ڪافڪا
اسحاق انصاري
پراگ ۽ ڪافڪا کي الڳ نه ٿو ڪري سگھجي. توهان کي پراگ
۾ ڪافڪا جو پاڇو هر وقت محسوس ٿيندو. هن شهر جا جيڪي به سياحت جا اشتهار هوندا پوءِ
اهي چاهي، وڏن بل بورڊز جي صورت ۾ هجن يا، بروشر هجن يا وري هتان جي ويوڪارڊ هجن ان
۾ ڪافڪا جو ذڪر ۽ شبيهه ضرور ملندي. ان کان علاوهه هتي وڪامجندڙ ٽي شرٽس تي، ڪافي جي
مگن ۽ ٻين سووئنرز تي به ڪافڪا جي شڪل ٺهيل ملندي.
۱۹۹۳ جي
چيڪ ۽ سلوواڪ جي الڳ الڳ ملڪ جي صورت وٺڻ کانپوءِ ڪجھه وقت ته سلوواڪيا ۾ رهندڙ شاگردن
کي چيڪ ريپبلڪ ۾ بغير ويزا جي اچڻ ڏنو پئي ويو پر سال کانپوءِ ويزا وٺڻ لازمي هئي.
هڪ ڀيري مان ويزا وٺڻ ويو هيس ته چيڪ ويزا آفيسر سوال ڪيو
“پراگ ڇو ٿا وڃو؟”
“ڪافڪا ڪيفي ۾ ڪافي پيئڻي آهي، شويڪ (چيڪ جو مشهور
ليکڪ) جي پب ۾ وڃڻو آهي ۽ اوُ فلائيڪا(جتي نيپولين به بيئر پيتو هو) به هن ويڪ اينڊ
تي گھمڻو آهي”
هن مونکي ويزا هڻي ڏني. اهو ته ويزا واري آفيسر کي
جواب هو، پر حقيقت ۾ به ابرار مري ۽ مان منهنجي پراگ جي ٽوئر جي دوران پروگرام ٺاهي
ڪنهن مشهور ليکڪ جي پب يا ڪيفي ۾ ويندا هياسين.
اهڙي ريت ڪافڪا سان لاڳپيل هنڌن تي به ويندا هياسين.
ادبي دنيا ۾ ڪافڪا، اهم نالو آهي، ڪافڪا ۳
جولاءِ ۱۸۸۳ ۾ پراگ جي هڪ يهودي خاندان ۾ جنم ورتو.
پراڻي شهر جي پڌر جي ڪنڊ واري هڪ گھٽيءَ ۾ ڪافڪا جو
گھر (جيڪو هاڻي ميوزيم آهي) نظر ايندو ته وري ٻي پاسي ڪافڪا جي محبوبا جي نالي ئي سان
ٺهيل ڪيفي “ڪيفي ملينا” ۾ يورپ جا نوان توڙي پراڻا ليکڪ ڪافيءَ جو سُرڪيون ڀريندي نظرا
يندا. ان هنڌ بيٺي مان سوچيندو آهيان ته پراگ ڪنهن به ماڻهو کي آرٽسٽ بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار
ادا ڪري سگھي ٿو ڇو جو هر قدم تي اتساهه آهي. ايئن آهي به صحي ته پراگ ۾ ئي ڪافي موسيقار،
آرٽسٽ، آرڪيٽيڪٽ ۽ ليکڪ ملندا. پراگ جي آرٽسٽڪ ماحول ۾ جڏهن سوڙهين پر خوبصورت گھٽين
مان گذربو آهي ته پيرن هيٺيان پٿرن جي فرشبندي هڪ موسيقي وڄائيندي آهي ۽ عمارتن ۽ ٿنڀن
۾ لڳل فانوسن جي روشني بارش جيان مٿان ڪرندي آهي ۽ ماحول کي وڌيڪ رومينٽڪ ڪري ڇڏيندي
آهي.
اهڙي ئي هڪ گھٽيءَ ۾ اوڻويهين صديءَ جو هڪ صحافي، ليکڪ
۽ شاعر يان نيرودا به رهندو هو، جنهن جي نالي پويان چليءَ جي شاعر پبلو نيرودا پنهنجو
نالو يا تخلص رکيو.
مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾
چيڪ ادب ايترو متعارف ٿيل ناهي سواءِ ڪافڪا ۽ ڪنڊيرا جي، نه ته هتان جو ادب ۽ آرٽ پراڻي
زماني مان وٺي يورپ ۽ دنيا جي ادب ۾ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو.
چيڪ ادب جون پاڙون اسان کي اٺين صدي
۾ ملن ٿيون ان وقت اها بادشاهت “گريٽ موراويا” جي نالي سان مشهور هئي ۽ بازنطينيا
جي شهنشاهه مائيڪل ٽين پنهنجين مذهبي اڳواڻن سيرل ۽ ميٿوڊس کي موڪليو ته جئين عيسائيت
جي پرچار ڪري سگھن، انهن ٻن ڄڻن هتي اچي ٻولي کي لکڻ لاءِ الفا بيٽ ٺاهي. ان کان پوءِ مختلف وقتن
۾ چيڪ ادب ترقي ڪندو رهيو. انهن ٻنهي اڳواڻن سيرل ۽ ميٿوڊس جي ڏينهن تي هتي عام موڪل
به ڪئي ويندي آهي.
جيئن مون پنهنجي ڪنهن اڳ واري ليک ۾ يان هُساڪ جو ذڪر
ڪيو آهي. پندرهين صديءَ ۾ هن جي تحريڪ هُسائيت
جي نالي سان شروع ٿي. جنهنجو مقصد هو ته مذهبي مسئلن سان گڏ معاشي ۽ معاشرتي مسئلن
کي به ڏٺو وڃي. هو پروٽيسٽنٽ رفارمسٽ هو. هن جي ان تحريڪ ڪري چيڪ قومپرستيءَ۾ به واڌارو
آيو ۽ ادب ۾ گھڻو ڪري نثر لکجڻ لڳو جيڪو مذهبي وڌيڪ هو پر ان کان علاوه مختلف سماجي
مسئلن جي به ان ۾ ذڪرٿيل هو. هن چيڪ گرامر به ٺاهيو ۽ ان کان علاوه هن جي وڏي ڳالهه
اها هئي ته هُن پيڙيل طبقن تي وڌيڪ لکيو جيڪو مثال اڳ جي چيڪ ادب ۾ نه ٿو ملي. ان کان
علاوه عام طور تي جيڪي به مذهبي راڳ هوندا هيا اهي لاطيني ٻوليءَ ۾ هوندا هيا پر هُس
جي ڪري اهي چيڪ ٻولي ۾ لکيا ويا ۽ ڳايا ويا. ان تحريڪ جو اثر پوءِ جي ادب تي به پيو پر هڪ فرق اهو ٿيو ته اديب سماجي مسئلن تي
به لکڻ لڳا. هُس جي اهي ڪوششون ڪيٿولڪ چرچ کي پسند نه آيون ۽ کيس گرفتار ڪري موت جي
سزا ڏني وئي.
نه رڳو چيڪ جي پنهنجين حالتن ۽ ادبي تحريڪن جي هتي
اثر پيو پر ٻاهريان اثر به قبول ڪيا،ِ يورپ جي ٻين ملڪن جيان هتي به بارڪ تحريڪ (۱۶۰۰-۱۷۵۰)
Baroque جنم ورتو. اها تحريڪ شروعاتي
طور تي ڪيٿولڪ ۽ ان کان پوءِ وري پروٽيسٽنٽ رفارمر جي ويڙهه کان پوءِ ردعمل طور سامهون
آئي. جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته پروٽيسٽنٽ رفارمر جي ڪيل ڪاوشن ۽ انهن جا آرٽ جي مختلف
فيلڊن تي پيل اثرن کي صاف ڪرڻو هو. ڪيٿولڪ چرچ ان کي نالو ئي ڏنو ”ڪائونٽر رفارم“.
ان ۾ ڪوشش اها ڪئي وئي ته ماڻهن کي وري ڪيٿولڪ چرچ ڏانهن واپس آڻجي ان ڪري هنن ماڻهن
کي راغب ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. ان تحريڪ هيٺ شين کي ڊرامائي انداز ۾ ڏيکاريو
ويو ۽ تصويرن ۾ خاص ڪري اونداهي ۾ گم شين کي خاص روشنيءَ سان اجاگر ڪيو ويو. ان دور
۾ چيڪ ادب ۽ آرٽ ۾ خاموشي نظر اچي ٿي سواءِ هڪ تعليمدان ۽ عالم يان ڪميونسڪي جي(هن
جي نالي تي براتيسلاوا ۾ هڪ وڏي يونيورسٽي قائم ڪيل آهي.
ڪافڪا، جون لکڻيون چيڪ نه پر جرمن زبان ۾ آهن. هو ڄڻ
ڄائو ئي لکڻ لاءِ هو ڇو جو هن جيئڻ جي لاءِ کوڙ جتن ڪيا، جن ۾ انشورنس ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ
کان وٺي، ٻه ٽي واپار به ڪيا پر هن پنهنجي لکڻ کي قربان ڪرڻ نه پئي چاهيو. تنهنڪري
هو پنهنجي نوڪري مان آزاريل هوندو هو ته صبح جي ۹
وڳي کان وٺي شام جي ۶ وڳي تائين ڪم ڪرڻ کانپوءِ
ڪو ڪهڙي نموني ادب کي وقت ڏئي سگھي ٿو.
هن جا پنهنجي پيءُ سان ننڍي هوندي کانوٺي اختلاف رهيا،
۽ هو محسوس ڪندو هو ته سندس پيءُ جي رويي جي ڪري هن جي شخصيت ان نموني ظاهر نه ٿي سگھي
جهڙي نموني ٿيڻ کپندي هئي. هن پنهنجين اهڙين ڪيفيتن جو اظهار ”پي ڏانهن خط“ ۾ به ڪيو
آهي. ان کان علاوه سندس يهودي هجڻ ڪري معاشري مان مليل مختلف ٽوڪن به هن جي شخصيت جي
ڀڄ ڊاهه ۾ ڪردار ادا ڪيو. ٻيو ته سِلهه جي بيماري جيڪا ان وقت لاعلاج سمجھي ويندي هئي
به کيس موڳو ۽ ويڳاڻو بڻائي ڇڏيو. ڪجهه وقت کيس اهو به احساس رهيو ته هو نامرد بڻجي
چڪو آهي. ان جو سبب اهو نه هو ته هُو ڪو نامرد هيو پر جيئن ته هو خطرناڪ حد تائين عورتن
سان جنسي ڳانڍاپي ۾ هوندو جنهنجي احساس ڪري هو سمجھندو هو ته سندس جنسي سگھه گھٽجي
وئي آهي. انڪري به شايد هو ڪنهن سان شادي نه ڪري سگھيو. جڏهن ته ڪافڪا جي دوستي سڀ
کان پهرين پنهنجي گھاٽي دوست ميڪس بريڊ جي مائٽياڻي فيليسي باير سان ٿي. جنهن سان هن
ٻه ڀيرا مڱڻو به ڪيو ۽ ٻئي ڀيرا ان کي ٽوڙي به ڇڏيو. هنن پنجن ڇهن سالن تائين هڪٻئي
خوب خط لکيا جيڪي پوءِ ڇپيا به. اهو به چيو وڃي ٿو ته هن جو فيلسي سان ناتو هوندي هُن
جي سهيلي مرگريٽ بلاخ سان به واسطا هيا ۽ ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته ان مائيءَ کي ڪافڪا
مان هڪ پٽ به ٿيو جنهن جي خبر ڪافڪا کي به نه هئي. پر ڪافڪا جي حياتيءَ تي لکندڙن
۾ ان ڳالهه ته اتفاق ڪونهي. سندس پيار، پوءِ پراگ جي صحافڻ ملينا ييسنسڪا سان ٿيو.
ان کي هن خط چيڪ ٻوليءَ ۾ لکيا ۽ ڪافڪا جو اهو ڪم رڳو چيڪ ٻولي ۾ نظر اچي ٿو نه ته
باقي سڀڪجھه هن جرمن ٻولي ۾ لکيو آهي. هنن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اهو ته ته لکندڙ
کي هن جي شخصيت جي پسمنظر ۾ به پرکي سگھجي ٿو ۽ ڪجھه نقادن، نفسياتدانن ائين ڪيو به
آهي.
ڪافڪا جي لکڻين جا به مختلف موڊ آهن ويڳاڻپ به انهن
۾ ملي ٿي، ته ڪن هنڌن تي سرئيلزم جي به جھلڪ نظر اچي ٿي ته ڪٿي وري ايڪسپريشنزم جا
به آثر نظرا چن ٿا. پوءِ اهو دي ڪيسل ناول هجي، آمريڪا هجي يا ٽرائل، ميٽا مارفسس هجي.
اهڙا گھٽ ليکڪ هوندا آهن جن جي نالي پويان هڪ اصطلاح يا هڪ لاڙو منسوب ڪيو وڃي. ڪافڪا
به انهن مان هڪ آهي جنهن جي نالي پٺيان هڪ لاڙو “ڪافڪين ورلڊ” سڏيو وڃي ٿو.
اسان ڪافڪا جي ان گھر جتي پيدا ٿيو هو اتي ضرور ويندا
هياسين، پر ان کان علاوهه هو ڪجھه عرصو سونارن واري گھٽي يا زلاتا اليچڪا جي گھر ۾
به رهيو، هاڻي ان گھر ۾ هڪ ميوزيم ٽائيپ سووينئير اسٽور ٺهيل آهي جتي ڪارڊن کان وٺي
ڪي چين تائين ۾ ڪافڪا ئي ڪافڪا آهي. اها گھٽي، پراگ جي قلعي واري ڪامپليڪس ۾ آهي.
هڪ ڀيري اشتياق انصاري جڏهن پراگ گھمڻ آيو هو ته اسان
ڪافڪا ۽ سندس زندگيءَ ته هڪ اسٽيج ڊرامو به ڏٺو هو. جيڪو پراڻي شهر جي هڪ ننڍي ٿيئٽر
۾ ڪيو ويو هو. ڊرامو ته سٺو هو پر مون کي هڪ ڳالهه ايتري سٺي نه لڳي ته ان ڊرامي ۽
ڪافڪا کي ڄڻ يهودين جي مشهوريءَ لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. هر پاسي يهودين واري اٺ
ڪنڊو ڊيوڊ اسٽار ۽ ڪارو رنگ نمايان هو.
ڪافڪا به پراگ ۾ اهڙي ئي ستاري ۽ ڪاري رنگ ۾ پراگ
۾ ۱۱ جون
۱۹۴۲ تي
پوريو ويو جڏهن ته سندس وفات ۳ جون ۱۹۴۲
تي ٿي هئي.
خير جيڪو به هجي، ڪافڪا جو اثر، هن جي لکڻين جو اثر
۽ موجودگي نه رڳو پراگ ۾ محسوس ٿيندي پر اها سرحدن کي ٽوڙيندي دنيا جي هر هنڌ ملندي.
No comments:
Post a Comment