Friday, August 30, 2013

هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ..- الطاف شيخ

هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ...
الطاف شيخ
سومر ڏينهن صبح جو چانهه پي گهران نڪتس. اڃا ملاڪا رياست ۾ ئي هوس ته وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو. ملائيشيا جا رستا گهڻو ئي سٺا ۽ ڪشادا آهن، پر ور وڪڙن ۽ مينهوڳيءَ ڪري گاڏيءَ جي رفتار گهٽائڻي پوي ٿي. سامهون ايندڙ گاڏين جو ايترو خوف نٿو رهي جو هتي هرڪو پنهنجي پاسي وارو اڌ رستو وٺي هلي ٿو پر بي پرواهه مينهن ڍڳين کي ڪهڙي خبر ته Right of the way ڪنهنجو آهي. جنهن وقت خيال اچين ٿو ٻيلي يا پوک مان نڪري رستو ٽپن ٿيون يا ماڳهين رستي تي هڪ هنڌ بيهيو رهن. ڪي ڪي علائقا ته مينهن جي آزار کان مشهور آهن. جيئن ملاڪا رياست ۾ لنگي ۽ رنتائو ڳوٺن جي وچ ۾ ـــ جتان لنگهي سريمبان پهچڻو هوم، ايتريون ته مينهون نظر اچن ٿيون جو ڊرائيور کي خبردار ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ کاتي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽڪنڊا بورڊ جنهن تي مينهن ٺهيل آهي، هڻي ڇڏيا آهن. جيئن پاڻ وٽ اسڪولن اڳيان ڪتابن واري ٿيلهي سان گڏ ٻار ڏيکاريل هوندو آهي ـــ معنيٰ ان هنڌ تان گاڏي خيال سان هلايو متان ڪو ٻار بي خياليءَ ۾ رستو ٽپي. بهرحال اسڪولن اڳيان ان قسم جي ٽرئفڪ نشاني ته سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ هتي ملائيشيا ۾ پڻ اها آهي. پر هيءَ مينهن يا ڍڳيءَ واري نشاني ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ايتري ئي نرالي آهي، جيتري سعودي عرب ۽ بحرين پاسي رستي تي اٺ جي شڪل جي نشاني.

هونءَ مينهن ته وري به سست جانور آهي. رستي جو هڪ حصو ولاريو بيٺي هوندي آهي ۽ توهان خيالَ سان گاڏي آهستي هلائي ٻيو پاسو وٺي هليا وڃو. يا ٿوري دير صبر ڪريو جيسين هوءَ رستو ٽپي وڃي. پر اٺ اهڙو جانور آهي جو ڪڏهن ته تمام سلڇڻو ثابت ٿئي ٿو ۽ پري کان ئي هارن ڏيڻ سان رستو ڇڏيو ڏئي يا ڪچي ۾ (واريءَ ۾) لهيو پوي پر ڪڏهن ڪڏهن همراهه هيڏانهن هوڏانهن لهڻ بدران وٺيو سڌو رُخ رکي. مجال آهي  جو پڪو ڇڏي. هارن ڏيڻ سان ويتر نڪ سڌو رستي جو وچ ڏيئي ڀڄندو. (پنهنجي پر ۾ ته هو ضرور سياڻپ ڪندو هوندو.)
پر انهن مڙني کان خطرناڪ هاٿي آهي، جنهن جو آزار وري سريلنڪا ۾ گهڻو آهي ـــ خاص ڪري ڪولمبو کان ڪئنڊي واري رستي تي . هاٿي ته ماڳهين وڙهڻ لاءِ آتو رهي ٿو ـــ چاهي توهان ڪار ۾ ئي ويٺا هجو. هڪ سلوني همراهه ٻڌايو ته سامهون هاٿي رستو روڪي بيهي ته نه ڪار جي انجڻ بند ڪجي نه دروازو کولي ٻاهر نڪرجي. گاڏي نيوٽرل گيئر ۾ وجھي هڪ ته ائڪسليٽر کي دٻائي رکجي جيئن انجڻ جي گڙ گڙ گهڻي ٿئي. ٻيو هارن مٿان هارن ڏجي. اهو ئي هڪ طريقو آهي هاٿيءَ مان جان ڇڏائڻ جو. انجڻ جي ڌڌڪي ۽ هارن جي آواز کان هاٿي شايد ڊڄيو وڃي. ريل گاڏيءَ سان سندس اڪثر مهاڏو ٿيندو رهي ٿو. سريلنڪا ۾ ريل جي رات واري سفر ۾ ريل جو اوچتو بيهي رهڻ هڪ تمام عام ڳالهه آهي. ان جو سبب گهڻو ڪري سامهون ايندڙ هاٿيءَ سان ٽڪر هوندو آهي.
رستي تي ٽرئفڪ نشاني ۾ مينهن، اُٺ يا هاٿي ڏيکاريل معنيٰ اُهي جانور رستو ٽپي رهيا آهن. پر جي ڏيڏر مٿان ڏيڏر ڏيکاريل هجي ته پوءِ؟“
نيدر لئنڊ (هالينڊ) ۾ گائونزئينرين (Geo-Xuenren) نالي علائقي مان لنگهندي اها مٿين نشاني نظر اچي ٿي. جيڪا ڏيڏرن جي بچاءَ لاءِ لڳائي ويئي آهي، جيئن انَ هنڌ تان ڪار وغيره خيال سان هلائي وڃي. ان هنڌ تي رستي جي هڪ پاسي، دلدلي علائقي مان هر سال هزارين ڏيڏر پنهنجن جوڙيوالن سان ملڻ ۽ ٻچا ڏيڻ لاءِ رستو ٽپي ٻئي پاسي ويندا آهن. ڏيڏر جون ٽنگون يورپ پاسي جا ماڻهو شوقَ سان کائين ٿا ۽ ان پاسي جي هر ملڪ جي حڪومت ڏيڏرن جي بچاءَ ۽ وڌڻ ويجهڻ لاءِ ايتري ئي ڪوشش ڪري ٿي، جيتري اسان وٽ تتر ڦاڙهي لاءِ ٿئي ٿي.
نه مينهن بند ٿيو ٿي ۽ نه وري جھڪو ٿيو ٿي. سوچيو هوم ته ڪوالالمپور پهچي  نيرن ۽ منجھند جي هڪ ئي ماني کائيندس. پر مينهن جي ڪري ٿيل ٿڌڪار به هيڪاندي بک وڌائي. منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ سريلنڪا جي ڪئپٽن مانيڪ تازو سنگاپور کان نئين خريد ڪيل ڪئميرا ـــ بقول سندس بلڪل آٽوميٽڪ، ٽراءِ ڪرڻ لاءِ مونکي ڏني هئي. ٽي ڏينهن موڪل هئي سو ڪوالالمپور جو چڪر هڻڻ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سان ملي يادگار تصويرون ڪڍڻ چاهيم ٿي. جيتوڻيڪ ڪوالالمپور سوير پهچڻ جي ارادي سان گهران جلدي نڪتو هوس، پر هاڻ مينهن اها جلدي واري ڪسر ڪڍي ڇڏي. لبوق چينا (Lubok - Cina) ڳوٺ مان لنگهڻ وقت رستي تي هڪ انڊين هوٽل وٽ ڪار بيهاري نيرن لاءِ اندر گهڙيس. هوٽل جي ٻمڀ وٽ ئي هڪ تامل همراهه تيل هاڻي اڇي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ وڏي تئي تي مئدي جا اڦراٽا پچائي رهيو هو. ملائيشيا دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي پرديسيءَ کي مانيءَ جو مسئلو درپيش نٿو اچي. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ چيني، ملئي توڙي انڊين نيرن تي هي ٽيهن سينٽن جو اڦراٽو Roti - Cinai وٺي کائين، جنهن سان دال جو ڇڍڙو ٻوڙ مفت ملي يا ساڳين پئسن ۾ Nasi – Lemak (ناريل جي کير ۾ رڌل چانور ۽ پاسي کان رکيل ننڍين مڇين جو ٻوڙ (Sambal وٺي کائين.
هيءَ هڪ ڏکڻ هندستانيءَ جي ”فئملي هوٽل“ هئي. مادري زبان مليالم هئس پر هوٽل تي ٻين انڊين گراهڪن سان تامل ڳالهائي رهيو هو. فئملي هوٽل معنيٰ هوٽل سان ئي لاڳو گهر جو هجڻ. پوءِ ڪي گهر پٺيان ٿين ته ڪي مٿي ماڙيءَ تي. اهڙين هوٽلن يا دڪانن ۾ گهر جا مڙيئي ڀاتي ـــ ڀائر ڀينرون ماءُ پيءُ سميت ڪم ڪن. پوءِ پنهنجي ڏانءَ، هنر، همت ۽ عمر آهر ڪو ڪهڙو ڪم ڪري ته ڪو ڪهڙو. هن هوٽل تي به ڪو اڦراٽا پچائي رهيو هو ته ڪو ٿانوَ ڌوئي رهيو هو. ڪو منجھند جي ٻوڙ لاءِ بصر وڍي رهيو هو ته ڪو هتي جي مشهور چانهه (Teh – Tarik) ٺاهي رهيو هو.
ٽيهه سينٽن جي اڦراٽي ۽ چانهه جي ڪوپَ سان نيرن ڪري موسم جو جائزو ورتم. مينهن اڃا جھڪو نه ٿيو هو. سڄو اُڀ لس ئي لس ٿيو پيو  هو. رکي رکي کنوڻ جي چمڪاٽ سان گڏ گوڙ جو به ٺڪاءُ ٿيو ٿي. مون چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتو. هڪ ٻه ڄڻو مون وانگر نيرن ڪري مينهن جي بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ميز تي رکيل تامل ۽ انگريزي اخبارن مان هتي جي مشهور انگريزي اخبار New Strait Times کڻي مون صفحا اٿلائڻ شروع ڪيا. ورلڊ نيوز واري صفحي تي پاڪستان جي خبر منهنجو ڌيان ڇڪايو.
“Taking Stock of Death and Destruction”
جرمن خبر رسان ايجنسي رائيٽر جي حوالي سان ٻه ڪالمي خبر ڏنل هئي. ڪراچيءَ جي اورنگي ۽ ٻين هنڌن تي پيش آيل شهري خونريز هنگامن جي چار ڪالمي خبر Karachi Toll Rises عنوان سان هڪ ڏينهن اڳ به اچي چڪي هئي. انهن خبرن جي ڀر ۾، هندستان جي پنجاب صوبي ۾ سکن جي فسادن ۽ دهليءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي جھڳڙن جون خبرون هيون. تازو گذريل رات RTM (ٽي وي ملائيشيا) تان پڻ انهن مڙني هنگامن جون خبرن سان گڏ تازيون ڪڍيل فلمون پڻ ڏيکاريون ويون هيون. منهنجي ڀر ۾ ويٺل وڏي عمر جي تامل مونکي ڪا دير ان ساڳي صفحي کي چتائي نهاريندو ڏسي چيو:
”ڪيترا هنگاما پنهنجي وطن ۾ ٿيندا رهن ٿا. هر وقت هنگاما.“
هن مونکي انڊين سمجھيو ۽ اهو پڻ ته آئون انڊيا جي ئي هنگامن جون خبرون پڙهي رهيو آهيان.  مون ڪنڌ مٿي کڻڻ بنائي کيس سندس انگريزيءَ ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ مرڻينگ آوازَ سان “Yes” چيو.
”ڏسو هتي ملائيشيا ۾ ڪيتريون قومون رهن ٿيون. چيني، ملئي ۽ پاڻ انڊين. ۽ انهن ۾ به پنهنجا پنهنجا مذهب ۽ زبانون آهن. پر سڀ سک شانت ۾ رهيا پيا آهن. هڪ پنهنجو ملڪ هندستان آهي جنهن ۾ هندو مسلمان گڏ نٿا رهيو سگهن. سک هندو صلح نٿا ڪريو سگهن. هر وقت هنگامو! ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي. هتي جا ماڻهو اهو ئي پڇندا رهن ٿا. شرم کان پاڻ کين ڇا جواب ڏيون.....“
هو ڳالهائيندو رهيو..... پرديس ۾ پنهنجي ملڪَ جي بدنامي پنهنجي گهر جي گهٽتائي برابر لڳي ٿي. سندس ڏاڏي اڄ کان سٺ سال کن اڳ مدراس (هندستان) کي خيرآباد چئي هي نئون ملڪ اچي وسايو هو. پنهنجي ديس جي ڏکين ڏينهن ۽ بيروزگاريءَ سندس ۽ سندس گهر جي ڀاتين جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو هو. پنهنجي ملڪ جڏهن کيس پنهنجو رکڻ نه چاهيو ته ملائيشيا جي مڇرن وارن گهاٽن جهنگلن ۾ هن اچي سخت پورهيو ڪيو. اڄ هي منهنجي ڀر ۾ ويٺل سندس پوٽو جيڪو قوميت، پاسپورٽ يا شهريت جي لحاظَ کان جيتوڻيڪ ملائيشين آهي پر پنهنجن وڏن جي ملڪ هندستان جي بدناميءَ کي پنهنجو سمجھي شرمندگي محسوس ڪري ٿو ـــ ان ملڪَ لاءِ جنهن سان هن جو هاڻ ڪو به واسطو ناهي. ان ملڪ لاءِ جيڪو هن ڪڏهن ڏٺو به ناهي رڳو وڏن کان ان بابت ٻڌو آهي. ان ملڪ جي ٿوڙي گهٽتائي به کيس ڏکوئي ٿي جو هو ان ملڪ جي نالي سان هتي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اتي مون جهڙن جو جنهن جي نه فقط وڏن جو پر ايندڙ ٽهي جو پڻ ان ملڪ (پاڪستان) سان واسطو آهي، پنهنجي ان وطن بابت پرديس ۾ هن قسم جون خبرون پڙهي ڪيترو ڏک، صدمو، شرم ۽ ندامت محسوس ٿيندي هوندي. شايد اهو ئي سبب هو جو آئون ڀر ۾ ويٺل تامل هندوءَ کي اهو به ٻڌائي نه سگهيس ته آئون انڊين نه پر پاڪستاني آهيان ۽ مون هندستان جي نه پر پاڪستان جي خبر پئي پڙهي. جيڪا ان کان به وڌيڪَ اسان جي وحشي پڻي جو ثبوت ڏئي ٿي. مون هڪ دفعو وري خبر ڏي نهار ڪئي. شهر ۾ رهندڙ ٻن گروپن گهرن ۽ دڪانن کي ڏنل باهه ۾ هڪ ٻئي جا ماڻهو اڇلي کين جيئري ساڙيو. ان خبر جي هڪ پئراگراف کي مون هڪ دفعو وري پڙهيو:
“....... The death toll climbed as charred bodies were brought on polythene bags from burnt - our buildings in the ravaged Orangi town area, scene or worst violence.”
وڌيڪ پڙهڻ بند ڪري ڀر ۾ ويٺل تامل همراهه ڏي وري نهاريم. هو هاڻ تامل اخبار جا صفحا اٿلائي رهيو هو. مونکي لڳو ته هو انڊيا ۾ ٿيندڙ هنگامن ۾ ئي منجھيل آهي. ڪنهن ريت هن کي پاڪستان جي تازن هنگامن جي خبر نه پئي پيئي يا ٿي سگهي ٿو هجيس به. ۽ جي کيس لڳي ها ته آئون پاڪستاني آهيان ته ضرور پڇي ها. بهرحال مون پنهنجي طرفان کيس ٻڌائڻ نٿي چاهيو جو ڊنس ٿي ته ڪٿي هو هن قسم جو سوال نه ڪري وجھي: ”توهان جي ملڪ ۾ ته مڙيئي  مسلمان آهن، پوءِ اهي ڇو وڙهي رهيا آهن؟ اسلام ته امن ۽ سلامتيءَ لاءِ چوي ٿو.“ مون ان قسم جي بحث يا ڳالهه ٻولهه کان هن وقت پري ڀڄڻ چاهيو ٿي جو ان قسم جي تجربي مان گذرندي مون کي اڃا چوويهه ڪلاڪ به نه ٿيا هئا. ٿئي هينئن ٿو جو ملڪ ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٿئي ٿي ته پرديس ۾ رهندڙ ان ملڪ  جا ماڻهو فخر ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا. ساڳي وقت خراب ڳالهه انهن لاءِ شرم ۽ ندامت جو سبب بڻجي ٿي. ڪراچيءَ ۾ پيش آيل تازو هن قسم جي انساني ڪوس ۽ ٻارن عوررتن سميت شهرين جي قتل عام جو مثال اڄ جي تواريخ ۾ ڪو ورلي ملندو. اڄ جي ماڊرن دنيا ۾ جڏهن انسان جانورن تي ٿيندڙ ظلمن تي رڙ ڪري ٿو اتي هي ڪراچيءَ جو قبضو پنهنجي نوعيت جو پهريون مثال آهي. اورنگي علائقي جا وحشي نظارا هتي جي ٽي ويءَ تي ڏسي هر هڪ ڏندين آڱرين ڏنيون ٿي ۽ اسان کان زبان يا اکين اکين ۾ سوال پڇيو ٿي ته ڇا هينئن به ٿي سگهي ٿو. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان جڏهن ڪراچيءَ جا هي هنگاما شروع ٿيا آهن ۽ سندن خبرون ٽي وي ۽ ريڊيو تان جھنگ جي باهه وانگر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويون آهن، ڪنهن جي آڏو ايندي شرم ٿئي ٿو.
گذريل ڏينهن ملاڪا ۾ ڪا ائڊريس معلوم ڪري رهيو هوس. ڪئٿي سئنيما جي ڀر ۾ هڪ چانهه جي اسٽالَ وٽ پنهنجي ملڪ جي مهانڊي واري همراهه کي ڏٺم جيڪو چانهه به پي رهيو هو ته ٽن چئن ٻين انڊين ۽ ملئي همراهن سان خبرچار به ڪري رهيو هو. عمر ۾ پنجاهه کان  مٿي مٿي ۽ مڇن جا وارَ چانديءَ جهڙا اڇا ۽ گهاٽا. سنهو ۽ چست جسم. آواز کڙو تڙو. سندس ويجھو پهچي انگريزيءَ ۾ گهربل ائڊريس جو ڏس پڇيومانس. هو جواب ڏيڻ بدران مونکي گهوري ڏسڻ لڳو. جڏهن ڪا گهڙي جواب نه ڏنائين ۽ مونکي چتائي ڏسندو رهيو ته اهو محسوس ڪري ته شايد هو مون کي پاڪستاني سمجھڻ بابت سوچي رهيو آهي ــــ جيڪو واقعي هو سوچي رهيو هو ۽ سڃاڻي پڻ ويو ــــ مون هجائتو ٿي پڇيومانس:
“Are you Pakistani?”
پر جواب ۾ هو ورري ڪجهه نه ڪڇيو. ان تي وري ٻيو دفعو جڏهن مون کانئس پڇيو ته ڪاوڙ مان وراڻيائين:
“No Sir! I am not a Pakistani.”
ڏاڍو شڪي ٿيس ۽ دل ئي دل ۾ پشيمان پڻ ته اهڙو سوال ڇو ڪيومانس. هو مون کي پنهنجو سمجھي ئي نٿو، وتان آئون هجائتو ٿيندو. پر شرم کي پرچائڻ لاءِ وري چيومانس:
”منهنجو مطلب آهي ته هينئر کڻي توهان ملائيشيا جا شهري آهيو پر شايد توهان جا وڏا پاڪستان کان آيل هجن جو توهان جي منهن جا نقشا پاڪستانين جهڙا لڳي رهيا آهن.“
”نو سر!“ هن وري ٽوڪ ۽ ڪاوڙ مان چيو؛ ”آئون نه پاڪستاني آهيان ۽ نه وري پاڪستان سان ڪو واسطو ئي اٿم.“
آئون چپ ٿي ويس. ڦڪي مرڪ آڻڻ لاءِ ٿورا ڏند ضرور ڪڍيم جو جهيڙي بدران پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ چاهيم ٿي. پر اهو ضرور آهي ته سندس ڪاوڙ واري لهجي ۾ ڏک پڻ صاف ظاهر ٿي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي حالتن هن کي ڏکويو هجي ۽ سندس ڀرم ۽ فخر کي ڇيهو رسيو هجي. ۽ پوءِ خبر پيئي ته ڳالهه به ائين هئي. اڳتي هلي سندس ڀائيٽي ان بابت ٻڌايو. پر پاڻ ان وقت ڪاوڙ ڪڍڻ بعد ڪجهه ٿڌائيءَ مان پڇيو:
”توهان پاڪستان کان اچو پيا؟“
”هائو. پر هن وقت ملائيشيا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ ٽن سالن کان انجنيئرنگ جا سبجيڪيٽَ پڙهائي رهيو آهيان. ماستر آهيان.“
منهنجي ان چوڻ تي هن ۾ وڌيڪ ٿڌاڻ آئي. نه ته پهرين ائين پئي لڳو ڄڻ آئون کيسو ڪترڻ جو بهانو ڪري ڳوٺ پهچڻ لاءِ ڀاڙي جي گهر ڪرڻ وارو هجانس ۽ هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ بنا چوڻ چاهيندو هجي: هل هل. هرڪو اهو بهانو ڪندو ڀڳو اچي.
ان احساسَ جي اڳتي هلي پڪ به ٿيم جڏهن گهربل ائڊريس جو ڏس ٻڌائڻ لاءِ سندس چوڻ تي سندس ڀائيٽيو مون سان گڏ ڪار ۾ هليو. ويهه ايڪيهه ورهين جي نوجوان ڇوڪري ڪار ۾ ويهڻ سان چيو:
”سائين چاچي جي ڪاوڙ جو دل ۾ نه ڪجو. هو واقعي ان ملڪ جو آهي جنهن جو توهان ذڪر ڪيو. يعني پاڪستان جو. اسان جو پڙ ڏاڏو پاڪسان کان هتي آيو هو.  مونکي ته ته پاڪستاني ٻولي نٿي اچي پر اسان جو چاچو اڙدو ۽ پنجابي سٺي ڳالهائي ٿو.“
”ها مونکي به لڳو. ڇو جو سندس نڪ نقشا ملئي ماڻهن جا نه آهن.“ مون جھيڻي آواز ۾ ڳالهايو، ”ڇا ڪندو آهي، تنهنجو چاچو؟“
”اليڪٽرڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو آهي. ان ڪري سڄي شهر کي سڃاڻي. هينئر رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. تمام سوشل ماڻهو آهي. هر هڪ جي مدد ڪندو رهي ٿو.“
”پر پاڪستانين تي ڏاڍي چڙ اٿس.“ مون چيومانس.
”نه سائين اها ڳالهه ناهي. پاڪستان ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ ته پيار ئي پيار اٿس. پاڻ پاڪستان ڏٺو به نه اٿس. ڄائو نپنو به هتي آهي پر پنهنجن ملئي ۽ چيني دوستن سان پاڪستان جون ساراهون ڪندي ڍاپندو ناهي. ڪو به پاڪستاني ايندو آهي ته پهچ سارو ان جي مدد ڪندو آهي. پر تازو ڪجهه آيل همراهن ــــ جن جي پاڻ مدد ڪيائين ۽ پاڻ وٽ گهر ۾ به ٽڪائين، آخري وقت سندس ئي چوري ڪري هليا ويا. ويتر وري اڄڪلهه هي هنگامن جون خبرون ٻڌيون اٿس ته موڊ آف ٿي رهيس. جن سان هن پاڪستان جون تعريفون ڪيون هيون، اهي اچي منهن ۾ اهائي ڳالهه ڏينس ٿا ته هي آهي تنهنجي وڏن جو ملڪ جتي چرس ۽ هيروئن جو ڪاروبار هلي ٿو. هيءَ آهي اها مثالي مسلمان رياست جتي چئن خليفن جي ڏينهن واري حڪومت ڏسڻ جا فقط سپنا ڏيکاريا پيا وڃن ۽ حقيقت ۾ مسلمان مسلمان کي عام رستي تي ويٺو ڪهي، جنهن جي وهندڙ رت ۾ ناليون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن.
”گذريل ٻن تن ڏينهن کان پاڪستان جون خبرون پڙهي نه فقط چاچو پر اسان جو سڄو گهر پريشان آهي. جيتوڻيڪ اسان جو نه ڪو مٽ مائٽ پاڪستان ۾ آهي ۽ نه وري اسان ڪا پاڪستاني قوميت رکون ٿا پر ڇا ڪريون اسان جون پاڙون ته ان ملڪ ۾ کتل آهن. سڃاڻپ ته ان ملڪ جي نالي سان ٿئي ٿي. ان ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ  هنن ڳالهين جو ٻڌي ٻڏيو وڃون. هتي جا ماڻهو دل ئي دل ۾ اسان کي ٿُڪ بُجو ڪن ٿا ته اجھي توهان اهڙا آهيو. توهان جو بڻ بنياد ههڙو ويل آهي.“
مون دل ۾ سوچيو ته هي ته وري به هتي جا ٿي ويا. ڪنڊ پاسي ۾ رهن ٿا. وڏن عهدن تي آهن. کين ٽوڪڻ لڄائڻ وارا ايترا نه آهن. پر ملڪ ۾ ٿيندڙ ههڙين بدنامين بعد انهن هزارين غريب مزورن ۽ پورهتين جو ڇا حال ٿيندو هوندو، جيڪي عرب ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ننڍين نوڪرين ۾ آهن، کين ايندي ويندي سندن صاحب آفيسر ۽ ٻين ملڪن جا ساٿي مزور ڇا ڇا ته ٽوڪيندا هوندا. پرديسَ ۾ ملڪ جي بدناميءَ جون چٿرون ۽ ٽوڪون هڪ حساس ماڻهوءَ لاءِ، عربستان جي تپندڙ واري ۽ يورپ جي ڏڪائيندڙ سرديءَ کان يقينن وڌيڪَ عذاب رسائيندڙ آهن.
بارش اڃا بند ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو. مينهن شروع ٿيڻ مهل جيڪا ٿڌڪار ٿي هئي سا وري گُهٽَ ۾ بدلجڻ لڳي. مانيءَ جا پئسا دخل تي ويٺل عورت کي ڏيئي، پراڻي اخبار مٿي تي رکي مينهن ۾ گاڏيءَ ڏي ڊوڙيس. هوٽل جي ڪامَ ۾ ويٺل ڪبوترن جو جوڙو، منهنجي اوچتي ڊوڙڻ تي ڊڄي، ڦڙڪو کائي ٻاهر نڪتو. رستي مٿان ئي ڦيرو کائي هو وري اندر وڃي ويٺا. مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي، لبوق چينا جي ٿاڻي وٽان کاٻي مڙي، نديءَ تي ٺهيل ڪاٺَ جي پل ٽپي اڳتي وڌيس. مينهن جي شپڪي ۽ کنوڻ جي ٺڪاءَ کان ڌيان هٽائڻ لاءِ ريڊيو کوليو آواز سندس مٿاهون ڪيم. ڪا انڊونيشي ڇوڪري ملئي گانو ڳائي رهي هئي:
Engkau berjanji
Hanya aku ang kau nanti
Tapi kini semunaya
Hanya mimpi
Sedih hatiku  kerana
Sijantung hati
Ho ho sijantung hati!
تو مونسان اهو ئي اقرار ڪيو هو
ته آئون ئي اها آهيان جنهن جو تون منتظر آهين
پر هاڻ سڀوئي ڪجهه
فقط خواب لڳي ٿو
منهنجي دل جي ڏک جو ڪارڻ
توسان منهنجي دل هئي. او منهنجا مٺا! منهنجي توسان دل هئي!
مون ريڊيو جي سئي گهمائي ريڊيو ملائيشيا جي FM اسٽيشن تي رکي. ڪا نئين ملئي ڳائڻي ملئي زبان (بهاسا ملائيشيا) ۾ ڳائي رهي هئي:
Apakah rindu ini
Masih Lagi di hati
Tidak kah kau merasa Simpati
Daku terbiar sendiri
Apakah di hatimu
Ada pengganti ku..

ملئي زبانَ ۾ سڪ، يار يا ياد کي رندو Rindu چئجي ٿو. آپا معنيٰ ڇا پر وڌيڪ سوالي بنائڻ لاءِ Kah ڳنڍيو وڃي ٿو. ۽ Ini معنيٰ هيءَ. Di معنيٰ ۾ ۽ هاتي معنيٰ دل Masih lagi معنيٰ اڃا آهي.
هيءَ ڪهڙي سِڪَ اهي
جيڪا اڃا تائين منهنجي دل ۾ موجود آهي.
ڇا تو کي ذرو برابر به  مونسان همدردي نٿي ٿئي.
آئون پنهنجو پاڻَ کي نڌڻڪو (ڌڪاريل) سمجھي رهي آهيان.
لڳي ٿو ته تنهنجو ڪنهن ٻيءَ سان پيار ٿي ويو  آهي....
وغيره وغيره

مون ريڊيو جو آواز اڃان به مٿي ڪيو. پر منهنجو من گانو ٻڌڻ بدران مون تي ٺٺولي ڪري رهيو هو ته مون ريڊيو کنوڻ جي ٺڪائن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ نه وڄايو آهي پر ٿوري دير اڳ اخبار ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڏکوئيندڙ حالتن جي خبر پڙهي ۽ تامل هندوءَ جي ڳالهه ٻڌڻ بعد پيدا ٿيل مونجھ مٽائڻ لاءِ وڄايو آهي،. جيڪو مونجهه انڊونيشي ۽ ملئي ڳائڻين جي غم ۽ جدائي جي گانن ٻڌڻ بعد به لهي نه سگهي. رستي تي لنگي ڳوٺ  آيو. ان بعد Rantau (رنتائو) ڳوٺ.
نگري سمبيلان رياست جي پهرين منتري بسار ـــــ وڏي وزير ـــــ تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد جو ڳوٺ Linggi آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪتاب Memoirs of Mentri Besar پڙهي ساڻس ملڻ لاءِ هتي لنگي ڳوٺ ۾ آيو هوس. پر پوءِ خبر پيئي ته پاڻ ٿورو اڳيان سريمبان شهر ۾ رهي ٿو. شهر جي محل محلاتن کان پري هڪ ڪاٺاڻين گهر ۾ هيڏو وڏو ماڻهو پينشن جي پئسن تي سادگيءَ جي زندگي گذاريندڙ دنيا جي ماڻهن لاءِ مثالي شخصيت آهي.
تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد ۱۹۰۷ع ۾ لنگي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ هن رياست ـــــ نيگري سمبيلان جو پهريون ملئي مسلمان هو. جنهن سنگاپور جي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ پوءِ وڌيڪَ تعليم لنڊن يونيورسـٽي جي اسڪول آف ٽراپيڪل ميڊيسن ۽ چائلنـڊ هيلٿ مان ورتي ۽ چوٿو صدي کن سرڪاري ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ملائيشيا جي پيڪان ۽ سريمبان شهرن ۾ نوڪري ڪئي. ۱۹۵۵ع ۾ رٽائرڊ ٿي سياست ۾ حصو ورتو. ۽ ۱۹۵۹ع ۽ ۱۹۶۴ع جي اليڪشن ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ۽ نگري سمبيلان رياست جو پهريون منتري بسار (وڏو وزير) ٿي رهيو.
تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد انهن نيڪ ماڻهن مان آهي جن وڏي عهدي مان فائدو نه ورتو. مذهب کي Exploit نه ڪيو ۽ ملڪ کي لٽڻ بدران ملڪ، قوم ۽ مذهب جي نيڪ نيتيءَ سان خدمت ڪئي ۽ غريبن، ضرورتمندن کي پنهنجي گهرون ۽ هڙون گهڻي کان گهڻو ڏنو. سندس سادي رهڻي ڪهڻي ۽ زندگي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ڪتابَ مان ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌم. سندس گهر جڏهن پهتس ته پاڻ پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ـــــ جيڪو ڪاٺ جي پاين تي ٺهيل ٿئي، هيٺ لهي مونکي وٺڻ آيو. ساڄي پاسي ڪڪڙين ۽ سهن جو ڄاريءَ وارو ننڍڙو گهر هو. ”وندر جي گهڙين ۾ پنهنجيون يادگيرون لکان يا ڪڪڙين جي نگهباني ڪريان.“ پاڻ کلي ٻڌائين. پاڻ مونکي پنهنجي ٻئي  ڪتابَ جو مواد ۽ ان ۾ لکيل ڪجهه اهم ڳالهين بابت ٻڌايو، جيڪي يقيناً اڄ جي نه فقط ملئي نوجوان لاءِ پر دنيا جي هر هڪ ملڪ جي نوجوان لاءِ نيڪ راهه ثابت ٿي سگهن ٿيون. ههڙن ماڻهن سان ملي هر وقت اهو ڌيان ۾ اچي ٿو ته ڪيڏا وڏا وڏا ماڻهو پر ڪيڏي سندن سادي رهائش ۽ اٿڻي ويهڻي آهي. نه ٺٺ نه ٺانگر. نه ٽيڙي نه وڏائي. شوق ۽ سڌ فقط اها ته ملڪ ترقي ڪري. سندن ڌرتي ۽ ان جا رهواسي خوشحال رهن. ۽ ان پٺيان جند جان هر وقت نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار. ڪردار ايڏو بي داغ جو دشمن به واکاڻ ڪن. ۽ هيءَ ڪهاڻي نه فقط هن ملڪ جي تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد جي آهي پر تنڪو عبدالرحمان ۽ تن رزاق کان وٺي اڄ جي ڪيترن ئي سياستدانن، سرڪاري عملدارن ۽ هتي جي عام ماڻهن جي آهي. ملائيشيا ان ڳالهه ۾ خوشنصيب رهيو آهي جو شروع کان هن کي سٺا حاڪم، سٺا سياستدان ۽ سٺا ڪامورا مليا آهن. نه ته مال ملڪيت، تيل کاڻيون، ٻنيون ٻيلا ته انڊونيشيا، ڪمپوچيا، ٿائلنڊ کان ارجنٽائين، چلي، بوليويا تائين ٽين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. فقط مالي ملڪيت ۽ شين سان ملڪ ترقي نٿا ڪن. انهن پٺيان حاڪم توڙي عوام جي نيڪ نيتي ۽ سچائي هجڻ به ضروري آهي.
لنگي، رنتائو ڳوٺن بعد سريمبان شهر آيو، جتان پوءِ سڌو ڪوالالمپور جو رُخ رکيم. صبح کان وسندڙ مينهن ۾ هاڻ ٺاپر اچي رهي هئي. لڳو ٿي اڳيان ڪوالالمپور ڏي مينهن ناهي. سريمبان کان ڪوالالمپور تائين فيڊرل هاءِ وي ستر ڪلوميٽر کن آهي. رستي تي ٻه دفعا Toll Tax ڏيڻو پوي ٿو. پهرين دفعو هڪ ڊالر ۽ ٻيو دفعو اڌ ڊالر. هي نئون رستو آهي جيئن حيدرآباد کان ڪراچي. هن کان علاوه ٻيا پراڻا رستا پڻ آهن، جيڪي مختلف ڳوٺن منتن، ڪجانگ وغيره مان ڦرندا ڪوالالمپور پهچن ٿا، جيئن پاڻ وٽ ٻيو رستو جهرڪن، ٺٽي گهاري کان ڦرندو وڃي ٿو. ملائيشيا جابلو ملڪ آهي. گذريل پنجن ڇهن سالن کان هتي جي حڪومت رستن تي چڱو خرچ ڪيو آهي. جبلن کي ٽڪي يا سرنگون ٺاهي مختلف ڳوٺن ۽ رياستن کي نه فقط ملائڻ لاءِ نوان رستا ٺاهيا ويا آهن پر هن قسم جا ويڪرا هاءِ وي ٺاهي گاڏيون هلائيندڙن جي وقت ۽ پيٽرول جو پڻ بچاءُ ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي پڻ آمريڪا وانگر اهڙن نون ۽ سهوليت وارن رستن تان هلڻ لاءِ جتي ڪٿي رستي جو ٽال ٽئڪس ڊالر اڌ ڏيڻو پوي ٿو ـــــ جيئن ان رستي جو خرچ نڪري ۽ ٻيا رستا پڻ ٺاهيا وڃن. هن قسم جو جتي ڪٿي ٽئڪس اوڳاڙڻ تي، هتي جي عوام اخبار ذريعي سوال بازي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ هتي جي ڪمن جي وزير داتڪ سئمي ويلوءَ سمجهايو ته اسان جهڙن ملڪن جي ترقيءَ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي. ۽ اهو ٽئڪس سندس پاران نه پر حڪومت پاران آهي. يعني پرائيم منسٽر جي موڪل سان آهي. ان تي ٻئي ڏينهن هتي جي اخبار ۾ لات نالي هڪ ڪارٽونسٽ هڪ دلچسپ ڪارٽون ڏنو هو ته مٿيون وزير Datuk Samy Velu گهر پهچڻ تي ڏسي ٿو ته سندس گهر اڳيان، گهر ۾ اندر گهڙڻ لاءِ رستي جو ٽئڪس اوڳاڙڻ وارا ڪاٺ جي آفيس ٺاهيو ويٺا آهن. ڪاوڙ مان کانئن پڇي ٿو: ”منهنجي گهر ۾ وڃڻ لاءِ  مونکان ٽئڪس اوڳاڙڻ لاءِ توهان کي ڪنهن چيو آهي؟“
”پرائيم منسٽر.“ هنن ٺهه پهه جواب ڏنس.
پوري ڏهين بجي ڌارين ڪوالالمپور شهر ۾ گهڙيس. اڌ شهر کي گهيرو ڪندڙ رستو جالان تن رزاق (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ Pekliling Road سڏبو هو.) وٺي کاٻي پاسي ائمپنگ روڊ تي مڙيس. ائنپنگ روڊ تي نه فقط پاڪستان ايمبسي آهي پر پي آءِ اي جي آفيس پڻ آهي. هڪ ٻئي جي ايترو ويجھيون آهن جو پنڌ اچي وڃي سگهجي ٿو. مونکي ٻنهي هنڌ وڃڻو هو. ايمبسيءَ ۾ پاڪستان جي سفير سيد عظمت حسن ۽ قانصلر مس فوزيه نسرين سان ۽ پي آءِ اي جي آفيس ۾ اڏيري لعل جي اسرار شاهه سان ملڻو هو.
ائمپنگ روڊ جي کاٻي پاسي پهرين انگڪا سارايا بلڊنگ ۾ پي آءِ اي جي آفيس اچي ٿي. هيٺ بهري Basement ۾ ڪار پارڪ ڪري گرائونڊ فلور تي پي آءِ اي جي آفيس ۾ آيس. رسيپشن هال ۾ ملئي ڇوڪري ازبان ۽ هڪ چيني ڇوڪري آيل مسافرن لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ٺاهڻ ۾ مشغول هئي. سندس پويان ڀت تي ملئي (Jawi) زبان ۾ وڏو ساون اکرن ۾ فيڪستن انٽرنيشنل ايئرليئنزز لکيل هو. (ملئي زبان ۾ پ نه هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ پاڪستان فيڪستن ٿيو وڃي.) ڪنڊ ۾ ٻه نوجوان سک ڪَلف لڳل پڳڙين ۽ ڄاري ٻڌل ڏاڙهين ۾ ويٺا هئا. هو نانڪانا ۽ حسن ابدل ۾ پنهنجين پاڪ جاين جي زيارت لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ آيا هئا. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ سک هر سال پاڪستان اچن ٿا جتي هنن جا مذهبي مڪان ۽ گردوارا آهن.
سک مذهب جو اڳواڻ ۽ پهريون گرو بابا گرونانڪ ۱۴۶۹ع ۾ پاڪستان جي شهر لاهور جي ويجھو نانڪا صاحب ۾ ڄائو هو. سو ظاهر آهي اها جاءِ سک عقيدتمندن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. اتي گرونانڪ جي ياد ۾ هڪ سک گوردوارو، جنم اسٿان نالي مهاراجا رنجيت سنگهه ٺهرايو هو. ان کان علاوه سکن جون ٻيون به ڪيتريون ئي پاڪ شيون ۽  ننڍا ننڍا عبادت گهر آهن. هر سال نومبر ڌاري گرونانڪ جي ورسي ملهائي ويندي آهي ۽ هينئر ڪوالالمپور جي پي آءِ اي جي آفيس ۾ هي ٻه سک همراهه گرونانڪ جي اٺ سؤ ڏهين ورسيءَ لاءِ پاڪستاني هوائي جهاز ذريعي اوڏانهن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ آيا هئا. پاسي واري ڀت ۾ لڳل رئڪ ۾ پي آءِ اي وارن طرفان اشتهار بازي ۽ معلومات لاءِ مفت ڏيڻ لاءِ ٽن قسمن جا ڇپايل ڪتابڙا رکيا هئا. هڪ ۾ پاڪستان جي مشهور رانديگرن جون تصويرون ۽ انهن بابت احوال هو. ٻيو، حج بابت ڏيڍ سؤ کن صفحن جومفصل ڪتاب هو. منجھس حج جي سلسلي ۾ مختلف معلومات رنگين فوٽن سميت هئي ـــــ رهائش ۽ سفر کان وٺي دعائن تائين. ٽيون ڪتاب سکن جي ان پاڪ مڪان نانڪانا صاحب ۾ پهچڻ ۽ اتي جي گوردوارن بابت هو. ڪتابڙي جي ٻاهرين صفحي تي ان وڻ جي تصوير ڏنل آهي جنهن هيٺان گرونانڪ، پنهنجي پيءُ جي نافرماني ڪرڻ بعد پشيمان ٿي اچي ويٺو هو. آخري صفحي تي گرونانڪ جي وڏي اڇي ڏاڙهي ۽ پٽڪي سان تصوير آهي ۽ ان هيٺان ڀڳت ڪبير جو پنجابي شعر رومن انگريزيءَ ۾ هن ريت لکيل آهي:
“Awal Allah noor upaia
Kudrat ke sab bande
Ek noor te sabh jag
Upjea kaun bhale kon mande.”
آئون اهي ڪتاب ڏسي رهيو هوس، تيسين سنهي جسم ۽ سنهي منهن واري ملئي ڇوڪري مس ازيان واندي ٿي. مون کانئس سندس مئنيجر اسرار شاهه جو پڇيو ته ڪيڏي مهل ايندو. هڪ ڏينهن اڳ ملاڪا مان فون ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته هو ميٽنگ ڪري آفيس ۾ دير سان ايندو. پر هاڻ هن ٻڌايو ته اها ميٽنگ ڪئنسل ٿي وڃڻ ڪري نائين کان هتي آهي. آئون ساڻس ملڻ لاءِ، اڪائونٽ ڊپارٽمينٽ جو ڪمرو لتاڙي سندس آفيس ۾ گهڙيس.
پرديس ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جو پنهنجي سفارتخاني ۽ هوائي ڪمپنيءَ وارن سان رابطو رهي ٿو. ٽي چار سال کن اڳ هتي جو مئنيجر شير خان هو، جنهن سان مسٽر ظفر زبيريءَ ملايو هو. ظفر زبيري صاحب مون وانگر مئرين انجنيئر آهي. پاڻ ڪافي عرصو پاڪستان جي جهازران ڪمپني P.N.S.C ۾ ٽيڪنيڪل  ڊائريڪٽر رهيو.  ان بعد ملائشيا جي شپنگ ڪارپوريشن MISC ۾ ساڳي پوسٽ تي ٽي سال کن رهي، هاڻ پنهنجو نئون عهدو سنڀالڻ لاءِ ڪراچيءَ جي شپ يارڊ لاءِ وڃي رهيو هو. آئون انهن ڏينهن ۾ملائيشيا ۾ نئون آيو هوس. ڏکئي وقتَ ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن مونکي پنهنجي دوست شير خان سان ملايو هو. شير خان ـــ قداور ۽ ڪسرتي  جسم وارو هو.  جهڙو شڪل ۽ ڪپڙي گنديءَ ۾ صاف سٿرو هو، اهڙو سندس اندر اجرو ۽ صاف سٿرو هو. ملڻ ملائڻ ۽ ڪم ڪار جو مڙس ماڻهو هو. پاڻ ان  بعد سال ڏيڍ کن ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ هو ۽ ساڻس ملاقات ٿيندي رهي. نئون مئنيجر جميل آيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڍاڪا ۾ به رهيو هو. جميل هتي جي ايئرٽريول ڪمپنين سان ملي هتي  جي ماڻهن کي پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ ۽ پاڪستان گهمڻ جي ڪوشش  ڪئي، جيئن  ٻين ملڪن جو ايئر لائينون ڪري  رهيون آهن.  جنهن سان نه فقط هوائي جهازن جي ڪمائي ٿي رهي آهي پر پنهنجي ملڪ جي ٽوئرزم پڻ وڌائي رهيون آهن. پر افسوس جو ان ڏس کي کيس ايتري ڪاميابي نصيب نه ٿي جيتري هن جفاڪشي ڪئي.
جميل ڪوالالمپور ۾ گهڻو  نه رهيو. سندس جاءِ تي اڏيري لعل  جو سيد اسرار شاهه مئنيجر ٿي آيو، جيڪو اڃا تائين آهي. اسرار شاهه جي اچڻ جو مونکي پاڪستان ايمبسيءَ جي پريس اٽيچي مسٽر وڪيل ملڪ ٻڌايو. ”تون پي آءِ اي جي سائينءَ سان نه مليو آهين؟ ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. ڪراچي مان بدلي ٿي آيو آهي. خالد صاحب سان ته سنڌيءَ ۾ خوب ڪچهري ڪندو آهي. خالد صاحب چڱو عرصو سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو آهي سو سٺي سنڌي ڳالهائي ٿو.“
اسان جي ملڪي سفارتخانن، بئنڪن، هوائي ڪمپنين ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي بنهه ۽ نه برابر آهي. سو اتي هڪ هم زبان ۽ وري ساڳي علائقي جي همراهه جو ٻڌي خوشي ٿيڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي. ويتر جو خبر  پيئي ته اسان جا ڪيترا ئي مائٽ ۽ دوست هڪ ٻئي جا سڃاڻا آهن ته پوءِ هر دفعي ملاقات ۾ پنهنجين خبرن سان گڏ انهن يارن: ڊاڪٽر اسلم گهلو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، رفيع ڪاڇيلو، بجاراڻي، ٺٽي جي حميد ميمڻ ۽ فيض ميمڻ، ظفر جمالي، جبار جمالي ۽ ٻين جون  ڳالهيون ڪري کين ياد ڪندا هئاسين. شاهه صاحب اڙدو، سنڌي، انگريزيءَ کان علاوه جرمن زبان جو پڻ ڄاڻو آهي. ڪنهن زماني ۾ ٿوري گهڻي يوناني ۽ ڊچ پڻ ايندي هيس پاڻ تعليم ۽ نوڪرين جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي رهيو. بنيادي تعليم اڏيرو لعل مان حاصل ڪري، پوءِ ڏهه سالَ ڪوئٽا جي گرامر اسڪول ۾ سينيئر ڪئمبرج تائين پڙهيو.
”شاهه صاحب! گستاخي معاف.“ هڪ دفعي مون کانئس پڇيو؛ ”توهان سيد وڏيرا ٿي ڪري، هڪ ڳوٺڙي مان ننڍي عمر ۾، مائٽن کان پري، ڪوئيٽا جي گرامر اسڪول جهڙي اداري ۾ تعليم لاءِ ڪيئن ويائو ـــ جتي جي پڙهائي تمام سخت چئي وڃي ٿي ۽ جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ڪيترن سيدن، پيرن، وڏيرن کي تعليم جهڙي ڳالهه ڏي ايترو ڌيان نه هو؟“
”هائو. اها ڳالهه صحيح ٿا ڪريو. ان لاءِ ڪريڊٽ منهنجي والد مرحوم حاجي محمد صالح شاهه کي ملڻ کپي، جنهن ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ رهڻ جي باوجود به تعليم حاصل ڪرڻ کي اهم سمجھيو ٿي. رفيع ڪاڇيلو  کي به اوڏانهن موڪلڻ لاءِ بابي مرحوم جو هٿ هو. پاڻ رفيع جي پيءُ مرحوم عبدالصمد ڪاڇيلو کي ان بابت نه فقط صلاح ڏنائين پر زور پڻ ڀريائين. الله جي فضل سان تن ڏينهن ۾ سنڌ جي زميندار، وڏيري، پير وٽ پئسي جي کوٽ نه هئي. پر پڙهائيءَ لاءِ سواءِ چند ماڻهن جي ٻين کي نه پنهنجو شوق هو ۽ نه ڪنهن سندن رهنمائي ڪئي ٿي. نه ته اڄ ڪيترن ئي سيدن پيرن  وڏيرن جو اولاد ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي، حميده کهڙو، غوث علي شاهه جيان سرجن، پروفيسر، جج، انجنيئر وڪيل هجن ها.“
اسرار شاهه ۾ هڪ ڳالهه محسوس ڪيم ته هن کي هڪ ته بي علم يار پسند  ناهي. هو اهو ئي چاهي ٿو ته هر هڪ تعليم ضرور وٺي علم حاصل ڪري ۽ محنت مزدوري ڪري ڪمائي. هن پنهنجي ڀائيٽي مشتاق شاهه جومثال ڏيندي هڪ دفعي ٻڌايو ته ڪيئن پاڻ کيس سول سروس جي امتحان لاءِ سختيءَ سان محنت ڪرائي امتحان پاس ڪرايو. ”ان بعد هن ڪسٽم جو کاتو کڻڻ چاهيو ٿي. پر مون کيس سمجھايو: ”تو کي رب پاڪ پئسي جي ڪا کوٽ نه ڏني آهي. ڪسٽم آفيسر ٿيندين ته غريبن کي ڪهڙو سنئون سڌو فائدو ٿيندو. وڌ ۾ وڌائون ٽي بئگون کڻي ايئرپورٽ تي لهندس ته کڻي ٻه چار سؤ رپيا ڊيوٽيءَ جا ڇڏيندين. ان کان ته پوليس جهڙو ادارو کڻ جنهن ۾ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري غريبن جي پڻ مدد ڪري سگهين ٿو.“ هن منهنجو چوڻ مڃي ائين ئي ڪيو. اڄڪلهه هو ٺٽي بدلي ٿي آيو آهي. ان کان اڳ ۱۹۸۶ع ۾ ڪجهه عرصو ميرپور خاص ۾ ڊي ايس پي هو.“
”ڀلا ملائيشيا جي پوليس توهان کي ڪيئن لڳي ٿي؟“ مون پڇيومانس.
”انگريز جتي به رهيا آهن اتي هنن پوليس، ريل، ٽپال، ڪورٽون، انتظاميه جهڙا ادارا نه فقط ٺاهيا پر انهن کي انصاف، سختي ۽ ايمانداريءَ سان هلايو. تڏهن ته چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي راڄ ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پيئن ٿا. انگريزن جي وڃڻ بعد، ڪي ملڪ انهن ادارن کي اهڙِ ئي ايمانداري ۽ سختيءَ سان هلائيندا اچن ته ڪن ۾ بي ايماني رشوت ۽ فرض پورو نه ڪرڻ ۽ طرفداريءَ جهڙيون تباهي آڻيندڙ ڳالهيون ڪاهي پيون آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور اهڙا ملڪ آهن جن ۾ اڄ تائين نه فقط انگريزن وارو ساڳيو طريقو هلندو اچي پر پاڻ ان ۾ سختي ۽ وڌيڪَ سٺائي آئي آهي. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جو جوڊيشري، انتظاميه ۽ خاص ڪري  پوليس هڪ مثالي کاتو آهي، جنهن جي ڏورانهن ملڪن کي پڻ سبق حاصل ڪرڻ کپي. هتي جي پوليس بي ڏوهيءَ ۾ هٿ نٿي  وجھي. غريب ۽ منجھيل شهريءَ جي مدد ڪري ٿي پر بدمعاش ۽ ڏوهاريءَ کي بنهه نٿي ڇڏي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چاهي غريب هجي يا وڏو ماڻهو، هو پوليس کان ڀڄي نٿو سگهي. ملائيشيا جي پوليس ۾ جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن پر خوشي ٿي ٿئي ته هو ڪيڏو چست، سمارٽ ۽ فرض شناس آهن. هنن کي ملڪ لاءِ ڪيڏو درد آهي. رشوت يا اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جو پاسو کڻڻ جهڙي شيءِ مور نه اٿن. خير اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو سبب اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هتي جي پوليس جو پگهار گهڻو آهي. کين اوچيون گاڏيون موٽرون مليل آهن. طبي ۽ ٻارن جي تعليم جون وڏيون سهوليتون مليل اٿن، ان ڪري  کين لالچ ناهي. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ڏسي کين احساس ڪمتري نٿو ٿئي. پر منهنجي خيالَ ۾ سندن ايماندار هجڻ جو اهو سبب ناهي. پگهار وڏا اٿن پر اهڙا وڏا به نه اٿن. منهنجي نظر ۾ ملائيشيا جي پوليس جي ايماندار ۽ هڏ ڏوکي هجڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته کين پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ درد آهي. هو پنهنجي ملڪ کي بيحد گهڻو چاهين ٿا. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کي ملائيشيا کان سکڻ کپن.“
اسرار شاهه کي سنڌ جي وڏيرن، سيدن ۽ ميرن پيرن  جي ٻي اها ڳالهه پسند نه آهي ته هو ٿوري گهڻي  ڳالهه تي پنهنجيون  زمينون وڪڻي، گهرجون پوريون ڪن ٿا.
”زمين هرگز وڪڻڻ نه کپي.“ هڪ دفعي ڳالهين دوران هن پنهنجو خيال ٻڌايو؛ ”آئون ته پنهنجن  مائٽن ۽ دوستن کي هر وقت اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته جنهن جي پيرن هيٺان زمين  ناهي ان جي ڪا حيثيت ناهي. پاڻ  وٽ ته سنڌيءَ ۾ به ان لاءِ چوڻي آهي ته ٻنيون ۽ ونيون مئي مارائي بنا نه ڏجن. هينئر آئون  ڪراچيءَ هوس، زمينون پري ٿيون، تڏهن به مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا اڏيرو لعل وڃي نظر ڪري آيس. ماڻهو کڻي ڪهڙي به ولايت ۾ رهي پر آخر ۾ وري به هن کي پنهنجي پَٽَ جي ڇڪ ٿئي ٿي. آئون ته اهو پيو سوچيان ته ڪو اهڙو قانوني طريقو ڳوليان جنهن موجب منهنجو پٽ جيڪو اڃا ته ٻن سالن جو صغير آهي، وڏو ٿي به پنهنجي زمينَ وڪڻي نه سگهي.“
ڪوالالمپور جي پي آءِ اي آفيس جو مئنيجر اسرار شاهه لڳ ڀڳ چاليهه سالَ ڄمار جو هوندو. پاڻ سينيئر ڪئمبرج ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ بعد انٽر سائنس ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ گريجوئيشن بلوچستان يونيورسٽيءَ مان. پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ پاڻ اڍائي سالَ کن ائمسٽراڊم ۾ ۽ ٻه سالَ کن يونان ۾ پڻ نوڪري ڪئي. ائمسٽرڊام ۾ هن جڳ  مشهور ”ٽائيم ــــ لائيف ڪارپوريشن“  ۾ ڪم ڪيو، جتي جرمن ۽ ڊچ زبانون پڻ سکيون. يونان ۾ هن پورس (Poros) نالي ٻيٽ تي پان هيلانڪ هوٽلن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو. هي ٻيٽ يونان جي مشهور شهر اٿينس کان  پاڻي  واري جهاز رستي ٽن ڪلاڪن جي پنڌَ تي آهي. ان بعد اسرار شاهه پاڪستان اچي ڪجهه عرصو سنڌ روڊ ٽرانسپورٽّ SRTC ۾ نوڪري ڪئي. جنهن بعد ۱۹۷۵ع ۾ هو نه فقط پي آءِ اي جي ٿيندڙ چونڊ ۾ کنيو ويو پر نوڪري ملڻ تي جنهن محنت ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪري ٿوري عرصي ۾ جيڪي پروموشن حاصل ڪيا، سي قابلِ تعريف آهن.
مون جھٽ پٽ سندس گهرايل چانهه پي چيومانس: ”شاهه صاحب اڄ گهڻو وقت نه ويهندس. هڪ دوست کان ڪئميرا وٺي آيو آهيان. توسان ۽ ٻين سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ٿيو اٿم. ڪنهن  کي گهراءِ ته پنهنجو فوٽو ڪڍي.“
هن پنهنجي سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ سڏايو ۽ اسان گڏ ٿي بيٺاسين.
”فوٽو سٺو ڪري ڪڍجانءِ نه ته تنهنجو خير ناهي.“ شاهه صاحب ان چيني ڇوڪريءَ سان چرچو ڪندي چيو. هن غريب ته جواب نه ڏنو پر مون دل ئي دل ۾ چيو: ”جهڙي شڪل هونديسين اهڙو ئي فوٽو ايندو، هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي.“
”ڀلا بيهي ڪڍايون يا ويهي؟“ شاهه صاحب مون کان پڇيو.
”منهنجي خيالَ ۾ هڪ بيهي، هڪ ويهي.“ مون وراڻيومانس.
ڇوڪري فوٽو ڪڍڻ واري هئي ته ڪو اوچتو خيال آيس ۽ صلاح ڏنائين ته ڪرسي ۽ ميز جي پسِ منظر ۾ ٿي بيهون. سو ٽيبل اڳيان ٿي بيٺاسين. سامهون ڀت تي سڄي دنيا جو رنگين وڏو نقشو لڳل هو. مون ڇوڪريءَ کي ٿوري دير ترسڻ لاءِ چئي شاهه صاحب کي صلاح ڏني: ”يار شاهه صاحب هن نقشي جي اڳيان ڇو نه ٿي بيهون“
”واهه واهه!“ شاهه صاحب هائوڪار ڪندي نقشي جي اڳيان ٿي بيٺو ۽ پوءِ جڏهن ڇوڪريءَ فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا جو بٽڻ دٻايو ته بٽڻ دٻجي ئي نه.
”ڪئميرا لاڪ ته نه ٿيل آهي؟“
”نه لاڪ به نه آهي.“
”فلم رول ختم ته نه ٿي ويو آهي “
”اهو به نئون پيل آهي.“
ڪئميرا کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايوسين پر ڪجهه نه ٿيو. ڇوڪريءَ ٻڌايو ته سامهون ائمپنگ پلازا ۾ فوٽو گرافر جو دڪان آهي. اهو شايد ڪئميرا ٺاهي سگهي ٿو.
ٿوري دير بعد نوڪر ڪئميرا کڻي آيو ته دڪاندار ٿو چوي ته ڪئميرا منجهه رول گهمائڻ واري موٽر جئم ٿي ويئي آهي۽ مرمت لاءِ ڪئميرا کي ورڪشاپ موڪلڻو پوندو.
شاهه صاحب کي چيم ڪئميرا ڏاڍي ٻڌائي. استعمال ٿيڻ کان اڳ مرمت ۽ سروس جي ضرورت اٿس. افسوس به ٿيو ته جنهن ڪم لاءِ آيس ۽ اڌ ڪلاڪ پوز ٺاهڻ ۾ لڳو اهو ڪم نه ٿيو، پر پوءِ کلي شاهه صاحب کي چيم ته يار چڱو جو هيءَ جٺ هتي ئي ٿي ۽ پهرين تو وٽ آيس نه ته پهرين پنهنجي سفير عظمت حسن صاحب وٽ پئي ويس. اجايو ان جو وقت خراب ٿئي ها.
ڪئميرا کي سندس چمڙي جي پوٽڙيءَ ۾ بند ڪري، شاهه صاحب کان کلي موڪلايم: ”شاهه صاحب هاڻ هيئن ڪجانءِ جو پاسپورٽ يا ڊرائيونگ لائسنس لاءِ تنهنجي ڪڍايل ڪاري اڇي فوٽوءَ جي ڪاپي بچيل هجي ته اها مون ڏي ملاڪا موڪلي ڏجانءِ ته يادگار طور البم ۾ هڻي ڇڏيان.“
”پوءِ ڪئميرا جو ڇا ٿو ڪرين؟“
”ڪندس وري  ڇا. مالڪن کي مبارڪ وڃي ٿو ڏيان ته  سٺي ڪئميرا آٽوميٽڪ ورتي اٿوَ.“
”فوٽو ڪڍڻ واري ڇوڪريءَ جي نظر لڳي  ويس.“ شاهه صاحب چيو.
”نظر نه پر دعا اُگھامي ويس جو فوٽو جي اچن ها ته کيس سور سجھيا ٿي ته اهي ڪهڙا اچن ها. اجايا دڙڪا کائي ها. بهرحال شاهه صاحب هن ملاقات جو احوال لکڻ کان اڳ تنهنجي فوٽوءَ لاءِ وري ايندس ـــ ٻي ڪنهن کان ڪئميرا وٺي.“
ڪار ۽ ڪئميرا کي اتي انگڪاساريا بلڊنگ جي پارڪنگ لاٽ ۾ ئي ڇڏي ٻاهر ائمپنگ روڊ تي آيس، جنهن جي هڪ پاسي منگ ڪورٽ هوٽل ۽ BMF پلازا جهڙيون عمارتون آهن ۽ ٻئي پاسي ٻارن جي اسڪول بعد پاڪستان ايمبسيءَ جي عمارت آهي. وڏي ڪشادي  لان جي پويان پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ واري هيءَ عمارت پري کان نمايان لڳي  ٿي. لڳي ٿو ته ملايا کي آزادي ملڻ سان جن ملڪن هتي اچي يڪدم سفارتخانا کوليا، پاڪستان پڻ انهن مان هڪ آهي. تڏهن ته پاڪستان ايمبسيءَ جي شهر جي وچ ۾، ههڙي اهم رستي تي، ههڙي پراڻي ۽ وڏي عمارت  آهي. نه ته ٻيون ايمبسيون پري  پري ڪنڊ پاسن ۾ آهن.
پاڪستان ايمبسيءَ جي رسيپشن تي ويٺل ملائيشين عورت کي Selamat Pagi (خير هجي صبح جو) چئي مٿي قانصلر صاحب ـــ بلڪه صاحبا ـــ مس فوزيه نسرين جي آفيس ۾ آيس. اڄڪلهه مردن سان گڏ پاڪستاني عورتون پڻ سول سروس، پوليس، جوڊيشنري ۽ فوج جهڙن کاتن ۾ نظر اچن ٿيون. فارين سروسز ۾ مس فوزيا نسرين  پهرين  عورت آهي، جنهن سان منهنجي هتي ڪوالالمپور ۾ ملاقات ٿي. پاڻ گذريل سال ملائيشيا ۾ فرسٽ سيڪريٽري ٿي آئي هئي ۽ سگهو ئي قانصلر جي عهدي تي پروموشن ٿيس. پاڻ اسان جي دوست ظفر شيخ جي ڪلاس ميٽ آهي، جيڪو پڻ ويجھڙائيءَ ۾ بنگلاديشَ مان بدلي ٿي سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو قانصلر مقرر ٿيو آهي.
ٿوري دير فوزيا نسرين جي آفيس ۾ ساڻس ۽ نئين آيل پريس اٽيچي مسٽر وڪيل ملڪ سان خبر چار ڪري پوءِ ڪجهه دير سفير کي کيڪارڻ ۽ پنهنجو نئون ڪتاب ڏيڻ لاءِ ويس. وڪيل صاحب کان  خبرن دوران هتي جي نيوز ميڊيا جي ڳالهه نڪتي ته ملائيشيا اهو  ملڪ آهي، جتي اخبارن، ٽي وي، ريڊيو جا اڌ کان وڌيڪَ نيوز رپورٽر، جرنلسٽ ۽ ليکڪ انڊين آهن. جيڪي هونءَ کڻي هاڻ ملائيشن سڏجن ٿا پر ظاهر آهي قدرتي طرح هنن جو اڄ به لاڙو انڊيا ڏي وڌيڪَ آهي. پاڪستان جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ حقيقت  ڏي ڌيان ڏيارڻ لاءِ اسانکي ڪافي مقابلو ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي.
 فوزيا نسرين کي چيم: ”هڪ سوال پڇانءِ؟“
”منهنجي خيالَ ۾ نه ئي پڇ.“ هن پنهنجي سٺي ۽ کلمک طبيعت جو هميشه وانگر اظهار ڪندي جواب ڏنو.
”نه سوال ضرور پڇڻ چاهيان ٿو. هر دفعي ملاڪا پهچڻ تي ياد اچيم ٿو. اڄ اهو پڇي پوءِ هتان روانو ٿيندس.“
”چڱو پڇ“
.پنهنجي ملڪ ۾ جتي گهڻو ڪري ڇوڪريون ليڪچرار، ڊاڪٽر، بئنڪر يا وڌ ۾ وڌ وڪيل ٿيڻ چاهين ٿيون اتي  توهان کي فارين سروسز جو شوق ڪيئن ٿيو؟“
”خبر اٿوَ. مون به ليڪچرار ٿيڻ چاهيو ٿي.“ فوزيا کلندي وراڻيو.
”ڇو ڀلا؟“
”ڇو ڀلا! ها. مون جڏهن انگلش ۾ ايم اي ڪئي پئي ته اسان جي ڪاليج ــــ ”لاهور ڪاليج فار وومين“ ۾ مسز سراج نالي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هوندي هئي. بيحد قابل هئي. سندس پڙهائڻ جي اسٽائيل مان ڏاڍو متاثر هيس. هميشه چاهيندي هيس ته ايم اي ڪرڻ بعد آئون به آپا مسز سراج وانگر ليڪچر ڏيان، پڙهايان.“
”پوءِ هن پاسي ڪيئن رُخ رکيانوَ؟“
”۱۹۷۲ع ۾ مون ايم. اي ڪئي. ان بعد سپيرئر سروس لاءِ ويٺس، جنهن ۾ سٺو نمبر کنيم. ۽ پوءِ مائٽن جي صلاح موجب ـــ خاص ڪري منهنجي مامي جي رهنمائيءَ هيٺ هيءَ برانچ اختيار ڪيم. منهنجو مامو قاسم رضوي پڻ سول سروس ۾ رهي چڪو آهي.“
”هن کان اڳ توهان جو ڪٿي ڪٿي رهڻ ٿيو؟“
”آئون گهڻو وقت ايران ۾ رهي آهيان. ۱۹۷۶ع کان وٺي ۱۹۸۱ع تائين. ان کان اڳ ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ رهڻ ٿيو اٿم ۽ هاڻ ۱۹۸۶ع کان هتي ملائيشيا ۾ آهيان.“
ڪو زمانو هو ولايت ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي سفارتخاني ساڻ هميشه شڪايت رهندي هئي. ان سلسلي جا ڪيترا ئي خَطَ اخبارن ۾ پڻ ايندا هئا ته فلاڻي ملڪ ۾ پنهنجي ايمبيسيءَ ۾ وياسين پر پاسپورٽ نئون ڪري نه ڏنائون. يا گم ٿيل پاسپورٽ وري ٺاهي نه ڏنائون. يا منجھيل ڳالهه لاءِ صحيح طرح رهنمائي نه ڪيائون. تڪليف ۾ هئاسون. پنهنجي ايمبسيءَ وارن کنگهيو به ڪو نه. ڀر  ۾ انڊين ايمبسيءَ وارن پنهنجن انڊين سان گڏ اسان جي به مدد ڪئي. يا چين جي سفارتخاني مدد ڪئي.
اهو ۱۹۷۰ع کان اڳ وارو دور هو. نه فقط اخبارن ۾ پر ماڻهن جي واتان پڻ ٻڌبو رهبو هو. ڀٽي صاحب هڪ ڳالهه ڪئي جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ آسان ڪيائين. ان سان عوام کي به فائدو ٿيو ته حڪومت کي به. ان کان علاوه ٻاهر رهندڙن جو خيال رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ايجنسيون ــــ ولايت ۾ نوڪري ڏيارڻ جو کاتو (Overseas Employment)، نوڪريءَ جو بچاءُ کاتو ۽ ٻيا ڪيترا ئي ادارا ان دور ۾ ۽ ان کان پوءِ ئي کليا. ساڳي وقت سفارتخانن ۾ هڏ ڏوکي، قابل ۽ ڪم جو اڇت اڪلاءُ ڪرڻ وارا آفيسر چونڊبا رهيا. ملڪ ۽ ماڻهن جي مدد  ڪرڻ وارا نيڪ نوجوان فارين سروسز ۾ اچڻ لڳا. هاڻ اسان جي سفارتخانن جو اميج ڪجهه ٻيو آهي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾، مختلف ملڪن ۾ مٿاڇري طرح ۽ ملائيشيا ۾ چڱيءَ طرح جائزو وٺڻ بعد هن کاتي جي اعليٰ ڪارڪردگي جي اهميت ۽ قدر جي وڌيڪَ ڄاڻَ پوي ٿي ته پرديس ۾ رهندڙ اسان پاڪستانين جو گهر کان ڏور سفارتخانا، ملڪ جي حال سارو رکيل گهٽ اسٽاف ۽ گهٽ بجيٽ هوندي به جنهن نموني سان هڪ طرف پرديسَ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ڌارين ملڪن کي پنهنجي ملڪ جي تهذيب ۽ ڪلچر کان واقف ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه قابلِ داد آهي ۽ هن سڄي تر ۾ ملائيشيا ۾ موجود اسان جو سفارتخانو ته سڀ کان اڳيان اڳيان آهي.
۱۹۸۲ع ملائيشيا آيو هوس ته ان وقت بلگرامي صاحب ڪوالالمپور ۾ پاڪستان جو سفير هو. پاڻ پراڻو سفير ۽ نيڪ انسان هو. سندس اسٽاف چوڌري صلاح الدين کان وٺي گل خطاب عباسيءَ تائين ـــ پرديسَ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن بلگرامي صاحب جو هارٽ اٽيڪ ڪري اوچتو  موت ٿيو ته نه فقط پاڪستانين کي ڏک ٿيو پر انهن ملائيشين کي پڻ جن جا ڏاڏا پڙڏاڏا ڪنهن زماني ۾ پاڪستان کان لڏي هتي ملائيشيا ۾ هميشه لاءِ اچي رهيا ۽ هينئر هنن عيد برات ۽ ٻين غمي خوشين جي ڪاڄن ۾ پنهنجو پاڻ کي پاڪستانين سان منسوب ڪيو ٿي.
بلگرامي صاحب کان پوءِ ملائيشيا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جا پهريان ماڻهو جيتوڻيڪ بدلي ٿي ويا ـــ چوڌري صلاح الدين کان وٺي عباسي صاحب تائين، پر جيڪو نئون اسٽاف آيو: سفير سيد عظمت حسين کان وٺي قونصلر فوزيا نسرين ۽ پريس اٽيچي وڪيل مَلڪ تائين، انهن پڻ ساڳيو وهنوار رکيو ۽ پهرين جي ياد ضرور رهي پر کوٽَ جو احساس نه ڏياريو. ڪيترا دفعا لنچ ٽائيم ۾ وڃڻ ٿيو آهي ته به هتي جو اسٽاف ڪم ۾ رڌل نظر آيو آهي. بقول قونصلر فويزيا نسرين جي ”جيسين ڪم پورو نه ڪندي آهيان چين نه ايندو اٿم.“ سفير صاحب پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي، ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ۽ پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ نه فقط ننڍا وڏا مسئلا حل ڪيا هوندا پر نوڪريون پڻ وٺرائي ڏنيون هونديون جيئن اسان جا  ڊاڪٽر، اسان جا انجنيئر، اڪائونٽنٽ، پورهيت هڪ طرف غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگهن ته ٻئي طرف محنت ۽ لڳاءَ سان نوڪري ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن. البت عظمت صاحب کي اها شڪايت ضرور رهي آهي ته اسان جي نوجوان کي هر نوڪري پئسي جي ساهميءَ ۾ تورڻ نه کپي. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي پاڻ پاڪستان کان آيل، نوجوان ڊاڪٽرن بابت ٻڌايو ـــ جن کي ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا حڪومت نوڪري لاءِ گهرايو. پر انهن مان ڪجهه خوش نه آهن جو هڪ ته کين شهرن بدران ڳوٺن ۾ نوڪري ڪرڻ واري ڳالهه ناپسند آهي ٻيو ته پگهار گهٽ لڳين ٿو.
”توهان جو پگهار ڪيترو آهي؟“ سفير صاحب  مون کان پڇيو.
”تمام گهٽ پاڪستان جيترو ئي آهي.“ مون وراڻيو، ”آئون سمجھان ٿو ته هن پاسي جي ملڪن جا پگهار عرب ملڪن يا انگلينڊ آمريڪا جيترا نه آهن. انهن جي اڌ جيترا به نه آهن.“ ”پر اهو آهي ته هنن ملڪن جي موسم ۽ ماحول سٺو آهي. چرپر جي آزادي ۽ عزت آهي.“ سفير ٻڌايو. ”عرب ملڪن ۾ پگهار کڻي گهڻو آهي پر اهو ته سوچجي ته اتي جي موسم ڪيڏي سخت آهي. ماحول ڪيڏو اوپرو آهي. کاڌي پيتي جي ڪيڏي مهانگائي آهي ۽ اتي (عرب ملڪن ۾) نوڪريءَ جي ڪيڏي غيريقيني صورتحال ٿيندي وڃي. هڪ نوجوان ۽ تازي گريجوئيٽ کي شروعات ڪرڻ ۽ ڪم سکڻ لاءِ ڪٿي به نوڪري ملي ته بسم الله ڪرڻ کپي ۽ ٻئي سان پاڻ کي ڀيٽي ارهو ۽ اهنجو نه ٿيڻ کپي. ساڳي طرح هتي ملائيشيا ۾ موڪل ٽن سالن بعد ٿئي ٿي ۽ اسان جا پاڪستاني عرب ملڪن ۾ پنهنجن پاڪستاني دوستن سان ڀيٽي ـــ جيڪي هر سال وطن اچن ٿا، رنج ٿين ٿا. هن پاسي: ملائيشيا، برونائي، سنگاپور ڏي ٽي سالَ لڳاتار ڪم ڪرڻو پوي ٿو. پر اهو آهي ته هتي جو ماحول سٺو آهي. آزادي وڌيڪَ آهي. گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح جا انيڪ  ذريعا آهن. پر عرب ملڪن ۾ ائين ناهي. پوءِ اتي مهينو مهينو گذرڻ به جيل ٿيو پوي. بهرحال هر ملڪ جا پنهنجا پنهنجا قاعدا قانونَ آهن. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙن کي ملائيشيا جي قاعده قانونن سان نباهڻ گهرجي. آخر انهن حالتن ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو به ته نوڪري ڪري رهيا آهن ۽ خوش آهن.“
سفير صاحب اهو پڻ ٻڌايو ته گذريل مهيني PNSC جو چيئرمين ڀومڀل صاحب هتي ڪوالالمپور ۾ آيو هو. هتي جي جهازران ڪمپني MISC (ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) ۽ ٽرانسپورٽ کاتي وارن سان ان سلسلي ۾ ميٽنگ هيس ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ هڪ ٻئي ملڪن جي جهازن کي ئي ڪارگو ڏنو وڃي. ملائيشيا وارن کي اڃا ڌارئين ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ضرورت آهي ۽ هو ان ڏس ۾ پاڪستاني جهاز سازيءَ جي ماڻهن کي پاڻ وٽ رکڻ چاهين ٿا.
عظمت صاحب جي اها ئي دلي خواهش هئي ته جيسين ملائيشيا وارن کي اسان جي ضرورت آهي تيسين اسان هتي ئي نوڪري ڪندا رهون. پاڻ ملاڪا اچي اسان جي سامونڊي اڪيڊمي (Akedmi Laut) گهمڻ جو پڻ خيال ڏيکاريائين.
سيد عظمت حسن صاحب ۱۹۴۴ع ۾ ڄائو. پنجاب يونيورسٽي ۽ انگلينڊ مان بي. اي ڪيائين. ۱۹۶۶ع ۾ فارين سروسز ۾ آيو ڪيترن ئي هنڌن تي ڊپلوميٽ جي ڊيوٽي (Diplomatic Assignment) سرانجام ڏنائين. جهڙوڪ: ٽي سال روم (اٽليءَ) ۾، چار سال کن نيويارڪ (آمريڪا) ۾، ٽي سال کن ابوظبيءَ ۾. شروع وارا ٻه سال او ايس ڊي جي حيثيت ۾ اسلام آباد ۾ رهيو. ان بعد ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۴ع تائين سيڪشن آفيسر هو ۽ چار سال کن ڊائريڪٽر هو. ۱۹۸۳ع ۾ کين ڊائريڪٽر جنرل جي ترقي ملي. پاڻ مارچ ۱۹۸۵ع کان وٺي هتي ملائيشيا ۾ سفير آهي.
پاڪستان ايمبسيءَ مان نڪرڻ بعد واپس پي آءِ اي جي آفيس واري عمارت مان ڪار کڻڻ آيس. پارڪنگ وارن ٽن چئن ڪلاڪن جا چار کن ڊالر پارڪنگ في وٺي رسيد ڏني. ڪار ۾ ٻاهر نڪري، وري ائمپنگ روڊ تي آيس، جتان جالان (شاهراهه) تُن رزاق وٺي کاٻي پاسي جالان يوٿانت تي آيس، جتي لبيا جي ايمبسي ۽ سعودي عرب وارن جو اسلامڪ قونصل خانو آهي. لبيا جي ايمبسي ـــ جنهن کي هو پيپلز بيوريو سڏين ٿا ـــ جي سيڪريٽري سعيد محمد الغرجانيءَ سان ٽي سالَ اڳ، هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ملاقات ٿي هئي. ڪڻڪ رنگو قداور جوان، پهراڻ نموني جي چوغي ۾ خريداري ڪري رهيو هو. مٿي تي بوهرين جهڙي ٽوپي ڏسي سوچڻ لڳس ته ڪٿي جو ٿي سگهي ٿو. ڪائونٽر وٽ پئسا پيارڻ مهل قطار ۾ هڪ ٻئي جي پويان بيهڻ وقت سلام ڪري پڇيو مانس ته آيا هو بوهري فرقي جو ته نه آهي. چپن تي مرڪ آڻي چيائين:
”نه. آئون لبيا جو عرب آهيان.“
ان بعد پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيسين. پاڻ انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺي فارين سروس ۾ آيو هو. ۽ سندس ڪارڊ تي نالي اڳيان مسٽر بدران ”انجنيئر“ لکيل هو. ان بعد سندس گهر ۽ آفيس جي ائڊريس لکيل هئي. ساڻس وري ملڻ لاءِ پاڻ زور ڀريائين. ان بعد ٻئي دفعي ڪوالالمپور اچڻ تي انجنيئر الغر جانيءَ سان سندس آفيس ۾ ملڻ ويس. موڪلائڻ مهل ڪجهه مذهبي ڪتاب ۽ قرآن جو تفسير ڏنائين. معمار قذافيءَ جو گرين بڪ (سائو ـــ ڪتاب) پڻ انهن ۾ شامل هو. اهو ڪتاب ائين مشهور آهي ـــ بلڪ گهٽ ۾ گهٽ قذافي صاحب ان کي ائين مشهور ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، جيئن چين جي مائوزي تنگ جو ڳاڙهو ڪتاب (Red-Book) آهي.
هڪ ٻئي کان پري هجڻ ڪري الغرجانيءَ سان منهنجي تڪڙي تڪڙي ملاقات نه ٿي سگهي پر ٻه چار دفعا جيڪو ملياسين ان ۾ سندس ٻڌايل ديني  ڳالهيون، دعائون ۽ هر ڳالهه کي ڪتاب و سنت جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جو طريقو ۽ مذهب تي پابند رهڻ قابلِ ذڪر آهي. آفيس جي ڀتين تي، فائيلن تي، ٽيبل جي شيشن هيٺان ۽ سندس زبان تي هر وقت قرآن جون آيتون ۽ دعائون هونديون هيون. هڪ دعا جيڪا شعر جي صورت ۾ پاڻ ٺاهي هئائين يا شايد ڪنهن ٻئي بزرگ کيس پڙهڻ لاءِ ڏني هئي، ان جي فوٽو ڪاپي مونکي به ڏنائين. ڇويهه کن سٽن مان مٿيون ٽي چار سٽون هن وقت به مون کي ياد آهن؛

·              رَبَنا آتنا في الدُنِيا حَسنَة و فِي الاخِرَة حَسنَة وَ قِنا عَذابُ الـنّار
·              رَبَنا آمنا فاَغفَرلَنا ذُنوبِنا وقِنا عَذابَ الـنّار
·              رَبَنا ما خَلقَت هٰذا باطِلا سُبحانَکَ فَقَنا عَذابَ الـنّار
·              رَبَنا وَسِعَتَ کُل شيءِ رحَمَة وّ عِلما فَاغفَر للَذِينَ تابُو وَاتبَعوا سبليکَ وَ قَهُم عَذابُ الجَيم.
هِڪَ دفعي کيس چيم ته مون تنهنجي مرشد/امام/صاحب قذافيءَ بابت ٻڌو آهي ته هو دين اسلام جو سچو شيدائي آهي. عمل ۾ به ته گفتار جو به. مان هن سان مليو ته نه آهيان جو ان بابت گواهي ڏيئي سگهان. پر اهو ضرور آهي ته آئون تولاءِ چئي سگهان ٿو ته تون بيحد نيڪ ۽ متقي آهين.
”ادا! ڀائو! ائين ته نه چئه. مان گنهگار ٻانهو آهيان دعا ڪجانءِ مون مسڪين کي.“ سعيد محمد الغرجانيءَ جا اهڙي موقعي تي هميشه اهي جملا هوندا هئا.
هڪ دفعي هڪ ڪتاب ڏيندي چيائين: ”هي ضرور پڙهجان ڏاڍو سٺو اٿئي. ڪتاب ابو علي مودوديءَ جو لکيل هو ۽ نالو هوس: “Towards Understanding Islam”.
آئون پڙهي چڪو آهيان.“ مون کيس ٻڌايو. ”خبر اٿوَ هي ڪتاب مون اسڪول جي ڏينهن ۾ پڙهيو هو. منهنجي خيالَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن منهنجي دماغَ ۾ دين اسلام بابت اڀرندڙ انيڪ سوالن جا سائنٽيفڪ نموني ۾ جواب مهيا ڪيا هئا. آئون هن ڪتاب کي تمام اهم سمجھان ٿو ۽ مودوديءَ جي لکڻ جي طرز ۽ معلومات کان بيحد متاثر آهيان.“
”اسان پڻ. اهو ئي سبب آهي جو لبيا حڪومت هن ڪتاب جون انيڪ ڪاپيون ڇپرائي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مفت ورهايون آهن، جيئن نوجوانن کي اسلام جي صحيح ڄاڻ ۽ قدر پوي.“ هن ٻڌايو.
هتي اها ڳالهه بي محل نه ٿيندي ته مولانا مودوديءَ سان سياسي نظرئي تي کڻي ڪيترا متفق راءِ نه هجن پر سندس مذهبي خدمتن ۽ معلومات کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري. مسلمان ملڪن ۾ جيترو مودودي صاحب سڃاتو وڃي ٿو، اوترو شايد ئي ڪو ٻيو پاڪستاني سڃاتو ويندو هجي. سعودي عرب، مصر، لبيا، موراڪو، ماريطانيا جهڙا ملڪ جنهن ۾ سندن به ڪيئي عالم موجود آهن، اتي مودودي صاحب کي پڻ اهم مذهبي شخصيت ۽ علم جو ڀنڍار سمجھيو وڃي ٿو.
ملائيشيا ۾ ڪيترن، اهو معلوم ٿيڻ تي ته آئون پاڪستاني آهيان، يڪدم مولانا مودوديءَ جو پڇيو هوندو. هتي جي ٻين لئبريرين ۾ ته ڇا پر اسان جي مئرين اڪيڊميءَ جي ٽيڪنيڪل لئبرري، جنهن ۾ نوي سيڪڙو جهازرانيءَ بابت لکيل ڪتابَ آهن، اتي به  مولانا مودوديءَ جا انگريزي ۽ ملئي زبانَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب رکيا آهن ۽ هتي جا ماڻهو شوق سان پڙهن ٿا. هتي جي ڳوٺن ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن جي بازار لڳندي آهي، جنهن کي پاسار مالم سڏجي ٿو. ان ۾ دڪاندار رستن تي شيون رکي سستي اگهه تي وڪڻندا آهن. هڪ همراهه مذهبي ڪتاب، تسبيحون ۽ مُصلا پڻ وڪڻندو آهي. اسان جي ڀر واري ڳوٺڙي ڪئالا سنگائي بارو جي هڪ اهـڙي بازار ۾ ڏسندو آهيان ته مولانا مودوديءَ جا ملئي زبانَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتابَ پڻ هوندا آهن. مون وانگر جيڪي پرديسَ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ انهن کي ڌارئين ماحول ۾ کاڌي پيتي کان وٺي نماز، روزي، پوشاڪَ ۽ اُٿڻ ويهڻ جا جيڪي مسئلا درپيش اچن  ٿا، انهن جا صحيح سمجھاڻين سان جواب مولانا مودوديءَ جي ڪتاب ”مسائل و رسائل“ ۾ ملندا ـــ جنهن جا ست کن جلدَ ڪيترن ئي پاڪستانين جي بيڊروم ۾ نظر ايندا.
بهرحال اڄ ڪيترن ئي مهينن بعد ڪوالالمپور اچڻ تي لبيا جي الغرجانيءَ سان ملڻ لاءِ ويس. وچ ۾ عيد تي به نه مليو هئوسانس. گيٽ تي جَگا (چوڪيدار) کان پڇيم. نئون هو سڃاڻي نه پيو. نه  مونکي نه الغرجانيءَ کي. نيٺ اتان ئي اندر ويٺل اندرا نالي تامل هندو سيڪريٽريءَ کي فون ڪيم. تنهن ٻڌايو ته هن کي ته ٽي چار مهينا ٿيندا ته بدلي ٿي طرابلس هليو ويو.
اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. لبيا جا ماڻهو ڪهڙا ٿيندا آهن. ملڪ ڪيئن آهي، اهو نٿو چئي سگهان، پر لبيا جي هن همراهه سان ملي ڏاڍو سڪون ۽ مزو ايندو هو. بقول ملئي ماڻهن جي: سندس منهن ۾ چهايا (نور) هو جنهن جي روشنيءَ ۾ مون جهڙي گنهگار جو اونداهو اندر به شايد روشن ٿي ٿي ويو. آئون چپ چاپ فون رکي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. جالان يو ـــ ٿانت تي ٿورو اڳيان، برونائي واري پراڻي ايمبسيءَ ۾ سعودي عرب جي قونصل خاني ۾ آيس جتي ديني ڪتابن جي لئبرري آهي. ٻاهرين دروازي کان وٺي اندر ڪمرن تائين، ڏاڪڻ کان مٿي ماڙ ۽ هڪ هڪ آفيس ۽ هالَ جو ذرو پرزو غاليچن سان ڍڪيل هو. ڪٻٽن ۾ عربي، انگريزيـءَ ۾ اڄ جي ليکڪن کان وٺي امام غزالي رحه تائين جا ڪتابَ رکيل هئا ـــ ڪي اُڌارا وٺي پڙهڻ لاءِ ته ڪي هميشه لاءِ کڻي وڃڻ لاءِ. سندس انچارج محمد مسعود ۽ اسسٽنٽ احمد سان، مٿي آفيس ۾ اچي مليس، پاڻ منهنجن دوستن ۽ مون لاءِ انگريزي ڪتابن جون ڪجهه ڪاپيون ڏينون.
انهن ۾ هڪ ته “Islam Our Choice” هو، جنهن جي پهرين صفحي تي لکيل هو ته هي ڪتاب پاڪستان ۾ ”عائشه بواني وقف“ وارن ڇپرائي طرابلس جي جمعية الدعوة الاسلامية وارن کي مفت ورهائڻ لاءِ ڏنو آهي. ٻيو ڪتاب عراقي ليکڪ شيخ محمد محمود جو هو جيڪو شڪاگو آمريڪا ۾ ڇپيو آهي. ٽيون ڪتاب “Workshop in Islam”  هو، جيڪو پڻ مولانا مودوديءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب سعودي عرب حڪومت جي اسلامڪ ريسرچ کاتي رياض مان ڇپرايو آهي.
آئون پنهنجي لاءِ ۽ ڀر واري ڳوٺ جي هڪ ٻن ملئي دوستن لاءِ قرآن شريف وٺڻ آيو هوس. هلڻ وقت انچارج ڇوڪري ڪٻٽ ۾ رکيل جلدن مان ٻه عدد قرآن شريف جا کڻي ڏنا، جيڪي سعودي عربَ مان تازو ڇپجي آيا هئا. مون وڏن اکرن ۾ لکيل قرآن جو پڇيومانس ته اهي ملي سگهندا!؟
“Ada, Tapi Buruk” (آهن، پر پراڻا ٿيل آهن) انچارج ملئيءَ ۾ جواب ڏنو.
”ڇا مطلب؟“
هو اندرين ڪمري ۾ وٺي آيو جتي ڏهه ٻارهن تمام وڏي سائيز جا ٻه فٽ باءِ ڏيڍ فٽ کن جا وڏا قُرآن شريف رکيل هئا.
هن ٻڌايو ته هي مڪي کان آيا آهن. اتي جي مسجد م جڏهن ماڻهو پڙهي پڙهي پراڻا ڪندا آهن ته اتي نوان رکي پراڻا هيڏانهن موڪليندا آهن. مون انهن مان ٻه کنيا ۽ اچي گاڏيءَ ۾ رکيا. هيڏي وڏي سائيز جي پني تي هٿ اکرن ۾ لکيل هي قرآن مون پهريون دفعو ڏٺو. پڙهڻ مهل سندس شهيد ٿيل صفحا خيال سان اٿلائيندي دل ۾ اهو احساس ٿيندو آهي ته مون کان اڳ خبر ناهي خدا جي ڪيترن بندن هي قرآن شريف مڪي جي مسجد ۾ ويهي پڙهيو هوندو.
اسلامي قونصل خاني مان نڪرڻ بعد جالان يوٿانت رستو وٺي ڪوالالمپور جي اهم رستي جالان تن رزاق تي آيس، جيڪو هڪ پاسي سرئمبان، ملاڪا ۽ جوهور بارو شهرن ڏي وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي ڪوالالمپور جو سڄو شهر هن رستي ـــ جالان تن رزاق جي ڀاڪر ۾ اچيو وڃي. رستو Se-Hala (هڪ طرفو) هجڻ ڪري اڳيان اتر ڏي سرئمبان طرف وڃي ، پوءِ ڪار کي يو ٽرن جي نشان وٽان موڙي شهر ڏي واپس ٿيس. رستي تي جپان جي ايمبسيءَ وٽ گاڏي بيهاريم، جتان لئبرري مان  مونکي ڪجهه ڪتابَ کڻڻا هئا. گذريل ستن اٺن سالن کان هن پاسي جي ٽن اهم ملڪن: جپان، چين ۽ ملائيشيا ـــ جن ۾ مونکي لڳاتار رهڻ جو ڪافي موقعو مليو آهي ـــ انهن جا پهاڪا گڏ ڪندو اچان، جيڪي هاڻ آخري مرحلي ـــ يعني ڇپائڻ واري منزل تائين اچي پهچايا اٿم.
پرائمري اسڪول جي ڏينهن ۾ هڪ ”گل شڪر“ نالي پهاڪن جو ڪتاب پڙهيو هوم. تڏهن کان وٺي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ منهنجي دلچسپي رهي آهي. وس پڄندي ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو يا ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهندو آهيان ته نوٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. جهاز جي نوڪريءَ بعد مختلف ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪري دوران اتي جي ماڻهن سان ملڻ بعد انهن ملڪن ۽ زبانن جا پهاڪا ٻڌي گڏ ڪندو اچان. سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي بعد ٻئي نمبر تي مٿين ملڪن جي پهاڪن جو ذخيرو گڏ ڪري سگهيو آهيان، جن جو انگريزي ترجمو ملائيشيا ۾ ڇپائڻ جو ارادو رکان ٿو. جپاني پهاڪن جي سلسلي ۾ جتي جپان جي شهرن: اوساڪا، يوڪوهاما، ڪوبي، ٽوڪيو، ڪيوٽو، ساسيبو وغيره جي ماڻهن مدد ڪئي آهي، اتي ڪوالالمپور ۽ ڪراچيءَ جي جپاني ايمبسي ۽ قونصل خاني جو پڻ ٿورائتو آهيان. جن مونکي سندن لائبررين جي ڪتابن پڙهڻ جي کلي دل سان اجازت ڏني آهي. خاص ڪري هتي ڪوالالمپور جي جپاني سفارتخاني ـــ جنهن جي لائبرري جيڪا فقط سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙ اسٽافَ لاءِ آهي ۽ جتي جي قاعدي موجب هو فقط ٻه ڪتابَ کڻي سگهن ٿا ـــ اتي مونکي بنا ڪنهن پابنديءَ جي ڪتاب کڻڻ جي موڪل ڏني ويئي آهي.
جپاني سفارتخاني جي مين گيٽ وٽ خاڪي وردي پهريل ديدار سنگهه نالي سک چوڪيدار سئچ دٻائي لوهي دروازي جو اليڪٽريڪل تالو کوليو، جتان لنگهي اندر آيس. رسيپشن وٽان ٿيندو لائبرريءَ ۾ پهتس. لائبرري جي ملئي انچارج زين العابدين مونکي وقت وڃائڻ کان بچائڻ خاطر، جپاني ادب جا چار کن ڪتاب مون لاءِ اڳواٽ چونڊي ڪڍي رکيا هئا. کانئس اهي وٺي چيني ڪلارڪياڻي مسز چئان وٽ آيس، جنهن ڪتاب جا نمبر ۽ نالا نوٽ ڪري ان ئي فارم تي منهنجو نالو ۽ ائڊريس لکي مونکان صحيح ورتي.
”ڪتابن تي پندرهن ڏينهن جي تاريخ هڻي ڇڏيان ٿي. وڌيڪَ ڏينهن لاءِ جي رکين ته ملاڪا کان فون ڪري ڇڏجانءِ.“ مسز چئان چيو.
”فڪر ئي نه ڪر. هي ڪتاب تو کي هڪ ڏينهن ۾ ئي موٽائيندس.“ مون وراڻيومانس.
”ڇو اهو ڀلا ڪيئن؟“ هن وائڙن وانگر پڇيو.
”بس سٺو امپريشن پيدا ڪرڻ لاءِ. هونءَ جو هميشه دير سان موٽائيندو آهيان سو هن ڀيري سڀاڻ ئي موٽائي رڪارڊ قائم ڪندس.“
”تڏهن به؟“
”مسز چئان ڳالهه هيءَ آهي جو هن دفعي هينئر جو هينئر ملاڪا موٽڻ بدران اڄ رات هتي ڪوالالمپور ۾ ئي ٽڪي ٿو پوان ۽ ڪتابن جا اهم چئپٽر فوٽو ڪاپي ڪرائي هي ڪتاب تو کي سڀاڻي ئي واپس ڏيئي وري ٻيا چار پنج ٻن ٽن هفتن لاءِ کڻي ويندس.“
ڪتاب وٺي ٻاهر نڪتس ته گيٽ تي سک ٻڌايو ته سامهون واري اسڪول جي ٻارن موڪل مهل منهنجي گاڏيءَ وٽ راند پئي ڪئي. ”مون کين ڀڄايو ته صحيح پر مُڙيا ڪو نه. آئيندي مهرباني ڪري اسڪول اڳيان در کليل گاڏي نه ڇڏجو.“
مونکي چار  پنج سالَ اڳ جو هڪ واقعو ياد  آيو. لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي روڊ وٽ ڪار بيهاري دوستَ سان ملڻ ويس ته واپسيءَ تائين ٻارن چئني ڦيٿن جي هوا ڪڍي ڇڏي هئي ۽ پوءِ ٽئڪسي ۾ سکر هليو ويو هوس. هينئر به ٽئڪسيءَ جو سوچي ڪار جي ويجھو پهتس ته ڏٺم ته بچاءُ ٿيل هو. نه هوا نڪتل هئي نه وائيپر. ڪار جي اندر سيٽ تي به پاڻيءَ جو ٿرماس، بريف ڪيس ۽ ٽشو پيپرن جو دٻو موجود هو. سردار جيءَ جي اڳيان لنگهندي کيس خوشخبري ٻڌايم. وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين:
”امرتسر هجي ها ته انچر پنچر به ڍرا ڪري ڇڏين ها. هتي جا ڇورا بنهه ڊڄڻا آهن.“
”اوڪي ديدار سنگهه “Selamat Tinggal هٿ لوڏي سردارجيءَ کان موڪلايم. ۽ جالان تن رزاق ۽ جالان ائمپنگ لتاڙڻ بعد Pusat Bandar (معنيٰ وچ شهر) جي بورڊ وٽان مڙي Jalan Raja Muda تي آيس، جيڪو جالان تنڪو عبدالرحمان سان وڃي ملي ٿو. هن هنڌ تي رهائش جون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. ڪي. ايل. انٽرنيشنل، سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ سٽي هوٽل کان وٺي گرانڊ سينٽرل، پلازا، شيراز، دشرن هوٽل تائين ۽ خبر ناهي ٻيون به ڪهڙن نالن ۽ نمونن واريون ننڍيون وڏيون هوٽلون ـــ جن جو ذڪر ڪنهن به ٽوئرسٽ گائيڊ بڪ يا نقشي ۾ ته نٿو اچي ـــ جو هنن جي مسواڙ ئي ايتري گهٽ آهي جو کين بچندو ئي ڇا هوندو جو اشتهار ڏين.
پاڪستان جي مسجد جي قطار ۾ هڪ سستي قسم جي هوٽل ۾ اچي رسيپشن (بقول جپانين جي فرنٽ ڊيسڪ) تي رجسٽر تي پنهنجو نالو، ائڊريس، ڪٿان آيو آهيان، پاسپورٽ نمبر لکائي صحيح ڪري ٽي ماڙ تي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس. ڪمرو ائيرڪنڊيشنڊ نه هو (ويهه ٻاويهه ملئي ڊالرن ـــ يعني سوا سؤ رپين ۾، هن مهنگائي واري دور ۾، شهر جي لڳل وچ ۾ ٻن پلنگن وارو ڪمرو، هنڌ، ٽوال، صابڻ، فون، بلاڪيٽ، اٽيچڊ باٿ روم، پکو، ٽيبل لئمپ، چمپل ـــ اڃا ٻيو ڇا ڇا ڏيندا) ڪمري جو بالڪني وارو در ۽ دريون کوليم. سامهون تعليم کاتي جي آفيس Jabatan Pelajaran Wilayah Persekutuan هئي. ٻين شهرن کان آيل ماستر، ماسترياڻيون ۽ ٻيو عملو هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو، جيئن اسان وٽ تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر، سيڪريٽري وغيره جي آفيس اڳيان هوندو آهي ـــ ڪو موڪل جي چڪر ۾، ڪو پروموشن جي سلسلي ۾، ڪو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جي بدلي لاءِ ـــ يا هتي شايد ٻين ڪمن ۽ مسئلن لاءِ هي ڦري رهيا هجن.باٿ روم جو در کولي ڏٺم. سنڌ يونيورسٽي ٽيچر هاسٽل جي باٿ رومن وانگر پاڻي فل پريشر سان اچي رهيو هو. وهنجي پوءِ ٿوري دير لاءِ ليٽي، جپان ايمبسيءَ مان آندل ڪتابن جو جائزو وٺڻ  لڳس ته آيا فوٽو اسٽيٽ  ڪرائڻ جهڙا آهن يا نه. سائوٿ ايسٽ ايشيا هوٽل ڀرسان هڪ فوٽو گرافر جو دڪان آهي جنهن کان گهڻو اڳ هڪ دفعو پهرين به ڪئميرا ٺهرائي هيم. ان تي وڃڻ جو ارادو ڪري پنجين بجي ڌاري هوٽل کان نڪتس.
فوٽوءَ جي دڪان جو مالڪ ماسٽر تان موجود نه  هو. سندس زال مسز تان، هڪ سالي ۽ هڪ ڪم واري چيني ڇوڪري فوٽو ڌار ڌار ڪرڻ ۽ دڪان جي صفائي ڪرڻ ۾ رڌل هيون.
مسز تان مون کان ڪئميرا وٺي ڀيڻس کي ڊارڪ روم (اونداهي ڪمري) ۾ جانچڻ لاءِ ڏني. تيسين وقت پاس ڪرڻ لاءِ مسز تان سان خبرون ڪرڻ لڳس. گراهڪ نه هجڻ ڪري پاڻ به ڪا بنهه واندي هئي.
”مڙس ڪيڏانهن ويو اٿئي؟“
”گهر، ٻارن جي سنڀال لاءِ.“
”ڇو ڀلا؟ اهو ڌنڌو هن ڪڏهن کان شروع ڪيو آهي؟“ مون پڇيومانس.
”دڪان رات جو نائين بند ڪريون. پوءِ هڪ ڏينهن آئون ته هڪ ڏينهن مڙس شامَ جو پنجين بجي ئي  موڪل ڪري ٻارن جي نگهباني ڪرڻ وڃون. اڄ مڙس جو وارو آهي.“
”گهڻا ٻار اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”چار.“ هن فوٽو اسٽيٽ مشين کي صاف ڪندي چيو.
”ڀائرن ڀينرن ۾ تون ننڍي آهين يا ڀيڻين؟“
”آئون ننڍي آهيان. پر ڏس هونءَ ننڍي لڳي ٿي ۽ آئون پوڙهي.“
جواب ۾ مون رڳو مرڪيو.
”هرڪو اهو چوندو آهي ته هوءَ ننڍي ڀيڻَ آهي. اڃا شادي نه ڪئي اٿس ان ڪري پاڻ کي مينٽينڊ رکيو ويٺي آهي.“
”شادي ڇو نه ڪئي اٿس؟“ مون پڇيومانس.
”خبر ناهي ڇو. ڊراڪ روم مان نڪري ته پڇجانس.“
”هن کي انگريزي ڪٿي ٿي اچي. ۽ ٻيو ته هوءَ مونسان ايڏو فري ناهي. هونءَ ڪو خاص سبب، ڪا خاص ڪهاڻي ان پٺيان هجي ته تون ئي کڻي ٻڌاءِ.“
”اچي ته پڇينس.“ هن کلندي وري چيو.
”ٻڌائڻو هجئي ته ٻڌاءِ نه ته ٺهيو. فوٽو اسٽيٽ جو گهڻو وٺندينءَ؟“
”جپان ڪڏهن ٿو وڃين؟“
”جپان ڇو ويندس؟“ مون پڇيو.
”هونءَ جو ايندو ويندو هئين.“
”ان کي سالَ ٿي وي. تو کي خبر ناهي ڇا ته مون جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنا آهن. اڄڪلهه ملاڪا جي اڪيڊميءَ ۾ تنهنجي ملڪ (ملائيشيا) جي انجنيئرن کي مئرين انجنيئرنگ پڙهائيندو آهيان. يعني هاڻ ماستر  ٿيو آهيان.“
”وسري ويم. ڀلا مونکي جپان ۾ ڪا نوڪري ملي ويندي.“ هن پڇيو.
”جپان وارا پهرين ڏين ئي ڪنهن کي ٿا نوڪري جو تو کي ملندي. آئون جيڪو جپان ۾ رهيل هوس سو به پنهنجي ملڪ جا جهاز وٺي ويندو هوس. سامان لهرائڻ ۽ چاڙهڻ بعد چوندا هئا ته نڪرو اسان جي ملڪَ مان ـــ يا وري نوان جهاز ٺهرائڻ ۽ مرمت ڪرائڻ لاءِ اتي ٽڪيل هوس. جن ۾ جپانين جو فائدو هو ان ڪري رهڻ ڏنو هئائون.“ مون ٻڌايومانس.
”تڏهن به ڇا هو ڪجهه سالن لاءِ موڪل نه ڏيندا ته آئون فوٽو گرافيءَ جو دڪان کولي ڪجهه پئسو ڪمائي اچان؟“
”سائين جپاني توهان چينين کان به وڏا سياڻا آهن. هو ڪڏهن به اهو نٿا چاهين ته ڪو  ڌاريون سندن ملڪ مان پئسو ڪمائي وڃي. باقي جپاني ان لاءِ اجازت ڏين ٿا ته ڌارين ملڪن جا ماڻهو سندن ملڪ ۾ گهمڻ يا اهڙي ڪم لاءِ اچن جن مان جپان جي ماڻهن کي فائدو رسي، بس ائين سمجھ جيئن توهان هاڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڪري رهيا آهيو. توهان به هاڻ ڪنهن ڌارئين کي ملائيشيا ۾ رهڻ يا نوڪري ڪرڻ جي موڪل ڏيو ٿا؟“
”ڇو نه؟ هي جو تون نوڪري ڪرين پيو؟“
”ها اها ڏني اٿو سو به جڏهن مجبور آهيو. جهاز جو ڪو انجنيئر يا ڪئپٽن پنهنجو نه اٿو جو پڙهائي. هاڻ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ولايت  موڪلي تعليم تي وڏو خرچ ڪرڻ بدران مون جهڙي ايڪڙ ٻيڪر کي گهرايو اٿو، جيئن خرچ بچي. پگهار ڪيترو توري تڪيو ٿا ڏيو ۽ ان تي به هر وقت اهو ياداشتنامو ته جيئن ئي توهان جو پنهنجو ماڻهو تيار ٿيندو ته اسان جي موڪل. بهرحال توهان جي اها ڳالهه سٺي به آهي جو ڪنهن به ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي رهڻ نٿا ڏيو. اهي ملڪ جيڪي ڌارين ماڻهن کي بنهه رهڻ نٿا ڏين اهي سکيا آهن، ڦڏو فساد اتي گهٽ آهي. جتي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اچيو نڪرن اتي پوءِ هنگاما فساد شروع ٿيو وڃن.......“
”جيئن توهان جي ملڪ پاڪستان ۾.“ هن منهنجو جملو اڌ ۾ ڪپيندي چيو.
”مون سمجھيو تنهنجو سڄو وقت اونداهي ڪمري ۾ فوٽو گرافي ڪندي گذري ٿو. پر لڳي  ٿو ته اخبار به پڙهين ٿي.“
”توهان کي پاڻ اسان جي ملڪ جي ڄاڻ گهٽ آهي. باقي اسان ملائيشين توهان جي ملڪ بابت اخبارن ۾ به پڙهون ٿا ته اسڪول جي ڪتابن ۾ به.“ هن ٻڌايو.
”ان مان سبق به حاصل ڪريو ٿا.“ مون چيو.
”تڏهن ٻيو ڇا. ان ڪري ته اسان پاڙي جي ملڪ انـڊونيشيا جي ماڻهن کي به پاڻ وٽ رهڻ نٿا ڏيون. جيتوڻيڪ سندن مذهب ساڳيو آهي، زبان ساڳي آهي، ڪلچر ساڳيو آهي ۽ ان حسابَ سان ته هو ته ڄڻ اسان جا سوٽ ماسات ٿيا.“
”تنهنجي معنيٰ ته اسين بيوقوف آهيون.“
”اهو آئون ڇو چوان. پنهنجو پاڻَ کان پڇو ته بهارين کي پاڻ وٽ گهرائي، افغانين کي پاڻ وٽ گهرائي، آفريڪا کان نڪتل ايشين کي گهرائي ڇا هڙ حاصل ٿيو اٿوَ؟  بنگالي به لڪيو توهان وٽ اچيو نڪرن. هندستان ته کين هڪ ڏينهن به نٿو رهائين. ڦريو گريو اهي به پاڪستان ۾. برما کان ماڻهن ڀڄن ته اهي به پاڪستان ۾. ايران کان ڀڄن ته اهي به پاڪستان ۾. هاڻ ته انڊونيشيا جا به ڪيترا ئي بيروزگار پاڪستان وڃڻ جو سوچي رهيا آهن.“
اهو ٻڌي منهنجي دل ڄڻ ٻڏي ويئي. پاڪستان ۾ اهي ماڻهو ٽڙي پکڙي رهن ته سڀني کي سيڪ اچي ۽ خبر پوي. پر انهن مڙني لاءِ پاڪستان معنيٰ ڪراچي، حيدرآباد سکر ـــ يعني صوبو سنڌ آهي. جنهن ۾ اصل رهاڪو وڃن مذهب ۽ ملڪ جي نالي ۾ بيروزگار، قرضي ۽ ڏکيا ٿيندا. سنڌ جيڪو صدين کان امن جو ديس سڏبو هو، اتي جا رهاڪو ٿورڙائيءَ ۾ تبديل ٿيندا وڃن. اتي جي غريب ماڻهن سان وڃي جيلَ ڀربا. اتي جي ماڻهن کي ايڏو ڪٽيو ماريو ويو آهي جو هو جانورن جي حد تي وڃي پهتا آهن. سنڌ جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته ۱۹۸۳ع ۾ جيترا سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيلن، لاڪپن ۽ نظربندين ۾ رکيا ويا، اوترا ڪنهن به ٻئي ملڪَ جا نه ٿيا هوندا. حالت اها وڃي ٿي آهي جو اسان مان دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو سبق وٺي رهيا آهن پر اسان وٽ ملڪ ٺهي چاليهه سالَ ٿيا آهن ته به لڏ پلاڻ جو سلسلو بند نٿو ٿئي.
مونکي ڪا دير گم سم ڏسي مسز تان پڇيو: ”ڇا پيو سوچين؟ منهنجي ڳالهه دل ۾ ته نه ڪئي.“
”نه. نه.“ مون في الحال سڀ ڪجهه دماغَ مان ڪڍي هڪ دفعو وري هلڪي ڦلڪي موڊ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي. چپن تي زوريءَ مرڪ آڻي پاڻ کي دنيا جو خوش ۽ پرسڪون انسان هجڻ جو ڪوڙو مظاهرو ڪيو.
”چڱو اهو ٻڌاءِ ته فوٽو اسٽيٽ جو ڇا اگهه آهي؟“ مون مسز تان کان پڇيو.
دروازي وٽ لکيل اگهه ڏي اشارو ڪندي چيائين: ”ڇهه سينٽ.“
”ڇهه سينٽ ته تمام گهڻا آهن.“
مون هلڻ جي ڪئي ٿي ته ٻانهن ۾ هٿ وجھي راز واري اندازَ ۾ چيائين: ”ائين نه وڃ. اگهه تي ٺهي وينداسين.“ ۽ پوءِ پنهنجي ئي چيل جملي بابت سوچي ۽ مونکي پنهنجي جسم ڏي گهوريندو ڏسي، مرڪي چوڻ لڳي؛ ”منهنجو مطلب آهي فوٽو اسٽيٽ جي اگهه تي ٺهي وينداسين ـــ پنج سينٽ آخري سمجھه.“
”ڳالهه  ٻڌ. ملاڪا شهر ۾ عام طرح ئي چار سينٽ وٺن ٿا. گهڻا پنا ڪراءِ ته فقط ٽي سينٽ. ۽ تون خاص رعايت بعد مون جهڙي پراڻي گراهڪَ کان به پنج سينٽ وٺڻ چاهين ٿي.“ مون چيومانس.
”ان ڪري جو ملاڪا ننڍو شهر آهي. ڪوالالمپور وڏو.“
”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ئي ناهي. تون مشين ۾ مس ڪهڙي ٿي وجھين. پائوڊر واري يا پاڻيٺ واري.“
”پاڻيٺ واري. Liquid.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ چار سينٽ به گهڻا آهن.  مونکان جي ٽي سينٽ وٺين ته هينئر جو هينئر هوٽل تان وڃي ڪتاب کڻي اچان.“
”ڪتاب جو ورق ڀلا ڪيڏو وڏو آهي؟“ هن پڇيو.
”وڏو ناهي. A-4 ماپ واري پني تي ڪتاب جا ٻئي صفحا اچي ويندا. ٽي سينٽ في صفحو گنج اٿئي.“
”چڱو کڻي اچ. چار سينٽ ڏجانءِ.“
”پوءِ ٺهيو ڪو نه ٿو وڃان. مالڪياڻي ٿي ڪري اگهه تي ايڏو گهوپي ٿي ڪرين.“
”مڙس وڙهي ٿو. چوي ٿو پئسو گهٽ ٿي آڻين.“
”لڳي ٿو ڪا اڄ ئي وڏي لڙائي ٿي آهي.“
”نه وڏي لڙائي (Fight) ته ڪڏهن به نه ٿي آهي. بس ننڍا ننڍا جھيڙا (Quarrels) ٿيندا رهندا آهن.“
”اهي سڀني جا ٿين ٿا. آئون ڪتاب کڻيو ٿو اچان.“
ڪتاب کڻي آيس ته ڀيڻس ڊارڪ روم مان نڪتي، هٿ ۾ مون واري ڪئميرا هيس، منهن تي هميشه وارو دٻو چڙهيل. فلم رول ڪو ڦاسي پيو، ان ڪري ان کي ويڙهڻ واري pulley نه پئي هلي. جپان ايمبسيءَ وارا ڪتاب فوٽو اسٽيٽ لاءِ ڏيئي، نائين بجي کڻڻ جو وعدو وٺي ٻاهر نڪتس.
هوٽل کان فوٽو گرافر جي دڪان ڏي ايندي وقت رستي تي پاڪستاني مسجد پڻ اچي ٿي. هاڻ جيئن ته ڪئميرا ٺهي ويئي هئي سو هن مسجد وٽ اچي ٻاهرين گيٽ جو فوٽو ڪڍيم جنهن تي انگريزي ۽ ملئي زبانَ ۾ ”پاڪستاني مسجد“ لکيل آهي. هيءَ مسجد بنگلاديش (تڏهن مشرقي پاڪستان) ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي مسلمانن گڏجي ٺهرائي هئي.
مسجد جي ٻاهران ڪجهه پٺاڻ بيٺا هئا، جن کان امام صاحب جو پڇيم ته آيا پهريون وارو حافظ مولوي عبدالغفور عيدگاهه جامع مسجد بندر روڊ ڪراچيءَ وارو آهي يا ڪو نئون آيل آهي. همراهن ٻڌايو ته هي نئون آهي. مون سندس فوٽو ڪڍڻ جو خيال ڏيکاريو ۽ هو امام کي نه فقط ٻڌائڻ ويا پر هن کي ٻاهر سڏي آيا. کيڪار ۽ ڄاڻ سڃاڻ بعد گڏجي فوٽو ڪڍرايوسين. ان بعد اندر پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو. جتي سندس زندگيءَ جو احوال مختصر طور نوٽ ڪيم.
اڳ ۾ ڳوٺ جو ملون بنا علم جي به مولوي سڏيو ويندو هو ۽ مرڻي پرڻي تي پهچي ختما، درود، فاتحائون ۽ نڪاح وغيره پڙهڻ ۽ جملي مذهبي رسمون پوريون ڪرائڻ کان علاوه پنهنجي عقل ۽ علم سارو غلط سلط فتوائون ڏيڻ  جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندو  هو. ۽ اهڙن مُلن اڄ جي نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ۽ اسلام جي سچي معنيٰ سمجهائڻ بدران الٽو ڪنهن حد تائين هن کي ڪنفيوز ڪري رکيو هو. پر اڄڪلهه پاڪستان ۾ جتي ڪٿي ديني مدرسن کلڻ ڪري تمام سٺا ۽ پڙهيل ڳڙهيل مولوي مفتي پيدا ٿي پيا آهن جي نه فقط ملڪ اندر پر ڌارين ملڪن ۾ پڻ تبليغي جماعتن جي صورتن ۾ يا مسجدن جا امام ٿي ديني علم جي روشني پکيڙي رهيا آهن.
ڪوالالمپور جي هن مسجد ــــ پاڪستان مسجد جو پاڪستان کان آيل امام حافظ خليل الرحمان انهن مان هڪ آهي. باقاعدي علم حاصل ڪيل. قول ۽ فعل جو سچو. جنهن جون نه فقط ڳالهيون ٻڌي پر سندس ڀلا ڪرتوت به ڏسي ماڻهو متاثر ٿي وڃن.
حافظ خليل الرحمان جي عمر ٽيههَ سالَ کن ٿيندي. قداور ۽ گوري رنگ جو هي سهڻو ۽ سمارٽ نوجوان ڪيمبل پور جو آهي. سندس سونهن ۽ سڊول جسم ڏسي چيومانس ته مولوي صاحب توهان ته فلم انڊسٽريءَ ۾ وڃو ها ته اتي به ڪاميابي حاصل ڪريو ها. اهو ٻڌايو ته توهان کي هيءَ راهه اختيار ڪرڻ جو شوق ڪنهن ڏياريو ۽ ڪٿان ڪٿان تعليمَ حاصل ڪيوَ.
”منهنجا والدين زميندار آهن. کين مذهب سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي ۽ هنن جي دلي خواهش هئي ته آئون اسلامي تعليم حاصل ڪريان. ان لاءِ مونکي مختلف هنڌن تان علم حاصل ڪرڻو پيو. آخر ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه کٽڪ (ضلع پشاور) مان پڻ حاصل ڪيم. ٽي سال اسلام آباد مان به ديني تعليم حاصل ڪيم. اتي جي نمبر ۰۵ ۾ مدرسو عربيه اسلام مان پڙهيس. هن مدرسي جو باني محمد يوسف بنوري رحمة الله آهي. ان کان علاوه مدرسه خدام الدين مان اوائلي تعليمَ حاصل ڪيم، جنهن جو باني حافظ محمد زمرد خان آهي، جيڪو ڳوٺ سليم خان جو رهاڪو آهي.
”قرعت ڪٿي سکيائو؟“
”اها ۽ قرآن کي حفظ ڪرڻ ۽ مولوي عالم جي سند ملتان جي مدرسي سند الفراغت وففاق المدارس مان حاصل ڪيم. ڪراچيءَ مان به قرعت پڙهيس. ٻڪرا پڙيءَ ۾ مدرسو انوار اسلام آهي. ان مان سکيس. اتي منهنجو استاد قادري مولانا احسان احمد دانش هو.“
”توهان جا ڪجهه ٻيا استاد جن کان توهان ديني تعليمَ حاصل ڪئي هجي؟“
”مولانا سميع الحق صاحب، مولانا عبدالحليم صاحب، مولانا محمد علي صاحب، عبدالحق صاحب، شيخ محمد حسن جان صاحب ـــ اهي منهنجي استادن مان ڪجهه آهن، جيڪي هميشه ياد رهندا ۽ سندن ٿورائتو آهيان، جن علم جهڙي روشنيءَ سان منهنجو اونداهو اندر روشن ڪيو. ان کان علاوه قرآن جو تفسير مولانا غلام الله خان صاحب راجا بازار واري وٽ پڙهيس“
”حافظ خليل الرحمان صاحب! ڪي اهڙا نيڪ ماڻهو ٻڌايو جيڪي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهندا هجن. جن کان ڪو چاهي ته دين ايمان جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجو پاڻَ کي صحيح راهه تي آڻي سگهي؟“
”ڪراچيءَ ۾ هن وقت ڪيترا ئي وڏا مولوي رهن ٿا، جن مان ڪجهه هي آهن: مولانا محمد تقي عثماني، مولانا سليم الله خان صاحب، مولانا اسوند يار خان، مفتي ولي حسن صاحب ۽ مفتي احمد رحمان، وغيره.“
پاڪستان مسجد جو هي نئون حافظ خليل الرحمان صاحب ٻن سالن جي لاءِ هتي جي حڪومت سڏائڻ تي اپريل ۱۹۸۶ع ۾ آيو آهي. کانئس ٿوري دير هن ملڪ بابت سندس تاثر معلوم ڪندو رهيس. تيسين هتي جو هڪ جماعتي ٻاهران چانهه وٺي آيو، جيڪا پيئڻ بعد کانئس موڪلائي تنڪو عبدالرحمان روڊ تي Hankyu ڊپارٽمينٽ ۾ آيس. جتان ڪجهه دير گهربل سامان وٺندو رهيس. ساڍا اٺ ٿيڻ وارا هئا سو فوٽوگرافر ڏي موٽيس، جيئن متان دڪان بند نه ٿي وڃي.
دڪان ۾ ڪو به گراهڪ نه هو. ڪنڊ ۾ رکيل فوٽو اسٽيٽ مشين مٿان هيءَ ”مسز تان“ جھڪيو بيٺي هئي. پگهر ۾ سڄو شل هئي ۽ آخري صفحن تائين اچي پهتي هئي. منهنجي بيٺي اهي پورا ڪري، ڪاٺ جي گولن واري بورڊ Abascus کي کڻي چئن سينٽن جي اگهه سان حساب ڪرڻ لڳي، پر پوءِ نيٺ ٽن سينٽن تي راضي ٿي ويئي.
”ويري گڊ! تو مان اها ئي اميد هئي.“ مون چيومانس.
”خبر اٿئي هڪ منٽ به فرحت نه ورتي اٿم.“
”انهيءَ محنت ڪري ته توهان چيني جنهن ملڪ ۾ رهو ٿا ان جي ايڪاناميءَ تي وڃو قبضو ڪندا. بهرحال مهرباني. رستي تي جيڪي هي چانهه وارا ويٺا آهن، چئين ته انهن مان هڪ گاڏي واري کي تولاءِ چانهه جو آرڊر ڏيندو وڃان.“
”نه. هاڻ گهر وڃي ماني کائيندس. Sudah Makan تو ماني کاڌي آهي يا نه؟“
Belum-Lah اڃا نه.“ مون به ملئي زبان ۾ ئي جواب ڏنو مانس.
Mana Makan? Dikedai Mamak ــ ڪٿي کائيندين؟ ماما جي هوٽل ۾؟“ هن پڇيو.
“Tak Tentu. Mangkin Sana”  (پڪ نه اٿم. ممڪن آهي اتي ئي.)
ملئي زبان ۾ ملڪن کي منگڪن ۽ کائڻ کي مڪن چون ۽ ڏکڻ هندستان کان آيل مسلمان انڊين کي ماماڪ (Mamak) ـــ يعني ماما چون. هن ۾ نه فقط تامل مدراسي پر ملباري، گجراتي، مليالم ـــ سڀ مسلمان اچي وڃن ٿا. انڊين مسلمانن جي هوٽل ۾ وڃبو ته گراهڪن جي رڙ پئي پوندي Mamak! Saya Mahu Roti Canai ماما! مونکي دال روٽي گهرجي. ماما! هڪ ڪوپ چانهه هڪ ڪوپ ڪافي Mamak! Satu cawan teh dan satu cawan kopi.
ملئي زبانَ ۾ ڪجهه اهڙا به لفظ آهن، جن جي آخر ۾ يا وچ ۾ K اچي. ٿو پر اچاربو ناهي. جيئن Mamak کي لکبو ماماڪ پڙهبو ماما ڪري. اهڙي طرح Macik کي فقط ماچي اچاربو ـــ معنيٰ ماسي. اهڙيءَ طرح Rakyat رعيت، Makjun  معجون، Maklum معلوم، Maksyuk معشوق، Makzul معزول وغيره.
انڊين مسلمان کي ملائيشيا ۾ Kling پڻ سڏجي ٿو. پر اهو لفظ ايترو عام ناهي جيترو ماما. هونءَ ڪيتريون جايون انڊين مسلمانن سان پڻ وابسته آهن، جن مان ڪيترا ته انگريزن، ڊچن ۽ پورچوگيزن جي ڏينهن ۾ آيا. ڪي ان کان به اڳ واپار وڙي لاءِ هتان اچي نڪتا ۽ هميشه لاءِ رهي پيا. پينانگ جي هڪ پراڻي ۽ مشهور مسجد ڪئپٽن ڪلنگ ۽ ملاڪا جي سامونڊي جيٽي تجنگ ڪلنگ اهڙن انڊين مسلمانن جي ياد ڏيارين ٿيون.
مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ساڍا نو ٿي رهيا هئا. فوٽوگرافر جي دڪان جي ٻاهران قطار ۾ ڪيترا ئي ملئي ۽ انڊونيشين گاڏن وارا هئا، جيڪي مختلف شيون ۽ شربت وڪڻي رهيا  هئا. تريل ڪيلا، مي گورينگ (چهريون سويون)، مختلف ميون جي ڪاتر (هڪ قسم جي فروٽ چاٽ)، مرتباڪ (قيمي ۽ بصر وارا اڦراٽا)، چانهه، ڪافي، شربت روس (گلاب)، شربت بارلي، مڇي، اڊانگ چوچو (گانگٽ جا پڪوڙا)، ڪري پاپ (سمبوسا) وغيره Air Tebu (ڳني جي رس) وارو موٽر ۾ ڪمند پيڙي تازي رس ڪڍي رهيو هو. کانئس هڪ گلاس وٺي پيتم. هتي بنا برف وارو رس  جو گلاس سٺ سينٽ ۾ ۽ برف وارو ــ جيڪو چمپور (Campor) سڏجي چاليهه سينٽن ۾ ملي. چمپور معنيٰ مليل. ان لفظ جو واهپو هتي تمام گهڻو ٿئي ٿو. نه فقط شيون پر ماڻهو به چمپور ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪنهن جي ماءُ ملئي پيءُ انڊونيشي يا انڊين ته اهو ٿيو چمپور. بقول هڪ همراهه جي ملائيشيا سڄو ”چمپور چمپور“ آهي. منجھس ڪيترن ئي ملڪن، قومن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو مليل جليل آهن ـــ يعني هڪ قسم جي Melting Pot آهي.
هونءَ هتي ڳني جي رس کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ان ۾ برف ملائي چمپور ضرور ڪيو وڃي ٿو. يا هڪ ئي پليٽ ۾ ڀت، ٻوڙ ۽ چٽڻيءَ جون چمپور (مڪسچر) ضرور ملي ٿو. يا برف جي ڪاتر، شربت، سويون ۽ مختلف مٽر ملائي هڪ قسم جو ملئي پيالو ـــ جيڪو اي بي سي (Air Batu Campor) سڏجي ٿو، ضرور نظر اچي ٿو، پر جيڪو چمپور، مڪسچر يا ملاوٽ نظر نٿي اچي، اها آهي ڳاڙهن مرچن ۾ سرن جو ٻورو، ڪارين مرين ۾ پپيتي جو ٻج، اٽي ۾ ڪاٺ جو چورو، گيهه ۾ گريز وغيره ـــ جيڪي ملاوتون اسان جهڙن ملڪن لاءِ عذاب بڻبيون وڃن ـــ ۽ جن جي واپرائڻ سان نت نيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، اهي هتي ملائيشيا ۾ نه برابر آهن. هن ملڪ جي اڌ آدمشماري ملئي آهي، جيڪي مسلمان آهن ۽ هتي جا اصل رهاڪو آهن. هلو سائين انهن لاءِ ته کڻي اهو چئجي ته کين خدا جو خوف آهي ۽ ملڪ جي قانون جو احترام اٿن پر باقي اڌ آدمشماري ــ جن ۾ چيني، هندو، ٻڌ، سک ۽ دهريا اچيو وڃن ٿا اهي به اهڙي حرام جي ڪمائيءَ تي لعنت وجھن ٿا. ڪڏهن ڪو ٻار ڪنهن اسڪول جي ڪئنٽين  مان پاروٿي شيءِ کائي رڳو اٻڙاڪ ڏيندو آهي يڪدم اخبارن ۽ ريڊيو تي اچي ويندو آهي ته  ۽ ان ڪنٽين واري کي منهن لڪائڻ لاءِ جاءِ نه ملندي آهي. هو ظالم، قوم جو دشمن، بيماري پيدا ڪندڙ ۽ عوام جي صحت سان کيڏڻ وارو ليکيو ويندو آهي، ٻئي پاسي انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، بندگلاديش جهڙن ملڪن ڏي ڏسو جيڪي وڌيڪَ پڙهيل ڳڙهيل، سڌريل سمجھيا وڃن ٿا ـــ انهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. اتي هر شيءِ ۾ ملاوٽ ڇو اچي ويئي آهي. نج ۽ خالص شيءِ جو تصور ۽ موجودگي ايڏي محال ڇو ٿي ويئي آهي جو زهر به نج نٿو ملي.
مڃيون ٿا ته اسان جي ملڪن پٺيان پراڻي تهذيب آهي. پنج هزار ڇهه هزار سالَ پراڻي. اسان جي وڏن جي سڌريل هجڻ جون نشانيون موهن جي دڙي، ٽيڪسيلا ۽ الورا اجنتا جي غارن مان صاف ظاهر آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي. موهن جي دڙي جون سڌيون گهٽيون، گٽر سسٽم، صفائي سٺائي بلڪل  اهو ڏيکاري ٿي ته صفائي سٺائي جا اهي معيار جيڪي يورپ، آمريڪا ۽ جپان هاڻ وڃي حاصل ڪيا آهن، اسان وٽ پنج هزار سالَ اڳ هئا ـــ بلڪل صحيح آهي. پر هاڻ اهو سوچي افسوس ٿئي ٿو ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو به اسان تي چٿرون ڪن ٿا ۽ خبردار رهن ٿا. هڪ ملئي شاگرد کي ماءُ نصيحت ڪري ٿي ته ابا لندن ويندي ڪراچي ايئرپورٽ تي جيڪي ٽي چار ڪلاڪ ترسڻو پوندئي ان ۾ اتي جي هوٽل يا دڪان تان ڪا شيءِ وٺي نه کائجانءِ. اتي بند ٿيل بوتلن مان به مکيون نڪتيون آهن. دهلي ۽ مدراس جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ملئي شاگردن جون مائرون نصيحتن ۽ چتائن جي ڊگهي لسٽ ۾ جتي ڪٿي کائڻ کان ته منع ڪنديون آهن پر پيئڻ جي پاڻيءَ کان به جھلينديون آهن. ڪولمبو ۽ ڊاڪا ۾ اڪيلو ڦرڻ کان وٺي ڌارئين ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ کان جھليو ويندو اهي. ملاوت، گندگي، بدبوءِ، چوري، دوکو، مرزيل ڪتا ۽ بيماريون ٻليون، ڪاڪروچ ۽ ڪانگ، منگهڻ ۽ مڇر، سواريءَ جو اڍنگو بندوبست ۽ هوٽلن ۾ رهائش جي سلامتي ناپيد، تعليم جو ڪريل معيار ۽ آفيس ۾ قدم قدم تي رشوت جو آزار، خالي بوتلن ۽ ڪٽ لڳيل اوزارن واريون اسپتالون ۽ باد فرنگ جهڙيون بيماريون (جيڪي ڪنهن زماني ۾ فقط فرنگين (انگريزن ۽ يورپين) سان وابسته ڪيون وينديون هيون) ۽ پاروٿو پاڻي ۽ دونهاٽيل هوا ـــ اڄ اسان جهڙن ملڪن جي علامت ٿي ويئي آهي. دهلي وڃو يا ڊاڪا، ڪراچي وڃو يا ڪلڪتو، ڪوه مري وڃو يا لاڙڪاڻي ــ مٿيون شيون توهان جو آڌر ڀاءُ ڪنديون ۽ سرڪاري ٽوئرسٽ کاتو ۽ گائيڊ توهان کي فقط پراڻي ۽ سڌريل تهذيب جي لولي ٻڌائي ننڊاکڙو ڪندا.
بهرحال ڳالهه  ملائيشيا جي پئي هلي جتي ان قسم جي ملاوت ناهي، جيڪا اسان وٽ هلي ٿي. ڪئالا ترنگانو کان ڪئالا ڪنگسار تائين، پاسار پاڊانگ کان جوهور بارو تائين هتي هر شيءِ ــــ اٽي، اناج ۽ رڌ پچاءَ جي تيل کان وٺي مرچ مصالحي تائين نج ملي ٿي. پوءِ ان کي توهان خدا جو خوف سمجھو،  ملڪ جي قانونَ جو احترام سمجهو، يا پنهنجي قومَ ۽ ماڻهن لاءِ پيار سمجهو يا لالچ ۽ حرام کائڻ کان نفرت سمجهو ـــ بهرحال ڪجهه به سمجهو. هتي جو سيٺ، هتي جو واپاري، هتي جو هوٽل وارو راتو رات پنهنجي قسمت ٺاهڻ ۽ غريب عوام جي ڊاهڻ لاءِ کير ۾ پاڻي نٿو ملائي. مدي خارج دوائون نٿو وڪڻي. ٽن ڏينهن جي پاروٿي ٻوڙ ۾ وڌيڪَ مصالا وجھي گرم ڪري گراهڪن کي نٿو کارائي.
ملائيشيا ۾ ڪمند تمام گهڻو ٿو ٿئي ۽ تمام صاف ۽ مٺي جنس جو ۽ پيتو به ايترو وڃي ٿو جو ڳوٺ ڳوٺ . شهر شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ڪمند جي رس وڪڻڻ وارو ضرور ملندو. ۽ هِڪَ خيالَ کان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، سارسي جهڙن هٿرادو ٺهيل شربتن کان هي قدرتي شربت ڇو نه واپرايو وڃي، جڏهن ته هي سستو به آهي ۽ تازو به. هتي جي ماڻهن جي سواد ۽ شوق کي نظر ۾ رکي ملڪ جي وڏين هوٽلن ۾ به ڏينهون ڏينهن ڪمند جو رس هڪ فئشن ايبل ڊرنڪ ٿيندي وڃي ۽ هاڻي ته مئڪڊنالڊ آمريڪن ڪمپنيءَ به پنهنجي مڙني دڪانن تي Air Tebu (ڪمندَ جي رس) شروع ڪري ڏني آهي.
ڪمند جي رس پيئڻ بعد پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آيس. ورتل سامان ۽ فوٽو اسٽيٽ پنا ٺاهي رکيم. اتي هوٽل واري جو فون آيو.
”صبح جو توهان ڪيڏيءَ مهل ڪار ڪڍندائو؟“
”چئي نٿو سگهان. اٺين نائين بجي ڌاري.“ مون وراڻيومانس.
”ته پوءِـ هينئر ئي گاڏي پاسي تي ڪري بيهارجو جيئن صبح جو سوير اڳيان بيٺل ڪار وارو همراهه نڪري وڃي.“
آئون چاٻي کڻي هيٺ لٿس. هِڪَ خيالَ کان اهو ڪم هينئر ڪرڻ صحيح هو نه ته صبح جو خبر ناهي ڪنهن وقت هو ننڊ مان اچي اٿاري. جنهن جي گاڏي اڳيان بيٺل هئي، ان جو تعليم کاتي سان واسطو هو. پاڻ ۽ سندس ٻيا ساٿي جوهوربارو کان ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا هئا. پاڻ هوٽل ۾ ترسيو هو، باقي ٻين جا ڪوالالمپور ۾ مائٽ  هئا، انهن وٽ وڃي ٽڪيا هئا. کيس صبح جو سوير انهن کي کڻي  ميٽنگ لاءِ پهچڻو هو.
پنهنجي ڪار پاسي تي پارڪ ڪري ماني کائڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. پاڪستاني مسجد اڳيان ڪيترا ئي کاڌي جا اسٽالَ لڳل هئا ــ خاص ڪري ٿائي، انڊين ۽ پاڪستانين جا. دير ٿيڻ ڪري ڪيترا خالي ٿي چڪا هئا پر تڏهن به ٻه ٽي کليل هئا. هڪ اسٽال مٿان بسم الله ۽ چنڊ تاري جو فريم ٽنگيل ڏسي سمجھي ويس ته  هيءَ ڪنهن مسلمان جي ئي هوٽل آهي. ڪاٺ جي ٽيبلن مان هڪ جي چوڌاري هڪ ملئي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻوڙ ماني کائي رهيا هئا. هڪ ٻئي ٽيبل تي چيني فئملي ويٺل هئي، جن ڀت سان مڇيءَ جو ٻوڙ کائي بس ڪيو هو، جنهن جا ڇلر ۽ ڪنڊا پليٽ جي ڪنڊَ تي رکيل هئا ۽ هاڻ ڪافي پي رهيا هئا.
آئون جيئن ئي ڀر ۾ هڪ ٻي خالي ٽيبل تي ويٺس ته باجو ڪورنگ (ملئي ڊريس) ۾ ملئي عورت پڇڻ آئي ته ڇا کائيندين. ”تُنگو سيڪاجپ“  (ٿورو ترسجانءِ) مون هٿ جي اشاري سان ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيومانس. هوءَ مونکي ڇڏي چيني همراهن جون خالي پليٽون کڻي اسٽال ڀرسان رکيل پاڻيءَ جي ٽب وٽ ويهي ٿانوَ ڌوئڻ لڳي. اسٽال ۾ رکيل ديڳڙن جي قطار پٺيان سنهي منهن وارو ڊگهو ڇوڪرو ڪاغذ جا نئپڪن ويڙهي رهيو هو ۽ هڪ وڏي عمر وارو تئي تي ماني پچائي رهيو هو. ٻنهي جي منهن جا نقش نقشا ملئي ماڻهن جهڙا نٿي لڳا. قد ڊگهو ۽ جنهن هوٽل ۾ چپاتي، ڊگڙ، نان يا اڦراٽا پچي رهيا هجن، سا پڪ ڪنهن پاڪستانيءَ جي ٿي سگهي ٿي يا اتر هندستاني سک، ڪشميريءَ جي.
آئون پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي ماني پچائڻ واري همراهه جي ويجھو آيس،  جيڪو باقي بچيل اٽي جي آخري ماني تئي تي وجھي رهيو هو. مون، هتي جي دستور موجب هڪ هڪ ديڳڙي جو ڍڪ لاهي اندر رڌل ٻوڙ ڏٺو. اڌ کان وڌيڪَ ديڳڙا خالي هئا جو ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ملائيشيا ۾ هن قسم جا اسٽالَ شامَ جو پنجهين کان وٺي نائين ڏهين تائين هلن ٿا. ان بعد مالڪ ٽيبل ڪرسيون ويڙهي اندر اسٽال ۾ رکن ۽ ديڳڙا وئن يا پڪ اپ ۾ وجھي گهر روانا ٿي وڃن. جتان ٻئي ڏينهن لاءِ رڌي کڻي اچن. اسٽال واري آخر ماني تئي مان ڪڍي باهه وسائي منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. مون کيس ڦرهين ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي لاءِ چيو، جيڪا هن ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان پليٽَ ۾ وڌي. ان دوران مون کانئس سندس ۽ مالڪ جو نالو پڇيو:
”پاڪستان جو آهيان پر هاڻي ته هتي جو ئي ٿيس، نالو حاجي يونس اٿم. توهان ڪٿي جا آهيو؟“
”آئون به پاڪستان جو آهيان.“ مون کيس ٻڌايو.
”اڃا پاڪستاني آهيو يا هن ملڪَ جي قوميت اٿوَ؟“
”اڃا تائين ته پاڪستاني آهيان.“ مون مرڪندي وراڻيومانس. جيڪا ڳالهه کيس شايد ٿوري ٽوڪ طور لڳي يا هن پنهنجي ئي خيالن ۾، پليٽ ۾ ٻوڙ وجھندي وراڻيو:
”بس سائين اسان ته هتي جا ئي ٿي وياسين. ۱۹۳۰ع ۾ آئون هتي ئي ڄايس ۽ هاڻ ته ان کي پنجاهه سالن کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي. منهنجو پيءُ ۱۹۱۶ع ۾ هتي آيو هو ۽ پوليس کاتي ۾ ڀرتي اچي ٿيو هو. رڳو ڀاڄي کائيندائو. مڇي نه کائيندائو؟“
”نه. مڇي گانگٽ کان الرجي ٿيم ٿي. جيتوڻيڪ وڻيم ڏاڍي ٿي.“
”ڏاڍي ٻڌايوَ. هتي ملائيشيا ۾ ته سامونڊي کاڌو کائڻ لاءِ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ٿا ماڻهو اچن. توهان ان نعمت کان محروم آهيو. ڀلا ٻيو ڇا ڏيانوَ؟“
”ٻيو ته ڪجهه تو وٽ بچيو ئي ناهي. ڪڪڙ جو ٻوڙ به ناهي، ڀلا ڳائو گوشت اٿئي؟“
”بس سائين دير ٿي ويئي آهي سڀ کپي ويو آهي. ڪڪڙ جو ٻوڙ به هوم ته بيضن جو ٻوڙ به. پر سڀ هلي ويو. باقي ڳائو مون رڌڻ ڇڏي ڏنو آهي”“
”ڇو؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”هونءَ هتي ٻن قسمن جو بيف (ڳائو گوشت) هلندو هو. هڪ ملائيشيا جي ڍڳين جو تازو ڪٺل گوشت جيڪو ڏهن ڊالرن (سٺ رپئي) ڪلو ۽ آسٽريليا کان آيل فروزن (ٿڌو ٿيل) گوشت ـــ جيڪو اٺين ڊالرن هلي ٿو. پر اهو به سٺو آهي ۽ ڀلين ڍڳين جو آهي. پر هاڻ ڪجهه  مهينن کان انڊيا وارن ڳائو گوشت اسان جي ملڪ ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۾ ته ڳئون کي ڪهي رڌي نٿا سگهن سو غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ هيڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو اٿن. پر افسوس جو سندن ڍڳيون پوڙهيون آهن يا بيمار ۽ ڏٻريون جو گوشت ۾ بنهه مزو ناهي. ۽ شايد ان ڪري اهو گوشت فقط پنج ڊالرن ۾ ڪلو ملي ٿو. سستو هجڻ ڪري اڄڪلهه هتي جي هوٽل وارن جو زور ان گوشت تي آهي. پر منهنجي دل اهڙو گوشت پچائي گراهڪن کي کارائڻ تي نٿي چوي. مانيون گهڻيون ڏيانوَ؟“
”ٻه. منهنجي خيالَ ۾ هتي اوسي پاسي ۾ توهان ئي آهيو جيڪو ماني پچائي ٿو. مونکي به پاڪستاني مسجد جي پيش امام ٻڌايو.“
”ها. اڦراٽا ۽ نان ٻيا به پچائين ٿا. پر هي سنهڙيون مانيون ــ جنهن کي ملئي ماڻهو به چپاتي سڏين ٿا سي رڳو آئون پچايان ٿو.“
ٻوڙ جي پليٽ مون کنئي، چپاتيون ۽ هلڪي رنگ جو گلاب جو شربت پاڻ کڻي مون واري ٽيبل تي رکي منهنجي سامهون ٿي ويٺو.
”مونکي پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ملي سگهندو؟“
”ها. ها. ضرور“kasi dia gelas air sejuk.  ملئي ڊريس ۾ جيڪا عورت  ٿانوَ ڌوئي رهي هئي، ان کي حاجي يونس ٿڌي پاڻيَ جا ٻه گلاسَ آڻڻ لاءِ چيو.
”دراصل هتي اهو فئشن چئجي يا رسم ته هرڪو مانيءَ تي به پاڻيءَ بدران شربت يا چانهه ڪافي پيئي ٿو. ايترو مٺاڻ کائڻ به سٺو ناهي ۽ ٻيو ته شربت اڃ مارڻ بدران ويتر تانگهه وڌائي ٿو.“ حاجي يونس ٻڌايو.
ملئي عورت پاڻي رکيو ته حاجي يونس کيس مون بابت ٻڌايو: “Dia Dari Pakistan” ــ هي پاڪستان کان آيل آهي ۽ مونکي ان عورت جي واقفيت ڪرائيندي ٻڌائين ته هوءَ سندس زالَ آهي ۽ هن جا ماءُ پيءُ هتي جا ملئي آهي.
”توهان کي مون ٻڌايو پئي ته بابو ملائيشيا آيو ته وري واپس نه ويو. اسين هتي ئي ڄاواسين ۽ اسين به تڏهن واپس پنجاب وڃي نه سگهياسين. ٻي وڏي لڙائي شروع ٿي ويئي. جپاني ڌوڪيندا اچي هتان نڪتا. انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون. اسان نوڪر ماڻهو سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي. تن ڏينهن ۾ سفر ڪو ائين سولو نه هو. جيسين ڪو جهاز اچي. ان لاءِ پئسو ٿي کتو. اسان غريب ماڻهن کي وارو به ڪو ائين سولو نٿي مليو، پهرين اهم ماڻهن ڀڄڻ جي پئي ڪئي. ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي. اسين ڇڙا هئاسين. اڳيان پويان ڪير ڪو نه هو. سمجھه ۾ نه پئي آيو ته وطن وڃي به ڇا ڪجي، جتي پڻ جنگ جو اولڙو لڏي رهيو هو. هتي ئي ترسي پياسين. پوءِ  شادي به هتي ڪئيسين. ٻار ٿيا ۽ وڏا به ٿي ويا. اهو ڇوڪر جيڪو بيٺو آهي اهو منهنجو ننڍڙو پٽ آهي، ٽي ڌيئون ٻه پٽ اٿم.“
”ماني سٺي اٿانوَ.“ مون ٻه چار گرهه کائيندي چيو، ”ڀلا هي رڌ پچاءُ ـــ هوٽل جو ڪم ڪيترن سالن کان ڪندا اچو؟“
حاجي صاحب کلندي چيو: ”هي ڪم هاڻ شروع ڪيو اٿم. اڃا سال به نه ٿيو آهي. هن کان اڳ بئنڪ ۾ چوڪيدار هوس.“
”پوءِ اها نوڪري؟“ مون پڇيومانس.
”ڇڏي ڏنم. سائين ٿيو هيئن. توهانکي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايان ٿو. بئنڪ ۾ آئون ٽيهن سالن کان نوڪر هوس. پگهار سٺو هو پر مسئلو هر وقت موڪل جو رهيو ٿي. ٻن سالن کان مون کي ٻن ٽن مهينن جي موڪل کتي ٿي جو ٻارن کي پاڪستان وٺي وڃڻ  چاهيم ٿي.
.چئبو ته مائٽن کي وساريو نه اٿانوَ.“
”بلڪل نه. ٻه ڀيڻون ۽ ڀاءُ اٿم. انهن جو اولاد آهي. لاهور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهن ٿا ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا. گهڻن ڏينهن کان ڀاءُ جي صحت صحيح نٿي رهي ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي به پنهنجو ملڪ ڏيکارڻ چاهيم ٿي. سو نيٺ بئنڪ جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏنم. رهيل پگهار ۽ هيترن سالن جو فنڊ ملائي مونکي مليا ڪل ٽيهه هزار کن ڊالر ـــ يعني پنهنجا ٿيا ٻه لک رپيا کن. انهن مان ڪجهه هتي رکي ٻيا کڻي ٻارن کي پاڻ سان وٺي پاڪستان پهتس. هڪ وڏي ڇوڪريءَ جي ڀاءَ جي پٽ سان شادي ڪرايم. باقي ٻن ننڍن ڌيئن کي قرآن حفظ ڪرڻ تي ويهاريو اٿم. پٽن کي واپس ملائيشيا هلڻ لاءِ چيم ۽ آئون ۽ زال ماشاءَ الله حج ڪري هتي پهتاسين. نوڪري ته ويئي  هلي. پيٽ گذر لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو. پوءِ جيڪي پئسا هتي ڇڏي ويو هوس تنهن مان هي اسٽال، ديڳڙا ۽ ٿانوَ ورتا اٿم. هاڻ آئون ۽ زال صبح جو ڀاڄي ڀتي وٺي گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪريون ۽ شامَ جو گاڏيءَ ۾ سامان رکي هتي وڪڻڻ لاءِ اچون. اٽو گهران ڳوهي ايندا آهيون ۽ پوءِ گرم گرم ماني هتي اچي پچايان. ملئي توڙي چينين کي هونءَ ئي گهر کان ٻاهر کائڻ جي گهڻي عادت آهي سو ٻين سان گڏ منهنجو هي هٽڙو پڻ سٺو پيو هلي.“
اتي پاسي واري گهٽيءَ کان ڪرامت سپر مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽان ڇهه ست ملئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا عجيب فئنسي اڌ اوگهڙ وارن ڪپڙن ۾، نچندا ٽپندا، هڪ ٻئي سان چرچا ڪندا، اسان جي ڀرسان لنگهي ويا. ڇوڪرين جي منهن تي گهاٽي ميڪ اپ جو تهه چڙهيل هو ۽ ٻنهي ڌرين جي وارن جون ڪجهه چڳون، اڄڪلهه جي فئشن مطابق رنڱيل هيون. هتي جي مشهور ٽينس رانديگر مصبون صديق ۽ ڳائڻي داتو شيخ کي ڏسي ٻين به هي فئشن شروع ڪيو آهي. ۽ اهي وري انگلينڊ ۽ فرانس ۾ رهي موٽڻ وقت اها نواڻ هتي کڻي آيا آهن. اسان کين گهوري ڏٺو ته  هڪ ٻن پنهنجي چيلهه کي لوڏو ڏيئي Disni aku menanti ملئي گاني جو ٿلهه ڳائي سيٽي وڄائي.
جڏهن پري، ڪوالالمپور انٽرنيشنل هوٽل ڏي هليا ويا ته حاجي يونس ڳالهايو:
”ٽي وي ڏسي ڏسي هاڻ هن ملڪ جي نوجوانن جو به خانو خراب ٿي ويو آهي. نه ته هي ملئي اهڙا اڍنگا  ڪپڙا ۽ حرڪتون هرگز نه ڪندا آهن.“
”اهو ئي آئون سوچي رهيو آهيان. هي سڀ ڪجهه سال ٻن کان معاملو بدلجڻ شروع ٿيو آهي.“ مون کيس کلندي چيو، ”خبر اٿانوَ حاجي صاحب! آئون ڪتابن ۽ اخبارن لاءِ سفرناما پڻ لکندو آهيان. پنج ڇهه سالَ اڳ جيڪي ڪجهه هتي جي ماڻهن ۽ هن ملڪَ لاءِ لکيو آهي ان جا پڙهندڙ اڄ جيڪڏهن هي لَقاءُ اچي ڏسن ته مونکي موچڙا هڻن ته مون ڪوڙ لکيو آهي. هتي ته ڪجهه ٻيو ئي نمونو هلي پيو ــ خاص ڪري ڪوالالمپور ۾.“
”ها سائين! هي سڀ ڪم هاڻ وڌندا وڃن. سنگاپور وارن کي ڏسي ملائيشيا جا چيني ماڊرن ٿين ٿا ۽ انهن کي ڏسي هي اسان جا ملئي پڻ.“
”پر حاجي صاحب اها ڳالهه آهي ته هي چند مثال آهن نه ته هتي جي گهڻائي اڃا به باادب، بافضيلت ۽ پراڻن قدرن ۽ ڳالهين کي مڃڻ واري آهي. ۽ هي چند مثال به شهرن ۾ نظر اچن ٿا نه ته ڳوٺن ۾ ــ خاص ڪري جنهن پاسي آئون رهان ٿو، هن ملڪ جا نوجوان سڀ ڪجهه هوندي به شوبازي ۽ ٽرڙپائي کان پاسو ڪن ٿا. هو تعليم ۽ ملڪ جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا.“
ٿوري دير ماني کائڻ بعد حاجي صاحب کان مون پڇيو: ”سائين ڀلا توهان وٽ ڪهڙا گراهڪ اچن ٿا؟“
”هر قسم جا. ملئي اچن ٿا. چيني اچن ٿا. ويندي يورپين ٽوئرسٽ اچيو نڪرن. پاڪستاني هن پاسي اچي ٿو ته اهو به پهرين هتي اچي ٿو. خبر اٿانوَ پهرين هتي جا ماڻهو اسان جي ماني نه کائيندا هئا پر هاڻ هنن کي ڏاڍي وڻي ٿي. اهو ان ڪري جو پاڻ جيڪو ٻوڙ رڌيون ٿا ان جو مرچ مصالو چڱيءَ طرح ڀُڃي پوءِ لاهيون ٿا. ٻين وانگر نه جيڪي اڌ ڪچو اڌ پڪو لاهيو وٺن، پوءِ ان مان گرم مصالي جي ڌپ پيئي اچي ۽ اهو کاڌو پيٽ ۾ به سور ڪري ٿو.“
ڀر وارن ٽيبلن تان ملئي ۽ چيني همراهه ڪڏهن ڪو وڃي چڪا هئا. حاجي يونس جي زال ۽ پٽ هاڻ خالي ديڳڙا پنهنجي گاڏيءَ ۾ رکي گهر موٽڻ جي تياريءَ ۾ هئا. مون به  هٿ ڌوئي مانيءَ جو بل ٻه ڊالر ٽيهه سينٽ ڏيئي حاجي صاحب کان موڪلايو.


جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


7 comments:

  1. توهان جي ذاتي قرض جي ضرورت آهي ڇا؟ توهان جو پڪو، ڪمپني يا صنعت جي مالي مدد جي ضرورت آهي ڇا؟ توهان ناڻي جي ضرورت آهي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪري ٿا؟ توهان ناڻي جي ضرورت آهي پنهنجي ڪاروبار وسعت پيدا ڪرڻ ٿا؟ اسان شوق ماڻهن جو سٺو ايمان سان قرض لڳندا آهن کي قرض ڪڍي ڏي. توهان هڪ تڪڙي قرض اي ميل تي اسان سان رابطو جي ضرورت ۾ سنجيدگي آهن: exxonmobil191@outlook.com

    قرض اپليڪيشن تفصيل
    1) مڪمل نالا: ............
    2) جنس: .................
    3) عمر: ........................
    4) ملڪ: .................
    5) فون نمبر: ........
    6) ويو: ..............
    7) وارو آمدني: ......
    8) قرض رقم جي ضرورت آهي: .....
    9) قرض پهتل: ...............
    10) قرض جو مقصد: ..........

    آداب

    ReplyDelete
  2. سلام، مون کي ته اوھان کي شوق آهي هڪ نجي قرض رکڻ وارو 2٪ مان هڪ فرد جي شرح کي قرض ڏيندو آهيان، تون اسان کي هڪ اي ميل موڪلي سگھو ٿا: worldfinanceloancompany101@gmail.com اوھان کي جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي موٽڻ

    ReplyDelete
  3. ن کي جعلي قرض ڪمپني جي هڪ قرض انڪار ڪرڻ ٿي اوھان کي اوھان جي بل بند ادا ڪرڻ لاء هڪ تڪڙي قرض جي ضرورت آهي ڇا توهان unsecured قرض جي ضرورت ڇا آهي، توهان هڪ ڪاروبار قرض ڳولي سگهو ٿا؟ ذاتي قرض، گھر قرض، ڪار قرض، شاگرد قرض، ڀيڻ ڪٺا قرض، مشهور گاديء جو، وغيره. ... اسان 2٪ فائدي جي شرح جو هڪ گهٽ ۽ سستي فائدي جي شرح ۾ ڌنڌا ۽ ماڻهن کي مالي opporunity کي عاري مٿي ٿيا آهن. اوھان کي تڪڙي قرض وٺڻ لاء شوق آهي ته؟ مهرباني ڪري اي ميل ذريعي اسان سان رابطو اڄ: (ZENITHBANKOFNIGERIA321@GMAIL.COM) ۽ اڄ پنهنجي قرض حاصل ڪري.

    ReplyDelete
  4. This comment has been removed by a blog administrator.

    ReplyDelete
  5. ننڍن ۽ وڏين لاء ڊگريون قرضن ۽ گرجز لميٽيز جو قرض 2 سيڪڙو سود جي شرح تي.

    توهان کي ڪاروباري شروع ڪرڻ يا توهان جي بلن کي ادا ڪرڻ لاء قرض جي ضرورت آهي؟، اسان قرض جي سڀني قسمن، نجي قرض،
      تجارتي ۽ ذاتي قرض تمام گھٽ منافعي جي شرح سان دنيا ۾ ڪٿي هڪ سال ۾ 2٪ گهٽ ۾ گهٽ 25 سال جي اداڪاري جي مدت تائين. اسان قرضن کي پيش ڪندي 1000 کان وٺي ڪنهن به رقم توهان جي درخواست ڪئي، اڄ اسان سان اي ميل ڪريو؛

    oceanfmortgages@gmail.com
    oceanfmortgages@gmail.com

    +447087694046

    ReplyDelete
  6. ڇا توهان کي 100٪ قرض جي ضرورت آهي؟ آئون پنهنجي مالي ضرورتن جي واپسي جا مسئلا سان گڏ ڪري سگھون ٿا ڇو جو اسان توهان کي صرف 2 سيڪڙو لاء فنڊ فراهم ڪيو آهي. جيڪو توهان جي حال، نفس، ملازمت، رٽائرڊ، ايڊور ڪريڊٽ جي رتبي آهي، اسان مدد ڪري سگهون ٿا. Flexiblerepayment کان 1 کان 30 سالن تائين. اسان سان رابطو ڪريو: comfortfrankloanfirm@gmail.com





    توهان هڪ ڊگهي يا مختصر مدت جي قرض ڳولي رهيا آهيو

    1 پورو نالو: ............................
    2 ايڊريس ايڊريس: .......................

    3. تفصيل: .....................

    4. ايسڪس: ...............

    5. قرض جي رقم ضروري آھي: ....................
    6. دوراني قرض: ...................
    7. سڌو ٽيليفون نمبر: .................

    گهڻو پيار،

    comfortfrankloanfirm@gmail.com

    ايل
    نواب خير بخش مري: آرام

    ReplyDelete
  7. فريمن کي ڀروسو ڪرڻ لاء مدد ڪريو

    خدا حافظ،
    توهان جي مالي گهرجن کي حل ڪرڻ لاء فوري طور تي قرض جي ضرورت آهي، قرض کان 3،000.00 کان ڊالر تائين 1،000،000.00 رپيا ڏنا. ميڪسي، اسان قابل اعتماد، موثر، تيز ۽ متحرڪ آهن، 100 سيڪڙو گارنٽيڊ قرض پڻ ڏئي ٿو (يورو، پائونون ۽ ڊالر). سود جي شرح سڀني قرضن تي لاڳو ٿئي ٿي (3٪)، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان ڏانهن واپس وڃون.

    جي ذريعي (trustfirm2010@gmail.com): خدمتون مهيا ٿيل آهن:

    * گھر سڌارو
    * قرض انوارو
    * قرضن جو تسلسل قرض
    * ڪاروباري قرض
    * ذاتي قرض.

    اسان سان رابطو ڪريو ۽ اسان سان گڏ ڪاروبار ڪرڻ لاء خوش آهيون
    اي ميل: trustfirm2010@gmail.com

    ReplyDelete