گهوٽ چڙهي گهر گهوڙي ايندو
دهليءَ ۾ پهچڻ سان هوٽل مان تيار ٿي ڪنوار جي گهر مينديءَ لاءِ پهتاسين. ڪنواريتا به اسان گهوٽيتن جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا. هڪ طرف مانيءَ جو بندوبست هو ته ٻي طرف ڳائڻ وڄائڻ. پاڪستان کان آيل اوڏن ۾ ڌاريو آئون هوس (اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ ڀاتيءَ منهنجو پنهنجن کان به وڌيڪ خيال ٿي رکيو) ۽ هوڏانهن آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان آيل اوڏن ۾ گهوٽ راجيش جا چار پنج آمريڪن دوست هئا. اسان سڀني لاءِ هي نوان ساٽ سوڻ ۽ ريتون رسمون هيون جيڪي هندستان جي اتراهين صوبن سان واسطو رکن ٿيون. ملائيشيا ۾ اٺ سال رهڻ دوران اتي ڪيتريون هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ شاديون اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو پر اهي سڀ تامل ۽ مليالم ڳالهائڻ وارن سائوٿ انڊين جو هيون. انهن ۾ ۽ اتر هندستان جي زبان توڙي ريتن رسمن ۾ ڪيڏو ته فرق آهي، بهرحال ڳائڻ وڄائڻ توري ويس وڳن ۾ اسان جا سنڌ کان توڙي USA کان گهوٽيتا اوڏ ڪنهن به صورت ۾ هتي جي دهليءَ وارن کان گهٽ نه هئا. بالي ووڊ جون فلمون کڻي انڊيا ۾ ٺهن ٿيون پر انهن جا وڊيو ڪيسٽ توڙي سيڊيون ته اسان جي ملڪ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڪامن ٿيون ۽ ڏسڻ وارا ته اسين آهيون توڙي کڻي ٺاهڻ وارا اهي انڊين هجن. ان ڪري اسان جي پارٽي جي ميمبرن (گهوٽيتن)ڪنواريتن کي هر راڳ جو جواب سندن ئي فلمي گانن ۾ اهڙو ٿي ڏٺو جو ڪنواريتا چپ ٿي ٿي ويا. بهرحال هن کل خوشي ۽ ٽهڪن جي ماحول ۾ هر هڪ Enjoy ڪري رهيو هو. رات جا ٻه اچي ٿيا هئا پر لڳو ٿي ته محفل اختتام تي اڃا نه پهچندي. آمريڪا کان آيل گورا پهرين ته وائڙن وانگر هتي جي ماڻهن خاص ڪري عورتن جا ويس وڳا ۽ ريتون رسمون ڏسندا رهيا آخر اوٻاسيون ڏيڻ لڳا ۽ جڏهن ڏٺائون ته اڃا موٽڻ جو نالو ڪوبه نه پيو وٺي ته منهنجو اچي پاسو ڏنائون ته منهنجو اڃا ترسڻ جو ارادو آهي يا هلڻ جو.
”آئون سوير سمهڻ وارو ۽ سوير اٿڻ وارو آهيان.“ مون چيو مان.
”دئٽ ازنائيس. اسان کي هوٽل تائين وٺي هل.“ هنن چيو.
”هلو ته هلون، هي ساڳيون ريتون رسمون بلڪه ان کان به گهڻيون سڀاڻي پنهنجي هوٽل ۾ گهوٽيتا ڪندا. وڌيڪ فوٽو اتي ڪڍنداسين.“ مون چيومان ۽ گهوٽ جي پيءُ ۽ پنهنجي پراڻي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند اوڏ کي چيم ته گاڏيءَ جو بندوبست ڪري ڏي ته اسان هلون.
رامچند ڪنهن ڪنواريتي کي چيو جنهن پنهنجي وئگز گاڏيءَ ۾ اسان کي اچي هوٽل تي ڪڍيو.
صبح جو نيرن تي آئون اڪيلو هوس، ڪجهه دير لاءِ ٻين جو انتظار ڪري هوٽل وارن کان پڇيم ته هي پاڪستان ۽ آمريڪا کان شادي تي آيل مهمانن جو ڇا پروگرام آهي.
”انهن يارهين بجي تائين ناشتي لاءِ چيو آهي جو هو رات پنجين بجي موٽيا آهن. اڄ 12 بجي هوٽل جي مين هال ۾ گهوٽيتن جي مينديءَ جو فنڪشن آهي. هوٽل جي ريسپشن تي وٺيل ڪلاڪ ٻڌايو. مون ٽائيم ڏٺو اڃا نو ٿيا هئا، فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽي ڪلاڪ هئا. آئون نيرن ڪري چڪو هوس سو ٻاهر جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ نڪري پيس. هوٽل جو ڪارڊ پنهنجي کيسي ۾ وڌم جيئن ڪڏانهن پري کان وڃي نڪران ته رڪشا يا ٽيڪسي واري کي هن ڪارڊ ذريعي هن هوٽل جي ائڊريس ٻڌائي سگهان. وري به هوٽل جي گيٽ تي بيٺل سنتريءَ کان هن علائقي جو نالو پڇي ڪاپيءَ تي نوٽ ڪيم.
”دهليءَ جو هي علائقو ڪارول باغ سڏجي ٿو ۽ هي خاص ٽڪرو چينا مارڪيٽ آهي.“ هن ٻڌايو ۽ سامهون روڊ جي ڇيڙي وٽ ٺهيل رائونڊ ابائوٽ لاءِ ٻڌايو ته اهو مشهور ”چينامارڪيٽ گول چڪر“ آهي جنهن جي چوڌاري ڪيترائي دڪان آهن. هن ڳالهه ٻڌائي بس ڪئي ته هڪ نوجوان فقرياڻيءَ هٿ اڳيان وڌائي خيرات گهري. هوءَ منهنجو رستو روڪي بيهي رهي. کيسي ۾ هٿ وجهي ڏٺم ٻه کن سڪا هئا. خبر ناهي هتي جا يا پاڪستان جا پر مون پنهنجي راهه کولڻ لاءِ جلدي جلدي هن جي هٿ تي رکيا. منهنجي اڳيان رڪاوٽ هٽي وئي پر اتي ٻه ٻيون ڇوڪريون اچي ويون ۽ منهنجي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي گيٽ تي بيٺل ڏنڊي سميت اڳيان آيو ۽ ڇوڪرين کي دڙڪو ڏيندي چيو:
”جاتي هو يا جمنا جي ڪا پرساد دون؟“
ٻئي ڇوڪريون ڀڄي ويون، پهرين مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته اهو هن ڇا چيو ۽ خيرات (پرساد) جنهن جي هن ڳالهه پئي ڪئي اهو وٺڻ کان هنن ڇو ڪيٻايو. پر پوءِ سنتري کي هنن ڏي گهوريندي ۽ پنهنجي کاٻي هٿ تي ڏنڊي جا آهستي آهستي ڌڪ هڻندو ڏسي سمجهي ويس ته هتي ”جمنا جي کا پرساد“ معنيٰ ڏنڊا کائڻ آهي. جيئن پاڻ وٽ ڏنڊي کي ”مولا بخش“ سڏين ۽ خاص ڪري اسڪولن ۾ ڏنگن ٻارن جو علاج مولا بخش ئي ڪري سگهي ٿو. مون اڳتي وڌي چوراهي (چينا مارڪيٽ گول چڪر) تائين گهٽيءَ جو جائزو ورتو. ڪراچيءَ جي پاڪستان چوڪ يا حيدرآباد جي صدر علائقي جي گهٽين جهڙي گهٽي چئي سگهجي ٿي پر فقط ان گهٽي ۽ پاسي کان اچي ملندڙ هڪ ٻي گهٽيءَ ۾ نه نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن ننڍيون وڏيون هوٽلون ٿينديون، ڪرائون هوٽل، هيريٽيج هوٽل، سن ڪورٽ، Aamn palace, ڪارٽيل پئلس، Tribhaven palace, western, Queen، هل پئلسن آئوري پئلس ۽ ٻيون هوٽلون، ڪيترائي فارينر خاص ڪري يورپ پاسي جا گهٽيءَ ۾ ڦري رهيا هئا يعني اهي فقط هڪ گهٽيءَ ۾ سو به صبح پهر ته معنيٰ سڄي دهليءَ ۾ ۽ انڊيا جي ٻين شهرن ۾ ته خبر ناهي ڪيترا فارينر ٽوئرسٽ هوندا ۽ ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته اڄ جي دور ۾ ٽوئرزم وڏي انڊسٽري آهي جنهن مان ڪمائي ۽ ڪمائي آهي. تڏهن ته هتي جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون آهن ۽ ٻيون ٺهن پيون ۽ هر هوٽل سال جو وڏو حصو فل رهي ٿي. هن وقت به پاڪستان کان اسان سان گڏ آيل ڪجهه ڄاڃي اسان واري هوٽل ۾ جاءِ نه ملڻ ڪري ڀرواريءَ گهٽيءَ جي ٻي هوٽل ۾ ترسايا ويا آهن.
چوراهي تائين واڪ ڪرڻ دوران هڪ ٻن هوٽلن ۾ گهڙي در وٽ رسيپشن تان هوٽلن جي مسواڙ پڇيم. ڪنهن جي هزا ڪنهن جي سوا هزار ۽ هڪ ٻن جي پنج سؤ روپيا هئا ۽ هوٽلن جي معيار جي حساب سان اها گهڻي نه هئي، ان کان وڌيڪ گهڻي وڌيڪ اسان وٽ آهي. دراصل انڊيا جون اهي ڳالهيون آهن جنهنڪري ٽوئرسٽ اچن ٿا. اسان وٽ امن امان جي ليول صحيح ناهي ۽ هوٽل وارا توڙي دڪاندار ڪنهن فارينر کي ڏسي هن مان پئسا تڳائڻ جي ڪندا. ۽ سرڪاري عملدار دڪان ۽ هوٽل وارن کي ڦرڻ جي ڪندا. هتي انڊيا ۾ لڳي ٿو سرڪار هوٽل وارن کي تنگ ڪرڻ بدران مدد ڪري ٿي تڏهن ته هر ڪو پنهنجو گهر ڊاهي اتي هوٽل پيو ٺهرائي.
مون کي هن وقت ٻه ڪم ڪرڻا هئا، هڪ پاڪستان پهچ جو ٽيليفون ڪرڻو هو ۽ ٻيو انٽرنيٽ تي پنهنجي ٽپال وغيره ڏسڻي هئي. ڪراچي ڇڏي اڄ ٽيو ڏينهن هو جو ڪمپيوٽر نه کوليو هو ۽ هاڻ هوٽل کان ٻاهر ڪنهن Cybre Café جي ڳولا ۾ نڪتو هوس. مون کي ٻنهي ڪمن لاءِ ڪا دقت نه ٿي جو هوٽل کان وٺي چوراهي تائين ٻه يا ٽي اهڙا دڪان مليا جتي ڪلاڪ جا ڏهه روپيا ڏيئي ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهيس ٿي ۽ ٽيليفون لاءِ پي سي او ته جتي ڪٿي نظر اچي رهيو هو. چوراهي وتان فون ڪري واپس هوٽل ڏي آيس ۽ هوٽل سان بلڪل لڳولڳ هڪ Cyber Café ۾ اچي ڪمپيوٽر تي ويٺس. هڪ گورکو ڇوڪرو ۽ ٽي کن عورتون مختلف ڪمپيوٽرن تي ويٺا هئا. گورکو ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري شام جي ڪاليجن جا شاگرد هئا ۽ هينئر صبح جو ڪميپوٽر سکڻ لاءِ هتي آيا هئا ۽ باقي ٻه عورتون House wives ٿي لڳيون جن کان بعد ۾ پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن جي مڙسن کي آمريڪا ۾ نوڪري ملي آهي ۽ هاڻ ڪجهه مهينن بعد هو هنن وٽ وڃي رهيون آهن. هتان ڪمپيوٽر جا ڪجهه پروگرام سکي پيون وڃن خاص ڪري Adobe فوٽ شاپ جيئن اتي ڪنهن آفيس ۾ ياد دڪان تي ڪو جاب حاصل ڪري سگهن ۽ سندن مڙسن جي ڪمائي ۾ واڌارو ٿي سگهي. کين ڪمپيوٽر سيکارڻ واري ڇوڪري عمر ۽ هلڪي ڦلڪي جسم مان ڪنهن ڪاليج جي شاگردياڻي ٿي لڳي پر ڪمپيوٽر ۾ ڇا ته سندس معلومات هئي. ٽنهي چئني ڄڻن درپيش آيل مسئلن جو حل پئي پڇيس ۽ هوءَ سڀني کي اهڙو جلدي جلدي سمجهائي رهي هئي جو لڳو پئي ته واقعي ايڪسپرٽ آهي. اسان وٽ به پاڪستان جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ سائبر ڪيفي جهڙا دڪان آهن پر توهان انهن ۾ اندر وڃي ڏسو ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪو پروگرام يا ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو علم سکڻ بدران (جنهن ۾ محنت ٿي گهرجي) رڳو خط لکڻ، چيٽ ڪرڻ ۽ واهيات قسم جون سائيڊون کولي ذهني عياشيءَ ۾ مبتلا نظر ايندا. هتي هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته انٽرنيت سروس تمام Fast آهي ۽ ڪلاڪ جي مسواڙ ڏهه روپين ۾ ايترو ڪم ٿيو وڃي جو اسان وٽ چئن ڪلاڪن ۾ به نه ٿئي، رڳو پٽڻ کي ڪلڪ ڪر ته گهربل Site يا Mail کليو وڃي.
جيئن ئي ٻه ڪلاڪ پورا ٿيا ته ٻن ڪلاڪن جي في ويهه روپيا انچارج ڇوڪريءَ کي ڏيئي آئون ٻاهر نڪتس. ادا گلاب راءِ اوڏ جو پٽ وڃي ڪمار ۽ سريچند اوڏ جو پٽ سنجي هوٽل جي در وٽ بيٺا هئا.
”ڪريو خبر اچي ويا ماڻهو؟“ مون پڇيو مان.
”ها انڪل! تقريبا اچي ويا آهن توهان نيرن ڪئي؟“
”ڪڏهوڪو.“ مون وراڻيو مان، ”هلو ته هلو.“
سنجي مون سان گڏ هلڻ لڳو ۽ وڃي پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڪمري مان سڏڻ لاءِ لفٽ ڏي روانو ٿيو.
”تون مون سان گڏ هججانءِ جيئن فوٽو ڪڍڻ ۾ منهنجي مدد ڪري سگهين.“
مون سنجي کي چيو سنجي تازو NED يونيورسٽيءَ مان BE ڪئي آهي ۽ سندس پيءُ سريچند اوڏ ڊاڪٽر رامچند اوڏ جو سڳو ڀاءُ آهي يعني سوناري سندن ماءُ آهي. چاچي نارائڻ داس اوڏ کي پنهنجي ٻي زال سوناريءَ مان چار پٽ ٿيا. سڀ ۾ وڏو ارجن داس اوڏ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اسان سان گڏ هو جتان انٽر ڪرڻ بعد هن مرچنت نيوي Join ڪرڻ چاهي ٿي پر سندس والد کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ مان MBA ڪرڻ لاءِ چيو جيتوڻيڪ پوءِ ڏهاڪو کن سالن بعد شري نارائڻ داس جي ٽي ۽ ننڍي زال نانڪي جي پنجين نمبر پٽ امرچند انٽر ڪئي ته هن کي چاچي نارائڻ داس مئرين اڪيڊمي موڪليو اڄ هو هڪ ڪامياب ڪئپٽن آهي ۽ ايران جا جهاز يورپ جي مختلف بندرگاهن ۾ هلائي ٿو.
ارجن داس کان پوءِ سال کن رکي سندس ٻيو نمبر ڀاءُ رامچند ۽ ٽي ماءُ نانڪي جو ٻيو نمبر پٽ نولراءِ ڪيڊٽ ڪاليج آيا هئا ۽ هينئر اسان انهن ٻنهي جي پٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ انڊيا آيا آهيون. ڊاڪٽر رامچند کان پوءِ ٽيون ڀاءُ سريچند آهي جيڪو سنجي جو پيءُ ٿئي ۽ ان بعد چوٿون ڀاءُ . يعني ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ (سنجي جو ننڍو چاچو) آهي. سنجي جي پيءُ سري چند ۽ لڇمڻ ٻنهي جي شادي دودي جي ٻن ڀيڻن جهمي (شبانا) ۽ ريکا سي ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ سنجي جي پڦين شانتا ۽ ڪملا جي شادي سندس مامن دوددي ۽ مور سان ٿي. ان ريت ڏٺو وڃي ته سنجي يا ٻين ٻارن جا هر هڪ سان هڪ بدران ٻه ٻه رشتا ٿيا. سنجي جي ريکا ماسي به ٿي جو اها سندس ماءُ شبانا جي ڀيڻ ٿي. ۽ ساڳي وقت اها چاچي به ٿي جو ريکا سندس چاچي لڇمڻ جي زال به ٿي. اهڙي طرح سندس دودو مامو به ٿيو ته پڦڙ به. هتي آيل شري نارائڻ داس جي ڏهٽاڻ پوٽان ڪڏهن ڪنهن کي ماسي پيا سڏين ته ڪڏهن چاچي. بعد ۾ آئون به سمجهي ويس ته ڪير ڪنهن کي ڪهڙي رشتي سان سڏي ٿو پر شروع جي ڏينهن ۾ آئون سمجهي نه سگهيس سو پهرين ڏينهن ئي چيو مان ته جنهن جي ڳالهه ڪريو ان جو مهرباني ڪري نالو وٺي ڳالهه ڪريو ۽ آئون به نالو وٺي چوندس جو توهان جي ننڍي ٽهي ته مون کان ننڍي آهي ئي آهي پر توهان جا پيءُ ماءُ به سڀ مون کان ننڍا آهن سوا ادا گلاب راءِ جي جنهن کي سن 1959ع کان جڏهن سندن گهر پهريون دفعو اچي رهيو هوس، ”ادا“ چوندا اچون.
سنجي اسان سان اڪيلو آيو آهي، سندس ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀيڻون (مينا، نينا، ۽ رشي) جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا موڪل نه ملڻ ڪري اچي نه سگهيا. ان ڪري سنجي پنهنجي مامي دودي سان گڏ هليو ٿي يا مون سان.
مينديءَ واري هال ۾ گهڙياسين ته وچ ۾ غاليچو وڇائي ڇوڪريون لونگ ڦوٽا ڳائي رهيون هيون. يعني،
لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾
آئون کڻيو پئي اچان،
راجيش منهنجي اڳ ۾
آئون نچندي اچان.
اسان مردن لاءِ ڀتين جي چوڌاري ڪرسيون رکيون ويون هيون. مختلف ساٽ سوڻ ڪرڻ لاءِ گهوٽ جون پڦيون ميندي، لوٽو، وڃڻو، اکڙي مهري جهڙيون شيون کڻي آيون هيون. هي گهڻو ڪري اهي ئي ريتون رسمون ۽ ساٿ سوڻ هئا جيڪي اسان مسلمانن ۾ به ٻڪي، ونواه، نکيٽي جي ڪاڄن تي ٿين ٿا جن جو مذهب سان ايترو تعلق ناهي جيترو هتي جي پراڻي هندو ڪلچر سان آهي ۽ هي ساٽ سوڻ جيئن پهرين ٻڌائي آيو آهيان ته هندستان جي مٿين اڌ، پاڪستان ۽ ڪشمير طرف هڪ جهڙا آهن هيٺ ڏکڻ ۾ توڙي انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي تي جتي جو سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي يا ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ جتي جي رهاڪو انڊين ۾ 80 کن سيڪڙو ڏکڻ هندستانين جو آهي اتي جي هندن جا بلڪل مختلف رسمون رواج آهن. ٿائي پوسام ۽ ڪاواڊي جهڙا ڏينهن ۽ رسمون به ڏکڻ هندستان جي تامل، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪا وارن جي خاص سڃاڻپ آهن.
ڳائڻ وارين هڪ راڳ ختم ٿي ڪيو ته ٻيو شروع ٿي ڪيو.
تون هلين ٿو ٻانهن لوڏي لوڏي
ماڻهو ڏسن ٿا توڏي توڏي
هلندڙن کي نه بيهار منهنجا جاني
رک پلنگ تي پير منهنجا جاني
بهرحال هوٽل جي هال ۾ ڪو پلنگ ته نه هو پٽ تي ئي گلم غاليچا ۽ چادرون وڇائي ويٺا هئاسين جتي جاني يعني گهوٽ راجيش کي ميندي ۽ رسمن لاءِ ويهاريو ويو هو ۽ جتي هن کي نوان ڪپڙا به پارايا ويا. آمريڪا کان آيل راجيش ۽ سندس پيءُ رامچند جا آمريڪن مهمان عوروتون ۽ مرد جتي حيرت مان هي ساٽ سوڻ ڏسي رهيا هئا اتي گهٽ پريشان راجيش به نه هو جيڪو جيڪا پهرين هندو ڌرم جي شادي ڏسي رهيو هو اها اتفاق سان سندس ئي هئي. کيس هر شيءِ سمجهائڻي ٿي پئي ته هاڻ هيئن ڪر هاڻ هونءَ ڪر. مزي جي ڳالهه اها ته اوڏ کڻي هند سنڌ ۾ رهن پر پاڻ ۾ اوڏڪي ڳالهائين. ڪيترن کي سنڌي کڻي نه ايندي، اردو يا هندي نه ايندي پر اوڏڪي ضرور ايندي. پر رامچندهڪ واحد ماڻهو آهي جنهن جي ٽنهي ٻارن کي اوڏڪي ٺپ نٿي اچي. رامچند شاديءَ بعد يڪو آمريڪا ۾ رهيو ۽ گهٽي گهوٽي ته ڇا سڄي رياست ۾ ساڻن ڪو سنڌي يا اوڏڪي ڳالهائڻ وارو نه هو جنهن کان ٻار کڻي ٻڌن. پاڻ سال جا يارهن مهينا دنيا جي ٽوئر تي يا ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ريسرچ ورڪ پٺيان. نتيجي ۾ ٻارن کي فلپينو آيائن سان رهڻو پيو ٿي يا هاسٽل ۾ جتي هنن کي ڏينهن رات انگريزي ٻڌڻي ۽ ڳالهائڻي پئي ٿي. سو هاڻ راجيش کي رسمن لاءِ پڦيون ۽ چاچيون سنڌي يا اوڏڪي ۾ سمجهائين ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. گهوٽ صاحب به پريشان ته مائٽ به. سندس وڏي پڦي، مهرچند جي زال پتلي جيڪا پڻ پنهنجن هنن ڀائيٽن سان پهريون دفعو هتي انڊيا ۾ ملي رهي هئي سا ڪافي دير گهوٽ سان مٿو کپائي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺي. ”امان ڏاڍي ڳالهه ٿي هاڻ هن عمر ۾ اسان کي انگريزي سکڻي پوندي.“ هوءَ چئي رهي هئي، پر منهنجي خيال ۾ هن کي يا سندس ڪنهن ڀيڻ کي ان قسم جو فڪر نه ڪرڻ کپي جو شري نارائڻ داس جي هر هڪ پٽ ته پنهنجن ٻارن کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏني پر ڌيئرن به پنهنجن ٻارن کي ڊاڪٽري ۽ انجنيئري سان گڏ سٺي انگريزي سيکاري. مانيڪا، برکا، ارم، ڪرن، سروج جهڙيون ڇوڪريون جيڪي ڪانوينٽ اسڪولن مان کڻي نه پڙهيون پر عام اسڪولن مان پڙهي به پنهنجي انگريزي سڌاري ويون ۽ پنهنجن انهن ڪزنن سان جيڪي انگلينڊ، ڪئناڊا ۽ USA کان هتي اچي نڪتا هئا انهن سان بلڪل روان انگريزي ڳالهائي رهيون هيون. سنڌي يا اردو هندي اچڻ پنهنجي جاءِ تي پر اها زميني حقيقت آهي ته اڄ به جتي ڪٿي، ويندي اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪامياب اهو وڃي ٿو جيڪو سٺي انگريزي ڄاڻي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو.
رامچند جي ٽنهي پٽن سان منهنجو به رات ئي ڳالهائڻ ٿيو جيتوڻيڪ هيستائين Email ذريعي فقط وڏي پٽ راجيش (گهوٽ) سان واسطو ضرور هو. مون سنڌي ۾ ٻئي نمبر پٽ سان ڳالهايو ته هو ”هاءِ“ ڪري Typical آمريڪن لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳو: ”اڙي رامچند! هي ڇا؟ ڀلا اوڏڪي اچين ٿي يا اها به نه؟“ مون ڀر ۾ بيٺل رامچند کان پڇيو.
”بس يار، هاڻ هڪ هنڌ منهنجي پوسٽنگ ٿي آهي سو سيکاري وٺندوسان. في الحال رڳو ”گٽ مٽ“ ٿا ڄاڻن. هن گٽ مٽ تي زور ڏيندي چيو ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويو.
اڄ کان 45 سال کن اڳ جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئاسين ته ڪراچي ۽ لاهور جي ڪانوينٽ اسڪولن کان آيل اسان جا ڪلاس ميٽ اسان تي خوب حاوي هئا. اسين هالا، ڪنڊيارو، جهانگارا باجارا، درٻيلي، شاهه پنجو سلطان جهڙن ڳوٺن کان سنڌي ميڊيم اسڪولن جا ٻار هر وقت جهڙا هيسيل. انگريزي نه اچڻ ڪري نه ميس ۾ پنهنجي ٽيچرن سان ڳالهائي سگهن نه ڪلاس روم ۾. ۽ پوءِ جڏهن منٿلي ٽيسٽ ٿيندا هئا ته خبر پوندي هئي مٿين ڳوٺن جا اقبال ترڪ، غلام محمد سومرو، نولراءِ ۽ رامچند جهڙا پهريون نمبر کڻي ويا جو اهي ڳالهائڻ ۾ کڻي ڪمزور هئا پر انگريزي گرامر، مضمون نويسي، مئٿس وغيره ۾ ته هوشيار هئا. هڪ دفعي رامچند نائين ڪلاس جي منٿلي ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر آيو ته مون چيومانس ”يار ڪمال ڪري وڌو اٿئي.“
”ٻيو نه ته وري“ هن مون کي پاسي تي ڇڪي راز واري انداز ۾ چيو هو، ”هنن کي اچي ڇا ٿو رڳو اها گٽ مٽ ڳالهائڻ ٿي اچين.“ ۽ پوءِ رامچند غلط سلط انگريزيء ڊائلاگ انگريزن جي Aceent ۾ ڳالهائڻ جو نقل ڪري ڏاڍو کلايو ۽ اڄ سندس ٻارن کي بلڪل ائين آمريڪن اسٽائيل ۾ ڳالهائيندو ٻڌي رامچند جي اها ائڪٽنگ ياد اچي وئي.
مينديءَ دوران گهوٽيتاڻيون جيڪي راڳ ڳائي رهيون هيون، هتي اسان جي هوٽل ۾ توڙي رات ڪنوار جي گهر: ”مور ٿو ٽلي“ کان وٺي ”اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا“ .... يا ”سڏ ڏئي ٻڪيءَ جو راڄ گهرايان....“ سڀ سنڌيءَ ۾ هئا. هڪ هڪ کان پڇندو هوس ته ڪو راڳ يا سهرو اوڏڪي زبان ۾ نه آهي ته سڀني اهوئي ٻڌايو ته هو پنهنجين شادين مرادين تي اهي سنڌي ئي راڳ ڳائين. مون گهڻو ئي پروفيسر بنست ۽ مهرچند اوڏ جهڙن کان پڇيو جيڪي ٻهراڙين ۾ به رهيا آهن، ته ڪو اهڙو راڳ، گانو يا ڪو شعر ئي ٻڌائين ته نوٽ ڪري وٺان پر في الحال اڃا حاصل نه ڪري سگهيو آهيان.
مينديءَ جو ڪم لاهي هر ڪو پنهنجي ڪمري وڃي آرامي ٿيو. شام جو دهليءَ جي الفا پارڪ ۾ شاديءَ جو بندوبست هو جيڪا جاءِ هن هوٽل کان اڌ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي اتي سرگس جي روپ ۾ گهوٽ کي وٺي پهچڻو هو. شام جو اک کلي ته بئنڊ جو آواز ڪن تي پيو. ننڍا هئاسين ته ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي ٿيندي هئي گهوٽ کي گهوڙي تي ويهاري مڱڻهارن جي توتارين شرنائين تي سرگس (شهر جي گشت) تي نڪرندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي شاديءَ تي حيدرآباد کان بئنڊ ايندي هئي. ڏهه ٻارهن ڄڻا هڪ ئي يونيفارم پائي مختلف ميوزيڪل Instrument وڄائيندا هئا. ڇا ته Stereo نموني جا آواز نڪرندا هئا. آهستي آهستي اهي سڀ ڳالهيون ماضيءَ جون شيون ٿي ويون پر اڄ هتي دهليءَ ۾ اهي بئنڊ باجا ٻڌي ڏاڍو مزو اچي ويو. هونءَ منهنجو شاديءَ جي دعوت لاءِ ٿورو دير سان نڪرڻ جو ارادو هو پر هاڻ بئنڊ جو آواز ٻڌي يڪدم تيار ٿي سڀ کان اڳ اچي رسيپشن تي نڪتس. خبر پئي ته آمريڪا کان آيل گورا مهمان مون کا به اڳ پهچي ويا آهن ۽ ٻاهر بئنڊ جا فوٽو پيا ڪڍن. آئون به هوٽل کان ٻاهر اچي بيهي رهيس. سڄي بئنڊ ۾ ويهارو کن ميوزيشن هئا ۽ سازن جي آواز سان ڪنن جا پڙدا ٿي ڦاٽا پر ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. بئنڊ جي ڳالهه ئي پنهنجي آهي تڏهن ته گورا به اتي بيٺا هئا ته بيٺا ئي رهيا.
پيا آيا پيار آيا دهج دهج کر ميرا يار آيا
آنکهون مين سرور هي باتون مين غرور هي
چهلکي چهلکي
بئنڊ وارن هڪڙو گانو پورو ڪري ٻيو ٿي شروع ڪيو.
تمهين ديکها تو يه جانا صنم
پيار هوتا هي ديوانه صنم
اب يهان سي کهان جائين هم
تيري باهون مين مرجائين هم
هنن ڪڏهن نئون گانو ٿي ڳايو ته ڪڏهن ڏور ماضيءَ جو.
تنکا تنکا ذرا ذرا
هي روشني سي جيسي بهرا_ هر دل مين ارمان هوتي تو هين
بس کوئي سمجهي ذرا
سڀ خوشين، ميلاپ پيار محبت جا گانا هئا،. هڪ جهاز تي هڪ اهڙوخلاصي آيو جنهن لاءِ مون سان ڪم ڪندڙ ريفريجريشن انجنيئر محمود ٻڌايو ته سائين هي بئنڊ ماسٽر هوندو هو.
”پوءِ اهڙو سٺو ڪم ڇڏيائين ڇو؟“ مون پڇيومانس.
”هڪ دفعي گهوٽيتن ڏاڍي مار ڏنس.“ هن ٻڌايو.
”ڇو؟“
”شاديءَ جي موقعي تي سندس بئنڊ وارن وٺي گانو ڳايو:
”دو گز کفن کا ڻکرا تيرا لباس هوگا.“
جهاز تي جڏهن ڏکيون Calculations بيزار ڪنديون هيون، جهاز جون مشينيون ساٿ ڇڏي ڏينديون هيون، طوفان ۽ سامونڊي ويرون جهاز سان ويڙهاند ڪنديون هيون ۽ اسان الٽيون ڪري ڪري بيحال ٿي ويندا هئاسين ته مٿيون فرج انجنيئر محمود مسخرو ڏاڍي معصوميت سان چوندو هو ته جهاز هلائڻ کان ته بهتر هو ته ڪنهن بئنڊ ۾ ٿالهيون وڄائڻ جو ڪم ڪجي ها. ڪيڏو آسان ۽ دلچسپ آهي. نه ذهني پريشاني ۽ فزيڪل فٽيگ.. ۽ پوءِ ٿالهيون وڄائڻ جي ائڪٽنگ ڪندو هو ته في الحال جهاز ۽ موسم جا پريشر ۽ ٽينشن وساري کلي ڏيندا هئاسين ۽ هاڻ هن بئنڊ ۾ ٻه اهڙا ٿالهين وڄائڻ وارا به نظر اچي رهيا هئا جيڪي پنهنجي پر ۾ سمجهن پيا ته وڏو ڪو ڪارنامو سرانجام پيا ڏيون. سندن هٿن جا ائڪشن ۽ اکين جون ادائون ڏسڻ وٽان هيون. ههڙين بئنڊن ۾ ميوزڪ جي مزي سان گڏ هر هڪ ساز وڄائڻ واري جا ائڪشن ڏسڻ وٽان ٿين ٿا.
گهوٽ لاءِ ٻن اڇن گهوڙن جي خوبصورت بگي آندي وئي هئي جنهن ۾ گهوٽ جو ماءُ پيءُ ۽ وڏو چاچو ويٺا. سڄي ڄڃ هوٽل کان ٻاهر آئي ۽ سرگس جي روپ ۾ شادي هال ڏي وڌڻ لڳي. هر ڏهه پندرهن وکن بعد دارون (Fire Works) ٻاريو ٿي ويو. جنهن جنهن رستي تان لنگهياسين ٿي اتي جي گهرن ۽ هوٽلن جا ماڻهو بالڪونين ۽ درين مان گهوٽ جو سرگس، بئنڊ ۽ Fire Works ڏسڻ لاءِ نڪتا ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها شادي هڪ Royal قسم جي لڳي رهي هئي، پاڙي اوڙي جا ماڻهو به فخر محسوس ڪري رهيا هوندا ته هڪ ڇوڪرو جنهن جي آمريڪن Citizenship آهي ۽ هڪ ڇوڪري جنهن کي ڊئنمارڪ جو پاسپورٽ آهي انهن هتي اچي دهليءَ ۾ شادي رچائي آهي.
هن دعوت ۾ دهلي شهر جا ڪيترائي مختلف قسم جا ماڻهو آيل هئا. بزنس مين، بيورو ڪريٽس، ميڊيا سان تعلق رکندڙوغيره جن مان ڪجهه سان ماني دوران ملندو رهيس. دهليءَ ۾ رهندڙ اوڏن مان به ڪيتريون ئي فئمليون آيون هيون جن مان ڪيترين عورتن کي سنڌي ڀرت جون پوتيون پهريل ڏسي پري کان سڃاڻپ پئي ٿي. مانيءَ بعد ڳائڻ ۽ ريتون رسمون ۽ ڦيرا ٿيندا رهيا جيڪي اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جتيون لڪائڻ جي رسم ۾ غلطيءَ ۾ گهوٽ جي پيءُ ۽ چاچن جون جتيون لڪائڻ بدران آمريڪا کان آيل مهمانن جون کڄي ويون پوءِ ته گورن جي حالت ڏسڻ وٽان هئي جيسين هنن کي سمجهه ۾ ڳالهه اچي ته اها هتي جي رسم آهي ان جي End Result اهائي آهي ته توهان کي جتيون واپس ملي وينديون پر في الحال هنن سمجهيو ته شايد هنن کي آمريڪا جي ڪولروڊو رياست تائين پيرين پنڌ موٽڻو پوندو.
No comments:
Post a Comment