سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾
هڪ منفرد واڌارو
ذلفي چاچڙ
انسان جو سفر تڏهن ئي شروع ٿئي
ٿو، جڏهن هو هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ پهرين ساهه سان گڏ سندس حياتيءَ جي پنڌ
جو آغاز ٿئي ٿو. اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو مختلف مرحلن، موڙن، لاهين ۽ چاڙهين تان
ٿيندو، ماڻهو کي ڪيئي ماجرائون، عجيب واقعا، ڏک ۽ سک جا انيڪ لمحا ڏيکاريندو رهي
ٿو. زندگي پاڻ هڪ مسلسل هجرت، هڪ اڻکٽ مسافت ۽ مسلسل کوجنا جو نالو آهي. جڏهن ڪو
حساس انسان ان پنڌ کي رڳو پيرن سان نه پر دل جي اکين سان ڪندو آهي، تڏهن ادب جنم
وٺندو آهي.