Monday, August 05, 2013

مٺڙي ٻالپريءَ جو آستان ۽ تونگ وايا ڏاجهو - رمضان شورو

مٺڙي ٻالپريءَ جو آستان ۽ تونگ وايا ڏاجهو
رمضان شورو
ڪائنات جون هڙئي حسناڪيون ۽ زندگيءَ جا سڀ رنگ رکندڙ سنڌ جي ڪوهستاني پٽيءَ کي جيترو ڏسجي ٿو، انسان فطرت کي اوترو ويجهو ٿيندو وڃي ٿو. جتي سڄي دنيا جا آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپولاجسٽ سنڌو سڀيتا جي عظمت کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، اتي سنڌ جي طبعي بيهڪ/ جاگرافيءَ کي به وڏي اهميت حاصل آهي، پوءِ اهو لاڙ وارو حصو سنڌ جو دوآبو (سنڌ ڊيلٽا) هجي، اتر ڪاڇو، نارو، ٿر يا ڪوهستان هجي سڀ سنڌ جي قدامت جو اهڃاڻ آهن. ڪجهه وقت اڳ جڏهن اسان جي سنگت ڪوهه تراش لڳ کير ٿر نيشنل پارڪ ڏسڻ آئي هئي (سفر جو احوال ڪجهه وقت اڳ ”عوامي آواز جي سنڊي مئگزين“ ۾ ڇپيل) ته چئو طرف ٽڙيل پکڙيل منظرن کي ڏسي دوستن جو تجسس وڌي پيو هو ته ڇو نه هن جابلو پٽيءَ جا ٻيا به علائقا ڏسجن. نيٺ طئي ٿيو ته هر وسڪاري ۾ هتان ڀيرو ضرور ڀربو. پوءِ جو وسڪارو ٿيو ته سڀئي دوست سهي سنڀري اچي ٿاڻي بولا خان پهتا.

هينئر اسان جي قافلي ۾ ڪجهه وڌيڪ دوست شفيق الرحمٰن کتري، عثمان قريشي ۽ مير خان شورو به شامل هئا. شفيق کتري ”يونيورسل پرائمري ايجوڪيشن“ جو ڊسٽرڪٽ پروگرام مئنيجر آهي، مير خان شورو راقم جو ننڍو ڀاءُ آهي، مير جيالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ارضياتي هنڌ (Geological sites) ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي. ان لحاظ کان هن سفر کي مير پاڻ لاءِ اسٽئڊي ٽوئر چئي رهيو هو. جڏهن ته عثمان قريشي ڏکين ۽ اڙانگن رستن تي جيپ هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان ٿاڻي بولا خان مان ضرورت جون ڪجهه شيون خريد ڪري ٻن موٽر سائيڪلن ۽ هڪ فور وهيل جيپ جي قافلي ۾ ٿاڻو بولاخان شهر مان نڪري ٻاهر ٿياسين ته هڪ کليل جيپ اسان جي اڳيان اچي بيهي رهي. جنهن مان هڪ همراهه لٿو ۽ سڀني دوستن سان ڏاڍو پنهنجائپ سان مليو. محمد بخش بروهيءَ هن جو تعارف ”حاجي غلام رسول باريجو“ جي نالي سان ڪرايو، جيڪو سندس پڳ مٽ يار آهي. حال احوال کان پوءِ حاجي غلام رسول باريجي پنهنجي ڪوهستاني لهجي ۾ چيو ته ”اوهين ڀل هلو، مان سين سنگت گڏ آهي، آنءُ شهر مان ڪم ڪار لاهيو اچين ٿو، اوهان تي خدائي فرض آهي ته مان وٽا پير ضرور گهمائبو، ڏاڍو چڱو ڇَ جي رات مان وٽ ٽِڪو.“
اسان حاجي غلام رسول باريجو سان اچڻ جو انجام ڪري اڳتي وڌياسين. ڪجهه منٽن کان پوءِ ٿاڻي احمد خان شهر ۾ داخل ٿيڻ کان سواءِ اسان کاٻي هٿ تي ڪچي رستي تي لٿاسين، جيڪو غالبًا اڌ ڪلو ميٽر کان پوءِ وڃي پڪي روڊ تي چڙهيو. هي روڊ ٿاڻي احمد خان شهر کان دائو لَڪَ تائين ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته لڪ تي روڊ ٺاهڻ لاءِ وڍ ڪٽ جو ڪم جاري آهي. لڪ تي چڙهي مٿي ٿياسين ته محمد بخش ٻڌايو ته؛ ”هي هوٿار جبل آهي. جڏهن ته دائو ڊئم سائيٽ کان هن پاسي ڪانڀو جبل آهي. هيءَ اها سائيٽ آهي، جتي ڊئم ٺاهڻ لاءِ ڪافي سال اڳ ڪجهه ڪم به ٿيو هو پر پوءِ ڪجهه سببن جي ڪري روڪيو ويو.“
لڪ لهڻ شرط موڙائي ڍورو اچي ٿو، جنهن جو پيٽ سيمنٽ سان ٻڌڻ جو ڪم جاري هو. هتان کان وري پڪو روڊ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ٻالپريءَ جي آستان تائين وڃي ٿو. هن ڍوري کان پوءِ اسان اچي نئه مٺڙيءَ تي بيٺاسين. مٺڙيءَ مان ٿورو ٿورو پاڻي به وهي رهيو هو. پريان هڪ ڌنار مٺڙيءَ جو پيٽ کوٽي ننڍڙي کڏ ٺاهي ان مان ٻڪرين ۽ رڍن کي پاڻي پياري رهيو هو. اسان مٺڙي نئه ٽپي اڳتي سفر جاري رکيو. ڪجهه منٽن کان پوءِ روڊ هڪ زرعي فارم ۾ داخل ٿيو. رستي جي ٻنهي پاسن کان بيد مشڪ/ يوڪلپس جا وڏا وڻ هئا. رستي تي وڻن جي ڇانو ۾ ڪجهه ماڻهو ليٽي ٿڪ ڀڃي رهيا هئا، ۽ عورتون ننڍڙن ٻارڙن سان گڏ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. ٿورو اڳتي وڌياسين ته ساڄي هٿ تي هڪ وڏو مقام/ قبرستان نظر آيو. محمد بخش ٻڌايو ته؛ ”اهو قبرستان لالائي مقام جي نالي سان مشهور آهي.“
مون کي هي قبرستان/ مقام عام ۽ روايتي مقامن کان ڪافي منفرد لڳو. قبرن جي اسٽائيل، اڪريل تصويرن ۽ قبرن تي لڳل گهڙيل پٿرن ۽ چٽساليءَ مان لڳو ٿي ته هتي به ڪا تاريخ دفن ٿيل آهي ۽ تحقيق لاءِ واجهائي رهي آهي.
ٿورو اڳتي ٿياسين ته رستو هڪ ننڍي لڪ ڏانهن مڙيو ٿي، پر سامهون هڪ گيٽ نظر آيو. محمد بخش ٻڌايو ته؛ ”هتي هندن جي هڪ گرو ٻالپريءَ جو آستان آهي.“ اسان گاڏين کي ان طرف موڙيو ته سامهون ئي ٻالپريءَ جو آستان هو. تمام خوبصورت هنڌ، صفا جنگل ۾ منگل. اسين هتي پهتاسين ته صفائي، سٿرائي ۽ ترقيءَ جو ڪم ٿي رهيو هو. هڪ ديوان جيڪو يقينًا هن آستان جو سنڀاليندڙ هو، وڌي آيو ۽ اسان کي ويهاري ٿڌي پاڻيءَ جون بوتلون، چانهه ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. هن هنڌ کي ديوانن ته ڏاڍو خوبصورت ڪري ٺاهيو آهي، پر فطرت به هنن سان ڏاڍو تعاون ڪيو آهي. ٽن طرفن کان خوبصورت جبل، نئه مٺڙيءَ جو پيٽ، جبل تان ڪرندڙ آبشار جيان پاڻي، ٻن طرفن کان جبل جي نارن مان چشمي جيان نڪرندڙ پاڻي. چانهه پيئڻ کان پوءِ پهرين اسان آستاني مان چڪر لڳايو ۽ پوءِ چشمي ڏانهن وياسين. مون محسوس ڪيو ته هي باقائده چشمو ناهي، پر برساتن کان پوءِ ڪجهه عرصو هلي ٿو وري بند ٿي وڃي ٿو. هتي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪندري به ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ ميلي جي دوران ٻالپريءَ جا عقيدتمند عورتون توڙي مرد سنان ڪندا آهن. هتي سنان جي به اها ئي اهميت آهي، جيڪا انڊيا ۾ گنگا نديءَ جي پاڻي کي آهي. هتي لڳندڙ ميلي جي ڪا خاص تاريخ ناهي پر ٻالپريءَ جو ميلو گهڻو ڪري برسات جي مند ۾ لڳايو ويندو آهي. جڏهن مٿان ٽڪرين تان پاڻي ڪرندو آهي ۽ پاڻيءَ جا نار تيز ٿي ويندا آهن. اسان ڏٺو ته اتر کان جبل آهستي آهستي ڪري رهيو آهي، جنهن جون وڏيون ڇپون اتي موجود آهن. هندن هتي تمام گهڻو ترقيءَ جو ڪم ڪرايو آهي ۽ هن وقت به ڪم هلندڙ آهي. ٿاڻي احمد خان کان ٻالپريءَ آستان تائين پڪي روڊ جو ڪم به هندن جي ئي وزير ڪرايو آهي. هتي هلندڙ ڪم کي ڏسي اهو چئي سگجي ٿو ته؛ ڪوهستان خاص ڪري کير ٿر نيشنل پارڪ ۽ تونگ گهمڻ وارن لاءِ هيءَ جڳهه سٺو تفريح جو مقام بڻبي.
ان کان پوءِ اسان ٻالپريءَ وارو ننڍڙو لڪ چڙهي اڳتي روانا ٿياسين. هاڻي رستو ڪچو پر سنوت ۾ هو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته کاٻي هٿ تي هڪ رستو جبل کان هيٺ ٿي ويو، جيڪو اڳتي هلي نئه مٺڙي ڪراس ڪري ايسر (ڳوٺ علي مراد باريجو) کان ٿيندو وايا سري دادا ڀائي سيمنٽ فئڪٽري وٽان اچي سپر هاءِ وي تي چڙهي ٿو. اهو به ٻڌائيندو هلان ته نئه مٺڙي اپر مول کان نڪري وڏا لڪ ۽ لاهيون ڪراس ڪندي ۽ جابلو ڍورن جو پاڻي پنهنجو پاڻ ۾ سمائيندي ايسر جي اتر-اوڀر کان ٿيندي دائو ڊئم سائيٽ وٽ نئه بارڻ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ڳوٺ علي مراد باريجو ۽ ٻالپري آستان سميت ڪيترا ئي ڳوٺ هن نئه جي ڪنڌيءَ تي آباد آهن. هتان کان ئي هڪ رستو ساڄي هٿ تي نڪري ٿو جيڪو ديهه ڀال کان ٿيندو، درگاهه غيبي پير، ڪوهه تراش ۽ ڪرچات کان ٿيندو پوکڻ وڃي ٿو. اسان وچون رستو ورتو، جو اسان کي ديهه ريڪ کان ٿي ”ڏاجهو“ پهچڻو هو.
نئيون، نارا ۽ برساتي ڍورا ڪراس ڪندا، اسان اچي ڳوٺ بادل باريجو ۾ رڪياسين. هتي ٽيوب ويلن تي ڳوٺاڻن پاران زمينون آباد ڪيون ويون آهن. بادل باريجو ڳوٺ هن رستي تي هاڻي سٺو اسٽاپ ٿي ويو آهي. راشن جو دڪان، هوٽلون، پنڪچر ڪڍڻ جو دڪان ۽ تيل به ملي رهيو هو. اسان هتي لهي منهن تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو. هڪ هوٽل تي چانهه ٿڌو پيئڻ لاءِ ويٺاسين ته پرائمري اسڪول بادل باريجو ۽ ورائو باريجو جا استاد اصغر باريجو ۽ رمضان باريجو اچي ويا. انهن دوستن اسان کي زوري وڃي اسڪول ۾ ويهاريو ۽ چانهه، ٿڌو ۽ بسڪيٽ کڻي آيا. مانيءَ لاءِ به ڏاڍو زور ڀريائون پر اسان صرف چانهه پي موڪلايو جو ڏاڍي دير پئي ٿي.
ڪافي دير کان پوءِ، شام ڌاري، اسان وڃي ڏاجهي پهتاسين. ٻاهر رستي تي جهنگلي جانور ”گڊ“ جو اسٽيچو لڳل هو. کاٻي هٿ تي لهي ڪلو ميٽر اندر وياسين ته سامهون خوبصورت نظارو هو. دنبار جبل جي اوٽ ۾ خوبصورت اوطاق، ننڍڙي هٿرادو خوبصورت ڍنڍ، ساوڪ ۽ پکين جي چر چر، اسان وڃي اوطاق جي اڳيان رڪياسين. هيءَ اوطاق ڪوهستان جي هر دل عزيز شخصيت ۽ وڏي عمر ماڻيندڙ حاجي محمد ايوب باريجو جي هئي. حاجي محمد ايوب باريجي جو فرزند ارجمند حاجي غلام رسول باريجو (جنهن ٿاڻي بولا خان ۾ اسان کان اچڻ جو واعدو ورتو هو) اسان سان ڪوهستاني روايت مطابق وڏي حب ۽ محبت سان مليو ۽ اسان کي وٺي سندس آيل ٻين دوستن ٽنڊي سومري جي نظاماڻين سان تعارف ڪرايائين. هتي ڪوهستان ۾ روايت آهي ته آيلن جو تعارف ۽ حال احوال ميزبان ڪرائيندا آهن. اسان کي پاڻيءَ جا لوٽا ڏنا ويا. منهن تي ڇنڊا هڻي تازا توانا ٿياسين. ان کان پوءِ خوب ڪچهري ڪئيسين. نظاماڻي دوست تازو مالم جبه، مري وغيره گهمي آيا هئا، ان جو ذڪرڪيائون. حاجي غلام رسول باريجي کير ٿر نيشنل پارڪ ۽ ڪوهستان جي ٻين علائقن جون خبرون ڪيون. هن ٻڌايو ته هو ۱۲۵ موٽر سائيڪل تي ڪيترا ئي دفعا کير ٿر سر ڪري چڪو آهي. هن چيو ته؛ ”جانور صحيح معنيٰ ۾ ڏسڻا آهن ته کير ٿر جبل تي چڙهي وڃجي.“ حاجي صاحب اسان لاءِ ڏاڍا پر تڪلف طعام ٺهرايا. مرغي ۽ تترن جو ڪورمون، مڇيءَ ۾ برياني/ چانور ۽ کير.
واضح رهي ته حاجي محمد ايوب باريجو هن پَٽَ جو تمام وڏو مهمان نواز ۽ اوطاقي مڙس هو. سندس اوطاق سدائين مهمانن سان ڀريل هوندي هئي. ملڪ سڪندر خان، سائين جي ايم سيد ۽ اڳوڻو سنڌ جو وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه سندس خاص دوست هئا. وزير اعليٰ رهڻ دوران به عبدالله شاهه ڪيترا دفعا پنهنجو جهاز هن وٽ لاٿو. شهر ۽ عهدي جي وٺ وٺان ۽ مصروفيت مان وقت ڪڍي، سڪون جون ڪجهه گهڙيون هتي گذاري ويندو هو. پاڻ هن وقت ناهن رهيا پر سندس فرزند حاجي غلام رسول اهو سلسلو اڃا جاري رکيو اچي.
اها اسان جي خوشنصيبي چئجي يا حسن اتفاق ته ان رات هڪ ته چانڊوڪي هئي ۽ ٻيو چئوطرف ڪڪر ڇانيل، چنڊ ڪنهن مهل ظاهر ٿي ٿيو ته ڪنهن مهل ڪڪرن جي پويان هليو ٿي ويو ته ڪنهن ڪنهن مهل ڪا ڪڪري اسان جي مٿان هلڪي ڦڙ ڦڙ ڪري گذري ٿي وئي. گهڻي دير ڪچهريءَ کان پوءِ اسان جون اکيون ئي مس لڳيون ته اچيو ٿو وڏ-ڦڙو مينهن پوي. ميزبانن ويچارن کٽون کڻي اندر ڪيون. ٿوري ئي دير ستاسين ته اڇ ٿي وئي. پرهه باکون ڪڍيون ته خدمتگار ڇوڪرو اچي مٿان بيٺو. سڀني کي اٿاري ڍنڍ (جيڪا هنن ٺاهي آهي) تي وٺي ويو ۽ کٻڙ جا ڏندڻ ڏنائين. اسين ڏندڻ پاڻي ڪري اوطاق تي آياسين ته چانهه ۽ بسڪيٽ تيار هئا. اسين چانهه بسڪيٽ ڪري، وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين. ڇو ته اسان کي تونگ ۽ ٽڪو بارڻ مان ٿي، واپس بولا خان پهچڻو هو. حاجي غلام رسول باريجي ڏاڍو زور رکيو ته ماني کائي پوءِ وڃو پر اسان هٿ جوڙ ڪري سنگت کان موڪلائي تونگ روانا ٿياسين.
صبح جو ٽائيم، آسمان تي ڪڪر ڇانيل، سامهون وڏا جبل، انهن جي وچان رستو ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو. رستي تي ايندڙ ڍورن ۽ رات واري برسات جو ٿورو ٿورو پاڻي اڃا به وهي رهيو هو. ڪجهه دير هلياسين ته کاٻي هٿ تي وڻ ۽ ساوڪ ڏسي دوستن گاڏيون بيهاريون. ڪنهن دوست ڪرڙ جي وڻن مان ڳاڙها ڏونرا پٽي کاڌا ته ڪن دوستن وري وڻ تي پکڙيل گرال جي ولين مان گرالون ۽ ڳاڱيون کاڌيون.
جوڳي رمتا ڀلا واري ڳالهه وانگر دوستن وري گاڏين کي ڇڪيو ۽ ڪافي دير کان پوءِ اسان جون گاڏيون اچي ڄام لوهار جي قبرستان وٽ رڪيون. اسان لهي قبرستان جو جائزو ورتو. اسان پهرين اها قبر ڏسڻ وياسين، جنهن جي مٿان مقبرو اٽيل آهي. هن قبر جي سيرانديءَ کان ”لوهار ڳلي نمردي“ لکيل آهي. محمد بخش بروهي، جنهن جو هي قبرستان پهرين به ڏٺل هو، ٻڌايو ته؛ ”هيءَ قبر ان ڄام لوهار جي آهي، جنهن جي نالي پويان برفت ذات وارن جي هڪ اوڙڪ ”لوهاراڻي“ آهي، جيڪي هن جو اولاد/ پشت آهن.“ هن قبرستان ۾ ۴۰۰ جي لڳ ڀڳ قبرون گهڙيل ۽ تراشيل پٿرن سان ٺاهيون ويون آهن ۽ ڪن جي اوچائي ته ويهن فوٽن تائين آهي ۽ هنن قبرن جو گهاڙيٽو چوڪنڊي، مڪلي ۽ ٽڪ مڪان ۾ موجود قبرن سان تمام گهڻو ملي ٿو. هن ڪوهستاني پٽيءَ ۾ برفت ذات جون تمام گهڻيون اوڙڪون آهن، جن ۾ لوهاراڻي، حملاڻي، ٻاپڙاڻي، آرياڻي، آقلاڻي، ٻرا، ڇورا، ڇٽا، شودا، موسيٰ ڏڌر وغيره اچي وڃن ٿا. محمد بخش ٻڌايو ته؛ ”برفتن جو سردار پهريان ڄام لوهار هوندو هو پر پوءِ هن پنهنجي جيئري ئي پنهنجي سرداريءَ جي پڳ پنهنجي ننڍي ڀاءُ حمل خان جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن جي نالي جي پويان برفتن جي اوڙڪ ”حملاڻي“ آهي. هن وقت برفتن جي سڀني اوڙڪن جو سردار، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر، اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ڄام شورو ضلعي جو اڳوڻو ناظم ملڪ اسد سڪندر خان آهي، جيڪو برفتن، جي حملاڻي اوڙڪ مان آهي.“
اسان هن قبرستان مان ٿي تونگ شهر پهتاسين. شهر کان پهرين کاٻي هٿ تي هڪ بهترين بنگلو هو، جيڪو خبر پئي ته ملڪ صاحب جو آهي. تونگ تمام ننڍڙو ئي سهي پر ڏاڍو خوبصورت شهر آهي؛ وڻڪار. چئو طرف تونگ واري چشمي تي آباد ٿيندڙ ٻنيون، ڄڻ ڪو بئراجي علائقو هجي. هتي لوهاراڻي برفتن جي اڪثريت آهي، پر ڇٽا ۽ خاصخيلي به رهن ٿا. شهر جي منهن ۾ ئي تونگ جو پرائمري اسڪول آهي. ان ۾ موجود استاد اصغر علي رند اسان کي ڏسي ورتو ۽ اسان کي زوري ويهاري شهر مان ڪولڊ ڊرنڪ بسڪيٽ وٺي آيو. ايتري ۾ لوهاراڻي قبيلي جا ٻه ڇوڪرا شاهنواز ۽ محمد بخش به اچي ويا، جيڪي گهر ويا ۽ ٿوري دير ۾ پٽاٽن ۽ حڪمن جو ٻوڙ ۽ مانيون کڻي آيا. اسان کي به بک لڳي هئي سو بک اجهائي سين. ”ڍوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃاهه سونهن جي.“
ماني کائي اسين تونگ شهر کان اڌ ڪلو ميٽر اولهه طرف موجود تونگ وارو چشمو ڏسڻ وياسين. هن چشمي کي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ٽن نالن تونگ وارو چشمو، رتن شاهه جو چشمو ۽ رتن ناٿ وارو چشمو، سان سڏيو/ ليکيو ويو آهي. هيءُ چشمو قبل مسيح کان جاري آهي. هن چشمي لاءِ به جهمپير وارن آڳاٽن چشمن يا منگهي پير ۽ لڪيءَ وارن چشمن وانگر ماڻهو مختلف ڪرامتي ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا. پر چشمي جا پنهنجا سائنسي سبب آهن. ڪرامت جو ڪم هجي ها ته جهمپير، منگهي پير ۽ لڪيءَ وارن چشمن جي گهڻائي ختم نه ٿي وڃي ها.
سنڌ جي گهڻي ڀاڱي چشمن تي ڪم پنجاهه سٺ سال اڳ جيڪو ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور صاحب جو ٿيل آهي، ان کان پوءِ نه ته چشمن جو ڪو ڪيميائي اڀياس ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪا نئين درجا بندي. اڄ به جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ اهو ئي پڙهايو وڃي پيو ته سنڌ ۾ ٽن قسمن جا چشما آهن، جهمپير وارا چشما، منگهي پير وارا چشما ۽ لڪيءَ وار  چشما. جڏهن ته جهمپير ۾ هن وقت ڪو به چشمو ناهي، منگهي پير ۽ لڪيءَ وارا چشما به هاڻي اهميت وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ هن وقت وڌ کان وڌ چشما کير ٿر رينج ۾ آهن. ان سلسلي ۾ راقم جو رابطو ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور سان به ٿيو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پر پاڻ جلد ئي هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويا. ڊاڪٽر صاحب منهنجي خيالن سان بلڪل متفق هو ته سنڌ جي چشمن جو نئين سر اڀياس ۽ درجه بندي ٿيڻ گهرجي. انهن ڳالهين جا ثبوت مون وٽ موجود آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي سٺ سال اڳ ڪيل اڀياس مطابق تونگ يا رتن شاهه واري چشمي جي بيهڪ ۴۵-۲۵ اتر، ۵۸-۶۷ اوڀر آهي، زراعت جي گنجائش ۸۰ ايڪڙ ۽ لوڻياٺ جو مقدار ۱۰۵۰ پي پي ايم (پارٽس پر ميلن) آهي. اسان پاڻي چکي ڏٺو آهي ته ان ۾ رک/ ڦلھيار جهڙي بوءِ هئي. پر پاڻي ٿورو اڳتي وهي وڃڻ کان پوءِ صحيح ٿي وڃي ٿو. چشمي جي ڪنڌيءَ تي ئي رتن ناٿ جي مڙهي مٿان مقبرو ٺاهيو ويو آهي. مڙهيءَ مٿان مسلم اوليائن جيان پڙ به پيل هئا ۽ ڪن کي ڳنڍيون به آيل هيون، جيڪي يقينًا ماڻهن مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻڌيون هونديون.

هن کان پوءِ اسان کي ٽڪو بارڻ وڃڻو هو پر دير ٿي وڃڻ ڪري، ٽڪي بارڻ جي سفر کي ڪنهن ٻئي دفعي رکي اسان واپس ٿاڻي بولا خان موٽياسين.


No comments:

Post a Comment