آئرش قوم تاريخ مان سبق
سکيو آهي
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
يورپ کنڊ جي زمين، جتي هڪ ملڪ سرحد طور ٻئي سان ڳنڍيل آهي. جتي اولهه
طرف ختم ٿو ٿئي، ته اتي فرانس جو سامونڊي ڪنارو ٿو اچي وڃي. اتان ئي ٿورو ويجهو سمنڊ
۾ ٻه وڏا ٻيٽ موجود آهن. هڪ آهي برطانيا، جيڪو فرانس کي ايترو ويجهو آهي. تنھنڪري سمنڊ
جي تَري جي به هيٺان سِرنگ کوٽي لنڊن کان فرانس ۽ ٻئي يورپ طرف تيز رفتار ٽرين سروس
هلائي اٿن. ٻيو ٻيٽ برطانيا جي ڀر ۾ آهي؛ آئرلينڊ، جتي يورپ جون حدون ختم آهن. برطانيا
جو ملڪ، آئرلينڊ کان پکيڙ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي، پر آباديءَ جي لحاظ کان تمام وڏو آهي.
برطانيا جي آبادي تقريباً ساڍا ڇهه ڪروڙ آهي پر آئرلينڊ جي مورڳو چوئيتاليهه لک. ڏيڍ
سئو سال کن اڳ واري زماني ۾، آئرلينڊ ۾ اَسي لک ماڻهو رهندا هئا، جيڪي گهٽبا ويا ۽
انگ وڃي ۴۴ لک
تي پهتو آهي.