ڇا ڀارت ۾ سڀ سُک آهي...؟
الطاف شيخ
هونئن هڪ عام ٽوئرسٽ، دهلي، آگره، ممبئي، اجمير، بنارس جهڙن شهرن مان ٿي، اها ئي راءِ قائم ڪري ٿو ته انڊيا ۾ سُک چين لڳو پيو آهي. خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ کي اهو وڌيڪ لڳي ٿو، جڏهن هُو انڊيا جي ماڻهن جي زندگي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڀيٽي ٿو. هن کي ته سريلنڪا ۾ به سڪون لڳي ٿو، جتي تامل ٽائيگرن جي هيڏن هنگامن هوندي به هن کي ڪولمبو، ڪئنڊي توڙي سريلنڪا جي ننڍن شهرن ۾ رات جو دير دير تائين مارڪيٽون کُليل نظر اچن ٿيون. ڪيترن ئي يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن جا ٽوئرسٽ مختلف ويسن وڳن ۾، ويندي مني اسڪرٽن ۾ ڇوڪرين کي ڪولمبو جي گهٽين ۾ گهمندو ڏسي ٿو، جيڪي ڳالهيون عرصو ٿيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ناپيد آهن. توڙي کڻي يورپي يا جپاني ۽ سنگاپور جي لحاظ کان دهلي، ممبئي يا ڪولمبو جي امن امان جو معيار ڪِريل هجي، پر هڪ پاڪستاني خاص ڪري ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون، قائد آباد، سهراب ڳوٺ جي رهاڪو يا گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر ۽ ڪنڌڪوٽ جي رهاڪوءَ لاءِ انڊيا ۽ سريلنڪا جا مٿيان شهر به پُرسڪون ثابت ٿين ٿا، جتي کين رات جو دير تائين گهمندي به ڪو قتل نٿو ڪري، اغوا نٿو ڪري، ٻٽون يا موبائيل نٿو ڦري ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي حڪومت اسان جي حڪومت کان وڌيڪ پختي آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ ايڏي ڪرپشن ناهي، ماڻهن ۾ تعليم آهي، ويندي اُتي جا ڳوٺاڻا ۽ غريب به تعليم يافته آهن ۽ هاڻ گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ ته انڊيا جي ايڪاناميءَ جوگراف به مٿي ٿيو آهي جنهن مان هڪ عام ماڻهوءَ کي به فائدو رسيو آهي ۽ هُو خوشحاليءَ ڏي وڌيو آهي. انڊيا مون کي ان ڏڏ شاگرد وانگر لڳي ٿو، جنهن کان جڏهن انسپيڪٽر آف اسڪول جي چوڻ تي ڪلاس ٽيچر پڇيو ته ڏهه واڌو ڏهه گهڻو ٿيو ته جواب ۾ هن وراڻيو:
”چوويهه.“
