سڪندر اعظم جي ملڪ يونان ڏانهن
عبدالله مورائي
جمهوريت جي جنم ڀومي يونان (Greece) حالانڪ
يورپ هڪ ترقي يافته ملڪ آهي پر هتي به عام ماڻهن جو حڪومت ۽ سياستدانن تي اعتبار گهٽ
۽ بيزاري گهڻي آهي. سڪندر يوناني (سڪندر اعظم) جي ڌرتيءَ تي سال جا ٻه سؤ پنجاهه ڏينهن،
سج پنهنجي پوري جوڀن سان نروار ۽ روشن رهي ٿو ۽ دنيا جي ٿڌن ملڪن جا ماڻهو يونان جي
مختلف ٻيٽن جو رخ ڪن ٿا. هڪ اندازي مطابق هر سال هتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ سياحن
جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ ۽ ٻن ڪروڙن جي وچ ۾ رهي ٿو، جيڪو مسلسل وڌي رهيو آهي. ٻن هزار ٻيٽن
تي مشتمل هن ملڪ ۾ سياحن جي سهولت لاءِ تمام گهڻا بين الاقوامي هوائي اڏا قائم ڪيا
ويا آهن ته جيئن هر ڪو سياح پنهنجي منزل ڏانهن آسانيءَ سان وڃي سگهي.
سئيڊن جي مختلف يونيورسٽين جا مون سميت تقريبًا ويهارو
کن شاگرد سئيڊن جي حڪومت جي خرچ تي، يونان ۾ پاڻيءَ جي متعلق مسئلن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ
جڏهن ايٿنس (Athens) پهتاسين ته ڄڻ موسم هڪدم سخت سرديءَ مان ڦري
گرم ٿي وئي. هتي لڳو ڄڻ ماڻهو آرام ڪن ئي ڪو نه، هر طرف ماڻهن جي اچ وڃ ۽ پيهه پيهان.
ڪي ماڻهو بسن جي پٺيان، ته ڪي وري زمين اندر هلندڙ ريل گاڏيءَ جي پٺيان ڀڄي رهيا هئا
۽ ڪي بي فڪرا ٿيو کائڻ پيئڻ ۽ کلڻ ۾ مشغول هيا.
هتي جو نوجوان طبقو به انگريزي ڄاڻي ٿو ۽ جيئن ته اسان
جي تحقيق جو هڪ حصو عام ماڻهن کان سوال جواب ڪرڻ به هيو، سو جنهن کان به سوال پئي ڪياسين
ته انهن سٺو ريسپانس (Response) پئي ڏنو، پر پهريان اسان جو انٽرويو پئي ڪيائون
ته اسان ڪير آهيون؟ ڇا جي ڪري هيءَ تحقيق ڪري رهيا آهيون. بهرحال ٿيو ائين جو ٻئي ڏينهن
اسان کي هن مهل تائين ڪيل ڪم جي پريزنٽيشن (Presentation) ڏيڻي
هئي ته ڇا ٿيو ۽ ڇا وهيو واپريو. اسان جي تحقيق ڪندڙن مختلف ملڪن سان گڏوگڏ هڪ USA جو شاگرد
آدم (Adam) پڻ هيو، جڏهن سندس وارو آيو ته همراهه جو رنگ
ڦڪو هيو. پاڻ ٻڌايائين ته مان جڏهن پنهنجو تعارف آمريڪن ڪرايان ٿو ته هتي جا ماڻهو
مون کي ڪو خاص توجه نٿا ڏين ۽ ٽاري هليا ٿا وڃن. سو همراهه ڏاڍو پريشان هجي. اسان جي
هڪ پروفيسر کيس صلاح ڏني ته تون پنهنجو تعارف صرف ايترو ڪراءِ ته تون سئيڊن ۾ Msc ڪري رهيو
آهين ۽ تنهنجو نالو فلاڻو آهي. ٻئي ڏينهن کانپوءِ همراهه خوش نظر آيو. سڀني کان وڌيڪ
توجھ سئيڊن جي ڇوڪرين کي ملي رهيو هو. هڪ ته تمام خوبصورت ڇوڪريون ۽ وڏا قدڪاٺ ۽ ڪڪا
وار پوءِ ته هر ڪنهن چاهيو پئي ته انهن مان ڪا هڪ اڌ ڇوڪري اسان سان گڏ هلي انٽرويو
ڪري.
تحقيق جو نتيجو اهو نڪتو ته توڙي جو هتي تمام گهڻا
سياح هر سال اچن ٿا ۽ گڏوگڏ مقامي ماڻهو به وڌي رهيا آهن پر جيئن ته يونان هڪ ترقي
يافته ملڪ آهي ۽ کيس يورپ جي مقرر ڪيل معيارن کان هيٺ قطئي طور تي نٿو وڃي سگهي ۽ حڪومت
ماڻهن کي پاڻي جو بنيادي حق ڏئي ٿي ۽ انهن کي پاڻي سندن در تي پهچائي ٿي.
فرانس، اسپين سان گڏوگڏ يونان جا نوجوان پڻ يورپ ۽
دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن، ڪجهه ته نواڻ جي چڪر ۾ ۽ وري ڪجهه چون ته
هتي بيروزگاري وڌي رهي آهي. اڄڪلهه اتر يورپ ڏانهن جن ۾ ڊينمارڪ، ناروي، سئيڊن ۽ فنلينڊ
شامل آهن، شاگردن ۽ بيروزگار نوجوانن جو رخ وڌي رهيو آهي.
اٿينس جي هر گهر ۾ موسمين ۽ نارنگين جا وڻ/ٻوٽا لڳل
آهن ۽ ايڏيون ته انهن ۾ نارنگيون جو ماڻهو پٽي پٽي ٿڪجي پئي، پر جو کڻي وات ۾ وجهي
ته اندر ئي سڙي وڃي، کٽيون جهڙيون ٽڙهه. پوءِ خبر پئي ته اهي صرف مربو وغيره ٺاهڻ
۾ ڪم اينديون آهن. هتي گلن ۽ ٻوٽن سان ڄڻ عشق هجي. هر گهر جي درين مان يا فليٽن جي
درين مان گلن جون ڪونڊيون نظر اينديون ۽ دل کي راحت پئي ايندي.
هونءَ ته هن شهر ۾ عام رواجي آمدرفت جو نظام تمام بهترين
آهي پر تنهن هوندي به ماڻهو پنهنجون ڪارون ۽ جيپون پنهنجي سهولت لاءِ رکن. ٽريفڪ جي
نظام کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ هتي هڪ ڏينهن تي اڪي نمبر پليٽ واري گاڏي روڊ تي اچي ته
ٻئي ڏينهن وري ٻڌي نمبر واري، پوءِ ماڻهو وري ڇا ڪن جو ٻه ٻه گاڏيون، هڪ اڪي نمبر واري
ته ٻي وري ٻڌي نمبر واري رکن.
يورپ جي هن پراڻي ۾ پراڻي شهر اٿينس ۾ به ڪي اهڙا علائقا
آهن، جن ۾ اوائلي وقت وڃڻ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. خاص ڪري سياحن لاءِ اتي به ڦورو ۽ نشه
آور شيون وڪڻڻ وارا هر وقت موجود رهن ٿا، جيڪي ڪنهن به وقت موقعي جو فائدو وٺي سگهن
ٿا. هتي منهنجو هڪڙي پراڻي قلمي دوست جوئانا (Joanna) مون سان
ملڻ لاءِ آئي، پاڻ مون کي جڳ مشهور ايڪروپوليز (Acropolis) گهمائڻ
لاءِ وٺي وئي، سچ پچ ته مون کي ايڪروپوليز ايترو متاثر نه ڪيو جيڏو مون کي موهن جي
دڙي ڪيو هيو. جوئانا وڌيڪ ٻڌايو ته يونان ۾ طلاق ڏيڻ جو تعداد تمام گهٽ آهي پر هتي
ٻار ڪيرائڻ جو تعداد يورپ جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي.
هتي پاڻ واري وڏي ڀاءُ يعني پنجاب صوبي سان واسطو رکندڙ
هڪ ويهن ايڪيهين سالن جي نوجوان سان ملاقات ٿي، پاڻ اتي گهورڙين وانگر سي ڊيز (CDs) پئي وڪيائين.
پڇيومانس؛ ”ڏي حوال! هتي ڪيئن پهتو آهين؟“ ٻڌايائين ته؛ ”مان ترڪي تائين ته جهاز ۾
آيو هيس، پوءِ لانچن ۽ ٻيڙين ۽ وڏين مال ڍوئيندڙ ٽرڪن ۾ لڪي لڪي هتي پهتو آهيان ۽ اسان
هتي پهچڻ کانپوءِ پوليس وارن کي ٻڌائيندا آهيون ته اسان جو ڪو ملڪ نه آهي ۽ اسان کي
هتي پناهه ڏني وڃي، پوءِ پوليس وارا هڪ ليٽر (Letter) ڏيندا
آهن ۽ في الحال اها ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.“ همراهه جي منزل جرمنيءَ ۾ سندس ڪن مائٽن
وٽ هئي. خبر نه هيس ته ڪيترن سالن ۾ انهن وٽ پهچندو.
اولمپڪس (Olympics) راندين
جي شروعات واري هن ملڪ ۾ ڪير به ائين نٿو چئي سگهي ته مان ووٽ جو حق استعمال نٿو ڪيان
۽ جيڪڏهن ائين ڪنهن ڪيو ته کيس قانون مطابق سزا يا ڏنڊ وڌو ويندو. هتي پوڙها پوڙهيون،
ڏاڏا، ڏاڏيون، نانا، نانيون، ماءُ پيءُ سڀ هڪ ئي خانداني طريقي سان گڏ رهن. هتي پوڙهن
کي رهائڻ لاءِ ڪي خاص گهر موجود نه آهن ۽ يوناني دواخانه به نظر تي ڪو نه چڙهيا، ڇاڪاڻ
ته اتي آهن ئي ڪو نه.
ڪڏهن ڪڏهن قدرتي آفتون به ٻن ازلي دشمنن کي ويجهو آڻي
ڇڏين. روايتي مخالف يونان ۽ ترڪي پڻ سائپرس جي مالڪي تان ماضيءَ ۾ ڏاڍا خوار ٿيا آهن
پر ۱۹۹۹ع ۾ آيل زلزلي کانپوءِ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي امداد قبول ڪئي ۽ نتيجي ۾ هو هڪ
ٻئي جي ڪافي ويجهو اچي ويا. يونان اهڙو ملڪ آهي جتي ماڻهو بار بار وڃڻ چاهي ٿو. سندس
نيرو آسمان ۽ نيرو سمنڊ ڄڻ ته دنيا ۾ هڪ ننڍڙي جنت جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ مون کي اتي گهمڻ
کانپوءِ احساس ٿيو ته آخر دنيا جا ايڏا گهڻا سياح هن ڌرتي جو ڇو رخ ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment