Showing posts with label Tavel. Show all posts
Showing posts with label Tavel. Show all posts

Monday, September 28, 2015

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟ - الطاف شيخ

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
الطاف شيخ
انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندو رهندو، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو ..... خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندو رهندو. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه ..... جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي د﷦ور ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.