Showing posts with label ڪافڪا، چيڪوسلواڪيه، اسحاق، انصاري،. Show all posts
Showing posts with label ڪافڪا، چيڪوسلواڪيه، اسحاق، انصاري،. Show all posts

Sunday, April 07, 2013

ڪافڪا جو چيڪوسلواڪيه - اسحاق انصاري

ڪافڪا جو چيڪوسلواڪيه
اسحاق انصاري
سال ۱۹۸۹ ۾ اسلام آباد يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۾ منهنجي ڪمپيوٽر سکڻ جي ٽريننگ لڳي. اها ٽريننگ اصل ۾ هئي ته ايٽامڪ انرجي ڪميشن وارن جي پر جيئن ته اهي يو جي سي، جي عمارت استعمال ڪندا هيا تنهنڪري انهن پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو هو ته هنن جي پنهنجن آفيسرن کان علاوهه پاڪستان جي يونيورسٽين جا ۱۰ استاد به هر بيچ ۾ شامل هوندا. ان ئي سلسلي ۾ مان به اتي ٽريننگ ڪري رهيو هيس ته ۱۹۹۰ جو نئون سال به اچي پهتو. نئين سال ملهائڻ ۽ ڪنهن جي جي وارن جي ڇانو ۾ ڪجھه ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مان لاڙڪاڻي ۽ خيرپور پهتس. ان ئي ڏينهن دوران جڏهن لطيف يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هيس ۽ وڏن وارن واري به مون سان گڏ ويٺي هئي ته ٽپالي هڪ لفافو منهنجي هٿ ۾ ڏئي ويو. لفافي جي ٻاهران منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد لکيل هو. مون لفافو کولي خط پڙهيو ته ان ۾ لکيل هو ته مون کي پي ايچ ڊي ڪرڻ لاءِ چيڪوسلوواڪيا جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ منظور ڪئي وئي آهي. منهنجو من خوشي مان جهومڻ لڳو. پر مون سان گڏ ويٺل اداس ٿي وئي، انڪري جو مان کانئس پري هليو ويندس. مان وري سوچن ۾ گم هيس ته مون ان ملڪ لاءِ ڪڏهن درخواست ڏني ئي نه هئي پر پوءِ مونکي ياد آيو ته منسٽري آف ايجوڪيشن جي هڪ اشتهار جي موٽ ۾ مون به ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا گھڻن ملڪن لاءِ هئي ۽ شايد منهنجي سبجيڪٽ جي حساب سان مون کي ان ملڪ ۾ داخلا ملي هئي. سچ ته ان وقت ان ملڪ جي باري ۾ مون کي ڪا گھڻي ڄاڻ نه هئي، سواءِ جيولس فيوچڪ جي ڊائريءَ جي يا وري ٿوري گھڻي ڪافڪا جي باري ۾ معلومات هئي. ٻيو وري هڪ دوست ٻڌايو ته اتان جا رومال سٺا ٿيندا آهن ۽ هتي ملندا آهن. هڪ شڪاريءَ وري اتان جي بندوق جي تعريف ڪئي. پر منهنجي ته يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچر ٿيڻ کان پوءِ هڪ ئي خواهش هئي ته ٻاهران ڪٿان پي ايڃ ڊي ڪيان. انڪري مون کي اهو فڪر نه هو ته ڪهڙي ملڪ جي اسڪالرشپ ملي ٿي. هونئن ان اسڪالرشپ ملڻ جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته سفارشن وارا سڀ همراهه آمريڪا، برطانيا، ڪيناڊا يا آسٽريليا وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن انڪري ان ملڪ ڏي ڪنهن وڃڻ جو سوچيو ئي نه هوندو تنهنڪري اسان جهڙن کي موقعو ملي ويو.