Monday, February 28, 2011

اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....

اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....

گذريل مضمون ۾ پاڻ ملائيشيا جي ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري واري رياست ترنگانو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جتي جيUMT  يونيورسٽي ۾ ميرپورخاص جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مير شهداد خان ٽالپر جو مير الهداد ولد محمد رحيم ٽالپر PhD اسڪالر آهي. هن جي دعوت ڏيڻ تي منهنجي دل ۾ هڪ دفعو وري ملائيشيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو جو ملائيشيا جي هن رياست جو پنهنجو جادو آهي. ملائيشيا ويندڙن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته فرصت ملي ته ٽرنگانو ۽ ڀرواري رياست ڪيلنتان ضرور وڃجو.
ترنگانو رياست کي ’دارالامان‘ به سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪجهه رياستن جي سلطانن پنهنجن رياستن جا عربي نالا به رکيا آهن، جيئن سلينگور رياست ’دارالاحسان‘ سڏجي ٿي. ڪيداح رياست دارالامان ۽ پهانگ رياست دارالمعمور سڏجي ٿي. ترنگانو رياست جي گاديءَ جو شهر ’ڪئالا ترنگانو‘ آهي. هي شهر ترنگانو نديءَ جي منهن وٽ آهي، يعني جتي ترنگانو ندي سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ٿي ڪري اتي هي ڪافي آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ رياست سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) جي به قبضي ۾ رهي، جيڪي هن کي ترنگ ڪانو سڏيندا هئا. ترنگانو رياست جي ايراضي 5 هزار چورس ميل ٿيندي. يعني جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائجي ته اوتري پکيڙ ۾ ترنگانو رياست ٿيندي. باقي آدمشماري ۾ سڄي ملائيشيا ۾ گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ ترنگانو ۽ ڪيلنتان پاسي ته اڃان به گهٽ آدمشماري آهي. سڄي ترنگانو رياست ۾ هاڻ 10 لک ماڻهو ٿيندا ۽ هوڏانهن اسان وٽ جيڪب آباد جي آدمشماري 15 لک آهي ۽ لاڙڪاڻي جي 25 لک آهي. ترنگانو رياست ست ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ملئي زبان ۾ دائرا(Daerah)  سڏجن ٿا. هتي جي ملئي زبان ڪوالالمپور ۽ جوهور بارو واري پاسي جي ملئي زبان کان ڪجهه مختلف آهي، جيئن اسان وٽ لاڙي، اترادي ۽ ٿري زبانن ۾ ڪجهه فرق آهي. هيءَ رياست سمنڊ جي اهم روٽ تي هجڻ ڪري صدين کان هتي ڌارين جي اچ وڃ رهي آهي. لکت ۾ ان جو احوال ڇهين صدي کان چيني واپارين ۽ جهاز رانن جي ڊائرين مان ملي ٿو. ملائيشيا جي ٻين رياستن وانگر هن رياست ترنگانو ۾ به اسلام جي آمد کان اڳ ماڻهن جو ڪيترين صدين تائين ٻڌ ۽ هندو ڌرم سان واسطو رهيو. هن رياست لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين هتي اسلام آيو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪئالا برانگ شهر ۾ سن 1303 جو هڪ ڪتبو مليو آهي، جنهن تي عربي ۾ لکت آهي.
ڪئالا برانگ ۽ هن رياست جي گادي واري شهر ڪئالا ترنگانو تان ياد آيو ته پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن جي نالن ۾ ڪئالا ائين اچي ٿو، جيئن اسان وٽ ٽنڊا آهن....
ٽنڊوآدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار.... وغيره. تيئن هتي ڪئالا ترنگانو، ڪئالالمپور، ڪئالا ڪنگسار، ڪئالا مودا، ڪئالا بيسار، ڪئالا سنگائي بارو.... وغيره آهن. ڪئالا (Kuala) ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نديءَ جو منهن. ڪئالا ترنگانو، ڪئالا ڪنگسار ۽ ڪئالا لنگاٽ معنيٰ ترنگانو، ڪنگسار ۽ لنگاٽ ندين جا منهن. جتي اڄ وارو ڪوالالمپور آهي، اتان هڪ گپ واري ندي لنگهي ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو پيو گپ واري ندي جو منهن. اهڙي طرح مودا معنيٰ جوان، بارو معنيٰ نئون، سنگائي معنيٰ ندي جن اڳيان ڪئالا لڳايو ويو آهي. ملائيشيا ۾ گهاٽا جهنگل هجڻ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ درياهن ذريعي پهچي سگهبو هو. چوڌاري سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا پيٽ گذر لاءِ مڇيون ماريندڙ يا ويندي قزاق ۽ ڦورو جتي جتي ندي ڇوڙ ڪندي هئي، اتان ان جي منهن وٽ (سمنڊ کان ايندڙ ماڻهو لاءِ نديءَ جو اهو منهن ٿيو، جنهن مان هو گهڙي اندر اچي ٿو) هن ڪناري جو رخ رکي ٿو. اهڙي طرح هر نديءَ جي منهن وٽ هڪ عدد شهر ٺهي ويو. انهن شهرن مان ڪيترن جا نالا ڪئالا سان شروع ٿين ٿا.
1724ع ۾ ترنگانو هڪ خودمختيار رياست جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو پهريون سلطان تُن زين العابدين ٿيو، جيڪو ان وقت جي جوهور رياست جي سلطان جو ننڍو ڀاءُ هو. جوهور رياست مغربي ملائيشيا جي بلڪل پوڇڙ تي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جو گادي وارو شهر ”جوهور بارو“ ڪازوي (پل) ذريعي سنگاپور ٻيٽ سان ڳنڍيل آهي. اوڻيهين صدي ۾ جڏهن ترنگانو جي رياست سيام (ٿائلينڊ) جي ڪنٽرول ۾ هئي ته هن رياست جو سلطان هر سال سيام حڪومت کي ڏن ڏيندو رهيو. پر اهو آهي ته سيام حڪومت هيٺ ترنگانو ترقي ڪئي ۽ خوش حال ٿيو. 1919ع ۾ سيامين جو انگريزن سان معاهدو ٿيو، جنهن هيٺ ترنگانو انگريزن حوالي ڪيو ويو. انگريزن پنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ رياست جو وڏو سلطان کي ئي رکيو، پر هن کان سڀ ڪجهه پنهنجي مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار ذريعي ڪرايو ٿي. ملئي ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي. کين دٻائي رکڻ لاءِ انگريزن 1928ع ۾ فوجي طاقت استعمال ڪئي. ٻي وڏي جنگ دوران جپانين ترنگانو سان گڏ ملائيشيا جون ٽي ٻيون رياستون: ڪيلنتان، ڪيداح ۽ پرلس سيام وارن جي حوالي ڪيون. جپان جي شڪست بعد هي سڀ رياستون وري انگريزن حوالي ٿيون، پر پوءِ سگهوئي 1957ع ۾ ملائيشيا کي خودمختياري ملي. پاڻ ملائيشيا جي هن رياست ترنگانو جو احوال هتي جي مشهور يونيورسٽي (UMT يونيورسٽي ملائيشيا ترنگانو) جي ڪري ڪڍيوسين، جتي اسان جو مير الهداد ٽالپرAquaculture  سبجيڪٽ ۾PhD  ڪري رهيو آهي. هن يونيورسٽي ۾ چار فئڪلٽيون آهن:
- سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي
- مئنيجمينٽ ائنڊ ايڪانامي
- ائگرو ٽيڪنالاجي ائنڊ فوڊ سائنس
- مئريٽائيم اسٽڊيز ائنڊ مئرين سائنس.
يونيورسٽي جي چانسلر، هن رياست جي سلطان ۽ هاڻوڪي بادشاهه جي زال راڻي تئانڪو نور زهره آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي. راڻي سلطانا نور زهره 1973ع ۾ ڪيداح رياست جي شهر الور اسٽار ۾ ڄائي. سندس اصل نالو روزيتا بنت عادل آهي، پر شاديءَ بعد سندس نالو نور زهره رکيو ويو. هن هڪ عام ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ الور اسٽار جي انگريزي اسڪول ”سينٽ نڪولس ڪانوينٽ اسڪول“ مان گريجوئيشن ڪئي.
هتي ٻه ڄار سٽون مير الهداد ٽالپر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي ملڪ جي ذهين شاگردن مان هڪ آهي ۽ هن جي ڪري اسان جي ملڪ جو نالو هن يونيورسٽي ۽ ملڪ ۾ مٿانهون ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت هن جي زندگي اسان جي اڄ جي نوجوان شاگرد ۽ والدين لاءِ پڻ سبق آموز آهي.
مير الهداد ٽالپر نائين جون 1963ع تي ميرپورخاص پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مير شهداد خان ٽالپر ۾ هڪ غريب پورهيت مير محمد رحيم جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ اڃا پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو. الهداد ٻڌايو ته هن جي ماءُ جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺاڻي ۽ ايترو ڪا پڙهيل نه هئي، پر هن هر صورت ۾ چاهيو ٿي ته هن جو اولاد تعليم يافته ٿئي. هوءَ هر وقت الهداد کي علم پرائڻ لاءِ همت افزائي ڪندي رهي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. بي ايس سيB.Sc  آنرس ۽M.Sc  ۾ هن جا سبجيڪٽ ”فريش واٽر بايولاجي“ ۽ ”فشريز“ هئا. هن ٻنهي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي. سنڌ گورنمينٽ جي فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري لاءِ جيڪو 1993ع ۾ ڪميشن جو امتحان ٿيو، ان ۾ به پاس ٿيل اميدوارن ۾ مير الهداد ٽاپ پوزيشن کنئي ۽ اڄ ڪلهه هو ان ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ 1995ع ۾ آمريڪا جي آبرن يونيورسٽي الاباما مان پوسٽ گريجوئيشن ڊپلوما ڪئي، جنهن جو سبجيڪٽAquaculture  هو. هاڻ گذريل سال کان ملائيشيا جي هن يونيورسٽي UMT مان ساڳي سبجيڪٽ يعني اڪئاڪلچر ۾PhD  ڪري رهيو آهي. هن سبجيڪٽ ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ:
Brood Stock Management of Sea bass
Water Quality Management
Live Feed Culture
Fresh Water Prawn & Crab breading
وغيره وغيره.
مير الهداد ٽالپر جي گهرواري مسز گل نساءِ ٽالپر به هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪميشن پاس ڪيل خاتون آهي. هوءَ سنڌ گورنمينٽ جي پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. اڄ ڪلهه موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ترنگانو آيل آهي جو سندن ٻار به هتي پڙهي رهيا آهن. والدين وانگر ماشاءَ الله سندن ٻار به پڙهائي ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. سندن وڏي ڌيءَ ردا بتول ڪوالالمپور ۾BBA  ڪري رهي آهي. سندس مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ به اي ون گريڊ رهيو.
مير الهداد جا باقي ٻه ننڍا ٻار محمد معظم ۽ شازما زهره جيڪي ملئي زبانFluent  ڳالهائين ٿا، هتي جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا. هنن پڻ سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن سالياني امتحان ۾ هنن پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيو.
مون مير الهداد ٽالپر کي چيو ته ”اهو سڄو ڪريڊٽ توهان جي والده جو آهي. هوءَ عظيم عورت چئبي، جنهن غربت ۾ ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندي به اڪيلي سر توهان کي تعليم يافته ۽ سٺو شهري بڻايو.“ منهنجو ارادو هو ته هتان ملائيشيا مان موٽڻ وقت مٺي، جهڏو ۽ عمرڪوٽ ويندي رستي تي ميرپورخاص ترسي ملاڪا جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ پنهنجي پيٽارو جي دوست عبدالرزاق ناريجو جي ڳوٺ ۾ وڃڻ سان گڏ ڳوٺ مير شهداد خان پڻ وڃي مير الهداد ٽالپر جي والده محترمه سان ملندس، پر افسوس جو الهداد ٻڌايو ته هن جو ٽي سال اڳ انتقال ٿي ويو.

پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر هتي جو نمونو نرالو آهي

پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر هتي جو نمونو نرالو آهي

هونءَ هن وقت منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ارادو نه هو، بلڪ جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هيءَ عمر سفر ڪرڻ جي ئي ناهي. مون ٻاهر نه نڪرڻ تي پڪي طرح عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترا ئي پروفيسر، ڊاڪٽر، بزنس مين ۽ شاگرد قرب ڪري مون کي ڪوالالمپور، اپوح، جوهوربارو، ملاڪا ۽ پينانگ جهڙن شهرن ۾ پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ دعوتون ڏيندا رهيا ٿي ۽ آئون کين هائوڪار ڪندو رهيس ٿي. في الحال وڃڻ جو ارادو نٿي ٿيو ۽ پوءِ اوچتو (UMT  يونيورسٽي ملائيشيا ٽرنگانو) جي هڪPh.D  اسڪالر مير الهداد ٽالپر صاحب سان خط و ڪتابت ٿي. عبرت ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪالم تي هن مون کيe-mail  ڪيو هو. پوءِ موڪلن ۾ حيدرآباد اچڻ تي مون کي فون تي به دعوت ڏنائين ته آئون وٽس ٽرنگانو ضرور چڪر ڏيان، جتي سمنڊ جا ڪنارا ۽ خاموشي آهي. جتي جو ماحول ملائيشيا جي K.L، اپوح ۽ پينانگ واري پاسي کان بلڪل مختلف آهي. دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته سؤ سيڪڙو صحيح ٿا ڪريو. اسان جا ماڻهو گهمڻ خاطر چئن ڏينهن لاءِ ملائيشيا ويندا آهن ته هڪ ڏينهن K.L ۾، هڪ ڏينهن لنگڪوي ٻيٽ تي، هڪ ڏينهن پينانگ ۾ ۽ هڪ ڏينهن گنتنگ هاءِ لئنڊ (هل اسٽيشن) تي گذاري، چوندا آهن ته اسان ملائيشيا گهمي آياسين. پر آئون اهو چوندو آهيان ته انگريز ۽ يورپي گورا ڀلي ائين ڪن پر اسان پاڪستانين کي جي ملائيشيا جي اصل سونهن ۽ مڪاني ماڻهن جي خبر چار لهڻي آهي ته پوءِ چار ئي ڏينهن ملاڪا يا پينانگ جهڙي هڪ شهر ۾ گذاري ڇڏجن. شهر ڏسڻ جو تعداد وڌائڻ خاطر، ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين بسن ۾ سفر ڪري اڌ کان وڌيڪ وقت روڊن تي وڃائي ڇڏڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري اصل ملائيشيا ڏسڻ ٿا چاهيو ته ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جي ڪناري وارن شهرن ڪوالالمپور، شاهه عالم، اپوح، الور اسٽار وڃڻ بدران ملائيشيا جي ڪيلنتان يا ٽرنگانو رياستن ۾ هليا وڃو، جتي 90 سيڪڙو ملئي ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن رياستن جا شهر ’سائوٿ چائنا سي‘ جي ڪناري تي آهن. ڏهه سال کن ملاڪا ۾ نوڪري دوران، مان پاڻ سان گڏ مختلف ملڪن جي جهازران پروفيسرن کي موڪلون گذارڻ لاءِ ٽرنگانو يا ڪيلنتان وٺي هلندو هوس.
هينئر جڏهن مير الهداد ٽالپر جو ٻڌم ته هو ٽرنگانو ۾ آهي ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته ٽرنگانو جو چڪر هڻڻ لاءِ ملائيشيا ضرور ويندس. مير صاحب کي چيم ته سائين توهان دعوت نه ڏيندائو تڏهن به توهان وٽ ته ضرور ايندس. ان کان علاوه مئرين اڪيدمي (ALAM) جيڪا منهنجي ڏينهن ۾ ملاڪا رياست ۾ کلي هئي، سا هاڻ 30 سالن ۾ وڌي يونيورسٽي ليول جي ٿي آھي. يونيورسٽي ليول جي ٿيڻ تي، ان جو پرائمري ليول وارو حصو هاڻ ٽرنگانو ۾ کوليو ويو آهي. اسيءَ واري ڏهي ۾، منهنجي ڏينهن ۾، اسان وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪلارڪ، ٽائپسٽ، ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرا ڇوڪريون جن جون انهن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان شاديون اٽينڊ ڪندا هئاسين ۽ فوٽا ڪڍندا هئاسين سي هن وقت رٽائرمينٽ جي عمر (55 سالن) جي ويجهو اتي ٽرنگانو جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پئان فريده، پُئان روس مالا، پئان حاجا بصرا، پئان سيتي حوا جهڙيون جيڪي ان وقت چِڪ فريده، چِڪ روس مالا وغيره هيون ۽ شام جي وقت اسان جي گهر پٺيان نيٽ بال کيڏنديون هيون، انهن جا ٻار به هاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بئنڪر ٿي ويا آهن. بلڪه ڪي ته اسان وانگر ڏاڏيون نانيون به ٿي ويون آهن. هو پڻ هاڻ ٽرنگانو ۾ رهن ٿيون ۽ اڪثر اي ميل ذريعي خبر چار لکنديون رهن ٿيون. سندن اسي واري ڏهي جا فوٽو ڪڍي رکيا هئم ته سندن ٻارن کي ڏيکاريندس ته توهان جون ڏاڏيون نانيون جوانيءَ ۾ ڪيئن لڳنديون هيون.
هتي اهو لکندو هلان ته ٽرنگانو جيڪو انگريزي ۽ رومن ملئي ۾Terengganu  لکيو وڃي ٿو اهو جَوي ملئي ۾، يعني عربي اسٽائيل ملئي ۾ ترنغانو لکيو وڃي ٿو جنهن جو سنڌي يا اردو ۾ صحيح اچار ترنغگانو ٿيندو جو اهو دراصل ٻن لفظن ترنغ (معنى ٻهڪندڙ يا روشن) ۽ گانو (معنى انڊلٺ) جو جوڙ آهي. اسان لاءِ بهتر آهي ته ترنگانو لکون جيتوڻيڪ ترنغانو به صحيح رهندو. ملئي جا ڪيترائي لفظ ان قسم جا آهن جيئن ملائيشيا جي رياست Selangor  جيڪا سلينگور به لکي وڃي ٿي ته سلنغور به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ هڪ لفظ Negara توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. نگارا يا نغارا معنى قومي (National) جيئن بئنڪ نگارا، مسجد نگارا، زو نگارا... وغيره.
ترنگانو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. ملائيشيا جون ٻه رياستون سباح ۽ سرواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن يعني ايڏانهن مغربي ملائيشيا ۾ آهن جيڪو ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي ۽ اسان جا ماڻهو گهڻو ڪري ملائيشيا جي هن حصي ۾ اچن ٿا. جتي ڪوالالمپور، جوهربارو، پينانگ ۽ ملاڪا جهڙا شهر آهن. هنن يارهن رياستن مان شروع کان نو رياستن جا مالڪ يا کڻي چئجي ته ڌڻي سائين سلطان هئا، باقي ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ رهيون بلڪه پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هن پاسي جي ٻين سوين ويران ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل ٻيٽن  وانگر هئا، جيڪي انگريزن ملئي سلطانن کان خريد ڪري develop ڪيا. بهرحال ٽرنگانو ملائيشيا جي سلطانن وارن نون رياستن مان هڪ آهي. هنن نون رياستن جا نو سلطان واري وٽيءَ تي سڄي ملڪ ملائيشيا جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. اڄڪلهه جيڪو ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ميان زين العابدين 1962ع ۾ هن رياست جي اڳوڻي سلطان محمود المڪتفي بلاه شاهه جي گهر ۾ سندس ٻي زال شريفا نانگ فاطمه کي ڄائو. پاڻ ملائيشيا جو 13 ڊسمبر 2006ع کان تيرهون نمبر بادشاهه آهي.
سلطان ميزان زين العابدين پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي رياست مان حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيڊمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ“ مان تعليم حاصل ڪئي. 1984ع ۾ کيس ليفٽيننٽ طور رايل ڪئولري ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ سندس پيءُ جي وفات تي ٽرنگانو جو سلطان مقرر ٿيو. پاڻ ملائيشيا جي سلطانن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو سلطان مقرر ٿيو ۽ هاڻ 44 ورهين جي ڄمار ۾ هو ٽئين نمبر تي ننڍي عمر جو بادشاهه ٿيو آهي. هن کان اڳ ڪيداح رياست جو سلطان تئانڪو عبدالحليم 43 سالن جو ۽ پرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد پترا 40 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيا هئا. هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ جو بادشاهه سلطان ميزان زين العابدين پهريون بادشاهه آهي جيڪو ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ڄائو. هن کان اڳ وارا ٻارهن ئي بادشاهه 1957ع کان اڳ ڄاوا.
سلطان ميزان زين العابدين جي راڻي سلطانا نور زهره سان 1996ع ۾ شادي ٿي. ملائيشيا جي هيءَ ٻي راڻي آهي جيڪا هميشه حجاب سان مٿو ڍڪي هلي ٿي. کين چار ٻار آهن، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون: شهزادي نادره، شهزادو محمد معيز ۽ شهزادي فاطمه زهره.
هونءَ چوندا آهن ته پاور خراب شيءِ آهي. اسان وٽ هڪ دفعو ڪنهن کي پاور ملي ٿو ته پوءِ مري جان ڇڏي ٿو پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي، گذريل اڌ صديءَ کان ڏسندو اچان ته نمونو ئي نرالو آهي. هيڏو طاقتور بادشاهه (Yang di Pertuan Agnong) جنهن جي لفظي معنى بادشاهه سلامت کان به مٿي ٿي...“ هي جيڪو جهان پناهه ٺاهيو ويو آهي.“ ۽ عوام هن کي خطاب ڪرڻ وقتKe Bawah Dali yang Maha Mulia  چوي ٿو يعني اسان هن عالي حضرت جي پيرن جي خاڪ آهيون (The dust under the feet of his exalted highness) اهو پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي ٿو. مهاتر محمد سابق وزيراعظم چاهي ها ته عوام اڃان به کيس وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ پيو ڏئي ها پر هو مَتل ميلو ڇڏي گهر هليو ويو ته ڀلي هاڻ نوان ۽ نوجوان ملڪ جو ڪاروبار هلائين. پُتر جايا ۾ مليوسانس. چاق نه هو. ائين مليو ڄڻ هي ڪڏهن وزيراعظم رهيو نه هو. پر جڏهن وزيراعظم هوندو هو تڏهن به هو هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو هو. عيد وارن ڏينهن تي ته سندس گهر جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. غريب غربو، هاري ناري ملندو رهيس ٿي. آئون سندس هر وقت فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي مالڪ ڪِشوءَ جي مامي وڪيو مل لاکياڻي جي گهر هڪ فئملي ڊنر ۾ مهاتر سان گڏ ماني کائيندي پنهنجن ٻارن جو فوٽو ساڻس گڏ ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کي دٻايم ته سيل ختم ٿي چڪا هئا. مون کان وڌيڪ پاڻ پريشان ٿي ويو. لاکياڻيءَ يڪدم پنهنجي ڊاڪٽر پٽ کي ڊوڙايو ته سيل وٺي آءُ ۽ مون هڪ بدران سندس ڪيترائي فوٽو ڪڍيا جن مان ڪجهه منهنجن ملائيشيا جي انهن سفرنامن ۾ آهن جيڪي مون 80ع واري ڏهي ۾ لکيا. هڪ سنگاپور جو وڪيل وزيراعظم لي ڪئان يو هو جنهن چورن، ٺڳن ۽ دو نمبر مال وڪڻندڙن جي ملڪ سنگاپور کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. نه ته ستر وارو ڏهو اهو هو جو اتي جو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي شرم محسوس ڪندو هو. ان ملڪ کي لي ڪئان يو اهڙو ڪري ڇڏيو جو اڄ سنگاپور جي پاسپورٽ رکندڙ کي آمريڪا جي ويزا جي ضرورت ناهي. هو فقط ٽڪيٽ خريد ڪري آمريڪا، انگلنڊ جپان وڃي سگهي ٿو. آمريڪا وارا به سمجهن ٿا ته سنگاپور ايڏو خوشحال، ماڊرن ۽ سکيو ستابو ملڪ ٿي پيو آهي جو سندن ملڪ جو آمريڪن آمريڪا ڇڏي سنگاپور ۾ رهڻ کي ته خوش نصيبي سمجهي سگهي ٿو پر هڪ سنگاپوري آمريڪا ۾ ڇو رهي پوي. ان سنگاپور ملڪ جو وزيراعظم جنهن کي ديوتا ڪري پوڄين ٿا ان وقت کان اڳ وزارت اعظمى ڇڏي ڏني. عوام پنهنجي محبوب ليڊر کي اڃان وزيراعظم ڏسڻ چاهيو ٿي پر هن کين سمجهايو ته هاڻ ڀلي ڪو ٻيو اچي باقي منهنجيون صلاحون هر وقت حاضر رهنديون. سو ملائيشيا ۾ به نه فقط عوام لاءِ پر بادشاهن لاءِ به قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن، جن تي هو عمل ڪن ٿا. وقت پورو ٿين تي ڦشري ڪرڻ بدران مانَ عزت سان لهيو وڃن. هتي اهو به قانون آهي ته جيڪو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو اهو پنهنجي رياست جو اهو عرصو سلطان نه رهندو. ان لاءِ هن کي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو آهي. سو اڄڪلهه هن رياست ترنگانو جو هيڊ (جنهن کي ملئي زبان ۾ Pemanguk Raja سڏين ٿا) بادشاهه ميزان زين العابدين جو وڏو پٽ شهزادو اسماعيل آهي پر جيئن ته هو اڃان بالغ ناهي ۽ فقط اٺن سالن جو آهي سو هن رياست ترنگانو جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سرپرست بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ راجا تنڪو جيئن اسان وٽ سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا وزيراعلى آهن تيئن هتي ملائيشيا ۾ به هر رياست ۾ وزيراعلى آهن جيڪي مينتري بيسار سڏجن ٿا. ترنگانو جي وزيراعلى جي چونڊ هونءَ هن رياست جو سلطان ڪندو رهيو ٿي پر  ملائيشيا ٿيڻ بعد (يعني ملايا ۽ سباح ۽ سرواڪ گڏجي هڪ ملڪ ملائيشيا ٿيڻ بعد) وزيراعلى اهو ٿئي ٿو جيڪو اسيمبلي جي اليڪشن ذريعي چونڊجي اچي. 80ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته هن رياست جو وزيراعلى تان سري وان مختيار احمد هو. اڄڪلهه (مارچ 2008ع کان) داتڪ احمد سعيد آهي. پاڻ 1957ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي سائنس ملائيشيا (USM) جو گرئجوئيٽ آهي.
هن مضمون جي شروع ۾ پنهنجي ملاڪا جي آفيس جي ڪن ڇوڪرين جي نالن اڳيان چِڪ ۽ پوءِ پُئان لکيو اٿم. ملئي لفظ چڪ (Cik) ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ Miss چئون ٿا. پئان (Puan) شادي شده عورتن جي نالن اڳيان استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ مسز ۽ اسان وٽ بيگم لکيو وڃي ٿو. مرد ڪنواري يا شادي شده لاءِ اِنچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. البت پوڙهي مرد يا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل مولوي يا عالم لاءِ تئان (Tuan) لفظ استعمال ٿئي ٿو. هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ C جو اکر چ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ ش جي اچار لاءِ Sh نه پر Sy لکيو وڃي ٿو. جيئن ملئي لفظ اشارا (پاڻ وارو ساڳيو اشارو) Isyara لکيو وڃي ٿو.

دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد

دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد

اخبارن لاءِ ڪالم ته آئون اڳ ۾ به لکندو هوس، پر اها خبر نه پوندي هئي ته ڪو پڙهي به پيو يا نه. پڙهندڙن کي منهنجي ٺام ٺڪاڻي جي به خبر نه هئي، پر جي ڪنهن کي هئي ته خط موڪلڻ جو طريقو فقط پوسٽ ذريعي هو، جيڪو بيحد مهانگو رهيو آهي. ان ڪري ورلي ڪو خط ملندو هو. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن ۾ انٽرنيٽ ايڏي عام ٿي وئي آهي جو منهنجو ڪالم پاڪستان جي سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ يا ملائيشيا ۽ سئيڊن جي انگريزي اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ پڙهندڙن تائينNet  ذريعي پهچيو وڃي ۽ پڙهندڙن جا ان بابت رايا، تنقيد ۽ درستيون به مون تائين يڪدم Email ذريعي پهچيو وڃن. مون ڏي ايندڙ انهن ئي اِي ميلن مان مون کي ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنين جي خبر پوندي رهي ٿي. هو مون سان ملڻ لاءِ اڪثر لکندا رهن ٿا ۽ انهن ئي اي ميلن مان اهو معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جي فقط هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي پترا ملائيشيا“ ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جا 18 کن شاگردPh-D  ڪري رهيا آهن يا نوڪري ڪري رهيا آهن.
1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو ڪوالالمپور جي بندرگاهه ”پورٽ ڪلانگ“ ۾ آيو هو ته هيءَ يونيورسٽي تن ڏينهن جي ٽنڊوڄام واري ائگريڪلچر ڪاليج کان به ننڍي ”ائگريڪلچر ڪاليج سلينغور“ نالي ڪاليج هئي. هن ڪاليج کان علاوه، ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر ۾ به زراعت پڙهائي وئي ٿي. ملائيشيا جي فقط هيءَ يونيورسٽي  (يونيورسٽي ملايا) انگريزن جي ڏينهن کان آهي. هن يونيورسٽي جي 2006ع کان وٺي هتي جي پهرين عورت پروفيسر، رافعه سليم، وائس چانسلر آهي. هن آئرلينڊ جي ڪئينس يونيورسٽي مان قانون (Law) ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ هوءَ هن يونيورسٽي جي لا فيڪلٽي جي ڊين ۽ ”بئنڪ نغارا ملائيشيا“ جي گورنر به رهي چڪي آهي. هوءَ ڪجهه عرصو يونائٽيڊ نئشنس (UNO)  ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل به هئي. پاڻ هن وقت 63 سالن جي آهي. ”يونيورسٽي ملايا“ جا اڄ ڪلهه ٽي ڪئمپس آهن. ٻه ڪوالا لمپور (K.L)  ۾ ۽ هڪ ڪيلنتان رياست جي نيلم پوري شهر ۾. يونيورسٽي جو موٽو آهي: علمو پُنچا ڪيماجوئان (Ilmu Punca Kemajuaan) يعني ”علم ترقي جو ذريعو آهي“. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ C لکيو وڃي ٿو. ملئي علم کي علمُو ۽ وقت کي وقتُو سڏين ٿا.
ڪيماجوئان دراصلMaju  لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڌڻ“ ۽ ماجو لفظ جي اڳيان Ke ۽ آخر ۾ An هڻڻ سان ان جي معنيٰ ”واڌارو“ يعني ترقي ٿئي ٿو. ملئي جي بنيادي (Root) لفظن ۾ اڳيان Ke، Bel، Di، Pel، Peng، Ter، Menga ۽ آخر ۾ an، ۽ Kan ملائڻ سان مختلف لفظ ٺهن ٿا، جيئن اسان وٽ لفظ ”سچ“ مان سچو، سچار، سچائي، سچيت وغيرهه ٺهيا، تيئن ملئي لفظن جي اڳيان پويان، مٿيان اکر ڳنڍي، مختلف لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي ملئي زبان ڏکي لڳي ٿي پر اها ڪا ڏکي ناهي. ملائيشيا ۾ ٻن سالن کان مٿي ايندڙ هر شاگرد توڙي نوڪري ڪندڙ کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پهرين ٽن مهينن ۾ ڪجهه ملئي زبان ضرور سکي وٺن. ائين ڪرڻ سان هنن کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۾ مزو ايندو. هتي نموني خاطر مٿئين فارمولا مطابق هڪ ملئي لفظ اَجار “Ajar”  (معنيٰ پڙهاءِ، سيکار) مان ٺهندڙ ڪجه لفظ لکان ٿو:
Ajaran= پڙهائي
Belajar= پڙهڻ
Mengajar= پڙهائڻ
Diajarkan= پڙهايو ويو
Pelajar= پڙهندڙ (شاگرد)
Pengajar= پاڙهيندڙ (ٽيچر)
Terpelajar= پڙهيل ڳڙهيل (علم وارو، عالم)
Pelajaran= سبق، نصيحت
بهرحال پاڻ ملائيشيا جي سڀ کان پراڻي ‘يونيورسٽي ملايا‘ جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن مان هتي جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پڙهي نڪتيون آهن، جيئن ته ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم تن عبدالرزاق (هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد)، مهاتير محمد، سنگاپور جو اڳوڻو وزيراعظم لي ڪئان يو، ملاڪا جو هاڻوڪو گورنر محمد خليل يعقوب وغيره. سو 1971ع ۾ هن يونيورسٽي جي Faculty of Agriculture  ۽ سلينغور وارو ائگريڪلچر ڪاليج ملائي ”يونيورسٽي پرتانين ملائيشيا“ يعني ائگريڪلچر يونيورسٽي ٺاهي وئي، جنهن کي پوءِ 1997ع ۾ وڌائي ”يونيورسٽي پُترا ملائيشيا“ نالو رکيو ويو. هي نالو ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج جي مانَ ۾ رکيو ويو ۽ هيءَ يونيورسٽي فقط UPM  به سڏجي ٿو. منجهس شروع ۾ بنيادي طرح فقط ٽي فئڪلٽيون رکيون ويون:
Faculty of Agriculture
Faculty of Forestry
Faculty of Veterinary Medicine and Animal Science
ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽي جي هن وقت مون کي خبر ناهي، پر ملائيشيا جي هن زرعي يونيورسٽي UPM  کي، هتي جي حڪومت آسمان تي کڻي پهچايو آهي ۽ ملائيشيا جي چئن ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ آهي. هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي. (ملائيشيا جون باقي ٽي ريسرچ يونيورسٽيون هن ريت آهن: يونيورسٽي ملايا UM، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا USM ۽ يونيورسٽي ڪَئبنگسئان ملائيشيا (UKM.
ملائيشيا جي هيءَ ائگريڪلچر يونيورسٽيUPM  (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ڪوالالمپور شهر جي ڏکڻ واري علائقي سرڊانگ ۾ آهي. سرڊانگ ڪنهن زماني ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته مُنو صدي کن اڳ هتي گهاٽو جهنگل هو. ڀر واري شهر ”سُنگائي بيسي“ ۾ ڪميونسٽن جي باهه ٻارڻ ڪري تن ڏينهن جي انگريز سرڪار 1952ع ۾ ڪجهه چينين کي سُنگائي بيسائي مان لڏرائي هتي سَر ڊانگ ۾ رهڻ لاءِ پَٽُ ڏنو جن جهنگل جي ڪٽائي ڪري پنجاهه کن جهوپڙيون اڏيون. ويندي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ هن ڳوٺ جي ڪا خاص اهميت نه هئي جو ملاڪا کان ڪوالالمپور ايندي ويندي اسان جو سرڊانگ مان گذر ٿيندو هو. پر هن ڀيري هتي اچڻ سان دماغ ٿو چڪرائجي ته هي ڳوٺڙا ڇا ماڊرن شهر ٿي ويا آهن. خاص ڪري ڀروارو نئون اڏيل شهر ”پُترا جايا“ به ڏسڻ وٽان آهي. پُترا جايا نالو به ”تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج“ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. ڪوالالمپور کان توهان بس ذريعي سرڊانگ پهچي سگهو ٿا. ”سرڊانگ“ انگريزن جي رکيل نالي کي بدلائي هاڻ نئون نالو ”سري ڪيمبانگان“ رکيو ويو آهي.
يونيورسٽي پُترا ملائيشيا (UPM) ۾ زراعت جي مختلف برانچن ۾ ڊپلوما ۽ ڊگري ڪورس ٿين ٿا ۽ هتي جي شاگردن کان علاوه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا اٽڪل ٻه هزار کن شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سنڌ جي هڪ ڏتڙيل ضلعي دادو جي هڪ غريب ڳوٺ جوهيءَ جو هڪ نوجوان حفيظ بابر هن يونيورسٽي جي شاگرد يونين UPMISA (يونيورسٽي پترا ملائيشيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن) جو صدر آهي. پاڻ نه فقط پهريون سنڌي پر پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي هتي جي مڪاني ۽ غير ملڪي شاگردن صدر چونڊيو آهي. سندس واسطو هتي جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر جيLand Management  ڊپارٽمينٽ سان آهي. حفيظ ٻٻر جو جنم 8 آگسٽ 1969ع تي جوهي جي پرائمري اسڪول ٽيچر سائين گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ اڄ ڪلههSoil Fertility  ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. هتي اچڻ کان اڳ هو ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ زرعي ڪيمسٽ هو.
ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر کان علاوه ٽن ٻين شاگردن جا نالا جيڪي هن وقت ذهن ۾ اچي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن: احمد تنيو جيڪو هتيPhD  ڪرڻ لاءِ اچڻ کان اڳ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. ڊاڪٽر احمد تنيو جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي. پاڻ در محمد تنيو صاحب جو فرزند ۽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ مريد تنيو جو رهاڪو آهي. سندس ڄم جي تاريخ 15 جنوري 1970ع آهي. منهنجي خيال ۾ سندس زال به هن ئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري رهي آهي.
UPM ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ هڪ ٻيو شاگرد محمد اسحاق مستوئي آهي، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. هوEntomology  ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ هو سينئر سائنٽيفڪ آفيسر هو. سندس هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر قربان علي پنهورMicrobiology  ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڻ شهدادپور جي ڳوٺ صاحب نظاماڻي جو آهي. هڪ موري جي سيد غلام شبير شاهه صاحب جو فرزند سيد عطا حسين شاهه به آهي، جيڪو ٽنڊوڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ليڪچرر هو ۽ هاڻ UPM ۾ Veterinary Public Health ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.