دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد
اخبارن لاءِ ڪالم ته آئون اڳ ۾ به لکندو هوس، پر اها خبر نه پوندي هئي ته ڪو پڙهي به پيو يا نه. پڙهندڙن کي منهنجي ٺام ٺڪاڻي جي به خبر نه هئي، پر جي ڪنهن کي هئي ته خط موڪلڻ جو طريقو فقط پوسٽ ذريعي هو، جيڪو بيحد مهانگو رهيو آهي. ان ڪري ورلي ڪو خط ملندو هو. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن ۾ انٽرنيٽ ايڏي عام ٿي وئي آهي جو منهنجو ڪالم پاڪستان جي سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ يا ملائيشيا ۽ سئيڊن جي انگريزي اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ پڙهندڙن تائينNet ذريعي پهچيو وڃي ۽ پڙهندڙن جا ان بابت رايا، تنقيد ۽ درستيون به مون تائين يڪدم Email ذريعي پهچيو وڃن. مون ڏي ايندڙ انهن ئي اِي ميلن مان مون کي ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنين جي خبر پوندي رهي ٿي. هو مون سان ملڻ لاءِ اڪثر لکندا رهن ٿا ۽ انهن ئي اي ميلن مان اهو معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جي فقط هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي پترا ملائيشيا“ ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جا 18 کن شاگردPh-D ڪري رهيا آهن يا نوڪري ڪري رهيا آهن.
1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو ڪوالالمپور جي بندرگاهه ”پورٽ ڪلانگ“ ۾ آيو هو ته هيءَ يونيورسٽي تن ڏينهن جي ٽنڊوڄام واري ائگريڪلچر ڪاليج کان به ننڍي ”ائگريڪلچر ڪاليج سلينغور“ نالي ڪاليج هئي. هن ڪاليج کان علاوه، ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر ۾ به زراعت پڙهائي وئي ٿي. ملائيشيا جي فقط هيءَ يونيورسٽي (يونيورسٽي ملايا) انگريزن جي ڏينهن کان آهي. هن يونيورسٽي جي 2006ع کان وٺي هتي جي پهرين عورت پروفيسر، رافعه سليم، وائس چانسلر آهي. هن آئرلينڊ جي ڪئينس يونيورسٽي مان قانون (Law) ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ هوءَ هن يونيورسٽي جي لا فيڪلٽي جي ڊين ۽ ”بئنڪ نغارا ملائيشيا“ جي گورنر به رهي چڪي آهي. هوءَ ڪجهه عرصو يونائٽيڊ نئشنس (UNO) ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل به هئي. پاڻ هن وقت 63 سالن جي آهي. ”يونيورسٽي ملايا“ جا اڄ ڪلهه ٽي ڪئمپس آهن. ٻه ڪوالا لمپور (K.L) ۾ ۽ هڪ ڪيلنتان رياست جي نيلم پوري شهر ۾. يونيورسٽي جو موٽو آهي: علمو پُنچا ڪيماجوئان (Ilmu Punca Kemajuaan) يعني ”علم ترقي جو ذريعو آهي“. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ C لکيو وڃي ٿو. ملئي علم کي علمُو ۽ وقت کي وقتُو سڏين ٿا.
ڪيماجوئان دراصلMaju لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڌڻ“ ۽ ماجو لفظ جي اڳيان Ke ۽ آخر ۾ An هڻڻ سان ان جي معنيٰ ”واڌارو“ يعني ترقي ٿئي ٿو. ملئي جي بنيادي (Root) لفظن ۾ اڳيان Ke، Bel، Di، Pel، Peng، Ter، Menga ۽ آخر ۾ an، ۽ Kan ملائڻ سان مختلف لفظ ٺهن ٿا، جيئن اسان وٽ لفظ ”سچ“ مان سچو، سچار، سچائي، سچيت وغيرهه ٺهيا، تيئن ملئي لفظن جي اڳيان پويان، مٿيان اکر ڳنڍي، مختلف لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي ملئي زبان ڏکي لڳي ٿي پر اها ڪا ڏکي ناهي. ملائيشيا ۾ ٻن سالن کان مٿي ايندڙ هر شاگرد توڙي نوڪري ڪندڙ کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پهرين ٽن مهينن ۾ ڪجهه ملئي زبان ضرور سکي وٺن. ائين ڪرڻ سان هنن کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۾ مزو ايندو. هتي نموني خاطر مٿئين فارمولا مطابق هڪ ملئي لفظ اَجار “Ajar” (معنيٰ پڙهاءِ، سيکار) مان ٺهندڙ ڪجه لفظ لکان ٿو:
Ajaran= پڙهائي
Belajar= پڙهڻ
Mengajar= پڙهائڻ
Diajarkan= پڙهايو ويو
Pelajar= پڙهندڙ (شاگرد)
Pengajar= پاڙهيندڙ (ٽيچر)
Terpelajar= پڙهيل ڳڙهيل (علم وارو، عالم)
Pelajaran= سبق، نصيحت
بهرحال پاڻ ملائيشيا جي سڀ کان پراڻي ‘يونيورسٽي ملايا‘ جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن مان هتي جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پڙهي نڪتيون آهن، جيئن ته ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم تن عبدالرزاق (هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد)، مهاتير محمد، سنگاپور جو اڳوڻو وزيراعظم لي ڪئان يو، ملاڪا جو هاڻوڪو گورنر محمد خليل يعقوب وغيره. سو 1971ع ۾ هن يونيورسٽي جي Faculty of Agriculture ۽ سلينغور وارو ائگريڪلچر ڪاليج ملائي ”يونيورسٽي پرتانين ملائيشيا“ يعني ائگريڪلچر يونيورسٽي ٺاهي وئي، جنهن کي پوءِ 1997ع ۾ وڌائي ”يونيورسٽي پُترا ملائيشيا“ نالو رکيو ويو. هي نالو ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج جي مانَ ۾ رکيو ويو ۽ هيءَ يونيورسٽي فقط UPM به سڏجي ٿو. منجهس شروع ۾ بنيادي طرح فقط ٽي فئڪلٽيون رکيون ويون:
Faculty of Agriculture
Faculty of Forestry
Faculty of Veterinary Medicine and Animal Science
ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽي جي هن وقت مون کي خبر ناهي، پر ملائيشيا جي هن زرعي يونيورسٽي UPM کي، هتي جي حڪومت آسمان تي کڻي پهچايو آهي ۽ ملائيشيا جي چئن ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ آهي. هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي. (ملائيشيا جون باقي ٽي ريسرچ يونيورسٽيون هن ريت آهن: يونيورسٽي ملايا UM، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا USM ۽ يونيورسٽي ڪَئبنگسئان ملائيشيا (UKM.
ملائيشيا جي هيءَ ائگريڪلچر يونيورسٽيUPM (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ڪوالالمپور شهر جي ڏکڻ واري علائقي سرڊانگ ۾ آهي. سرڊانگ ڪنهن زماني ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته مُنو صدي کن اڳ هتي گهاٽو جهنگل هو. ڀر واري شهر ”سُنگائي بيسي“ ۾ ڪميونسٽن جي باهه ٻارڻ ڪري تن ڏينهن جي انگريز سرڪار 1952ع ۾ ڪجهه چينين کي سُنگائي بيسائي مان لڏرائي هتي سَر ڊانگ ۾ رهڻ لاءِ پَٽُ ڏنو جن جهنگل جي ڪٽائي ڪري پنجاهه کن جهوپڙيون اڏيون. ويندي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ هن ڳوٺ جي ڪا خاص اهميت نه هئي جو ملاڪا کان ڪوالالمپور ايندي ويندي اسان جو سرڊانگ مان گذر ٿيندو هو. پر هن ڀيري هتي اچڻ سان دماغ ٿو چڪرائجي ته هي ڳوٺڙا ڇا ماڊرن شهر ٿي ويا آهن. خاص ڪري ڀروارو نئون اڏيل شهر ”پُترا جايا“ به ڏسڻ وٽان آهي. پُترا جايا نالو به ”تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج“ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. ڪوالالمپور کان توهان بس ذريعي سرڊانگ پهچي سگهو ٿا. ”سرڊانگ“ انگريزن جي رکيل نالي کي بدلائي هاڻ نئون نالو ”سري ڪيمبانگان“ رکيو ويو آهي.
يونيورسٽي پُترا ملائيشيا (UPM) ۾ زراعت جي مختلف برانچن ۾ ڊپلوما ۽ ڊگري ڪورس ٿين ٿا ۽ هتي جي شاگردن کان علاوه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا اٽڪل ٻه هزار کن شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سنڌ جي هڪ ڏتڙيل ضلعي دادو جي هڪ غريب ڳوٺ جوهيءَ جو هڪ نوجوان حفيظ بابر هن يونيورسٽي جي شاگرد يونين UPMISA (يونيورسٽي پترا ملائيشيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن) جو صدر آهي. پاڻ نه فقط پهريون سنڌي پر پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي هتي جي مڪاني ۽ غير ملڪي شاگردن صدر چونڊيو آهي. سندس واسطو هتي جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر جيLand Management ڊپارٽمينٽ سان آهي. حفيظ ٻٻر جو جنم 8 آگسٽ 1969ع تي جوهي جي پرائمري اسڪول ٽيچر سائين گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ اڄ ڪلههSoil Fertility ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. هتي اچڻ کان اڳ هو ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ زرعي ڪيمسٽ هو.
ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر کان علاوه ٽن ٻين شاگردن جا نالا جيڪي هن وقت ذهن ۾ اچي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن: احمد تنيو جيڪو هتيPhD ڪرڻ لاءِ اچڻ کان اڳ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. ڊاڪٽر احمد تنيو جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي. پاڻ در محمد تنيو صاحب جو فرزند ۽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ مريد تنيو جو رهاڪو آهي. سندس ڄم جي تاريخ 15 جنوري 1970ع آهي. منهنجي خيال ۾ سندس زال به هن ئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري رهي آهي.
UPM ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ هڪ ٻيو شاگرد محمد اسحاق مستوئي آهي، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. هوEntomology ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ هو سينئر سائنٽيفڪ آفيسر هو. سندس هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر قربان علي پنهورMicrobiology ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڻ شهدادپور جي ڳوٺ صاحب نظاماڻي جو آهي. هڪ موري جي سيد غلام شبير شاهه صاحب جو فرزند سيد عطا حسين شاهه به آهي، جيڪو ٽنڊوڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ليڪچرر هو ۽ هاڻ UPM ۾ Veterinary Public Health ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment