Saturday, August 31, 2013

ڪوالالمپور کان ٻاهر - الطاف شيخ

ڪوالالمپور کان ٻاهر
الطاف شيخ
ڪوالالمپور ۾ جيڪڏهن توهان هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو ته پوءِ شهر ۽ ان جون مختلف گهٽيون، دڪان ۽ عمارتون ڏسڻ ۾ ئي توهان جو چڱو وقت گذري ويندو. پر جي گهڻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو يا شهر اڳهين ڏٺل اٿوَ ته پوءِ شهر کان ٻاهر ويهه پنجويهه ميلن جي دائري ۾ ڪيتريون ئي شيون توهان جي لاءِ نواڻ ۽ تفريح پيدا ڪري سگهن ٿيون. پوءِ جي ٻارن سان آهيو ته Negra-Zoo جهڙي چڙيا گهر ۾ ئي سڄو ڏينهن گذارري سگهو ٿا. هني مون تي آيل آهيو ته گئنتن هاءِ لئنڊ جهڙي سهڻي ۽ جابلو جاءِ هتي ٻي نه ملندي. جوئا جا شوقين پڻ هتي نظر اچن ٿا جو هن ريجن جو وڏو Casino (جوئا خانو) هتي آهي. دوستن سان پڪنڪ ملهائڻ جي موڊَ ۾ آهيو ته ٿورو پري سمنڊ ۾ پکڙيل مختلف ٻيٽن: ڪئري آئيلينڊ، پلاءُ ڪيتام (Ketam) وغيره مان ڪنهن تي فيري يا ٻيڙيءَ ذريعي وڃڻ بهتر ٿيندو جي تنهائي پسند، شاعر طبيعت يا قدرتي شين ۾ دلچسپي رکو ٿا ته پوءِ ٽيمپلر پارڪ ڏي ئي رُخ رکڻ ۾ عافيت آهي. اهي مڙيئي شيون شهر کان پرڀرو آهن. جن کي ڏسڻ کان عام ٽوئرسٽ ته محروم رهي ٿو پر مشغول زندگي ڪري ڪوالالمپور جا شهري پڻ. جيئن ڪراچيءَ جي مشغول ماڻهن، ويجھو هوندي به ڀنڀور، مڪلي يا منگهو پير جهڙا اهم ۽ تواريخي هنڌ نه ڏٺا هوندا.

ڪوالالمپور سامونڊي ڪناري وارو شهر ناهي. ان ڪري بندرگاهه جا فرض سامونڊي ڪناري وارو ڀر وارو شهر ڪلانگ ادا ڪري ٿو. انگريزن جي ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ جو نالو بدلائي انگريز آفيسر جي نالي ”پورٽ سويٽنهام“ رکيو ويو هو. جيڪو هاڻ وري ساڳي پراڻي نالي ــــ پورٽ ڪلانگ سان سڏيو وڃي ٿو. ڪوالالمپور ۽ ڪلانگ ساڳي رياست سلينگور (Selangor) ۾ آهن. هن پاسي واري سامونڊي ڪناري (ويسٽ ڪوسٽ) جا سامونڊي تانگها ڪنارا ايڏا صاف ۽ سٺا نه آهن جيڏا ايسٽ ڪوسٽ پاسي ــــ يعني پهانگ، ترنگانو ۽ ڪيلنتان رياستن ڏي.
بهرحال توهان سمنڊ جي ڪناري تي وقت گذارڻ بدران پورٽ ڪلانگ کان ٻيڙيءَ ذريعي پڪنڪ ۽ گهمڻ خاطر ڪنهن ويجھي ٻيٽَ تي وڃي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪنهن ننڍي ٻيٽ تي نه ويا آهيو ته هي سٺو تجربو رهندو. آخرڪار انڊونيشيا، فلپين جهڙا ملڪ به ههڙن هزارين ٻيٽن جا مجموعا آهن. ڪوالالمپور کان ويجھي ۾ ويجھو ٻيٽ ڪئري يا پلائو ڪيتام آهي. کائڻ پيئڻ لاءِ چاهي توهان ڪجهه پاڻ سان کڻي وڃو يا هتي جو لوڪل کاڌو ڪنهن هٽڙي يا ڪاٺائين هوٽل تان وٺي کائي سگهو ٿا.
پلائوڪيتام کي ته هڪ ننڍڙو شهر به چئي سگهجي ٿو. هڪ صدي کن اڳ، چين جي صوبي هائين جي رهاڪن ملائيشيا ۾ پهچي هن ٻيٽ تي رهائش شروع ڪئي هئي. پر اڄڪلهه گهڻائي ٽيوچو ڳالهائڻ وارن چينين جي آهي. هتي جي رهاڪن جي زندگي جيتوڻيڪ ڏکي ۽ سخت آهي ــ جيئن سنڌ ۾ ڪچي جي رهاڪن يا ڪناري تي رهندڙ مهاڻن جي. پر اهو آهي ته بيحد ڌيرج، سانت ۽ سڪون واري زندگي آهي. نه گوڙ شور نه ٽرئفڪ جئم ۽ نه گاڏين فئڪٽرين جو دونهون.
ڪئري ٻيٽ تي چيني ۽ ملئي ماڻهن کان علاوه ڪيترا ئي پاڪستاني ۽ انڊين رهن ٿا، جيڪي پوک ۽ کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ڪن ٿا. هن ٻيٽ يا ٻين اوسي پاسي وارن ٻيٽن تي پورٽ ڪلانگ کان لانچ ۽ فيرين ذريعي اچي وڃي سگهجي ٿو، جن ۾ سمنڊ جو سير به سٺو ٿيو وڃي. هي ٻيٽَ ڌارين ٽوئرسٽ لاءِ ايترو سٺائي سان سينگاريا نه ويا آهن. پر، ملائيشيا حڪومت، انهن تي جي ڌيان ڏئي سٺو ٺاهي ته انهن جو قدر به ايترو ٿي سگهي ٿو، جيترو سنگاپور جي سنتوسا ٻيٽ جو آهي.
ڪئري ٻيٽ جي سامهون هڪل جڳهه آهي، جيڪا تلوڪ (Teluk) سڏجي ٿي. اها پڻ ڪلانگ کان ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. ڪلانگ ۽ ڪوالالمپور کان  شوقين ماڻهو، کيکڙا کائڻ لاءِ هتي ايندا آهن. کيکڙو گانگٽ وانگر سامونڊي کاڌو (Sea-Food) آهي. پاڪستان ۽ عرب ملڪن ڏي کيکڙو جيتوڻيڪ تمام گهٽ ـــ نه برابر کاڌو وڃي ٿو پر هن پاسي ــ ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ فلپين جا مسلمان تمام گهڻي شوق سان کائين ٿا ۽ سندس گوشت گانگٽ وانگر بيحد لذيذ چيو وڃي ٿو. ڳاڙهن مرچن ۽ ٻين مصالن تي تريل يا ٻوڙ وانگر رڌل تازا ڦاسايل کيکڙا، آيل گراهڪن کي تختن جي ميزن ۽ بئنچن تي پيش ڪيا وڃن ٿا. ڏينهن جو هتي رونق نه هوندي آهي پر رات جي وقت ڪيترا ئي چيني ۽ ملئي ماڻهو  پهچي ويندا آهن. ڪن سان گڏ يورپي مهمان پڻ هوندا آهن.
شامَ گذارڻ لاءِ بڪت بلاچان به سٺي جاءِ آهي، جيڪا ائمپنگ واري رستي تي آهي. ۽ جيڪڏهن صبح جي وقت اوڏانهن وڃو ٿا ته پوءِ ان بعد ملائيشيا جو قومي چڙيا گهرــ زو نگارا پڻ واٽ تي ڏسي سگهو ٿا، جيڪو اتان ڪو گهڻو پري ناهي ۽ هر روز صبح جو نائين کان شامَ جو پنجين تائين کليل رهي ٿو. چڙيا گهر جي ٽڪيٽ وڏن لاءِ اڍائي ڊالر ۽ ننڍن لاءِ هڪ ڊالر آهي. (شاگردن لاءِ فقط ٽيهه سينٽ) جانورن ۽ پکين جا پڃرا پري پري هجڻ ڪري پنڌ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. منجھس اورانگ اتان (باندر جو قسم جيڪو ماڻهوءَ سان گهڻو ملي ٿو) ۽ هٿرادو ٺهيل ڍنڍون ڏسڻ وٽان آهن.
ڪوالالمپور کان پرڀرو وڃڻ لاءِ هڪ ٻيو هنڌ آهي، جتي صاف پاڻيءَ جي نهر هر وقت وهي ٿي، اهو آهي ڪئلا ڪوبو بارو (Kubu-Baru) گولفر اڪثر هتي گولف کيڏڻ لاءِ اچي نڪرن ٿا.
ڪوالالمپور کان ٻاهر هڪ ٻي مزيدار جاءِ ٽيمپلر پارڪ آهي. اپوح پينانگ ڏي ويندڙ هاءِ وي تي ڪوالالمپور کان ايڪيهه ميل کن پري هي ٽيمپلر پارڪ دنيا جي پراڻن پارڪن مان هڪ آهي. سوا هزار هيڪٽرن تي هي پارڪ قدرتي نظارن جي شوقينن ۽ پڪنڪ ملهائڻ وارن لاءِ دلپسند جاءِ چئي سگهجي ٿي، جيڪا سرڪاري طرح ۱۹۵۴ع کان پبلڪ لاءِ کولي ويئي.
سڄو ملائيشيا وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ سان ڀريل آهي. ملائيشيا جا ڪيترا ئي جهنگل سؤ ملين ــ ڏهه ڪروڙ سالن کان به پراڻا آهن. ٽيمپلر پارڪ جا پراڻا وڻ ۽ گهاٽو جهنگ ڏسي تعجب لڳي ٿو ته هن ايامن جي پراڻي دنيا کان فقط ويهه ميل پري ماڊرن تهذيب ۽ سوسائٽيءَ جو شهر ڪوالالمپور آهي.
هالي ووڊ جي هڪ مشهور انگريزي فلم “The Seventh Day” جا ڪيترا ئي نظارا هن پارڪ ۾ فلمايا ويا آهن. اداڪار وليم هولڊين، سوسوناه يارڪ ۽ ڪاپسين ان فلم ۾ ڪم ڪيو آهي.
قدرت جا نظارا ڏسڻ واري لاءِ باتو غارون (Batu – Caves) به اهم شيءِ آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو پري پري کان ڪهيو اچن ٿا. هي پڻ ڪوالالمپور شهر کان ٻاهر اتر طرف، يارهن ميل کن پري آهي.
گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل ۽ ڪئمرون هل ملائيشيا جا مشهور پهاڙي علائقا آهن، جيڪي جيتوڻيڪ سلينگور رياست جي ڀر واري رياست پهانگ ۾ آهن پر ڪوالالمپور کان ڪي گهڻو پري ناهن ـــ خاص ڪري ان لاءِ  جيڪو ڪوالالمپور ۾ هفتي ٻن لاءِ ٽڪيل آهي ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ گهمڻ ڦرڻ چاهي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪو ايترو پري نٿو وڃڻ چاهي ته انسانذات جي هٿرادو ٺهيل سهڻي ڍنڍ، پارڪ ۽ ٻارن جي راندين ۽ وندر جو باغيچو Mimaland ڏسي سگهي ٿو. ميمالئنڊ ڪوالالمپور شهر کان سڏ پنڌ تي آهي. منجھس ٺهيل جھوپڙين جهڙا گهر Chalets، هوٽل وانگر مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري يورپ جهڙن ٿڌن ملڪن جا ماڻهو شهر ۾ هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ بدران هتي رهڻ پسند ڪن ٿا. رات جو اونداهه ٿيڻ بعد جيتن جڻن جي چرپر ۽ صبح ساجھر پکين جو مٺيون لاتيون جھنگل جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ انسان کي اهو احساس ڏيارين ٿيون ته هو شهر جي گوڙ گهمسانَ  ۽ وڏين عمارتن جي قيد کان آزاد ٿي ٻاهر کليل فضا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.
ميمالئنڊ ۾ ٻن ٽن قسمن جي رهائش آهي. ڪي جھوپڙين (موٽل نما) اندران ايئرڪنڊيشنڊ ۽ غاليچن واريون آهن جن جي اڪيلي ڪمري جا نوي ملئي ڊالر ورتا وڃن ٿا ۽ ڊبل جا سؤ کن آهن. ڪي شئلي (Chalets) تختا ڊگها ڪري، پاڻيءَ مٿان ٺاهيون ويون آهن. جتان اندران ئي ويٺي ويٺي توهان مڇيءَ جو شڪار ڪري سگهو ٿا ۽ ٻاهر نڪرڻ جي به ضرورت ناهي. انهن جي مسواڙ هڪ رات جا ڏيڍ سؤ کن ڊالر آهي. ان کان علاوه سستي رهائش لاءِ وڏا ڪمرا (ماڊرن لانگ هائوس) ٺهيل آهن، جنهن ۾ هڪ بستي جا ٻارهن تيرهن ڊالر ورتا وڃن ٿا. پول ۾ ترڻ جي في ڏيڍ ڊالر آهي، ٽينس کيڏڻ جي پنج ڊالر، ميمالئنڊ جي گهاٽي جنگل ۾ ڪنهن گائيڊ سان گڏ سير ڪرڻ جي في ويهه ڊالر آهي. سڄو ڏينهن مڇيون ڦاسائڻ جي في پنج َڊالر آهي. ميمالئنڊ ۾ اندر گهڙڻ لاءِ به في رکيل آهي. وڏي لاءِ ٻه ڊالر ننڍي لاءِ ڊالر کن.
هونءَ وقت پاس ڪرڻ لاءِ سبانگ وليج ڏي به رُخ رکي سگهجي ٿو ــ جتي سستا چيني کاڌا مشهرو آهن. ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو پڻ سبانگ آهي. (ملئي زبان ۾ ڪن جي ايرنگ کي Subang سڏجي ٿو) ڪراچيءَ جي بندو خان جي چڪن تڪي ۽ ٽنڊي آدم جي پڪل ران وانگر هتي جي تريل، پڪل ۽ رڌل بدڪ مشهور آهي جنهن کي کائڻ لاءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان کان آيل چينين ۽ جپانين جو ڪافي مارو رهي ٿو.
جيڪڏهن ملائيشيا جي ڳوٺن جو نظارو ڪرڻو آهي ته ڪيپانگ وارو رستو اختيار ڪجي. اُلو لنگت (Ulu-Langat) واري ضلعي کان مغربي ڪنارو (West -Coast) وٺي هلڻ ۾ رستي تي ڪيترا ئي مهاڻن جا ڳوٺ ۽ سارين جا فصل نظر ايندا. ملائيشيا ملڪ بيحد وڏو آهي پر ماڻهو ٿورا اٿس ـــ ان جو احساس ڳوٺن ۾ پهچي هيڪاندو گهڻو ٿئي ٿو، جتي موڪل واري ڏينهن تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر اچن ٿا. نه ته انڊونيشيا، بنگلاديش، انڊيا ۽  پاڪستان جي ڳوٺن جا نظارا هن کان نرالا آهن.
ملئي ماڻهو تمام سٻاجھڙا آهن ۽ ڳوٺن جا ته وري هيڪاندا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪي بيوقوف آهن. يا هو ٻين کي سمجھي نٿا سگهن. ٿورو ئي عرصو رهڻ بعد سمجھ ۾ اچيو وڃي ته هو هوشيار ۽ ڏاها آهن پر طبيعت ۾ هو ماٺيڻا ۽ صابرين آهن. ڪنهن به ڳوٺ ۾ لهي، زبان نه اچڻ جي باوجود به هنن سان ملي سگهو ٿا. پنهنجي زبان ۾ کيڪار ڪري سندن اکين مان سندن دلين جي خوشي ۽ آڌرڀاءُ محسوس ڪري سگهو ٿا ـــ کانئن ناريل وٺي انهن جو پاڻي پي سگهو ٿا. سندن گهر اڳيان لڳل پپيئي، چڪون، رمبوتان وڻن جي ميوي جي گهر ڪري، کائي سگهو ٿا. ۽ مون کي پڪ آهي ته گهڻو ڪري هو توهان کان ان جي قيمت پئسن ۾ وٺندي آر محسوس ڪندا. جيئن سنڌ جا ڳوٺاڻا کير ۽ ڏڌ لاءِ ۽ عربستان جا کجي ڇوهاري جا پئسا وٺندي عيب محسوس ڪن ٿا.
وير لهڻ وقت توهان کي سامونڊي ڪنارن جا ڳوٺاڻا ريتيءَ واري ڪناري مان Kepah (سپون) کوٽيندي نظر ايندا. توهان به چاهيو ته انهن سان گڏ چونڊي سگهو ٿا يا کائڻ لاءِ هنن کان وٺي سگهو ٿا. هن پاسي جا ماڻهو ـــ چيني توڙي ملئي مسلمان کيکڙن وانگر سپون به شوقَ سان کائين. گهڻو ڪري سپ کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڪجهه دير رکن. ائين ڪرڻ سان سپ ۾ رهندڙ ڪينئون مريو وڃي ۽ پوءِ سپ جا پڙ آسانيءَ سان کولي، ان ڪينئين کي مرچ مصالن سان رڌي کائي سگهجي ٿو. باقي جيسين ڪيئنون جيئرو آهي. هو سپ جا پڙ ــ جيڪي هن لاءِ بچاءُ آهن، مضبوطيءَ سان بند رکي ٿو.
ڪئالا لنگات ضلعي ۾، ڪلانگ ۽ مورب (morib) شهرن واري رستي تي هڪ جاءِ آهي بندا (Banda) نالي.  هتي، ڪنهن زماني ۾، هن رياست جا سلطان رهندا هئا. سندن پراڻو محل (Istana) پڻ آهي، جتي سلطان سليمان رهندو هو. ان شهر جو نالو بندرتماشا (Bandar-Temasya) هو. ملئي زبان ۾ شهر کي بندر سڏجي ٿو. ۽ تماشا معنيٰ : ڪاڄ، فنڪشن، رانديون رونديون. يا کڻي چئجي تماشو. (ملئي زبان ۾ Sy گڏ لکڻ سان ش جو اچار ٿئي ٿو، جيئن انگريزيءَ ۾ Sh گڏ لکڻ سان ش جو اچار ٿئي  ٿو) هيءَ اها جڳهه آهي جتي D.Day تي، هي علائقو واپس وٺڻ لاءِ، لارڊ مائونٽ بئٽن جي رٿ موجب انگريز فوج جي جهاز لنگر اچي ڪيرايو هو ۽ ٻارهن هزار سپاهي ۽ فوجي لاريون لاٿيون ويون هيون.
ٿورو اڳتي ڪئالا سلينگور شهر آهي، جيڪو پڻ ملائيشيا جو تواريخي شهر آهي. ڪئالا سلينگور بعد اڳيان  تجنگ ڪرانگ شهر آهي، جيڪو هن رياست جي چانورن جو وٽو (Rice-Bowl) سڏيو وڃي ٿو. چوڌاري سارين جو ئي فصل نظر اچي ٿو ۽ سڄي رياست کي چانور هتان مهيا ٿين ٿا.
انهن شهرن ۽ جاين کان علاوه هن رياست سلينگور جا ٻيا به ٻه ٽي شهر مشهور آهن. جيڪي ڪوالالمپور جي ئي ويجھڙائيءَ ۾ آهن. هڪ ته سڀ ۾ گهڻو ڪجانگ (Kajang) آهي، جتي جا ساتي تمام مشهور آهن. ساتي ٻوٽي ڪواب کي سڏجي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري ڪڪڙ يا ڍڳي جي گوشت مان ٺاهين. گوشت جون ننڍڙيون ننڍڙيون ٻُوٽيون ڪري، سنهي تيليءَ ۾ پوئي، مٿان ٿوري کنڊ ٻرڪي ٽانڊن تي پچايو ويندو آهي.
ڪجانگ کان علاوه بانگيءَ (Bangi) جو شهر آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي ٽائون شپ آهي. ۽ باتو ارانگ (Batu Arang) شهر ڍنڍَ  کان مشهور آهي.
چون ته ته سفر هوش وڌائي ٿو:
“Travel Broadens the Mind.”
۽ اهو واقعي جي درست آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪوالالمپور پهچي هڪ مسافر کي هي اوسي پاسي واريون جايون ڏسڻ ۾ ڪو گهڻو خرچ يا وقت نٿو لڳي.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment