Showing posts with label کارو ڇاڻ، عزيز ڪنگراڻي،. Show all posts
Showing posts with label کارو ڇاڻ، عزيز ڪنگراڻي،. Show all posts

Monday, July 08, 2019

طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ - عزيز ڪنگراڻي


طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ
عزيز ڪنگراڻي
Image may contain: sky, outdoor and natureٽيهارو کن سال اڳ، جڏهن حيدرآباد بي ايڊ ڪرڻ ويو هئس، تڏهن دوست فيض محمد ڪلمتي ۽ ڪريم بخش شيخ سان گڏ ميرپورساڪرو وڃڻ ٿيو هو. ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر ڏسي ورتو هئم. ڪيٽي بندر وٽ، سمنڊ اندر ڦٽندڙ سونهڻ گاهه چرندڙ مال ڏٺو هئم. گاهه ڦٽي کاري پاڻي ۾ پر ٿئي مٺو ۽ جڏهن سڪي ته اڃا به مٺو. ان گاهه جي مشاهدي جي نسبت سان شاهه لطيف جو بيت آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي نسخن ۾ مون کي ملي نه سگهيو آهي:
کاري منجهه کِرَن، ونگ مڙوئي واسيا،
سونهڻ ماهه سيڻن، مرندي ساءُ نه مٽيو.