موت جو سفر
الطاف شيخ
ھيءَ ڳالھ ھڪ اھڙي پاڻيءَ جي جھاز جي آھي، جنهن بدنصيب جھاز ۾ اسين چڙھيل ھئاسين. “سٽي آف ڪئرو” (City of Cairo) نالي اسان جو ھي جھاز 2 آڪٽوبر 1942ع تي جڏھن بمبئي کان روانو ٿيو ته منجھس عملي جي ماڻھن کان علاوه ٻه سؤ کن مسافر به سوار ھئا. سمنڊ ماٺو ھو ۽ جھاز آرام سان ھلي رھيو ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کي شروع ٿئي ٽيون سال ٿي چڪو ھو. سڄي دنيا ۾ ھڪ ڏھڪاءُ متل ھو، پر جن سمنڊن ۾ ھي جھاز “سٽي آف ڪئورو” سفر ڪري رھيو ھو، اھي ظاھريءَ طرح جنگ جي گوڙ گھمسان کان پري ھئا. جيتوڻيڪ دلين ۾ اھو به ھراس ويٺل ھو ته ڪنهن وقت به ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ٿي سگھي ٿي. جرمن سب مئرين ٻيڙيون (پاڻيءَ ھيٺ ھلندڙ جنگي ٻيڙيون) ڀؤنچ سمنڊ، ھندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي، گھمي رھيون ھيون، ان ڪري جنگ جي ميدان کان پري ھوندي به مسافرن ڊپ محسوس ٿي ڪيو. بندرگاھ ۾ اندر جڏھن جھاز پھتو ٿي ته، ماڻھن سک جو ساھ کنيو ٿي. بندرگاھ مان نڪرڻ سان ماڻھن جي رڳ رڳ ۾ ھڪ اھڙي ڊپ واسو ٿي ڪيو، جنهن جي اچڻ جي ڪا ڄاڻ نه ھئي.... ھونءَ به ڪا مصيبت يڪدم اچي وڃي ته ماڻھو ان جو مقابلو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڪري سگھي ٿو. پر ڪنهن مصيبت جو اھو احساس ۽ انتظار ته خبر ناھي ڪھڙي وقت اچي – ماڻھو جو اندر اڏوھيءَ وانگر کايو ڇڏي ۽ ڪجھ اھڙي ئي ڪيفيت ھن جھاز جي ھئي – خاص ڪري مسافرن جي. آڪٽوبر جو مھينو ختم ٿيندي ٿيندي اسان ڪيپ آف گڊ ھوپ ۾ سائوٿ آفريڪا جي شھر ڪيپ ٽائون جي ويجھو پھچي وياسين ۽ جڏھن اسان جو جھاز بندرگاھ ۾ اندر لنگر انداز ٿيو ته سڀني جي دل دماغ تي خوشي ۽ اطمينان جي لھر ڊوڙي وئي. ذري گھٽ ھڪ ھفتو اسان ڪيپ ٽائون شھر ۾ ترسياسين ۽ مسافرن سڄو شھر دل وٽان گھميو.
ڇھين نومبر تي رات جو ساڍي اٺين وڳي، اسان جي جھاز لنگر کنيو ۽ ھاڻي ھندي وڏي سمنڊ کي پٺيان ڇڏي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي منهن موڙيوسون. سڀني جي ذھنن تي ھڪ دفعو وري ڊپ ۽ ھراس پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ اھو ڊپ اڳتي وڌڻ سان ويتر وڌڻ لڳو ۽ پوءِ پنجين ڏينهن نيٺ اھا گھڙي اچي وئي، جنهن جو ڀؤ ھر ھڪ مسافر کي مھيني کن کان لڳل ھو.... جھاز ماٺي پاڻيءَ جي مٿان بنا ڪنهن لوڏن جي تري رھيو ھو ته اوچتو ھڪ قيامت خيز ڌماڪو ٿيو. جھاز ھڪ جرمن سب مئرين (آبدوز) جي ھنيل ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويو. ٽارپيدو لڳڻ ڪري سڄو جھاز لڏي ويو ۽ سندس ھڪ حصي جا ته ٽڪرا ڇيتين وانگر مٿي اڏامي ويا. عملي جي ارڙھن ماڻھن سان گڏ ٽي مسافر به موت جي ماٿرين ۾ ٻڏي ويا.
جھاز جي ڪئپٽن راجر يڪدم ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاھڻ جو حڪم ڏنو. آئون ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ھوس ۽ لائيف بوٽ نمبر چار منهنجي حوالي ھئي. ان کي سمنڊ ۾ لاھي بس ڪيم ته، ڏسان ته اسٽار بورڊ (ساڄي) پاسي منهنجي دوست ڪوارٽر ماسٽر بوب کي پنهنجي ٻيڙي لاھڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. سو آئون ٽپ ڏئي ان ۾ چڙھي پيس. ھڪ رسو وچ ۾ ڦاسي رھيو ھو، جنهن کي ڇڪي ٻاھر ڪرڻ سان ٻيڙي ھيٺ گھرڪڻ لڳي. آئون ان ئي ڪوشش ۾ ھوس ته ٻيڙي جھاز جي پاسي سان ٽڪرائي ڀور ڀور نه ٿئي ته ايتري ۾ سب مئرين ٻيو ٽارپيڊو فائر ڪيو، جنهن جي ڌماڪي سان نه فقط جھاز لڏي ويو، پر بوب واري ٻيڙي به پرزا پرزا ٿي، ھيڏانهن ھوڏانهن پکڙجي وئي – مون کي فقط شعاع نظر آيو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ سفر ڪري رھيو ھجان. ٿوري دير کان پوءِ ھيٺ سمنڊ ۾ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ ٻڏڻ کان بچڻ خاطر پاڻيءَ ۾ ھٿ پير ھڻڻ لڳس.
“سٽي آف ڪئرو” جھاز سمنڊ ۾ اونڌو ٿي اندر ٻڏڻ لڳو. منهنجي اوسي پاسي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندڙ ماڻھو، جھاز ۽ ٻيڙين جا تختا ۽ سامان سمنڊ جي لھرن ۾ ٻڏي اپڙي رھيو ھو. منهنجي لائيف جئڪيٽ خراب ٿي چڪي ھئي. رات جو اوندھ ۾ مون کي ھڪ ڪارو دٻو نظر آيو. مون ان ڏي ترڻ شروع ڪيو. ويجھو پھچي ڏٺم ته لائيف بوٽ نمبر پھرين ھئي. ٻئي ڌماڪي ڪري ان کي نقصان رسيو ھو ۽ منجھس پاڻي ڀرجي ويو ھو. ٻڏندڙ کي ڪک جي آسري وانگر – ان ۾ ويٺل ڪجھ ماڻھن لاءِ جيئرو بچڻ جو اھو ئي ھڪ سھارو وڃي بچيو ھو. آئون به ان ۾ چڙھي پيس. ڪجھ ھوش حواس بحال ٿيا ته مون پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. ٻيڙيءَ ۾ موڪل تي وڃڻ وارا انگريز آفيسر، ڪنهن ٻئي ھنڌ وڙھڻ لاءِ موڪليل ھندستاني فوجي، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار ۽ ڪجھ يورپي مسافر سوار ھئا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ايترو ته ڀرجي چڪو ھو جو سڀني کي چيلھ تائين پئي آيو. مون ھنن کي صلاح ڏني ته جھٽ پٽ پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي. سڀ کان پھرين زالن ۽ ٻارن منهنجي اھا صلاح مڃي، پوءِ مڙس به ڪم ۾ جنبي ويا. ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍي بس ڪرڻ کان پوءِ اسان سمنڊ ۾ ھٿ پير ھڻڻ وارن ڏي ڌيان ڏنو ۽ انهن کي جھلي جھلي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھڻ لڳاسين. رات جي اوندھ ۾ اسان کي جيترا به ماڻھو ملي سگھيا انهن کي ڇڪي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيوسين. سمنڊ جي مٿاڇري تي منهنجيون نظرون ٻڏندڙن کي ڳولي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ مون کي ڪنهن جو مٿو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جا ڊگھا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنهن پنهنجي کير پياڪ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو. ماءُ ۽ ٻار ٻئي بيھوش ھئا. اسان ھنن کي اونڌو ڪري سندن پيٽ ۽ ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ۽ ھو جلد ھوش ۾ اچي ويا. جن ماڻھن کي اسان بچايو، انهن ۾ جھاز جو چيف آفيسر سڊني ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب به ھئا. بوب جي چيلھ ۽ ھڪ ھٿ تمام گھڻو ڦٽجي پيا ھئا. اھا رات جبل جيڏي لڳي رھي ھئي. سمنڊ ۾ به جوش ھو ۽ لھرن جون ٿڦڙون ٻيڙيءَ کي ڪڏھن ھڪ پاسي ته ڪڏھن ٻئي پاسي لوڏي رھيون ھيون. خدا خدا ڪري پرھ ڦٽي ۽ سورج شاخون ڪڍيون ۽ سمنڊ جي مٿان ڪيتريون ئي ٻيڙيون ھيڏانهن ھوڏانهن لڏندي نظر آيون. اسان انهن ڏي رخ ڪيو ۽ ويجھو پھچي اڳتي جو سوچيو – ھڪ ٻيڙيءَ ۾ جھاز جو ڪئپٽن راجر به سوار ھو. ھن ويجھي ۾ ويجھي ٻيٽ سينٽ ھيلينا ڏي ھلڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي ٻيڙيءَ جي ڪمانڊ سڊنيءَ سنڀالي. سڀني معاملن تي ھڪڙو ئي فيصلو ڪرڻ بعد اسان ماڻھن کي ھيڏانهن ھوڏانهن بدلي ڪيو. مقصد اھو ھو ته ساڳي خاندان جا ماڻھو ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ گڏ ھجن ۽ چيف آفيسر سڊني جي صلاح موجب، جيئن ته اسان کي ٻيڙيءَ جي ڌماڪي ڪري نقصان رسيو ھو، پاسن کان ڏار پئجي ويا ھئي ۽ چپون (Oars) به ڀڄي پيا ھئا، ان ڪري ٻارن کي به ان مان لاھي ٻيءَ سڄيءَ ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو.
ماڻھن جي ردو بدل پوري ٿيڻ بعد اسان ٻيڙين جا سڙھ ساڄا ڪيا ۽ ھڪ ڊگھي سفر جا سانباھا ڪياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ چوونجاھ ماڻھو سوار ھئا. ويھ يورپي، ايڪٽيھ ھندستاني ۽ ايشيائي. يورپي ماڻھن ۾ ٽي عورتون به شامل ھيون – جھاز جون ٻه اسٽيورڊيسون (ھوسٽسون): مس ٽيگراٽ، مس ايني ۽ ٽين ڄڻي ننڍي نيٽي برطانوي ڇوڪري ڊيانا. مس ٽيگراٽ ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب سخت زخمي ھئا. انهن جي سمھڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي مھاڳ ۾ ڪجھ جاءِ ڪئي وئي. ڪا خبر نٿي پيئي ته بوب کي چيلھ ۾ ڇا ٿي پيو آھي؟ ان ٻيڙيءَ ۾ ھڪ ڊاڪٽر به ھو، پر ھن جي پنهنجي ئي حالت صحيح نه ھئي، جو اٿي کڻي ڪو مريض ڏسي. سو جيتري قدر ٿي سگھيو، اسان ٻنهي زخمين کي چڱي طرح مرھم پٽي ڪري ورتي. ان ڪم ۾ مس ڊيانا اسان جي وڏي مدد ڪئي. ھن جو فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪيل ٿي ڏٺو.
سفر شروع ٿيو ته چيف آفيسر سڊنيءَ ماڻھن کي رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان آگاھ ڪيو. ھڪ ٻئي سان مڪمل طرح نباھ ڪرڻ ۽ ھر حالت ۾ ڊسيپلين قائم رکڻ جي اپيل ڪئي. پيئڻ جو پاڻي اڌ کن ھارجي چڪو ھو، ان ڪري پاڻيءَ جي راشن بندي ڪئي وئي. ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ٿي پيا ھئا، ان ڪري ان مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ ھر ماڻھوءَ جو پھريون فرض قرار ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن ٻنپھرن جو اسان کليل سمنڊ ۾ شارڪ مڇين جو ڌڻ ڏٺو. ھو چڱي تعداد ۾ ھيون ۽ ٻيڙيءَ جي چوڌاري چرين وانگر چڪر ھڻڻ لڳيون. ڪڏھن ڪڏھن ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻيڙيءَ تي حملو ڪنديون.
رات تمام ماٺ ميٺ ۾ مٿان اچي وئي. موسم سٺي ھئي، پر قسمت ۾ آرام نه ھو. ماڻھن کي دير دير تائين بيھڻو ٿي پيو. بيٺي بيٺي جھوٽو اچڻ ڪري ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ ڪري ٿي پيا. منهنجي ڊيوٽي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي جو سڙھ سنئون رکڻ جي ھئي. رابرٽ منهنجو ٻانهن ٻيلي ھو. ھن کي ٻيڙين جي ته ڪا ڄاڻ ھئي ۽ نه وري ڪو تجربو، ڇو ته ھو ھڪ ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ھو، پر ھن مون کي پھرين ڏينهن ئي ٻڌايو ته ڪوبه ڪم ھجي نه ٻڌائجانءِ، آئون ان کي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. ھن جي مدد منهنجي لاءِ وڏي آٿت ھئي. ٻيڙيءَ کي سنڀالڻ ھڪ فن آھي ۽ ان کي ڄاڻڻ وارا تمام گھٽ آھن. ھي ان ڪم ۾ جلد ئي ڪاريگر ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن ھوا تکي ٿي وئي ۽ ان سان گڏ ٻيڙين جي رفتار به وڌي ويئي. ڪڏھن اسان جون ٻيڙيون ايترو ويجھو ٿي ٿي ويون، جو اسان ھڪ ٻئي سان ڳالھائي به سگھياسين ٿي. وري ڇولين ۽ ھوا ڪري ھڪ ٻئي کان ايڏو پري ھليا ٿي وياسين، جو ھڪ ٻئي کي نظر به نٿي آياسين. اسان جي ٻيڙيءَ جي رفتار مڙيئي وڌيڪ ھئي. چيف آفيسر سڊنيءَ صلاح ڏني ته اسان کي سڀ کان اڳيان رھڻ گھرجي، جو اسان جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿيل آھن. ان ڪري اسان کي پنهنجو سفر جھٽ پورو ڪرڻ کپي. جيڪڏھن اسان سينٽ ھيلينا ٻيٽ جي ڪناري تي پھچي وياسين ته ٻين جي به مدد ڪري سگھنداسين. ٻيڙيون ھڪ ٻئي جي ويجھو پھتيون ته، چيف آفيسر پنهنجو اھو منصوبو ڪئپٽن کي ٻڌايو. ان اسان جي ضعيف ٻيڙيءَ جي حالت ڏسي، ان ڳالھ جي موڪل ڏني. خبر ناھي اھا ڪھڙي گھڙي ھئي جڏھن اسان اڳيان وڌياسين! ان کان پوءِ اسان جا ساٿي اسان سان وري ملي نه سگھيا.
رات ٿي ته واءُ اڃا به تکو ٿي ويو. ٻيڙيءَ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو اوزار به خراب ٿي پيو، ان ڪري ان کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي محنت ڪرڻي ٿي پئي. ھيءَ رات اسان جي سفر جي خوفناڪ ترين رات ھئي. تکي ھوا ڪري سمنڊ مان اڀرندڙ لھرون ڪيترائي ڀيرا اسان کي پيرن کان مٿي تائين آلو ڪري ٿي ويون. ان ئي رات اسان کي خبر پئي ته ڊاڪٽر ٽسڪر ذھني طرح کسڪي ويو آھي. ھو ذري ذري دانهون ڪري رھيو ھو: “بئرا! منهنجي چانھ آڻ!” ھن جي ھٿ ۾ چاقو ھو، جنهن سان ھن جھاز جي اسٽور ڪيپر جي قميص ڦاڙي رکي. مون ھن کي ڏاڍي مشڪل سان ٿڌو ڪيو ۽ چاقو ڦري ورتومانس.
ٽئين ڏينهن منجھند مھل مس مس ھوا جو زور ڀڳو – ٻيون ٻيڙيون اسان جي نگاھن کان پري ٿي، خبر ناھي ڪھڙي پاسي گم ٿي ويون؟ ھاڻي اسان جون اکيون ڪنهن پاڻيءَ جي جھاز يا ھوائي جھاز جي ڳولا ۾ ھيون، جيڪو اسان کي ڏسي بچائي. ٻئي ڏينهن شام جو ڊاڪٽر جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي وئي. ھو لڳاتار پاڻي گھرندو رھيو. چيف آفيسر ھن جي خراب حالت ڏسي، سندس پاڻيءَ جو راشن ٻيڻو ڪيو. رات جو آئون ڊاڪٽر جي ڀرسان ئي ترسيس. ھو آڌيءَ رات جو ڍرڪي منهنجي مٿان اچي ڪريو. صاف ظاھر ھو ته ھو مري چڪو آھي، پر آئون خاموش رھيس. ڏينهن چڙھيو ته مون چيف آفيسر سان ڳالھ ڪئي. اسان ڊاڪٽر جو لاش کڻي ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي رکيو. چيف آفيسر کي بائيبل جي ھڪ دعا ياد ھئي. ھن اھا پڙھي ۽ اسان ڪوماڻيل دلين سان لاش کي آھستي ڪري سمنڊ جي حوالي ڪيو. ان پھرين موت تي اسان سڀ ڏاڍو غمگين ٿياسين ۽ سوچڻ لڳاسين ته ھاڻ خبر ناھي وري ڪنهن جو وارو اچي؟ سج چڱو مٿي آيو ته ائون بوب وٽ ويس، جنهن مون کي آھستي چيو: “اينگس! تنهنجو ڇا خيال آھي؟ ڇا بچڻ جو ڪو امڪان آھي؟” مون ھن جي پٺي ٺپري چيو: “سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويندو، بوب! گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پڪ ڪونه ڪو جھاز اسان تائين پھچي ويندو ۽ پاڻ بچي وينداسين.”
بوب جي گذريل سال شادي ٿي ھئي. ھو پنهنجي زال ۽ ٻن ٽن مھينن جي ننڍڙيءَ ڌيءَ جي باري ۾ ڏاڍو فڪرمند ھو. ھن جي ڪرنگھي جي شايد ڪا ھڏي ڀڄي پئي ھئي، ان ڪري ويھي به نٿي سگھيو. ھو دير تائين پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جون ڳالھيون ڪندو رھيو.
ھندستاني فوجي سڀ مسلمان ھئا. ھنن وڏي ڊسيپلين سان بيٺي بيٺي نماز ادا ٿي ڪئي ۽ ڏينهن رات دعائون ۽ درود پڙھڻ ۾ رڌل رھيا ٿي. ھڪ وڏي سونهاريءَ وارو فوجي جڏھن به پر، سوز آواز ۾ پنهنجي مقدس ڪتاب قرآن جي تلاوت ڪندو ھو ته، اسان غير مسلمانن تي به وجد طاري ٿي ويندو ھو. سندس حال پڇڻ تي ھو پنهنجن سڪل چپن تي مرڪ آڻي فقط اڃ جي دانهن ڪندو ھو.
ڇھين ڏينهن صبح ساڻ ٽي فوجي الله کي پيارا ٿي ويا. وڏيءَ ڏاڙھيءَ واري فوجي ھنن جي جنازي نماز پڙھائي. جھاز جو سرنگ ۽ فائر مئن زنجبار جا مسلمان ھئا. ھو به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. نماز کان پوءِ ٽنهي ڄڻن کي سمنڊ جي بي رحم لھرن جي حوالي ڪيو ويو.
ھوا ھاڻ بلڪل بند ٿي وئي ھئي. اسان سڙھ لاٿا ۽ چپن کان ڪم ورتوسون. جيتوڻيڪ ھي ڪم تمام ڏکيو ھو، پر ان جو ھڪ فائدو ٿيو. اسان جو ذھن ۽ جسم پورھئي ۾ لڳي ويو. ڪيترن يورپي ماڻھن جي ھاڻ ذھني حالت خراب ٿيڻ لڳي ۽ واري واري سان ھن دنيا جي قيد مان آزاد ٿيڻ لڳا. اسٽيور ڊيس – مس ٽيگراٽ جي جسم تي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيون ھيون ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دوا دارون نه ھو. اٺين ڏينهن رات جو ھوءَ به ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ان رات ڪجھ ٻيا ھندستاني فوجي به وفات ڪري ويا. اسان رات جو ئي ھنن جون آخري رسمون پوريون ڪري، کين سمنڊ جي حوالي ڪيو.
ڏينهن چڙھيو ته شارڪ مڇين وري ٻيڙيءَ کي کڻي گھيريو. ھو ٻيڙيءَ جي چوڌاري اھڙو تيزيءَ سان گھمڻ لڳيون، ڄڻ سمنڊ جو پاڻي ولوڙي رھيون ھجن ۽ رکي رکي پنهنجو ڀوائتو وات کولي ٻيڙيءَ ڏي ٿي ڏٺائون. حالتون تمام گنڀير ٿينديون ويون. ٻيڙيءَ جا لاچار ۽ بي وس مسافر سڄو ڏينهن مٿي کي ھٿ ڏيو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن اسان جون ڏرا ڏئي ويل بي نور اکيون ڪڪر ٽڪرو ڏسڻ لاءِ آسمان ڏي کڄيون ٿي، پر ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجھ حاصل نٿي ٿيو. مون ھڪ نوجوان انجنيئر جي ھمٿ وڌائي ۽ کيس چيم ته مس ڊيانا کان سبق سک، جنهن ھھڙين ڏکين گھڙين ۾ به اميد جو پلاند ھٿن مان نه ڇڏيو آھي. ھو انجنيئر ٻن ڏينهن تائين صحيح سلامت رھيو ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ مري ويو. ھيستائين چڱا ماڻھو مري ويا ھئا. ھونءَ ٻيڙي ھلڪي ٿي وئي ھئي ۽ ان جا سوراخ سمنڊ جي مٿاڇري کان گھڻو مٿي ٿي ويا ھئا. ان ڪري اسان کي پاڻي ڪڍڻ جي مزوريءَ کان ته موڪل ملي وئي. ڏھين ڏينهن جھاز جي ھڪ ٻي اسٽيورڊيس – ايني به راھ رباني وٺي وئي. ھن جا ھٿ پير تمام گھڻو سڄي ويا ھئا. ھاڻ ٻيڙيءَ ۾ فقط ھڪ عورت ڊيانا وڃي بچي ھئي، پر ھوءَ اڃا تائين چاق چوبند ڏسڻ ۾ پئي آئي. ٻيڙيءَ جي انچارج سڊنيءَ جا حواس به ھاڻي ختم ٿيندا ويا. ھو اڪثر وڦلندو رھيو ٿي. ھن جي ھيءَ حالت تمام ڏکوئيندڙ ھئي. ھو تمام گھڻو پيارو انسان ھو. ٻارھين ڏينهن ھن ۾ ويھڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ جي به سگھ نه رھي. اسان ھن کي بوب جي ڀرسان ئي سمھاري ڇڏيو. بوب جي حالت به تيزيءَ سان خراب ٿي رھي ھئي. ھڪ ڏينهن ھن مون کي سڏي چيو: “اينگس! منهنجو بچڻ ھاڻي ناممڪن آھي، منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي ٻاچ ۾ پيل منڊي لاھي وٺجانءِ. جيڪڏھن قسمت توکي وطن پھچايو ته ھيءَ منڊي منهنجي زال جي حوالي ڪجانءِ.”
يورپي ماڻھن ۾ ڪجھ ھمراھ اھڙا رھجي ويا ھئا، جن جي صحت وري به ٻين کان سٺي ھئي. چوڏھين ڏينهن صبح جو منهنجو دوست رابرٽ به ختم ٿي ويو. مون کي ھن جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. ھو ڏاڍو شريف انسان ھو. ھن جي زبان مان ڪڏھن تڪليف جو ھڪ لفظ به نه نڪتو ۽ نه ڪڏھن ھن ڪنهن کي شڪايت جو موقعو ڏنو. ھن موت کي ماٺ ۾ ڀاڪر پائي ورتو. ان ڏينهن اسان ست لاش سمنڊ جي حوالي ڪيا، جن ۾ پنج ھندستاني فوجين جا ھئا.
پندرھين ڏينهن سڊنيءَ ۽ بوب به ھميشھ لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ان کان علاوه مرڻ وارن ۾ ٽي يورپي ۽ ڪجھ ھندستاني فوجي شامل ھئا. ھنن کي ٻيڙيءَ جي تري مان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ جي ڪناري تي آڻڻ تمام ڏکيو ڪم ھو. اسان ايڏو ته نستا ٿي پيا ھئاسون جو ھڪ ھڪ لاش مٿي کڻي آڻڻ بعد ڪا دير ته ساھي ٿي پٽيسين. ھڪ فائر مئن ( باھ – واري) پنهنجي راشن جو ڍڪ پاڻي پيئڻ بعد وڌيڪ پاڻي گھريو. ھن جي حالت ڏٺي نٿي ٿي، پر ھاڻي ايترو پاڻي نه بچيو ھو جو ٿوري اڃ به ماري سگھي. دل شڪستو ٿي ھن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر پنهنجي لائيف جئڪيٽ لاھڻ وسري ويس. اسان ۾ ايتري سگھ نه ھئي جو ٻيڙيءَ کي موڙي کيس بچائي وٺون. لائيف جئڪيٽ ھجڻ ڪري ھو يڪدم سمنڊ اندر ٻڏڻ بدران ڪجھ دير ترندو رھيو – پوءِ اوچتو خوفناڪ شارڪ مڇيون ھن کي چھٽي ويون. ھڪ مڇيءَ پنهنجي ڪارائيءَ جھڙن ڏندن سان ھن جي ٽنگ سٿر وٽان ڪپي ورتي. اسان پنهنجي اکين تي کڻي ھٿ رکيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين.
ھاڻ ٻيڙيءَ جي بچيل سچيل مسافرن يڪراءِ سان مون کي پنهنجو انچارج ٺاھيو. پيئڻ جو پاڻي تمام ٿورو وڃي بچيو ھو، ان ڪري ھڪ چمچو صبح جو ۽ ھڪ چمچو شام جو راشن مقرر ڪيو ويو. کائڻ لاءِ بسڪيٽ ۽ کير جون ٽڪيون ھيون، پر بنا پاڻيءَ جي کائڻ ڏکيو ھو. اسان جو وات ايڏو ته سڪي ٺوٺ ٿي ويو ھو جو بسڪيٽ پائوڊر جي صورت ۾ واڇن کان ٻاھر نڪري آيو ٿي ۽ کير جون ٽڪيون ڏندن ۾ چنبڙي ٿي پيون. ٻن ڏينهن بعد ھڪ يورپي مئرين انجنيئر، ايڊنيرا جو ھڪ بئنڪار ۽ ڪجھ ھندستاني فوجي لاڏاڻو ڪري ويا. ٽئين ھفتي جي پڇاڙيءَ تائين اسان باقي اٺ ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ وڃي بچيا ھئاسين. سياري جي برف جھڙي ٿڌي ھوا لڳي ٿي ته ائين ٿي لڳو ڄڻ بدن ۾ سئيون ٿي چڀيون.
مينهن اڃا تائين نه وٺو ھو ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ فقط ڪجھ ڍڪ پاڻي وڃي بچيو ھو. سمنڊ جو کارو پاڻي به پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳو. اسان جي بدن تي چنبڙيل لوڻ جا ذرڙا اس ۾ جرڪيا ٿي ۽ جڏھن اسان انهن کي پنهنجي جسم تان کرڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته، سھڻ کان پري سور جون لھرون سڄي بدن مان پار ٿي ٿي ويون.
چوٿين ھفتي دوران ھڪ رات آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس ته اوچتو ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي. ڀڻڪندي اٿيس. ڏسان ته ھڪ تمام وڏي مڇي ٻيڙيءَ ۾ ڦٿڪي رھي آھي. مون جھٽ پٽ ڪھاڙيءَ ۾ ھٿ وڌو ۽ مڇيءَ تي حملو شروع ڪري ڏنم، پر ڪھاڙيءَ جا ڌڪ ھن تي ائين لڳي رھيا ھئا، ڄڻ ڪنهن رٻڙ جي ڍڳ کي لڳي رھيا ھجن. نيٺ مون ڪھاڙيءَ جا ڪجھ وسڪارا مڇيءَ جي کوپڙي تي ڪيا، تڏھن مس مس ھن ڦٿڪڻ بند ڪيو. ھوءَ ٽي فٽ ڊگھي ۽ گھڻي نهري “ڊاگ فش” ھئي. ان جدوجھد ۾ منهنجو ھٿ ھن جي وات ۾ اچي ويو ۽ ھڪ آڱر چچرجي وئي. خير مون ھن مڇيءَ کي رسيءَ جي ھڪ ٽڪر سان بينچ جي ٽنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وري سمھي رھيس. ڏينهن چڙھيو ته چاقوءَ سان ان جا ڳڀا ڳڀا ڪيم ۽ اسان سڀ ڏندن سان چٻاڙڻ لڳاسين. مون ۽ ڊيانا ته مڇيءَ جي گھاٽي ڳاڙھي رت جو ھڪ ھڪ ڍڪ به ڀريو، پر اھو ايترو ته خراب ھو جو ماڳھين دل ڪچي ٿي پيئي. مڇيءَ جا ٽڪرا به اسان کان ڳٿا نٿي ٿيا، سو سمنڊ اندر ٿوڪاري ڇڏياسين.
رات ٿي ته منهنجو ھٿ ۽ ساڄي ٻانهن سڄي پئي. ڊيانا جو خيال ھو ته مڇيءَ جي ڏندن جو زھر منهنجي ساڄي ٻانهن تي چڙھي ويو آھي. ھن مون کي ھدايت ڏني ته آئون پنهنجي ٻانهن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي رکان. سڄي رات منهنجي ٻانهن ۾ سور جون سيٽون اڀرنديون رھيون. صبح ٿيو ته ڊيانا منهنجي کيسي مان ڊاڪٽر ٽسڪر وارو چاقو ڪڍي ڦٽيل آڱر تي چھڪ ڏنو ۽ پوءِ ھٿ ۽ ٻانهن کي زور ڏيئي منجھانئس زھريلو مادو چڱيءَ طرح ڪڍيو. اھڙيءَ طرح مون کي ڪجھ سڪون مليو. زھريلو گند چڱيءَ طرح نڪري ويو ته مون پنهنجي ٻانهن وري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻانهن جي سوڄ ته ھلي وئي، پر ڦٽ ڇٽڻ ۾ پوءِ به مھينا لڳي ويا.
چوٿين ھفتي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڏينهن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا. اسان سڀني تي ھاڻي ھڪ قسم جي غنودگي طاري رھي ٿي. اٿي بيٺاسين ٿي ته گھرڪي ھيٺ وڃي ڦھڪو ٿي ڪيوسين. ھڪڙي ڏينهن صبح جو اٿي ڏٺوسين ته جھاز جو پوڙھو سرنگ ۽ زنجبار جا رھڻ وارا “فائرمين” ٻيڙيءَ جي تري ۾ مئا پيا ھئا. وڏيءَ مشڪل سان ھنن کي مٿي آڻي، سمنڊ ۾ اڇليوسين. رات ٿي ته ھڪ ٻئي ھمراھ جي حالت خراب ٿي وئي. ھن کي ٻيڙيءَ جي تري ۾ آرام سان سمھاريوسين، پر ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو مٿي ٻيڙيءَ جي تختي تي اچي ستو. مون ان جو سبب پڇيومانس ته ھن جي سڪل چپن تي اداس مرڪ تري آئي. چوڻ لڳو: “اينگس! آئون اڄ رات پڪ مري ويندس. ٻيڙيءَ جي تري مان لاش ڇڪي مٿي آڻڻ ھاڻي توھان جي وس کان ٻاھر ٿي پيو آھي. ھتي مٿين تختي تي مري ويندس ته توھان کي منهنجو لاش سمنڊ ۾ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي، ان ڪري مون کي ھتي ئي سمھڻ ڏيو.” ھن جي اھا ڳالھ ٻڌي منهنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ ھن وٽان ھليو آيس. واقعي ان رات ھو اسان کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو ۽ صبح جو اسان ھن جي لاش کي سمنڊ جي نذر ڪيو. ٻئي ڏينهن چار ٻيا ساٿي اسان کان جدا ٿي ويا.
ھاڻي ٻيڙيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو: آئون، ڊيانا ۽ جئڪ رھجي ويا ھئاسين. ٻيڙيءَ جا سڙھ ائين پٽ تي پيا ھئا، پر انهن کي سنڀالڻ جي ھاڻ مون ۾ ھمت بنھ ڪانه ھئي. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته اسان ٽئي لورپول (انگلينڊ) ۾ گھمي رھيا آھيون. صبح جو اٿڻ سان مون ڊيانا ۽ جئڪ کي پنهنجو خواب ٻڌايو ۽ چيو: “ھن خواب مان لڳي ٿو ته پاڻ بچي وينداسين. ڪو نه ڪو راھ ويندڙ جھاز پاڻ کي کڻي ويندو.” جئڪ ۽ ڊيانا پھرين ته منهنجي ان ڳالھ تي مرڪيا ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي آخري بوند به ختم ٿي وئي ھئي. اسان ٽئي ھاڻ رڳو پاڻيءَ جا خواب ڏسندا ھئاسين. مون کي ته خواب ۾ پاڻي شڪلين ۾ نظر ايندو ھو. ڪڏھن نديءَ ناري جي شڪل ۾ ته ڪڏھن ڍنڍ ڍوري جي روپ ۾ - يا وري ڪڏھن وڏ ڦڙي وسڪاري جي صورت ۾. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته آئون ھڪ پائپ ذريعي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪري رھيو آھيان.
جئڪ جي به حالت ھاڻ آھستي آھستي خراب ٿيڻ لڳي. ھو ٻيڙيءَ جي پٺين ڪنڊ ۾ ستو پيو ھو. ھوڏانهن ڊيانا ٻيڙيءَ جي اڳئين ۽ ڪجھ سڪل حصي ۾ ھئي. ھن مرڪي اسان ڏي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي: “جيڪڏھن مينهن پئجي وڃي ته پنهنجي بچڻ جا آثار پيدا ٿي سگھن ٿا.” بک ۽ اڃ کان بيتاب، اسان لاشن وانگر ھڪ ھنڌ پيا ھئاسين ۽ نظرون مٿي آسمان ڏي ھيون ته من ڪو ڀليل ڀٽڪيل ڪڪر ئي ھتان اچي نڪري ۽ ٿوري دير وسڪارو ڪري، جيئن اسان پنهنجي سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگھون. سور جي سيٽ کان وات کولڻ تي مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو ته تارون ٽڙڪيو.
اوچتو ڊيانا چوڻ لڳي: “اچو ته گڏجي برسات لاءِ دعا پنون. ٿي سگھي ٿو ته الله کي اسان جي حال تي رحم اچي وڃي!” اسان ٽئي ادب سان ٿي بيٺاسين ۽ گوڏن تي جھڪي دل جي گھرائين سان دعا گھريسين. خدا کي اسان تي ٻاجھ اچي وئي ۽ ان ئي رات ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس ته ڪجھ بوندون منهنجي منهن کي لڳيون. ٽپ ڏئي اٿي ويٺس ۽ چرين وانگر رڙيون ڪيم: “مينهن ڙي مينهن! ٻيلي وارو ڪيو.” جيڪ منهنجي مدد ڪرڻ جي قابل نه ھو. ڊيانا جي حالت به خراب ھئي، پر ھوءَ بهادر ڇوڪري دل ٻڌي اٿي ويٺي ۽ رڙھندي رڙھندي مون تائين آئي. اسان ٻنهي وڏي ڪشالي سان ٻيڙيءَ جو سڙھ وڇايو، جيئن پاڻي گڏ ڪري سگھجي. پاڻي گڏ ٿيو ته اسان ان کي خبرداريءَ سان ٽانڪيءَ ۾ وڌو. سڙھ تي باقي بچيل پاڻيءَ جي ڦڙن کي زبان سان چٽيوسون. سڙھ تي سامونڊي ڇولين جو پاڻي لڳڻ ڪري چڱو خاصو لوڻ موجود ھو، جنهن ڪري مينهن جو گڏ ڪيل پاڻي به ڪڙو ٿي پيو ھو. پر تنهن ھوندي به اسان لاءِ وڏي غنيمت ھو. پاڻيءَ جا ٻه ٻه ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اسان جي حالت مڙيئي ڪجھ سڌري. ڊيانا جو ڳلو سڄي پيو ھو، ان ڪري ھن ڏاڍي مشڪل سان پاڻي پيتو. ٿوري دير کان پوءِ آئون اٿي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ آيس ۽ ھڪ دٻي سان سمنڊ جو پاڻي پنهنجي مٿان وڌم. ان وھنجڻ مان مون کي ڏاڍي فرحت ملي. ان ڪري مون جيڪ ۽ ڊيانا کي به پوءِ وھنجاريو. ڊيانا جيتوڻيڪ سڪي ڪنڊا ٿي وئي ھئي، پر ھن جو حوصلو اڃا به بلند ھو. ھن کي ھاڻ ڳالھائڻ جي به طاقت نه ھئي، پر ھن جھيڻي آواز ۾ اتر انگلينڊ ۾ ٺھيل سندس سھڻي گھر جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ھوءَ گھوڙي سواري ۽ ٽينس جي وڏي شوقين آھي. کيس ڳالھائڻ ۾ جيتوڻيڪ سور ٿي رھيو ھو، پر لڳاتار ڳالھائيندي رھي. وڌيڪ چوڻ لڳي: “جڏھن پاڻ انگلينڊ پھچنداسين ته تون ضرور منهنجي گھر اچجانءِ! منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندا.” ڊيانا جي ان دعوت تي مون کي ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿي ته، مون وانگر ھن کي به ان ڳالھ جو پختو يقين آھي ته اسان موت جي چنبي مان نڪري وينداسين.
مينهن وٺي ٽي ڏينهن ٿي ويا ھئا. اسان جي حالت پھرين کان وري به سڌري چڪي ھئي. چوٿين ڏينهن آئون وري ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي سمنڊ جي پاڻيءَ سان وھنتس. پوءِ اٿس، ننڍي سڙھ جو رخ ڦيرائي، وڏي سڙھ کي کوھي تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھيڻائيءَ ڪري ناڪام رھيس. سو ان کي اتي ئي وڇائي مٿس سمھي رھيس ۽ ھفتن بعد ڪا گھاٽي ننڊ ستس. ٻئي ڏينهن پرھ ڦٽيءَ کان به اڳ ڊيانا مون کي اٿارڻ لاءِ ھٿ سان ڌوڏيو. ھوءَ وائڙن وانگر نهاري رھي ھئي: “اينگس! ڇا توکي ڪنهن ھوائي جھاز جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟” ھن ڊگھا ڊگھا ساھ کڻندي چيو. مون مٿي آسمان ۾ نگاھون کپائي ڏٺو. چوڌاري اوندھ ھئي ۽ اڃا تارا ٽمڪي رھيا ھئا. مون ڪن لڳائي غور سان آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي مون کي به ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏور ھوائي جھاز اڏامي رھيو ھجي – چرين وانگر ماچس جي تيلي ٻاري ھڪ سڪل بيلٽ کي باھ ڏني ۽ پوءِ بيھي ان کي گھمائڻ لڳس. جيڪ به پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ آھستي آھستي ھلي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. لائيف بيلٽ ٻري ٻري وسامي ويو، پر ھوائي جھاز اسان جي ٻيڙي تائين نه پھتو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. عجيب ڳالھ اھا ته ھن جو آواز اڃا تائين پھچي رھيو ھو. ٿوري دير کان پوءِ صبح جي روشني ٿي ته ڊيانا آڱر سان ھڪ طرف اشارو ڪيو. پري پري ھڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو جھاز لوڏا کائيندو نظر آيو ۽ دراصل ان جي ڊيزل انجڻ جو آواز ھوا جي لھرن ذريعي اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيو ھو. اسان ٽئي ڄڻا ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسڻ لڳاسين ۽ اسان جي اکين مان لڳاتار ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا. جھاز ڏسي جئڪ ۾ به ڄڻ سگھ اچي وئي. انهيءَ وچ ۾ جھازن تان ڪنهن ميگافون ذريعي چيو: “ڇا توھان پنهنجي ٻيڙي جھاز جي ويجھو آڻي سگھو ٿا؟”
مون ٻيڙي جو منهن جھاز ڏي موڙيو. جئڪ به سھڪندو سکاڻ جھلي منهنجي مدد ڪرڻ لڳو. آئون جئڪ ۽ ڊيانا جي حوالي سکاڻ ڪري چپو ھلائڻ لڳس ته ٻيڙي آھستي آھستي جھاز جي ويجھو ٿي، نيٺ وڃي ھن جي پاسي کان لڳي. رسيءَ جي ڏاڪڻ لڙڪائي وئي ۽ ٻه ماڻھو اسان جي مدد لاءِ ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ لٿا. سڀ کان پھريان ڊيانا کي ھڪ رسيءَ سان ٻڌي جھاز تي پھچايو ويو. ان کان پوءِ جئڪ کي به ان ريت مٿي ڇڪيو ويو ۽ آخر ۾ آئون بنا ڪنهن جي مدد سان ڏاڪڻ رستي جھاز تي پھچي ويس. مٿي پھچي سڀ کان پھرين مون پيئڻ لاءِ ڪجھ پاڻي گھريو، جنهن جي پيئڻ کان پوءِ منهنجا حواس سامت ۾ آيا ته مون جھاز کي غور سان ڏٺو. پھرين ته خيال آيو ته شايد سئيڊن جو جھاز آھي، پر پوءِ ھڪ دروازي وٽ مون کي ھالينڊ جو جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ مون ٻن ماڻھن کي جڏھن جرمن زبان ۾ ڳالھائيندي ڏٺو ته منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا. ھي ھڪ جرمن جھاز ھو. مون کي جرمن زبان مڙيئي ڪجھ ڪجھ آئي ٿي. مون اھا حقيقت پنهنجن ھمراھن سان آھستي ڪئي ته ڊيانا چوڻ لڳي: “ته پوءِ ڇا ٿيو؟ آھي ته ھي جھاز ئي نه!”
اسان جھاز جي ڊيڪ تي ڪرونڊڙا ٿي ويٺا ھئاسين ته ھڪ ماڻھوءَ ھلڻ لاءِ چيو. ٻه خلاصي ٻيا به اچي نڪتا. ھنن مدد لاءِ جئڪ ۽ ڊيانا کي سھارو ڏنو ۽ پوءِ اسان کي ڊاڪٽر جي ڪئبن تائين پھچايو. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ اسان کان سفر جو احوال ورتائين. مون ھن کي ٻڌايو: “ڇھين نومبر تي اسان جو جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ان کان پوءِ اسان لڳاتار سمنڊ تي سفر ڪري رھيا آھيون. ھاڻ ته اسان ڏينهن جي ڳڻپ ئي ڇڏي ڏني آھي. پھرين ته اسان جي ٻيڙيءَ ۾ بي شمار ماڻھو ھئا، پر ھاڻي اسان ٽي وڃي بچيا آھيون. باقي جيڪي مرندا ويا، انهن کي اسان سمنڊ ۾ اڇلائيندا وياسين.” ڪئپٽن ٻڌايو ته اڄ ٻارھين ڊسمبر آھي. آئون اھو ٻڌي ڏڪي ويس. يعني موت جو ھي سفر اسان پورا ڇٽيھ ڏينهن ڪيو. ڪئپٽن ٻڌايو ته توھان ھڪ جرمن جھاز “راڪو تيز” تي آھيو. مون ڊيانا جو ٿيلھو جنهن ۾ ڳھھ ڳٺا ۽ ٻيون قيمتي شيون ھيون، ڪئپٽن جي حوالي ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ڪافي آڻي پياري ۽ ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اسان کي ڪوبه شربت گھڻي مقدار ۾ پيئڻو ناھي. ڪمپائونڊر مون کي ۽ جئڪ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وھنجاريو. منهنجي ڦٽيل ھٿ کي چيٺي پٽي ٻڌائين. پوءِ اسان ٻنهي کي ھڪ ڪئبن ۾ اماڻيو ويو. ڊيانا ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ئي رھي. ڪئبن ۾ پھچي مون آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. منهنجي بدن تي گوشت نالي ڪا شيءِ نه ھئي. آئون صفا ھڏين جو پڃرو وڃي بچيو ھوس. جيتوڻيڪ ڏاڙھي مڇن جي وارن ۾ منهنجي منهن جون ھڏيون، پاسا لڪي ويا ھئا، جئڪ جي به اھا ئي حالت ھئي. ڪمپائونڊر اسان کي ڪجھ گوريون کارايون ۽ سئي ھڻي ھنڌ تي سمھاري ويو. اسان سڄو ڏينهن غشيءَ جي حالت ۾ سمھي رھياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو ستين وڳي ھڪ اسٽوورڊ اسان کي ڪافي ۽ نيرن آڻي ڏني. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اسان جي صحت سڌري ته مون ھيڏانهن ھوڏانهن گھمڻ شروع ڪيو. اسان کي ڊيانا سان ملڻ جي موڪل نه ھئي، پر ڪئپٽن اسان کي ٻڌايو: “ھن جي نڙي ايترو ته سڄي پئي آھي جو ھاڻ ڪابه شيءِ کائي نٿي سگھي. ان ڪري سين رستي خوراڪ ڏني پئي وڃيس. ڊاڪٽر ھن جي ڳلي جي آپريشن ڪرڻ ٿو چاھي، پر ان لاءِ ھن کي توھان جي موڪل گھرجي.”
مون وراڻيو: “جيڪڏھن ڊيانا جي تندرستيءَ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ضروري ٿو سمجھي ته پوءِ اسان طرفان ھن کي اجازت آھي، پر اسان ڊيانا سان ملڻ گھرون ٿا.”
ڪئپٽن مون کي ۽ جئڪ کي وٺي ڊيانا جي ڪمري ۾ آيو. ھوءَ اسان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جا وار ڌوتل ۽ چڱيءَ طرح ڦڻي ڏنل ھئا، پر ھوءَ به ھڏين جو پڃرو ٿي وئي ھئي. ھن کان ڳالھايو صفا نٿي ٿيو، رڳو وات پئي چوريائين ۽ اشارا ٿي ڪيائين. اسان اٽڪل ٻه ڪلاڪ کن ھن وٽ ويٺاسين، ان کان پوءِ ھن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ۽ اسان ٻڏل دل سان پنهنجي ڪئبن ۾ موٽي آياسين.
شام جو ڪئپٽن کي لٿل منهن سان اسان جي ڪئبن ۾ ايندو ڏسي آئون ته ڏڪي ويس. ھن جي منهن مان ئي لڳو پئي ته ھن وٽ اسان لاءِ ڪابه سٺي خبر ناھي. ھن ٻڌايو ته ھوءَ انگريز ڇوڪري (ڊيانا) آپريشن کان پوءِ مري وئي. جيتوڻيڪ آپريشن ڪامياب ٿيو، پر ھن جي دل ايتري ته ڪمزور ٿي پئي ھئي، جو بيھوش ڪرڻ واري دوا جو اثر سھي نه سگھي. آئون اھو ٻڌي پلنگ تي ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳس. جئڪ به سڏڪن ۾ پئجي ويو. ٻه ماڻھو اسان کي ٻانهن کان جھلي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ ميز تي ڊيانا جو فاني جسم رکيو ھو. ھن جي ڳلي تي پٽي ٻڌل ھئي، منهن تي سڪون ۽ ماٺ طاري ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھوءَ ننڊ ۾ ستل ھجي. ھن جون آخري رسمون ٻئي ڏينهن ادا ٿيڻيون ھيون. ٻئي ڏينهن اسان مايوس دلين سان جھاز جي فور ڊيڪ (اڳئين حصي) تي پھتاسين. سڄو عملو يونيفارم ۾ موجود ھو ۽ سامھون ھڪ تابوت ۾ ڊيانا جو لاش ھو. ڪئپٽن جرمن زبان ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ اسان لاءِ به ڪجھ لفظ انگريزيءَ ۾ چيا. عملي جي وڏي تعداد جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ڇو ته ھنن ھن انگريز ڇوڪريءَ جي بچائڻ ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ھئي. ڪپئٽن دعا پڙھي ۽ تابوت کي آھستي آھستي سمنڊ ۾ لاھي ڇڏيو. عملي جا ماڻھو مٿي اگھاڙا تيستائين بيٺا رھيا، جيستائين تابوت اکين کان اوجھل ٿي ويو. اھڙا نظارا دلين کي ڏاڍو غمگين ۽ متاثر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح ھڪ دلير، شريف ۽ عظيم ڇوڪريءَ جو آخرڪار ھن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو.
“راڪو تيز” جھاز کي نئين سال جي پھرين ڏينهن شام جي وقت فرينچ بندرگاھ “بورڊي” ۾ لنگر انداز ٿيڻو ھو. ڪرسمس اسان جھاز تي ئي ملھايو. ان ڏينهن پيٽ ڀري گوشت ۽ ٻيون سٺيون سٺيون شيون کاڌيونسين. نئين سال جو پھريون ڏينهن ھو. صبح جو چئين وڳي جئڪ مون کي لوڏي جاڳايو. ڊيڪ تي ڌماڪن جا آواز ۽ زرد رنگ جي روشنيءَ جا شعلا به نظر اچي رھيا ھئا. خبر پيئي ته اسان جي ملڪ برٽس جا ھوائي جھاز ھن پاڻيءَ جي جھاز “راڪو تيز” تي حملو ڪري رھيا آھن. جواب ۾ “راڪو تيز” تي لڳل ائنٽي ڪرافٽ توبن به گجگوڙيون شروع ڪري ڏنيون. ھوائي جھاز ڪا دير حملو ڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. جھاز کي ڪو خاص نقصان نه رسيو، ان ڪري اسان جو سفر جاري رھيو. شام جي وقت ساڍي چئين وڳي وري جھاز جو گھنڊ وڄڻ لڳو. ان سان گڏ توبن جي ڌماچوڪڙي به مچي ويئي. ان ئي گوڙ گھمسان ۾ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ھڪ جرمن فوجيءَ دانهون ڪري سڀني کي ٻيڙين ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائون ته ھن دفعي ھڪ برٽش ڪروز (جنگي جھاز) اسان جي ھن جرمن جھاز تي حملو ڪري تمام گھڻو نقصان رسايو آھي. جا کڻي ڏسون ته واقعي جھاز ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين باھ جي ڄڀين ۾ ويڙھيو پيو ھو ۽ برٽس جھاز جي توبن جا گولا وسڪارا ڪري رھيا ھئا. موسم به خراب ٿي رھي ھئي ۽ سمنڊ جون ديو جھڙيون لھرون اڀري رھيون ھيون. افراتفريءَ جي عالم ۾ جئڪ مون کان وڇڙي ويو. بهرحال آئون ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺس. گولا اڃا تائين ڦاٽي رھيا ھئا. ٻيڙي ٻڏندڙ جھاز کان ھڪدم رڙھي پري ويئي. “راڪو تيز” آھستي آھستي سمنڊ جي تهن ۾ غرق ٿيڻ لڳو. جرمنن، پنهنجن مٿن تان ٽوپيون لاھي ٻڏندڙ جھاز کي آخري سلامي ڏني.
شام جا پاڇولا ڊگھا ٿي چڪا ھئا. ٻيڙيءَ خليج بسڪي Bay of Biscay ۾ سفر شروع ڪيو. ان تي اسان ڪل پنجٽيھ ماڻھو سوار ھئاسين. رات اونداھي ۽ سرد ھئي. منهنجي مٿي تي ڪابه ٽوپي نه ھئي، سو سڄو مٿو ٿڌ کان کيرو ٿي رھيو ھو. مون مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ھيڏانهن ھوڏانهن ڪا شيءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ جرمن جي پتلون جي پٺئين کيسي ۾ “برٽ ٽوپي” ڦاٿي پئي ھئي. مون اھا آھستي آھستي ڪڍي پنهنجي مٿي تي کڻي رکي. ٻيڙيءَ جي جرمن انچارج ان جو رخ ويجھي فرانسي ڪناري ڏي موڙيو. ڏينهن چڙھيو ته اسان کي ھڪ گلاس پاڻي ۽ مٺ مٺ بسڪٽن جي نيرن طور ملي. يارھين وڳي ڌاري ھڪ جرمن سب – مئرين اسان جي ويجھو سمنڊ مان ٻاھر اڀري آئي ۽ اسان سڀ ان ۾ سوار ٿياسين – ھيءَ سب مئرين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مختلف جھازن جو شڪار ڪرڻ بعد واپس جرمنيءَ وڃي رھي ھئي. ھن کي ريڊيو ذريعي “راڪو تيز” جھاز جا مسافر کڻڻ جو نياپو مليل ھو. ان سب مئرين ۾ سندس عملي کان علاوه اسين پنجٽيھ ڄڻا به چڙھي پياسين ته ان جي حالت اھڙي ٿي پئي جيئن ڪنهن دبي ۾ سارڊين مڇيون بند ھونديون آھن. اسان کي ڪافي پياري ويئي ۽ سمھڻ لاءِ پٽ تي جاءِ ڏيکاري وئي.
اڃا اسان کي سب مئرين ۾ آئي پندرھن ويھ منٽ مس ٿيا ھوندا جو مصيبت وري اچي ڪڙڪي. الارم وڄڻ لڳا ۽ سب مئرين سمنڊ اندر کڻي ٽٻي ھنئي. ڪجھ لمحن بعد ٽي وڏا ڌماڪا ٿيا، جن سب مئرين کي سڄو لوڏي ڇڏيو. سمنڊ جي ھيٺين تهن ۾ پھچي پوءِ سڌي ٿي ته سندس انجڻ بند ڪئي وئي ۽ اسان کي ماٺ ۾ رھڻ لاءِ چيو ويو. خبر پئي ته انگريزن جي ھڪ ھوائي جھاز ان سب- مئرين کي نظر ۾ رکي سمنڊ جي اونهائين ۾ ڦاٽڻ وارا ٽي بم ھنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ سب مئرين جي انجڻ وري سجاڳ ٿي ۽ سفر شروع ٿيو. سب مئرين جي اندر جي ھوا ۾ ھاڻي گھٽ ۽ ڌپ ٿي ويئي ھئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو ته سج لھڻ کان اڳ ھن جو سمنڊ جي مٿان ترڻ ناممڪن آھي، ان ڪري تيستائين اسان کي ھڪ ھنڌ بنا چرپر ڪرڻ جي رکيو ويو، جيئن گھٽ کان گھٽ آڪسيجن استعمال ڪري سگھون. شام جو اسان کي ماني، پنير ۽ ڪافي ڏني وئي – ماني کائڻ کان پوءِ اسان رات جي اونداھيءَ ۾ تازي ھوا کائڻ جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ستا رھياسين. رات ٿي ته سب مئرين سمنڊ جي مٿاڇري تي آئي ۽ ھوا جي تازن جھوٽن اسان جي جسم ۾ جان وڌي. ٽئنڪن ۾ ھوا گڏ ڪرڻ جا پمپ ھلايا ويا ۽ بورچيءَ ماني پچائڻ لاءِ چلھا ٻاريا. واضح رھي ته پاڻيءَ جي ھيٺ سب مئرين ۾ ماني نٿي پچائي وڃي، جو ان لاءِ به ھوا ٿي کپي. ان ڪري سمنڊ ھيٺ بند کاڌي جي دٻن تي گذارو ڪيو ويندو آھي. سڄي رات سب مئرين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي سفر ڪندي رھي ۽ ان ڊيزن انجڻ جو گوڙ ٻڌندا رھياسين. تازي ھوا جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو خوش ھو. ڏينهن چڙھيو ته سب مئرين وري پاڻيءَ اندر گھڙي وئي. ڊيزل انجڻ بند ٿي وئي ۽ چارج ٿيل بيٽريون ڪم ڪرڻ لڳيون.
اھڙيءَ ريت رات جو سمنڊ جي مٿان ۽ ڏينهن جو سمنڊ جي اندر، اسان جي سب مئرين جو سفر جاري رھيو. ٽئين ڏينهن ٻنپھرن جو ھڪ برٽش جھاز ھن کي ڦري آيو. الارم وڳو ته عملي جي ماڻھن ڊوڙي وڃي پنهنجي پوزيشن سنڀالي. آئون ٽارپيڊو جي توبن وٽ ئي ستو پيو ھوس. سب مئرين ايڏو ته تيزيءَ سان ٽٻي ھنئي جو اسان سڀ ھڪ ٻئي تي وڃي ڪرياسين. ٻئي ۽ ٽئين ڌماڪي ۾ ھوءَ تمام گھڻو لڏڻ لڳي، پر بمن کان محفوظ ھئي. ان کان پوءِ ڪجھ ٻيا به ڌماڪا ٿيا. تري ۾ پھچڻ کان پوءِ بيٽريءَ تي ھلندڙ انجڻ به بند ڪئي وئي ۽ اسان چپ چاپ سمھي رھياسين. سب مئرين ۾ وري گھٽ وڌڻ لڳي. ڪجھ لمحن کان پوءِ ان جون سڀ بتيون وسامي ويون – خبر پئي ته ڌماڪي ڪري اليڪٽرڪ جي تارن کي نقصان پھتو آھي. چڱي دير تائين عملي جا ڪارڪن ٽارچن جي مدد سان بتيون صحيح ڪندا رھيا. آخرڪار اليڪٽرڪ جو ڪرنٽ صحيح ٿيو ۽ بتيون ٻريون. سب مئرين جي ڪمانڊر لائوڊ اسپيڪر تي اسان کي ھدايتون ڏنيون ته چپ چاپ ستا رھون. ڏينهن چڙھيو ته سب مئرين سمنڊ جي مٿان اچڻ شروع ڪيو. سڄي رات پاڻيءَ منجھ گذارڻ کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. مٿي پھچي سب مئرين جا دروازا کليا ۽ تازي ھوا اندر آئي ته اسان جي منهن تي به رونق موٽي آئي. ھي آخري حادثو ھو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. جلد ئي اسان سينٽ نزائري بندرگاھ پھچي وياسين. اتان مون کي جرمنيءَ جي ھڪ قيدي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، جتي جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تائين آئون قيد رھيس ۽ مئي 1945ع ۾ آزاد ٿيس.
No comments:
Post a Comment