ٺڳ ايجنٽن هٿان ٺڳجندڙ سنڌي ڳوٺاڻا ۽ ڊوميسٽڪ فلائيٽ
الطاف شيخ
لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ، ڪراچيءَ کان منهنجي اڏام پوري پنجين
وڳي هئي. آئون ٻين وڳي کان ايئرپورٽ جي انتظار گاهه (لائونج) ۾ ويٺو هوس. سڄي لائونج
ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هئي. ساهه کڻڻ ۾ به دشواري ٿي رهي هئي. هوائي جهاز ۾ مٿانهين
بلندي Altitude تي اهڙي حالت ٿيڻ تي مسافر
مٿان ماسڪ (ٻوٿاڙا) پائي ڪري پوندا آهن، جن کي وات ۽ نڪ تي رکي ڊگها ساهه کڻڻ تي انهن
مان آڪسيجن اچي ٿي. منهنجي آسپاس سنڌي ٽوپين ۽ پٽڪن ۾ ويٺل ۽ بيٺل گهوٽڪيءَ جي ٻروچن
ٻڌايو ته هنن کي پنهنجي اڏام جي انتظار ۾ ذري گهٽ ۲۴
ڪلاڪَ ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي
مون کي ٽينـشن ٿي رهيو هو ته منهنجي اڏام ته خبر ناهي ڪڏهن ايندي. هو جدي کان ڪراچي
آيا هئا.
”ڀلا گهوٽڪي وڃڻ لاءِ توهان کي سکر لهڻو پوندو
يا لاڙڪاڻو؟“ مون هڪ کان پڇيو.
”سائين! سڀني کي سکر لهڻو پوندو، پوءِ اتان لاري
موٽر ۾ روانو ٿبو.“ هن چيو ۽ ساڳئي وقت پنهنجا به سور رنائين.. ”سائين! اسان کي ڪهڙي
خبر ته هيءَ ويڌن ٿيندي. اهڙي خبر هجي ها ته ڪراچيءَ مان ڪا بس يا ٽئڪسي ڪري گهوٽڪي
هليا وڃون ها.... پر اسان چاهيو ٿي ته اسان جا مائٽ ڏسن ته اسان سعوديه مان مزوري ڪري
هوائي جهاز ۾ ڳوٺ پهتا آهيون.. هينئر به اسان کي سامان ۽ ٽڪيٽ جا پئسا واپس ڏين ته
ڊائيوو بس ۾ هليا وڃون.“
ٺهيو! چئبو ته هي به مون وانگر پهريون دفعو ڊوميسٽڪ
اڏام ۾ سنڌ جي اندرئين شهر ڏي ٿا وڃن.. مون دل ئي دل ۾ اهو سوچي، پاڻ کي آٿت ڏني ته
ائين ٿي نٿو سگهي ته گهوٽڪي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي هڪ ئي ايئرپورٽ تي لاهين، پر
ٻي گهڙيءَ وري مايوس ٿي ويس ته ائين ٿي به سگهي ٿو. سکر ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ مفاصلو ئي
ڇا آهي! خبر ناهي ڪهڙو هوائي جهاز هلندو. جيڪڏهن ڪو وڏو جمبو آهي ته ۳۶ هزار فٽن جي بلندي تي سکر
۽ لاڙڪاڻو ٽڪنڊي جي Base تي ساڳيون ڪنڊون ٺاهيندا ۽
جيڪڏهن هڪ شهر جي ايئرپورٽ تي لهي پوءِ ٻئي
ڏي ويندو ته ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ايترو ته گهـٽ مفاصلو آهي، جو جيسين جهاز بلندي
حاصل ڪري سنوت ۾ اچي، تيسين ٻيو شهر اچي ويندو، بلڪ لنگهي ويندو..! بهرحال اهي مسئلا
PIA وارن جا آهن، باقي اسان جي وزيرن پنهنجي پنهنجي ضلعي
جي عوام کي ڪي اسڪول يا اسپتالون ٺهرائي ڏيڻ بدران هڪ هڪ عدد هوائي اڏو ضرور ٺهرائي
ڏنو آهي. پوءِ ڀلي سڄي هفتي ۾ فقط هڪ اڏام اچي، جنهن ۾ ويهه کن ماڻهو مس هجن. سيوهڻ
ايئرپورٽ تي ته شايد ئي مهيني ۾ به ڪا ڪمرشل اڏام لهي ٿي. اسان جي جهانگارا باجارا
جي دوست کان جڏهن ان ايئرپورٽ جو ڪارج پڇبو آهي ته هو عوام جي پئسي جي ان برباديءَ
تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري چوندو آهي.. “ادا! مون کي پاڻ سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهڙن هوائي
اڏن ٺهرائڻ جو فائدو ڇا آهي، جن جي رن وي تي جهاز لهڻ بدران ڪتا پيا گهمن! “
منهنجي اڏام جي وقت کان ڪلاڪ مٿي ٿيو ته چانهه جي اسٽالن
وٽ ڪارن ڪوٽن ۾ ٻن ڄڻن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي وڃي ساڻن خبر چار ڪيم. هو سکر وڃي
رهيا هئا. انهن مان هڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جو ائڊيشنل ائڊووڪيٽ جنرل شير محمد شيخ
هو. ڪافي خوش مزاج لڳو ٿي ۽ پنهنجي نوجوان ساٿي قربان علي ملاڻو سان چرچا ڀوڳ ڪري رهيو
هو. قربان عليءَ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ته هو هڪ ننڍڙي ڳوٺ بهرام خان ملاڻو جو ٿي ڪري،
ننڍي عمر ۾ (سندس ڄم جي تاريخ ۱۵
سپيٽمبر ۱۹۷۰ع آهي)، اڄ ڪلهه سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن سکر
جو صدر آهي ۽ هن کان اڳ ٽن سالن لاءِ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
قربان مئٽرڪ تائين ماٿيلو (مومل جي ماڙي) ڳوٺ مان پڙهيو
۽ پوءِ B.A تائين گهوٽڪي ۾ پڙهيو. منهنجي ان پڇڻ تي ته ڳوٺ
۾ رهي هن کي وڪيل ٿيڻ لاءِ ڪنهن لاڙو پيدا ڪيو؟ هن ٻڌايو ته؛ ”منهنجو پيءُ مکڻو خان
ملاڻو. جيتوڻيڪ هاري ماڻهو هو، پر هن چاهيو ٿي ته آئون تعليم حاصل ڪريان. منهنجو چاچو
بهرام خان، جنهنجي نالي ڳوٺ آهي، پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ ڳوٺ ۾ ٽيچر هو. سندس پرائمري گرامر
جو ڪتاب ۱۹۷۳ع کان ۱۹۸۵ع تائين پڙهايو ويو ٿي. هن ۽ منهنجي مامي مونکي پڙهايو ۽ وڪيل ٿيڻ کان
اڳ سکر جي هڪ سينيئر وڪيل نظام بلوچ (جيڪو شيخ اياز جو شاگرد هو) ان وٽ ڪلارڪ ٿي ڪم
ڪيم.“
ايتري ۾ منهنجو ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي اچي نڪتو.
هن کي حيرت ٿي ته آئون هتي ڪٿان اچي نڪتس. شير محمد شيخ صاحب چيس ته وڃي لاڙڪاڻي پيو،
پر پاڻ خيرپور وٺي ٿا هلونس. شوڪت ٽهڪ ڏئي مونکي چيو ته؛ ”چئبو ته ڪنهن نوڪري ڏيارڻ
واري ايجنـٽ بيوقوف ته نه بنايو اٿئي نه؟“ آئون سندس چرچو سمجھي ويس، جيڪو لاڙڪاڻي
جو هي موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٺهڻ کانپوءِ مرحوم تنوير عباسيءَ اسان کي ٻڌايو هو. چرچو
ته ڇا اسان وٽ عوام سان ٿيندڙ ظلم جي ڪهاڻي آهي ته ڪنهن ٺڳ ايجنٽ سعودي عرب ۾ نوڪري
ڏيارڻ جا ڏٽا ڏيئي غريب ڳوٺاڻن کان پئسا ورتا
ته؛ ”هو کين هوائي جهاز رستي مڪي موڪليندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي هنن کي ٻڌايائين
ته بابا هي هوائي جهاز توهان کي جدي وڃي ڇڏيندو. اتي لهي ايئرپورٽ کان ٻاهر اچي بس
۾ وهجو، جيڪا توهان کي مڪي وٺي ايندي، جتي منهنجو ماڻهو توهان سان ملي توهان جي نوڪري
۽ رهائش جو بندوبست ڪندو.“
ڪلاڪ ڏيڍ بعد هوائي جهاز جڏهن کين لاٿو ۽ ايئرپورٽ
کان ٻاهر نڪتا ته واقعي بس به تيار بيٺي هئي. هنن کي اهو ڏسي خوشي ٿي ته ڌارئين ملڪ
جي بس جو ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر به سنڌي آهي.
جڏهن بس هلي ته ٽڪيٽ واري هنن کان پڇيو ته؛ ”ڪيڏانهن
هلندا؟“ ته هنن وراڻيو:
”بابا مڪي هلنداسين، ٻيو ڪيڏانهن!“
ڊرائيور ڪاوڙ مان چين ته؛ ”هڪ ته فلائيٽ دير سان پهتي
آهي، ٻيو وري توهان جا نخرا. جلدي جلدي ٻڌايو ته آريجا لهندا، باقراڻي، لاڙڪاڻو، ماهوٽا،
نئون ديرو يا ڳڙهي خدا بخش؟“ ان بعد کين خبر پيئي ته ٺڳ ايجنٽ کين ڦري ويو ۽ هو مڪي بدران لاڙڪاڻي پهچي ويا آهن!
No comments:
Post a Comment