Showing posts with label ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين، محمد، سليمان، وساڻ،. Show all posts
Showing posts with label ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين، محمد، سليمان، وساڻ،. Show all posts

Sunday, August 30, 2015

ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين - محمد سليمان وساڻ

ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين
محمد سليمان وساڻ
ڪافي عرصي کان اها خواهش پئي رهي ته سنڌ جي ڊيلٽا جي ڇوڙ وارن علائقن، سامونڊي پٽي ۽ درياءَ ۽ سمنڊ جي سنگم جا نظارا ڏسجن. ٻيو ته فيسبوڪ تي شاهه لطيف جي پيغام واري روزاني سلسلي ۾ سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي پيش ڪندي به سنڌ جي هن سُکيي ستابي ماڳن جي ڏسڻ جو ارادو ٿي پيو. هن دفعي جڏهن سنڌو پنهنجي موج ۾ آيو ۽ سنڌ جي ڪچي کي ٻوڙيندو پنهنجي آب تاب سان ڪاهيندو سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڌڪيندي سمنڊ ۾ پهتو ته اسان به سنڌوءَ جي ديدار لاءِ نڪري پياسين.