪ عمارت نظر اچي رهي هئي. ڊرائيور اشارو ڪري چيو ته او
هُو هوٽل آهي، ان جو نالو ساحل هوٽل آهي. هتان لانچ ۾ چڙهي هلبو. هلو ته ساحل هوٽل
تي ماني کائون. مون چيو ته اهو هوٽل پري آهي، دير ٿي ويندي، ڪنهن ٻئي هوٽل تي هل.
مون ڏٺو ته هڪ هنڌ هڪ ڳائڻو طنبوري جهڙو ساز وڄائي رهيو هو. اسان سڌو ان وٽ
وياسون. وڃي سندس ڀر ۾ بيهي وڊيو ڀرائي سون. نه هُن اسان جي ٻولي ٿي سمجھي ۽ نه
وري اسان هن جي ٻولي ٿي سمجھي. بس اشارن ۾ ڪم ٽپايو سين. مون کيس ٻه منات ڏنا. ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ جھُڪي سلام ڪيائين. اسان ڪار ۾ سوار ٿي اڳتي روانا ٿياسون.
هلندي هلندي ٽيڪسي
وارو پڪو روڊ ڇڏي هڪ پٿرائين سڙڪ تي ڪار هلائڻ لڳو. رستي ۾ ٻه ٽي ڳوٺ نظر آيا. فصل
نظر آيا. ڪٿي رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون نظر آيون. جڏهن ٻه ٽي ڪلوميٽر سفر ڪيوسون، ته
مون کي خوف ٿيو ته هي ڊرائيور ڪنهن بَر ۾ اسان کي لاهي، پئسا ڦري هليو ويندو ۽
اسان کي يا ته ماري ڇڏيندو يا ڪن ماڻهن جي حوالي ڪندو، جيڪي اسان کي ڪنهن ملڪ ۾ وڪڻي
ڇڏيندا، جيئن پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. هو رستي ۾ فون تي ڪن ماڻهن سان ڳالهائيندو ٿي
رهيو. مون کي شڪ نه، پر پڪ ٿي ته اڄ خير ناهي. هتي بر ۾ اوهي نه واهي. مون رحمت
خان کي چيو ته مري وياسين، هو به پريشان ٿيو، پر هتي ڪري به ڇا ٿي سگھياسين. اکيون
ٻوٽي دل ئي دل ۾ صلوات سڳوري پڙهڻ شروع ڪيم. پوءِ ڀٽائي جا دعائيه بيت پڙهڻ لڳس.
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانُ،
ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀڪي.
جيترا بيت ياد هئا،
سي پڙهيم. ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليم ته نهايت خوبصورت نظارو ڏسڻ ۾ آيو. ٽيڪسي اچي هڪ
چاڙهيءَ وٽ بيٺي. ڪي سيلاني نظر آيا ته ساهه پئجي ويو. ٻن پاسن کان پهاڙ، سامهون
آبشار، آبشار واري پاڻيءَ مٿان تختا ڏيئي هڪ هوٽل ٺاهيو ويو هو. ڪڏهن انساني حسن ٿي
ڏٺوسون، ته ڪڏهن وري قدرتي نظارن جو حسن ٿي ڏٺوسون. مطلب ته هر طرف حسن ئي حسن هو.
اکيون ٺري پيون، دل جو ڪنول ٽڙي پيو. جيئن ڀٽائي ڏڪار کان پوءِ مينهن وسڻ جي ڳالهه
ڪنهن ٿري جي زباني بيان ڪئي آهي:
ڏوُر ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريو.
مون به دل ۾ چيو
ته: ڀؤ هاڻي ڀڄي وڃ، محبوبن منهن ڏيکاريو آهي.
هوٽل چئني طرفن کان
کليل هو، ڄڻ ڪو ٻهراڙيءَ جو مَنهُن هجي. سامهون نهار ته آبشار، ساڄي کاٻي پهاڙ،
انهن تي وڻڪار. وري ٻئي پاسي ڏس ته ڪنهن حسينه جو اهڙو انداز جو مصري شاهه جي ڪافي
ياد اچي وئي:
کنيائون کلي نيڻ گھرا گلابي
ڀري ٻاجھه نرگس عجب نيم خوابي.
مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اوچتو من گھرئي محبوب جو ديدار ٿيو هجي. هڪدم
ڀٽائي جي سُر سارنگ جو هيءُ بيت دل تي تري آيو:
پِيّ پسايو
پانهنجو، نظارو ناگاهه
لٿو ڪٽ قلوب تان، ٿي وروهڻ واهه
اميدون ارواح، پِيّ پسندي پُنيون.
بيرو مينو کڻي آيو،
اسان ڪُڪڙ جي تِڪن جو آرڊر ڏنو. ڊرائيور آذري ٻوليءَ ۾ الائي ڇا چيو. ٿوري دير ۾
بيرو هڪ وڏي پليٽ کڻي آيو، اچي ڊرائيور جي اڳيان رکيائين. جنهن۾ ساوا ڌاڻا، ڦودنو،
سوئا ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ساوا مصالحا رکيل هئا، جيڪي مون کي گاهه ٿي لڳا. هُو ماني کائڻ
کان اڳ اهي مصالحا ٻڪريءَ وانگر ڳنرن سوڌو کائڻ لڳو. بيرو هن لاءِ سبزي ۽ اسان
لاءِ ڪڪڙ جا تڪا کڻي آيو. اسان لاءِ ٻي سلاد کڻي آيو جنهن ۾ کيرا، ساوا ڌاڻا، ڦودنو
۽ سوئا هئا. اسان رڳو کيرا کاڌا باقي ٻيا مصالحا ڊرائيور کي ڏناسون. ان خوبصورت ماڳ
جو نالو “سيتلار” آهي. خبر ناهي ته ان جي معنيٰ ڇا آهي. لاهي تي ٻنهي پاسن کان
مايون ويٺيون هيون، جيڪي ماکي، زعفران، قهوه ۽ ٻيو الائي ڇا وڪڻي رهيوڻ هيون. مون
هڪ پاڻ جهڙي پوڙهي کان ايراني ۽ آزربائيجاني زعفران خريد ڪئي. هڪ ٻئي هنڌان ماکي
خريد ڪئي. اتي تمام گھڻا ٻيلا آهن، تنهنڪري ماکي عام جام آهي.
رستي ۾ ٿوري ٿوري
مفاصلي تي انتهائي خوبصورت هنڌن تي هوٽل آهن. اسان هڪ هنڌ چانهه پيتي. ايڏي ته
صفائي هئي، جو مان حيران ٿي ويس. هر هوٽل تي صاف ڪاڪوس ٺهيل. اسان وٽ جھوپڙا يا ڇاپرا
هوٽل ۾ نه ايڏي صفائي هوندي آهي ۽ نه وري ڪو ڪاڪوس هوندو آهي. اهڙن هنڌن تي مسافر ڊراءِ
ڪلين ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن. “صفائي اڌ ايمان آهي.” ان تي آذربائيجاني مڪمل عمل ڪن
ٿا.
نظامي گنجوي:
نظامي جو اصل نالو
الياس يوسف هو، ابو محمد ڪنيت، نظام الدين لقب ۽ نظامي تخلص هوس. سندس وڏا قم جا
ويٺل هئا. سندس والد قم کان لڏي اچي آذربائيجان جي شهر گنجه ۾ ويٺو. نظامي جو جنم
ان ئي شهر ۾ ٿيو. سندس وفات ۵۹۹هه ۾ ٿي.
نظامي درويش صفت
انسان هو. سندس ڀاءُ قوامي مطرزي مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. نظامي کي گهر ۾ ئي ادبي
ماحول مليو، تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن شعر چوڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي وقت ۾ سندس
شاعري جي ايڏي شهرت ٿي وئي، جو وقت جي بادشاهن پنهنجي فرمائش تي کانئس مثنويون
لکرايون ۽ کيس وڏا انعام اڪرام ڏنا.
نظامي جي شاعريءَ ۾
گهڻيون ئي خوبيون آهن. ايتريون گهڻيون خوبيون فارسي زبان جي ڪنهن به شاعر کي نصيب
نه ٿيون. فارسي زبان جي ٻين مشهور شاعرن کي ڪنهن خاص صنف تي ڪمال حاصل هو. مثلا
فردوسي فقط رزميه شاعريءَ جو شهشاهه هو. هُو عشقيه شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل نه ڪري
سگهيو. سعدي عشقيه ۽ اخلاقي شاعريءَ جو امام آهي، پر رزميه شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪري
نه سگهيو. خيام فلسفي هو. حافظ صرف غزل جو شاعر هو. پر نظامي جي ڪلام ۾ رزم، بزم،
فلسفو، عشق ۽ اخلاق سڀ ڪجهه نظر ايندو. هن جو ڪجهه لکيو، سو لاجواب آهي.
شعر جون ڪيتريون ئي
خوبيون آهن، پر خاص خوبيون هي آهن، رزميه، عشقيه، فلسفيانه، اخلاقي، انساني جذبن
جي ترجماني ۽ منظر نگاري. اهي سموريون خوبيون نظامي جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
بهرحال نظامي جي شاعريءَ جي ٻين خوبين کي ڇڏي، هتي فقط سندس عشقيه شاعريءَ تي
مختصر روشني وڌي وڃي ٿي.
ايراني شاعريءَ جي
وڏي سڃاڻ عشقيه شاعري آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عشق ۽ عاشقي جا معاملا ۽ رازو نياز
جون ڳالهيون جنهن رنگيني ۽ دلفريبي سان ايراني شاعرن بيان ڪيون آهن، دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ ان انداز سان ادا ٿيل
نظرنه ٿيون اچن، ان قسم جي شاعريءَ لاءِ غزل کي مخصوص ڪيو ويو ۽ ان جو مُوجد شيخ
سعدي آهي. سعدي کان اڳ ۾ ڪن شاعرن غزل ضرور چيو، پر حقيقت هيءَ آهي ته صحيح معنيٰ
۾ غزل جو مُوجد شيخ سعدي آهي. بيشڪ غزل جو مُوجد ته شيخ سعدي آهي، پر غزل جو اصل
روح يعني عشقيه شاعريءَ جو مُوجد نظامي آهي، عشقيه مثنويون نظامي کان اڳ برابر
لکيون ويون، پر عشقيه شاعريءَ جو بنياد نظامي وڌو ۽ ان کي وڏي ترقي وٺرائي. هيٺ ان
جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو:
عشق ۽ عاشقي جا
خيال ادا ڪرڻ لاءِ هڪ خاص زبان جي ضرورت هوندي آهي. جنهن جا لفظ نازڪ، وڻندڙ، مٺڙا
۽ موهيندڙ هجن. خاص قسم جا استعارا ۽ تشبيهون هجن. ادا ۾ دلفريبي ۽ دل نشيني هجي.
اها خاص زبان نظامي ايجاد ڪئي.
مطلب ته غزل جي
مضمونن ۾ معشوق جي حسن جي تعريف، ناز ۽ ادا، غمزه جا ڪرشما، محبوب جي انگ انگ جو
بيان ۽ انهن لاءِ موهيندڙ تشبيهون، عاشق ۽ معشوق جا معاملا يعني رازو نياز، اصرار
۽ انڪار، سوال ۽ جواب، عجز ۽ غرور وغيره. اهي سمورا مضمون نظامي جنهن وسعت، لطافت
۽ رنگيني سان بيان ڪيا آهن، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مطلب ته نظامي جي شاعري عشق
ئي عشق آهي ۽ باڪُو ۾ نظامي ڳليون ان جو عڪس آهن، جيڪي واقعي پريم نگر جون ڳليون
آهن.
نظامي گنجوي
آذربائيجان جو قومي شاعر آهي ۽ اتان جي رهواسين کي پنهنجي قومي شاعر لاءِ بي پناهه
عزت ۽ احترام آهي. باڪُو جي عاليشان عمارتن جي چوٽي تي خمسه جي مناسبت سان عقيدت
طور ان جي مقبري جهڙيون ڪٿي پنج قبيون ته ڪٿي ٻه قبيون نظر اينديون. سندس ياد ۾ وڏن
ڪتب خانن، ميوزمن وغيره کي نظامي جو نالو ڏنو ويو آهي. مثلا نظامي لائبرري، نظامي
ميوزيم، نظامي ميٽرو، نظامي ڳليون، وغيره. پر ڪنهن به عام دڪان وغيره تي نظامي جو
نالو نظر نه ايندو. جيئن هتي اسان وٽ ڀٽائي هيئرڪٽنگ سئلون، ڀٽائي ڊراءِ ڪلين ۽ ان
قسم جي عام دڪانن تي ڀٽائي جو نالو رکيو ويو آهي. مون آذربائيجان ۾ نظامي جي عزت ۽
احترام، مانَ ۽ شانَ جو جيڪو مشاهدو ڪيو، سو سنڌ ۾ ڀٽائي جهڙي عظيم شاعر کي حاصل
نه آهي. مڃان ٿو ته عام ماڻهو کي ڀٽائي لاءِ بيحد عزت، احترام ۽ عقيدت آهي. اهي
عقيدت ۽ برڪتن سبب پنهنجن عام دڪانن تي ڀٽائي جي نالي جا بورڊ لڳرائين ٿا، پر سرڪار
نامدار وٽ ڀٽائي جي اها عزت ۽ احترام نه آهي، جيڪا آذربائيجان جي ماڻهن کي نظامي
گنجوي لاءِ آهي. پر کين ڪهڙي ميار ڏيون، جو سڄو سرڪاري لڏو، علمي ادبي لحاظ کان جڏو
۽ ڏنگو ڦڏو آهي. وزيرن، مشيرن ۽ صاحب لوڪن کي ڀٽائيءَ جو هڪ بيت به صحيح نموني پڙهڻ
نه ٿو اچي. جن جو من ڪنهن ٻئي پاسي مائل هجي، جيئن ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا. تيئن
هنن يارن کي خواب ۾ به پئسا نظر ايندا آهن. مشهور دعا “رب زدني علما”، بجاءِ “رب
زدني پيسا”پڙهندا رهندا هجن، سي ڀٽائي جي مان ۽ مرتبي کي ڪيئن سڃاڻي سگھندا.
گُبستان:
آذر بائيجان سير وتفريح لاءِ بهترين ملڪ آهي. سوَن جي تعداد
۾ خوبصورت پارڪ آهن. باڪُو ۾ ۲۵ ننڍا وڏا خوبصورت پارڪ آهن، جن کي ڏسڻ سان روح کي راحت
رسي ٿي. باڪُو جي ويجھو “گبستان” هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي قديم آثارن سان دلچسپي رکڻ
وارن لاءِ گھڻو ڪجهه آهي. گبستان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جتي ٻه ٽي هٽ ۽ ننڍڙي هوٽل
آهي. ٽيڪسي ذريعي هڪ ڪلاڪ ۾ اتي پهچي سگھجي ٿو. جيئن ته اتي کاڌي پيتي جون شيون
اوهان کي ملي نه سگھنديون، تنهن ڪري باڪُو مان کاڌي پيتي جون شيون پاڻ سان کڻي وڃو.
بهتر آهي ته اوهان ڪنهن
بس ذريعي “الات” پهچي وڃو. جتان اهو ماڳ ۵ ڪلوميٽر پري آهي. اتان کان گبستان وڃو. ته ٽيڪسيءَ
کان اهو سستو پوندو. اتان جو سڪو “منات” آهي. هڪ منات پاڪستان جي ۸۰ روپين جي برابر آهي.
”گبستان“
قديم آثارن جي لحاظ کان انتهائي شاهوڪار آهي. اتي وڏي تعداد ۾ پهاڙن تي تصويرون اُڪريل
آهن. جنهن ۾ قديم زماني جو انسان، مختلف جانور، جنگي هٿيار، لوڪ ناچ، ڍڳن جي ويڙهه،
ٻيڙيون ونجهه سان، جنگي جوڌن جي هٿ ۾ بڙڇيون ڀالا، اٺن جا قافلا، سج ۽ تارن جون
تصويرون شامل آهن. جيڪي ۵ هزارن کان ۲۰ هزار سال پراڻيون آهن.
ان کان علاوه ڪيتريون
ئي غارون آهن، جن تي مختلف قسم جي اُڪر ٿيل آهي. جن ۾ شڪار جا منظر، سامونڊي ٻيڙا
۽ جانور وغيره اُڪريل آهن. يونيسڪو ۲۰۰۷ع ۾ هن ماڳ کي دنيا جي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو آهي. اهو
پٿر تي اڪر وارو ماڳ حادثاتي طور تي معلوم ٿيو. ۱۹۳۰ع ۾ مزور پهاڙن مان کوٽائي ڪري پٿر ڪڍي رهيا
هئا ته هڪ مزور کي پٿرن تي اُڪر نظر آئي. هنن ڪم بند ڪيو ته جيئن انهن پٿرن جو
قديم آثارن جي ماهرن کان معائنو ڪرايو وڃي. ماهرن معائنو شروع ڪيو ته کين پهاڙن تي
هزارين اُڪريل تصويرون ۽ تحريرون نظر
آيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته هزارين ورهيه اڳ ماڻهو هتي رهندا هئا ۽ گبستان قديم
تهذيب جو گهوارو هو. ان ماڳ تي هڪ قديم قبرستان پڻ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
هُو مُردن کي دفن ڪندا هئا.
آذربائيجان ۾ گبله
به آهي ته گبستان به آهي. ڪنڌڪوٽ ويجھو گُبلو ڳوٺ آهي، جتي سندراڻي زميندار رهن ٿا.
خبر ناهي ته “گُب” ڪهڙي زبان جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي؟ گبستان اصل ۾ “گُب
آستان” هوندو، جيڪو گھڻي اچار سبب گبستان بڻجي ويو، جيئن ڪوهه آستان، ڪوهستان ٿي ويو.
ٻوليءَ جي ماهرن کي گُبُ لفظ جي معنيٰ تي غور ڪرڻ گھرجي.
طنبورن:
اتان پٿر جو هڪ لسو
ٽڪرو مليو آهي. ان کي جڏهن ڪنهن ننڍڙي پٿر سان ڌڪ هڻجي ٿو ته ان مان سُريلو آواز
اچي ٿو. ماهرن ان جو نالو طنبورنTambourine رکيو
آهي. ان جي مٿان ٻه ننڍڙا پٿر رکيل آهن. سياح ان تي اچي انهن پٿرن سان طنبورن کي وڄائين
ٿا. ان مان اهو ثابت ٿيو ته اهو ساز پٿر جي زماني کان موجود آهي. ان جو ان زماني ۾
يا بعد ۾ ڪهڙو نالو هيو؟ اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي. بهرحال ائين چئي سگھجي ٿو ته اهو هڪ
قديم ساز آهي، جيڪو پٿر جي زماني ۾ پٿر جو ٺهيل هو. بعد ۾ ڪن ٻين شين مان ٺاهيو
ويو، جيڪو اڄ به موجود آهي. هن ساز کي هڪ ڪلاسيڪي لوڪ موسيقيءَ جو ساز سمجھيو
ويندو آهي. طنبور ترڪي، ايران، اٽلي، يونان ۽ سنڌ ۾ پڻ موجود آهي. هي ساز جابلو
علائقن جو مخصوص ساز آهي.موسيقي جي ماهرن جو خيال آهي ته عبرانيءَ ۾ ان جو نالو تف
آهي، جنهن کي عرب وارا دف سڏين ٿا. اسپين جا مُور ان کي ادف سڏين ٿا.
دف ٿالهه وانگر گول
هوندو آهي، پر طنبورن مستطيل آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ طنبور جو هيٺيون حصو
هجي، مٿيون حصو شايد ڀُري ويو يا اصل ائين هو.
هن بابت قديم آثارن جي ماهرن خاص طور موسيقيءَ جي ماهرن ۽ قديم سازن جي سڃاڻ
ڪرڻ وارن کي تحقيق ڪرڻ گھرجي.
بيبي هئبت جي زيارت
گاهه
باڪُو ۾ سمنڊ ڪناري
بيبي هئبت جي مزار آهي. جيڪا اتان جي وڏي زيارت گاهه آهي. اسان صبح جو نيرن ڪري
شهر گھمڻ وياسون، منجھند جي مهل سوچيوسون ته بيبي هئبت جي مزار تي حاضري ڀريون. ٽيڪسي
واري کي چيوسيون ته اتي وٺي هل. بک به ڏاڍي لڳي هئي. مون سوچيو ته زيارت ڪرڻ کان
پوءِ ڪٿي وڃي ڏُپهرو ڪنداسون. اسان کي اندازو نه هو ته مزار ايڏو پري آهي. چڱي دير
کان پوءِ اتي پهتاسون. مون کي بک بيحال ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن شگر گھٽجي ويندي
آهي ته صفا ساڻو ٿي ويندو آهيان. ان وقت به اهڙا آثار نظر اچڻ لڳا. سوچيم ته زيارت
ڪرڻ کان پوءِ وري شهر تائين وڃڻ ۾ چڱو وقت لڳندو. بهرحال، صلوات سڳوري پڙهندو جيئن
ئي روضي جي اندر گهڙيس ته هڪ ڇوڪري مون کي کائڻ لاءِ هڪ رول ڏنو. اهو مٺو ۽ لذيذ
هو. کائڻ شرط بک لهي وئي. دعائون گھري واپس هوٽل تي آياسون.
اتي ڪنهن ٻڌايو ته
بيبي هئبت سلام الله عليها امام جعفرصادق عه جي پوٽي آهي. آلِ رسول صلي الله عليه
وسلم تي جڏهن ڏکيو وقت آيو ته هجرت ڪري
مختلف ملڪن ڏانهن هليا ويا.
تاريخي عمارتون
باڪُو ۾ ڪيتريون ئي
تاريخي عمارتون آهن. انهن مان هڪ کي ميدن ٽاور Maiden Tower سڏيو وڃي
ٿو. مختلف جنگين دوران هن ٽاور کي وڏو نقصان پهتو. بعد ۾ وقت به وقت ان جي مرمت ٿيندي
رهي، تنهن ڪري اهو اڄ به اصلي حالت ۾ قائم آهي. هي ٽاور ڪئپسين سمنڊ جي ڪناري تي
واقع آهي. هن بابت قديم آثارن جي ماهرن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته هي هڪ
علم نجوم جي رسد گاهه Observatory آهي. ڪن جو خيال آهي ته هي هڪ مندر آهي. پر
آذربائيجان تاريخ جي پروفيسر سارا انهن ٻنهي راين کي رد ڪندي ٻڌايو آهي ته: هي هڪ
دفاعي ٽاور آهي ته جيئن جنگ جي وقت حڪمران، سندس گھر ڀاتي، ٻيا ڪي خاص ماڻهو ۽ ضروري
ساز سامان اتي محفوظ ٿي سگھن. ان ٽاور بابت ٻيون به ڪي ڏند ڪٿائي ڳالهيون مشهور
آهن. هي ٽاور اٺ ماڙ آهي. مزي جي ڳالهه ته ان اندر هڪ کوهه به آهي. سامونڊي ڪناري
هئڻ باوجود به ان جو پاڻي مٺو آهي. اهو کوهه ۲۱ ميٽر اونهو آهي. هي ٽاور آثار قديمه جي
ماهرن لاءِ اڃان به هڪ ڳجھارت آهي. ڏسون ته اها ڳجھارت ڪير ٿو ڀڃي. ٿي سگھي ٿو
ته اهو ميدن جو ٺهرايل هجي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن
زماني ۾ هن علائقي تي ميدن جي حڪومت هئي. سنه ۲۰۰۰ع ۾ يونيسڪو هن ٽاور کي دنيا جي ثقافتي ورثي
۾ شامل ڪيو آهي.
ميدن جي ٽاور واري
کوهه مان قديم آثارن جي ماهرن کي جيڪي شيون هٿ آيون، سي هنن ٽين ماڙ تي نمائش لاءِ
رکيون آهن. پر، اهي اصل نه آهن، اصل شيون تاريخ ۽ ثقافت واري ميوزيم ۾ رکيل آهن.
ان کوهه مان جيڪي جنگي هٿيار مليا آهن، انهن ۾ تبر به آهي جنهن کي Tabarzin سڏين ٿا.
اها تبر سنڌ جي واڇري ڪهاڙي (اڌ گول جهڙي ڪهاڙي) جهڙي آهي. جيڪا اڄ به سنڌ ۾ عام
جام آهي. تبر ننڍي ڳن واري ڪهاڙي هوندي آهي، جيڪا پري کان لَوَڙ ڪري دشمن کي هنئين
ويندي آهي. اها ڪهاڙي رڪ جي ٺهيل آهي. ڀٽائي مومل جي قاتل اکين کي تبر سان تشبيهه ڏيندي
فرمايو آهي:
گجر کي گجويل جون،
تارن ۾ تبرون
هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون
زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون،
پسو پرڏيهين جون.
قلعو
باڪُو ۾ هڪ شاندار
دفاعي قلعو به آهي، جيڪو ٻارهين صدي عيسوي ۾ ٺهيو. قلعو تمام مضبوط ۽ پٿر جو ٺهيل
آهي. مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ان جا پنج
دروازا آهن. جيئن شڪارپور ۾ دروازن جا نالا آهن. مثال طور هڪ دروازي جو نالو شهڪي
آهي. اهو شهڪي شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ آهي. اڄ
ڪلهه قلعي جي اندر دڪان ۽ ريسٽورنٽ آهن. دڪانن تي ڪيترائي قديم زماني جا نوادرات
رکيل آهن. اهڙي هڪ دڪان جي در وٽ هڪ ڪراڙي مائي جو مجسمو رکيل آهي. ان جي ڀر ۾ ڪيترائي
نوادرات رکيل هئا. مون ان ڪراڙي جي ڀر ۾ فوٽو ڪڍرايو ته جيئن يادگار رهي.
هڪ دڪان تي ڪراڙي
مائي روايتي اڦراٽو پچائي رهي هئي. اٽو ڳوهي، ويلڻ تي ڊڳڙ ٺاهي، ان ۾ ڪي ساوا
مصالحا وجھي رول ٺاهي پچائي رهي هئي. اهو روايتي اڦراٽو ماڻهو وڏي شوق سان کائي
رهيا هئا. دل سٽ ڏني ته کائجي. پر مون ڪو نه کاڌو. ان ڪري جو خبر نه ٿي پئي، ته هن
مائي رول ۾ الائي ڇا وڌو آهي. مون رڳو ڌاڻا ۽ ڦودنو ته سڃاتو، باقي ٻيون شيون سڃاڻي
نه سگھيس، تنهنڪري ڊپ لڳو ته ڪٿي پيٽ ۾ گڙ ٻڙ نه ٿي پوي. سير سفر ڪرڻ بجاءِ اسپتال
۾ پيو هجان.آذربائيجاني پلاءَ جا به شوقين آهن. ترڪي ۾ به پلاءَ کي پلاءُ چون. جن
کي ترڪي اچي ٿي، سي ڪم ڪڍي وڃن ٿا باقي اسان پارن لاءِ آذري دٻي ۾ ٺڪريون. ٻيا به ڪيترائي
سنڌي لفظ ساڳي سنڌي واري معنيٰ ۾ ترڪي ۾ رائج آهن. جهڙوڪ: ”سائين“ ۽”اوطاق“ وغيره.
خبر ناهي ته اهي لفظ اصل ۾ سنڌي زبان جا آهن يا ترڪي زبان جا. اهو مسئلو ٻولي جا
ماهر ئي حل ڪري سگھن ٿا.قونيه ۾ مولانا روم جي مزار تي سيرانديءَ کان پڳ رکيل آهي.
هتي سنڌ ۾ پڻ اوليائن جي مزارن جي سيرانديءَ کان پڳ رکيل هوندي آهي. خبر ناهي اهو
رواج سنڌ کان ترڪي ويو يا ترڪيءَ کان هتي آيو؟ اهو مامرو به محققن تي ڇڏيون ٿا ته
تحقيق ڪري اسان کي صحيح صورت حال کان واقف ڪن.
مولانا روم جي مزار
تي ۲۴ ڪلاڪ مثنوي جي ڪئسٽ جھيڻي آواز ۾ وڄندي رهي ٿي. صرف نماز
مهل وقفو ڪيو وڃي ٿو. ڀٽائي جي درگاهه تي به رات ڏينهن راڳ جي رسم جاري آهي. دنيا
۾ ٻيو ڪٿي به اهو رنگ نظر نه ايندو.
باڪُو جي خانن جي
رهائش گاهه
باڪُو جي خانن
پنهنجي رهائش لاءِ هڪ شاندار محل ٺهرايو هو. اها عمارت ۱۸ صدي ۾ ٺهي راس ٿي. اهو محل قلعي جي شهڪي
دروازي جي کاٻي پاسي آهي. باڪُو خانن ۱۷۴۷ع کان ۱۸۰۶ع تائين حڪومت ڪئي. ان عمارت جو دروازو ونگ جي شڪل ۾ ٺهيل
آهي، جيڪو اڃا تائين موجود آهي، ان تي عمارت جي ٺهڻ جو سنه ۱۸۰۶ع لکيل آهي. باغ باغيچا ويران ٿي ويا آهن رڳو
داخلا وارو لنگهه ۽ مسجد سلامت آهي.
قبرستان
باڪُو شهر جي ڏکڻ ۾
هڪ قبرستان آهي، جتي انهن شهيدن جون قبرون آهن، جيڪي آذربائيجان جي آزادي لاءِ
دشمن سان وڙهندي شهيد ٿيا. ان قبرستان ۾ ۱۵۰۰۰ شهيدن جون قبرون آهن. ان قبرستان جي مُهڙ ۾ هڪ شادي شده
جوڙي فريضه ۽ الهام جو قبو آهي. الهام کي روسي فوجين گولي هڻي ماري ڇڏيو. جڏهن
فريضه کي اها خبر پئي ته هن ان ئي مهل خودڪشي ڪئي. ٻنهن کي دفنائي مٿن قبو ٺهرايو
ويو.
آذربائيجان ۾ پيار
۽ محبت ڪرڻ وارن جو وڏو مانُ ۽ مرتبو آهي. ان عشق محبت ۽ وفا واري آسڻ تي هزارين
عاشق پنهنجي محبوبائن سان گڏ اچي سلام ڪن ٿا ۽ وفاداري جو وچن ڪن ٿا.
ملتاني قافلي سراءِ
باڪُو ۾ هڪ قديم
عمارت آهي، جنهن کي ملتاني قافلي سراءِ سڏيو وڃي ٿو. اها ميدن ٽاور Maiden Tower واري ڳلي
۾ آهي. هيءَ عمارت ۱۵ صدي عيسوي ۾ ٺهي، جتي ملتان جا واپاري اچي رهندا هئا.
هُو ملتان جو مال اتي وڪڻي، اتان جو مال خريد ڪري واپس ملتان موٽي ويندا هئا. ملتان
مان گهڻو ڪري سهروردي سلسلي جا واپاري ويندا هئا، جيڪي نه صرف وڻج واپار جي سلسلي
۾ ويندا هئا، پر اهي وچ ايشيا جي ملڪن ۾ سهروردي سلسلي جي تبليغ پڻ ڪندا هئا.
ملتان ۽ شڪارپور
مان هندو واپاري پڻ وچ ايشيا ويندا رهندا هئا. اهي وڻج واپار کان علاوه باڪُو جي ٻاهران
ٺهيل هڪ مندر ۾ پاٺ پوڄا پڻ ڪندا هئا. اهو مندر اڄ به موجود آهي. اسان سان گڏ هوٽل
۾ باڊه جا هندو به ترسيل هئا. روز ملندا هئاسون ۽ هڪ ٻئي کي حال احوال ڏيندا هئاسون.
هڪ ڏينهن مون کانئن پڇيو ته “اڄ ڪيڏانهن ويا هيو؟ هنن چيو ته “اسان اڄ مندر ۾ پاٺ
پوڄا ڪرڻ ويا هئاسون.” ڪن جو خيال آهي ته اهو زرتشين جو آتش ڪدو آهي ان جي ويجھو هڪ
جبل جي هيٺين حصي ۾ لڳاتار باهه ٻرندي رهي ٿي. خبر ناهي ته اهو ڪهڙو راز آهي؟
حمام
آذربائيجاني تمام
سهڻا حمام ٺهرائيندا هئا. هر محلي ۾ هڪ شاندار حمام هوندو هو. اهو انتهائي صاف ۽
سهڻو هوندو هو. اتي ماڻهو اچي ڪچهريون ڪندا هئا ته مساج (مالش) به ڪرائيندا هئا.
اونهاري ۾ شربت ۽ سياري ۾ قهوي جو انتظام هوندو هو. حقي جا شوقين حقو ڇڪيندا هئا.
مطلب ته حمام ڄڻ هڪ ڪلب هوندو هو.
اهي حمام Under ground هوندا هئا.
جيڪي ۱۹۶۴ع ۾ قديم آثارن جي ماهرن کوٽائي ڪري پڌرا ڪيا. اهي ۱۵ صدي جا ٺهيل آهن. حمامن جا ٽي حصا هوندا
هئا. ڊرسينگ روم، چينجنگ روم ۽ وهنجڻ جي جاءِ. ڊرسينگ ۽ چينجنگ لاءِ وڏا هال ٺهيل
هوندا هئا. جن ۾ ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل هوندا هئا. هال جي وچ ۾ ٿڌي ۽ گرم پاڻي جي
تلاءُ هوندو هو.
واپسي
واپسي ۾ به فلاءِ
دبئي واري اڏام ۾ سفر ڪرڻو هو. باڪُو کان دبئي پهتاسون. ٻه ٽي ڪلاڪ اتي ترسڻو هو.
دبئي ايئرپورٽ گھمي ڏٺوسون. هڪ دڪان تي کارڪون نظر آيون. جيئن عرب کارڪن جا شوقين،
تيئن اسان ٻروچ به ڪتل جا شوقين. ننڍي لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ هوڪا ٻڌندو هوس. ”آ ڪتل کائيندءِ
خان پنهل.“ کارڪن تي مکين جا ميڙ متل هوندا هئا پر ٻروچ (خان پنهل) وڏي شوق سان ڪتل
خريد ڪندا هئا. دڪان تي ٻه مايون موجود هيون. الائي ڪهڙي ملڪ جون هيون. مون کارڪون
وڪڻڻ واري مائي کي ٻه ڊالر آڇيندي، ان جي عيوض شوڪيس ۾ رکيل هڪ قسم جي کارڪن طرف
اشاري ۾ چيم ته ”مائي هي ٻه ڊالر وٺ، مون کي کارڪون ڏي.“ مائي کلڻ لڳي. مون سمجھيو
ته مائي شايد منهنجي ڳالهه نه سمجھي آهي. وري کيس ٻه ڊالر ڏيکاري اشارو ڪيم مانس
ته انهن جون هي کارڪون ڏي. مائي وري کلي ۽ ٻي مائي کي پنهنجي ٻولي ۾ الائي ڇا
چيائين. کارڪن وڪڻڻ واري مائي کي شايد ٻي مائي چيو ته: هي مسڪين مسافر آهي، بک لڳي
هوندس. کيس خدا جي واسطي هڪ کارڪ ڏيئي جان ڇڏاءِ. مائي مون کي هڪ کارڪ ٽشو تي رکي ڏني. مون کيس هڪ ڊالر وٺڻ جو اشارو ڪيو، پر هن ڊالر
نه ورتو، ٽري وڃڻ جو اشارو ڪيائين. ايڏي مهانگائي! مون سمجھيو ٿي ته هي عربن جو ملڪ
آهي، ٻن ڊالرن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلو کارڪون ملنديون. پر اتي ته ٻن ڊالرن ۾ ٻه کارڪون
به نه ٿي مليون.
ايئرپورٽ تي ڪيترا ئي
سنڌي نظر آيا، جيڪي روزگار لاءِ سعودي عرب وڃي رهيا هئا. ايجنٽن کين چيو هو ته؛ ”توهان
پهرين دبئي ويندؤ، پوءِ اتان توهان کي ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ٻيو جهاز ملندو.“ پر هنن
ويچارن کي ايئرپورٽ تي اٺ ڪلاڪ ٿي ويا هئا. شڪايت ڪيائون ته هتي کاڌي پيتي جون
شيون ايڏيون ته مهانگيون آهن، جو اسان وٺي نه ٿا سگھون. جهاز ۾ ماني به نه ملي.
سندن هيڻا حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. سوچيم ته ايجنٽ وڏا ڪي ظالم آهن، جو هنن مسڪينن تي
ڪو رحم ڪونه ٿا ڪن. خبر به اٿن ته هنن کي ٻارهن ڪلاڪ ٻي فلائيٽ جو انتظار ڪرڻو
پوندو. پر ڪوڙ هڻي کين چيائون ته “توهان کي ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ٻي فلائٽ ملي
ويندي.” اهو آهي اسان جي سنڌ جي ٽريول ايجنٽن جو حال. انهن بابت ٻيون به گھڻيون ڳالهيون
مشهور آهن، ته ماڻهن کان پئسا وٺي گم ٿي وڃن ٿا. ڀلي پار وڃڻ وارن مسڪينن سان ايڏا
ويل ڪندي کين ڪو خدا جو خوف نه ٿو ٿئي. لڳي
ٿو ته پئسي جي لالچ ۾ ماڻهن مان حياءُ شرم ۽ خدا جو خوف هليو ويو آهي.
جنهن مقصد سان
آذربائيجان ويو هوس، سو پورو ڪو نه ٿيو. ”مرند“ آذربائيجان ۾ نه، پر ايران ۾ آهي.
سنڌ ۽ وچ ايشيا جي حوالي سان ڪو به ڪتاب ملي نه سگھيو. ڇو ته هينئر اتي فارسي ذري
گھٽ ختم ٿي وئي آهي. ڪوهه ڪاف جي خبر نه آهي ڪٿي آهي؟ اهو اسان ڪو نه ڏٺو، باقي
شام جو ڪوهه ڪاف جون پريون نظامي ڳليءَ ۾ هر روز نظر اينديون هيون.
آخر ۾ باڪُو ۾ لکيل
هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
غزل
سوين سهڻيون هلي آيون ڪري سينگار باڪُو ۾
لڳي وئي خوبصورت حُسن جي بازار باڪُو ۾.
نظامي! تنهنجي ڳلين ۾ ڏٺم حورون پريون هرجا
نظارو ڄڻ ته جنت جو هيو نروار باڪُو ۾.
ڪٿي اک جا اشارا ۽ ڪٿي ميڇون محبت جون
گھڙي پل ۾ ٿين ٿا وصل جا اقرار باڪُو ۾.
دلين تي آذري هر روز ڌاڙا ٿيون هڻن يارو
عشاقن جو بچڻ مشڪل، وڏي ڦر مار باڪُو ۾.
حجابن جو يا پردي جو نه ات ڪو مامرو آهي
سرِ بازار ٿئي ٿو پيار جو واپار باڪُو
۾.
حسينن پنهنجي جلون جا لٽايا بي بها موتي
مقدر ڏس! ٿيا نادار شاهوڪار باڪُو ۾.
نظامي! تنهنجي ڳلين ۾ گھڻائي مون ڏٺا گھايل
ڪي ديوانا، ڪي مستانا، ته ڪي بيمار باڪُو ۾.
لڪل هو شوق جي سيني ۾ جو عرصي کان اي يارو!
اهو ئي عشق سو آخر ٿيو اظهار باڪُو ۾.
No comments:
Post a Comment