اڄ جا جھاز
الطاف شيخ
صدين کان دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلي رهيا آهن. ڀلا گهڻو نه ته نوح نبيءَ جي ٻيڙي کان ئي سهي. جهاز جي ننڍ وڏائي مختلف شين جي حوالي سان ڪٿي وڃي ٿي. جهاز جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڊيگهه، جنهنکي Overall length سڏجي ٿو يا جهاز جي ان حصي جي ڊيگهه، جتي هن کي پاڻيءَ جو سطح ڇُهي، جنهنکي Waterline length سڏجي ٿو. جهاز جي اونهائيءَ جي حساب سان يعني جهاز جي ڊيڪ (عرشي) کان هيٺين تري (Keel) واري تختي تائين جي اونهائي ۽ ڊرافٽ جي حساب سان پڻ، جهاز جي ننڍ وڙڏائي ماپي وڃي ٿي. ڊرافٽ ڇا آهي؟ جهاز جي تري (Keel) کان وٺي جهاز جي واٽر لائين (پاڻيءَ جي سطح) تائين جي اوچائي. جهاز جي ننڍ وڏائي، ان جي وزن مان به لڳائي سگهجي ٿي- يعني جيڪو گهڻو سامان کڻي سگهي اهو وڏو جهاز ٿيو.
اوڻهين صدي جي عروڃ وارن سالن کان وٺي، جهاز ڪلَ، يعني مشينري تي هلڻ شروع ٿيا آهن. يعني حضرت نوح عليہ السلام جي ڏينهن يا ان کان به اڳ جي دور کان وٺي 1807ع تائين- هزارين سال، جهاز ڪپڙي جي سڙه (Sail) تي هلندا رهيا يا وري چپوئن (Oars) ذريعي- جنهن کي Rowing سڏجي ٿو. سڙهن تي هلندڙ جهاز هر وقت هوا ۽ سامونڊي ڇولين جي آڌار تي هليا ٿي. جنهن طرف هوا يا ڇولين جو رُخ، ان طرف جهاز وڌيا ٿي. جنهن ڏينهن يا جنهن وقت هوا بند ٿي ته جهاز بيهي ٿي رهيا ۽ پوءَ اهڙن موقعن تي اوسي پاسي جي ٻيٽن وٽ لڪل سامونڊي ڌاڙيلن (قزاقن)، بيٺل جهازن تي حملو ڪري، هنن جو مال ۽ ماڻهو ڦريا ٿي. ان وقت جا سڙهن وارا جهاز اڄ جي جهازن وانگر گهڻو کلئي سمنڊ مان نٿي لنگهيا. هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه تائين پهچڻ لاءِ ڪنارو ڪنارو ڏئي ٿي هليا. جيئن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي يا ڪا اهڙي ايمرجنسي ٿي پوي ته، مدد لاءِ يڪدم ڪناري تي پهچي وڃجي. ساڳئي وقت جيئن اڄڪلهه سنڌ جو ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان مشهور آهي، تيئن پراڻي زماني ۾ دنيا جا ڪيترائي علائقا سامونڊي ڌاڙيلن (Pirates) کان مشهور هئا. سنگاپور، پينانگ جهڙا ان وقت جا ويران ٻيٽ توڙي ملاڪا نار، هندستان جو مالابار ڪنارو، ڀوڄ، مڪران ڌاڙيلن (قزاقن) کان مشهور هو. حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ جڏهن جهاز ديبل، ٺٽو، بدين وارو ڪنارو ڏيئي لنگهندا هئا، تڏهن هنن (يعني عربن) جي صحيح ڳالهه هجي ته سنڌي قزاقن سلون کان ايندڙ عربن جي جهاز (يا شايد جهازن) تي حملو ڪيو هوندو. سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي ڪي چڱا مڙس به نه هئا. هر ملڪ ۽ هر قوم ۽ سوسائٽيءَ ۾ خراب ۽ سٺا ماڻهو ٿين ٿا. اهڙي طرح ان وقت جي سنڌين جي اها شڪايت ته هنن جيڪا جهازن تان مال جي ڦر ڪئي ۽ انهن جهازن تي ويندڙ عورتون اغوا ڪيون، سي ڪي عربن جون مائٽياڻيون نه هيون، پر ان وقت جي عرب حاڪمن سلون ۽ اوسي پاسي جي علائقن جون زالون عياشيءَ لاءِ عراق ۽ شام پئي گهرايون ۽ ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته، ان وقت جا ڪيترائي عرب حاڪم ۽ اتي جا وڏيرا پير ڪي اهڙا شريف به ته نه هئا. هڪ ٻه صدي اڳ (جڏهن انگريزن شيدي غلامن جي وڪري تي بندش وڌي تڏهن) وڃي ڪا ٺاپر ٿي، نه ته اومان پاسي عربن جي آخر تائين وڏي ڪمائي ته هئي ئي انسانن جي وڪري مان. هي سنڌ ۾ ميرن پيرن يا ترڪيءَ جي حرمن ۾ زئنزبار جي مارڪيٽن مان غلام ڪنهن ٿي پهچايا؟ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي هر ملڪ جي ٺاهوڪي ۽ جوان شيدياڻي توڙي شيديءَ جي عزت ۽ جان محفوظ نه هئي. هنن کي وهٽن وانگر ماري ڪٽي، ڦاسائي، وڪرو ڪري عربن خوب پئسو ڪمايو ٿي. جيتوڻيڪ اسلام غلاميءَ ٻجي بندش وجهي ٿو ۽ اهوئي حال آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن جو هو، جتي يورپين ۽ آمريڪن باهه ٻاري ڏني هئي ۽ ڪنهن به جوان شيدي عورت ۽ مرد کي نٿي بخشيائون. کين جانورن وانگر آمريڪا پورهئي لاءِ نيو ويو ٿي. مس مس پوءِ ابراهام لنڪن جهڙن وڃي غلاميءَ تي بندش وڌي ۽ هاڻ يورپي توڙي آمريڪن وڏا ساڌ ٿي ويا آهن ۽ انسانيت ۽ انسان ذات جي ڳالهه ڪندي ڪندي اوٻائيءَ پئجي ٿا وڃن.
بهرحال سامونڊي ڌاڙا (Piracy) اڄ به ختم نه ٿيا آهن، ان جو احوال ڪنهن ٻئي هنڌ ڪبو. هتي جهازن جو ذڪر ڪريون ٿا ته اوڻهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان آگبوٽ (Steamships) شروع ٿيا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان هلڻ لڳا. هونءَ جو سڙهن وارا جهاز بندرگاهه ۾ بيٺا هوندا هئا ۽ هوا جو انتظار ڪندا هئا ۽ پوءِ ان طرف هلڻ شروع ڪندا هئا، جنهن طرف اها کين وٺي وڃي- ان بدران ڪل تي هلندڙ جهاز ڪنهن وقت به سفر لاءِ نڪتا ٿي ۽ ڪيڏانهن به وڃي سگهيا ٿي. نه ته سياري ۾ جڏهن اتر واءُ لڳندو هو ته عرب ملڪن کان سڙه تي هلندڙ جهاز، هند سنڌ ڏي آيا ٿي ۽ هند سنڌ جا جهاز لنڪا ڏي روانا ٿيا ٿي ۽ پوءِ جون، جولاءءِ ۽ آگسٽ ڌاري جڏهن ڏکڻ ڇوٽ ٿي لڳو، چوماسي جون هوائون شروع ٿي ٿيون ته، اهي جهاز پٺيان ٿي مڙيا يعني لنڪا کان هند سنڌ ۽ عرب ملڪن ڏي روانا ٿي ٿيا.
ڪَلَ تي هلندڙ جهازن تي بئالرن ۾ ٻاڦ تيار ڪئي ٿي وئي. پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ بئالرن ۾ پهرين ڪاٺ ساڙيو ويو ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪوئلي جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ ويهين صدي ڌاري تيل (Heavy fuel oil) ڪتب اچڻ لڳو جيڪو گهٽ جاءِ والاري ٿو ۽ پمپ ذريعي جهاز جي ٽانڪين ۾ اچيو وڃي، نه ته جڏهن ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي ته، هڪڙن مزورن جهاز تي ڍوئڻ وارو سامان جهاز تي چاڙهيو ٿي ته، ٻين بئالر کي ٻارڻ ۽ ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ، سوين هزارين ڳوڻيون ڪوئلن جون جهاز تي چاڙهيون ٿي. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪرينون ۽ ڊيرڪون عام نه ٿيون هيون، جن ذريعي اهو سامان جلدي چاڙهي سگهجي. مزورن جون قطارون سامان جون ڀريون ۽ ڪوئلي جون ڳوڻيون پٺيءَ تي رکي، جهاز جي ڏاڪڻ تي قطار ۾ چڙهيا ۽ لٿا ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي ڪولمبو، مدراس ۽ ڪلڪتي بندرگاهن جون تصويرون، يورپي ميوزيم ۾ نظر اينديون، جن ۾ ڪاري رنگ جا تامل ۽ بنگالي پٺيءَ اگهاڙا، انگوڇا ٻڌل، هڪ ڊگهي تختي ذريعي جهاز تي، پٺيءَ تي بار هجڻ ڪري ڊونڊا ٿي رڙهندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
بئالر ۾ پاڻي وجهي، گرم ڪرڻ سان تيار ٿيل ٻاڦ “اسٽيم انجن” جي پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪيو ٿي، جنهن ذريعي پئڊل هليا ٿي ۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. بعد ۾ پئڊلن بدران پروپيلر استعمال ٿيڻ لڳو. پسٽنن جي هيٺ مٿي ٿيڻ واري عمل (Reciprocating) کي ڪرئنڪ شفٽ ذريعي گول ڦرڻ (Rotary motion) واري عمل ۾ تبديل ڪري، جهاز جي پٺيان لڳل ٽن يا چئن پرن واري پنکي (Propeller) کي گول گهمايو ويو ٿي. پاڻيءَ اندر پنکي جي گول گهمڻ ڪري جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو. جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ بريڪ تي ٿئي ڪانه. پنکي کي ٻئي طرف هلائڻ سان، جهاز جي پٺتي هلندڙ رفتار اڳتي واري کي ختم ڪري زيرو ۽ رفتار تي آڻي ٿي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهيو رهي. ۽ پوءِ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي اتي ترسائڻ لاءِ، جهاز جي لنگر کي رسي ذريعي سمنڊ ۾ اڇلڻو پوي ٿو، جيڪو سمنڊ جي تري ۾ ڦاسيو پوي ۽ جهاز ڪِلي ۾ ٻڌل مينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ بدران ان ڪِليءَ جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز کي بندرگاهه ۾ ڪنهن جيٽيءَ وٽ بيهارڻ لاءِ جهاز ۾ لڳل ڪِلي ۾ رسو ٻڌي، ان جو ٻيو پوڇڙ جيٽيءَ ۾ کتل ڪِليءَ سان ٻڌي ڇڏجي ٿو. اهو رسو ڪافي مضبوط ۽ ماڻهوءَ جي ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿئي ٿو. لنگر (Anchor) جنهن چين (رسي) ذريعي اڇلائبو آهي، اها چين لوهه جي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڪڙو (ڪنڍو) ايڏو ڳرو ٿئي ٿو، جو هڪ ماڻهو هڪ ڪڙو مس کڻي سگهي ٿو. جهاز هلڻ مهل ونڊلس نالي طاقتور مشين سان، ان لوهي زنجير (چين) کي ڇڪي لنگر کي ٻاهر ڪڍبو آهي.
اسڪول وارن ڏينهن ۾، لنگر بابت هڪ عام ڳجهارت ڏني ويندي هئي ته، اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ضرورت وقت اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته ان کي کڻي رکيو وڃي ٿو. جڏهن به کلئي سمنڊ ۾ جهاز جي انجڻ خراب ٿئي ٿي، يا طوفان لڳن ٿا يا بندرگاهه ۾ اندر هلڻ لاءِ کلئي سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ، جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت پوي ٿي، ته اسان لنگر (Anchor) کي جهاز جي ڊيڪ تان کڻي، هيٺ اڇلي ڇڏيون ٿا ۽ جڏهن جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت نٿي پوي ته ان لنگر کي سمنڊ مان ڪڍي حفاظت سان رکي ڇڏيون ٿا.
پسٽنن واري اسٽيم انجن بعد ٽربائين به آيا. ان ۾ پسٽنن واري هيٺ مٿي واري Movement جي ضرورت نٿي پوي. اها شئفٽ جنهن جي ڇيڙي تي پروپيلر ٿئي ٿي، ان شئفٽ جي چوڌاري چوڏل وانگر پئڊل يا پترا (Blades) لڳايا وڃن ٿا. بئالرن ۾ پيدا ٿيل ٻاڦ انهن بليڊن تي جيٽ سان گڏ شئفٽ ۽ پروپيلر هلي ٿو. ٽربائين جهاز ٻي جنگ عظيم کان گذريل صديءَ جي آخر تائين چڱا مشهور رهيا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن آئون جهازي دنيا ۾ آيس ته پاڪستان وٽ به هڪ حاجين جو جهاز سفينه حجاج ٽربائين جهاز هو، جيڪو جرمنيءَ ۾ ٺهيو هو. اڄڪلهه 95 سيڪڙو جهاز ڊيزل انجڻ وارا آهن، جو ٽربائين جهازن جا انجنيئر به مشڪل سان ملن ٿا. هرهڪ ڊيزل انجڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ چاهي ٿو. اسان جي سڄي بئچ ۾ فقط هڪ، مرحوم آصف غيور، ٽربائين جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو، پر هو به سفينه حجاج جهاز جي اسڪرئپ ٿيڻ تي، پنهنجي Specialty بدلائي، ڊيزل جهازن ڏي هليو آيو.
ڊيزل جهازن تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ وڏن بئالرن جو کٽراڳ نٿو ٿئي. ڦيول (ڊيزل آئل) انجڻ اندر ئي ٻاريو وڃي ٿو، ان ڪري ڊيزل انجڻ کي انٽرنل ڪمبشن انجڻ به سڏجي ٿو. ائين ته پيٽرول انجڻ به ڊيزل انجڻ جي سوٽ ماسات آهي، پر پاڻيءَ وارن جهازن تي پيٽرول جهڙين شين کي Explosion جي خوف کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻيءَ وارا آفت جيڏا جهاز ڊيزل انجڻيون ئي هلائي سگهن ٿيون. ڊيزل انجڻ جي سيلينڊر ۾ ايڏو ته مٿاهين درجي جو پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايڏي ته گرمائش پيدا ٿئي ٿو، جو ڏامر جهڙو ڪارو تيل جيڪو “هيوي فيول آئل” سڏجي ٿو، اهو آسانيءَ سان ساڙيو ٿو وڃي ۽ اهو تيل پيٽرول کان تمام گهڻو سستو آهي. اهو سمجهو ته بنا صفائيءَ جي زمين مان نڪتل تيل ٿئي ٿو، جنهن کي جهاز جي رفائينري روم ۾ جهڙو تهڙو صاف ڪري، ٻاري ڇڏيندا آهن.
ڊيزل انجڻ جا به ٻه قسم آهن: فور اسٽروڪ ۽ ٽو اسٽروڪ. جيئن ڪرڪيٽ جو رانديگر بئٽ هلائڻ کي اسٽروڪ سڏي ٿو، تيئن سيلينڊر اندر پسٽن جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچڻ، هڪ اسٽروڪ آهي ۽ وري ساڳي هنڌ واپس موٽڻ، ان جو ٻيو اسٽروڪ آهي. فور اسٽروڪ واري انجڻ ۾ پسٽن جي اهڙين چئن چرپرن (Strokes) ۾ هڪ دفعو تيل ساڙيو وڃي ٿو ۽ ٽو اسٽروڪ انجڻ ۾ هر ٻئي اسٽروڪ ۾ انجڻ تيل سڙي ٿو. هاڻ ظاهر آهي ته ٽو اسٽروڪ (Two stroke) انجڻ ۾ تيل گهڻو سڙندو، ان ڪري طاقت به گهڻي حاصل ٿيندي. ان ڪري جهاز هلائڻ لاءِ هميشھ ٽو اسٽروڪ انجڻ رکي وڃي ٿي ۽ جهاز تي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ جنريٽر يا ايئر ڪمپريسر وغيره لاءِ Four Stroke انجڻيون رکيون وڃن ٿيون.
ڊيزل انجڻ وارا جهاز، ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان سمنڊ تي آيا. وينڊل Vandal نالي جهاز، پهريون ڊيزل انجڻ وارو جهاز چيو وڃي ٿو جيڪو 1903ع ۾ سمنڊ تي لٿو. جهازن بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ته انهن جي خشڪيءَ تي هلندڙ گاڏين يا هوائي جهاز وانگر هڪ حد کان وڌيڪ رفتار وڌائي نٿي سگهجي. جهاز يا ٻيڙي وغيره سمنڊ تي تڏهن ٿي هلي، جڏهن ان جو پنکو (Propeller) جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهي ٿو، گول ڦري ٿو. جيئن جيئن اهو تيز هلي ٿو، تيئن تيئن اهو پاڻيءَ کي تکو تکو ڪپي ٿو ۽ جهاز اڳتي وڌي ٿو. پر هڪ رفتار کان پوءِ اهو پاڻيءَ کي ڪپي نٿو سگهي، جو خال (Vacum) پيدا ٿيو پوي. هو ان خال ۾ ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز جي رفتار ويتر گهٽجيو وڃي. جهاز جي پروپيلر کي هلائڻ وارين انجڻين جي رفتار، هڪ سؤ کان ٻه سؤ RPM مس ٿئي ٿي، ان ڪري جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل انجڻيون، جيڪي مئرين انجڻيون سڏجن ٿيون، Slow اسپيڊ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي اسپيڊ گهڻي هوندي آهي ته انجڻ ۽ پروپيلر جي وچ ۾ گيئرون هڻي، گهٽ ڪئي ويندي آهي، جيئن پروپيلر جي رفتار سؤ ڏيڍ سؤ RPM رهي. (آر پي ايم Revolution Per Minute جو مخفف آهي).
مئرين ڊيزل انجڻ جي تواريخ کي سؤ سال اچي ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انجڻيون مشهور ٿيون ۽ ڪجهه ته اڄ تائين هلنديون اچن، جهڙوڪ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمني جي MAN، جپان جي متسوبشي، اهڙي طرح پِيل اسٽڪ، B & W، سلزر وغيره وغيره. منهنجو تقريباً سڀني انجڻين وارن جهازن سان واسطو پيو آهي. سڀ ۾ گهڻي مشهور ۽ ڪامياب مئرين انجڻ “سلزر” چئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته رپيئر توڙي Maintenance جي حساب کان سلزر وڌيڪ بهتر انجڻ آهي ۽ منهنجو پنهنجو اهو رايو آهي ته سلزر انجڻ واري جهاز جا مئرين انجنيئر، سانتيڪي سمنڊ توڙي طوفاني راتين ۾ وڌيڪ سک جي ننڊ ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها ته سلزر انجڻ سئٽزرلينڊ ملڪ جي آهي، جنهن کي پنهنجو سمنڊ آهي ئي ڪونه. افغانستان وانگر هن جي چوڌاري ملڪ ۽ جبل آهن.
No comments:
Post a Comment