سمون ڪنھن سار وانگي ھو
خير محمد ڪولاچي
ڪيئي سالن کان البرٽا صوبي ۾
رھندڙ دوستن جو زور ھو ته مان ۽ ٻيا دوست ساڻن ملڻ، رھاڻيون ڪرڻ سان گڏ،
ان علائقي جي ڪن من موھيندڙ نظارن کي ڏسڻ وڃون. مخلتف دوستن سان ھر ڀيري اونھاري
جي مند ۾ وڃڻ جو واعدو ڪندو ھوس. پر ٻن ڳالھين جي ڪري اھو واعدو وفا ڪو نه ٿي سگھندو
ھو. ھڪ ڪئناڊا جو مختصر اونھارو جيڪو ايئن گذري ويندو ھو جو خبر ئي نه پوندي ھئي. ٻيو
پنھنجي طرفان نڪرڻ جي سستي. پر دوستن جي تنھن قرب کي شاباش،
جنھن ھيٺ ھو لاڳيتو اچڻ لاءِ زور ڀريندا رھيا، جنھن سان نيٺ
منھنجي سستي کي مات اچي ويئي. تازو اسان جو دل گھريو دوست نواز پنھور صاحب ٽورنٽو
آيل ھو، تنھن سان ملاقات ۾ ھن جلد اچڻ جو واعدو ورتو،
جنھن
تي مان به اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جيتوڻيڪ اونھاري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا ۽
امڪان ھو ته البرٽا صوبو، جيڪو ٽورنٽو جي نسبت وڌيڪ ٿڌو
آھي، اتي موسم جي جلد ٿڌي ٿي وڃڻ تي گھمڻ ڦرڻ ۾ شايد ڏکيائي ٿئي.
پر اصل سانگو، دوستن سان رھاڻيون ڪرڻ ھو.
تنھن خواھش ھيٺ، موسم جي ٿڌي ٿي وڃڻ جي خدشي کي نظر انداز ڪري،
چوياريءَ جي ڪن دوستن سان وڃڻ جو پروگرام ترتيب ڏنم. ان پروگرام
جي خبر ٻڌڻ تي منھنجي ننڍي پٽ جميل چيو ته؛
”بابا ھاڻ ته اونھاري جي مند،
پڄاڻي کي پھتي آھي. البرٽا ۾ ٿڌ جي شروعات ٿي چڪي
ھوندي. ان ڪري توھان کي گھمڻ ڦرڻ وارو مزو گھٽ ٿيندو. اھڙو
پروگرام اڳ ٺاھيو ھا ته بھتر ٿئي ھا.“ مون کيس وراڻيو ته؛ ”اسان
جي وڃڻ جو اصل سانگو، سنگت سان رھاڻ ڪرڻ آھي.
سو ته پورو ٿيندو. باقي گھمڻ يا سير تفريح،
جيتري به ٿي، اھو واڌو فائدو ٿيندو.“
ايئن
اسان چئن دوستن، جن ۾ مبشر ملڪ، عبدالجبار
لاشاري ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي شامل ھئا تن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون.
