سگنلن جو ته ڪم ئي آهي ڳاڙهو سائو ٿيڻ!
الطاف
شيخ
پاڪستان کان ٻاهر هونءَ به رهندو آيو آهيان. موٽي ڪراچي اچڻ تي فرق محسوس ٿيندو آهي پر ايترو نه جيترو هن ڀيري چار سال ٻاهر رهي اچڻ تي ٿيو. ايئر پورٽ کان جيئن جئين شهر ڏي اچي رهيو هوس ته، هن ڀيري هيڪاندو گھڻو گوڙ، ٽرئفڪ جئم، دونهون ۽ ٽرئفڪ جي داداگيري نظر آئي. ٽرڪ وارو ڪار کي لفٽ نه پيو ڪرائي. ڪار وارو رڪشا کي، رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وارو وري پيرين پنڌ هلندڙن کي.
چئن مهينن جي موڪل واري عرصي ۾ مونکي ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڪم ڪرڻا هئا جن جي سلسلي ۾ هن شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي هئي. پر ڪراچيءَ جي ٽرئفڪ جو هي عالم ڏسي في الحال ان رات منهنجي دل سست ٿي ويئي هئي. ’ڪراچيءَ ۾ ڪهڙو واندو مونکي هڪ هنڌ کان ٻئي تائين وٺي هلندو. ۽ هيتري وڌيل ۽ ههڙي بي قانوني طرح هلندڙ ٽرئفڪ ۾ آيا آئون ڪار هلائي سگھندس يا نه.‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. هي شهر ڇڏڻ وقت تائين هن شهر ۾ ڪار هلائڻ مون لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه هو. پر هاڻ ٽرئفڪ جي هن حال کي ڏسي ڪراچيءَ ۾ گاڏي هلائڻ مون کي هڪ ناممڪن ڪم لڳي رهيو هو. جنهن جي پنهنجي پاڻ ۾ همت نه پئي ساريم.
پر پوءِ مونکي پنهنجو پاڻ تي تعجب لڳو. ڏينهن ٻه آرام ڪري ڀاءُ جي ڪار کڻي جڏهن هڪ واري گھر کان نڪري پيس ته آءُ به انهن لوفرن مان هڪ ٿي پيس جيڪي ڪار جو اسٽيرنگ هٿ ۾ هجڻ ڪري رستن تي ارڏايون ڪندا رهن ٿا. ڇا ڪجي! هو ڇا چوندا آهن ته هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي رستن تي سخت قاعدي قانونن هيٺ ڪار هلائڻ جي جيڪا عادت پيئي هئي سا پهرين ڏينهن ئي شام تائين نڪري ويئي. بلڪ ٻين ڊرائيورن ڪڍي ڇڏي.
رستي تي لڳل بورڊ مطابق ڪار ان رفتار تي هلائيندو شهيد ملت روڊ ڏانهن پئي ويس ته پٺيان ايندڙ ڪار اهڙا اچي هارن ڏنا جو حيران ٿي ويس نيٺ هڪ همراه جيڪو مون وانگر سنڌي هو ۽ مونکي به شلوار قميص ۾ ڏسي سمجھي ويو ته آئون به ساڳي زبان ڳالهايان ۽ سمجھان ٿو، ڀرسان لنگھڻ وقت دريءَ مان منهن ڪڍي چيو:
”اڙي ڄٽ ! ڪجھه ڪليءَ کي دٻاءِ. هيءَ ڪراچي آهي. ڪهڙي ڳوٺ کان اچي نڪتو آهين ــــــ؟“
”ڏاڍي ٻڌايائين.“ مون دل ئي دل ۾ چئي مرڪيو.
ٿوري دير بعد صدر ۾ آيس. مس مس ڳولي صحيح جڳهه تي ڪار پارڪ ڪيم. موٽي اچي ڏسان ته پويان ڪو همراه سوزوڪي پڪ اپ بيهاري ويو هو. درن کي لاڪ. انجڻ گيئر ۾ ـــــ يعني ان کي ريڙهي به نه سگھجي. حد جي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس واري ويچاري ڏاڍي مدد ڪئي پر نه سوزوڪي هٽي سگھي نه ان جو مالڪ ملي سگھيو. منجھند جي مانيءَ لاءِ مونکي پوري هڪ بجي گھر پهچڻو هو. ان وقت ڏيڍ پئي ٿيو. ان هوندي به ڪلاڪ کن ٻيو به ترسيس. ان بعد رڪشا ۾ چڙهي اچي گھران نڪتس. رات جا نَو ٿيئڻ کان پوءِ وڃي پنهنجي ڪار کڻي آيس جڏهن هئو مئو ٽريو ـــــ ان سان گڏ سوزوڪي وارو ٽري چڪو هو.
بس ڀانيان ٿو ته مڙيئي فلمي سينون پهرين ڏينهن ٿيون. پوءِ جئين مٿي لکي آيو آهيان ته آئون به ٻين سان ملي هڪ ٿي ويس. ائين لڳو ئي ڪونه ٿي ته آئون چار سال کن ڪراچيءَ کان ٻاهر رهيو هوس. لڳو ٿي ته ڄڻ آئون ڪراچيءَ جي رستن تي ٽئڪسي هلائيندو رهيو هجان. نئين مسلمان وانگر ــــــ جيڪو هيڪاندو گھڻي پابنديءَ سان نماز پڙهندو آهي. آئون به ڪراچيءَ جي اصلي ڊرائيورن کان به هيڪاندو گھڻو ارڏو ٿي پيس. پارڪنگ جي جاءِ نه ملندي هئي ته جتي ايندو هوم اتي ڪار پارڪ ڪري آفيس يا دڪان ۾ هليو ويندو هوس.
پر ائين ناهي ته ڪراچيءَ ۾ بنهه بي قانوني پيئي هلي ۽ ٽرئفڪ پوليس ڪا ڍري آهي. غلط پارڪنگ جي صورت ۾ ذري ـــ گھٽ هر دفعي چٽي ڀري، ڪار حد جي ٿاڻي تان کڻندو هوس. ان کان علاوه خيال سان نه بيهارڻ ڪري ٻيو نقصان اهو ٿيو جو هڪ دفعي ڪو بشني ڪار جي ڦيٿن جا لوهي ڍڪ چوري ڪري ويو ۽ ٻئي دفعي اچي ڏسان ته وائيپر غائب.
ڪنهن سڄڻ چيو: ”ڪنهن ڏينهن ڪو شاهينگ سڄي ڪار نه چوري ڪري وڃنئي.“
”اهو رڳو ان ڪري،“ هن وراڻيو، ”جو هتي جي ڪار ـــ چورن جو به هڪ معيار آهي. هو تو جھڙي پراڻي ۽ داهتسو جهڙي سب ــ اسٽئنڊرڊ ڪار جي چوري ڪرڻ پنهنجي بي عزتي ۽ مٿي جو سور سمجھن ٿا.“
ائين به نه آهي ته رڳو ڪار ۾ چڙهندو هوس. هونءَ به مون جھڙي ڊگھي ماڻهوءَ لاءِ ڌاهتسو جھڙي ننڍڙي ڪار ۾ چٻو ٿي سواري ڪرڻ کان پنڌ ڀلو آهي. پر ڇا ڪجي ڪراچيءَ جھڙي شهر ۾ پنڌ هلڻ به ڪو سولو ڪم ته نه آهي.
ايڪسپرٽ پيادن ته ڳاڙهي سنگنل جو انتظار ڪرڻ بنائي رستا پئي ٽپيا. آئون پهريون دفعو، اهو ڪم به ڪري نه سگھيس. سکر وارو ڪئپٽن عالم گڏ هئو. ريڊيو پاڪستان وٽ بندر روڊ وارو رستو ٽپڻو هو. ٿورو ٽپڻ جي ڪري يڪدم موٽ کاڌم. ڳاڙهي سنگنل جي باوجود هڪ بس پري کان ڌوڪيندي پئي آئي. يا گهٽ ۾ گھٽ مونکي ائين لڳو جيتوڻيڪ سنگنل کان چند فٽ اڳ ڪمال بريڪ سان هن بس کي ائين بريڪ هڻي اسٽاپ ۾ آڻي ڇڏيو جئين ايئر ڪرافٽ ڪئريئر تي هوائي جھاز لئنڊ ڪري يڪدم بيهي رهندو آهي.
پر عالم بنهه نه ترسيو. هڪ هڪ ايندڙ ڪار کي هو ڌار ڌار حساب ۾ رکي اڳتي وڌندو ويو. ايندڙ ڪار يا بس جي رفتار مطابق ڪڏهن تڪڙيون وکون ٿي کنيائين ۽ ان جي پهچڻ کان اڳ سندس لاءِ رستو خالي ڪري ٿي ورتائين. ڪڏهن وري هڪ هنڌ بيهي ايندڙ لاري يا ٽرڪ کي لنگھڻ ٿي ڏنائين. لنگھندڙ ٽرئفڪ لاءِ هو ڄڻ هڪ خيالي ليڪو ٿي ٿئي پيو، جنهن مٿان گاڏي چڙهڻ بدران پاسي کان لنگھي ٿي ويئي. ۽ پوءِ هو احتياط سان اڳيان وڌيو ٿي. ڪڏهن وري سڌو ڪراس ڪرڻ بدران ڪڊائتو ٿي ٿئي ويوــــ ڪنهن بيٺل بس جي اڳيان ته ڪنهن ڪار جي پويان. جيئن بندرگاهه ۾ جيٽي تي پهچڻ لاءِ وچ ۾ بيٺل انيڪ ٻيڙين مان هڪ هڪ تي پير رکي ٽپڻو پوندو آهي. ۽ هن پٺيان بنهه نٿي ڏٺو. هن تڏهن پٺيان مڙي نهاريو جڏهن سڄو رستو اورانگھي ٻئي پاسي فٽ پاٿ تي وڃي چڙهيو. هن مونکي رستو ٽپڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪيو پر آئون چُري نه سگھيس. جيتوڻيڪ هن ساڳي هنڌ تي ـــــــ ٿورو صدر ڏي جميلا اسٽريٽ وٽ، ڪنهن زماني ۾ امر جليل ۽ آئون پٺاڻ جي هوٽل تان چانهه پي رستي جي ٻئي ڀر جليل فلئٽ ڏي، ڳاڙهي سنگنل ٿيڻ بنا، سائي بتيءَ ۾ ئي پيا ايندا ويندا هئاسين. ان وقت رستو ٽپڻ ۾ اسانکان تکو فقط ان هوٽل جو پٺاڻ ڇوڪرو هوندو هو. پر هاڻ انکي ويهارو سال ٿيا. اسان اهي جوان نه رهيا آهيون. ڪراچي جا رستا ۽ ٽرئفڪ اها نه رهي آهي. ان ڪري ڪئپٽن عالم کي ترسڻ جو اشارو ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. ”ٿي سگھي ٿو ههڙي زبردست ٽرئفڪ واري هنڌ تي رستو ٽپڻ لاءِ ڪا پل هجي. ڪا زمين دوز سرنگهه هجي.“ مون سوچيو. پر ان جا آثار بلڪل نظر نه آيا. عالم منهنجي بي وسي تي ساڳي نموني سان وري موٽي آيو. ۽ پوءِ جئين سنڌي ڪڪڙ خطري وقت پنهنجن ٻچن کي پنهنجي پاسي ڪري هلندي آهي. بلڪل اهڙي طرح عالم مونکي کاٻي پاسي کان وٺي پاڻ سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. پاڻ منهنجي ساڄي پاسي هو جتان ٽرئفڪ جو هڪ اڻ جھڪو ٿيندڙ وهڪرو اچي رهيو هو ۽ هو مونکان قدم کن اڳيان پڻ هليو پئي جيئن ڪنهن گاڏيءَ جو ٽڪر ٿئي ته پهرين هن سان ٿئي. آئون هن جي آڏ ۾ هن کي ڏسي وڌندو رهيس. ڪنهن وقت پري نظر ڪيم ٿي ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سامهون ايندڙ ڪارون بسون اسان کي ٻُهاري وينديون. رستي جي ٻئي پاسي پهچي عالم ساڳيو نارمل هو پر مون ڊگھو ساهه کنيو ــــــ جيڪو ٻن وڏن جھازن جي وچ مان هلڪي ڌاتوءَ جي ننڍي ٻيڙي ڪڍي راس ڪرڻ تي کڻبو آهي.
ان معرڪي سر انجام ٿيڻ بعد پنهنجو پاڻ تي افسوس پڻ ٿيم ته ڪجھه وقت ٻاهر ڇا رهيس ڪراچيءَ جھڙي شهر لاءِ ناڪاره ٿي پيس.
پر پوءِ اهو ڪم به اهڙو آسان ٿي ويو جو سنگاپور، ڪولاالمپور ۽ ملاڪا شهرن جي ٽرئفڪ کي گھٽ وڌ چوڻ لڳس جتي معمولي رستو ٽپڻ لاءِ به ڏاڪڻيون ٽپي مٿان پل ذريعي وڃڻو پوي ٿو يا زمين هيٺان ٺهيل سرنگھه مان. اگر سرنگھه يا پل ناهي ته رستو جتان ڪٿان ٽپڻ بدران ڪيترو پنڌ هلي زيبرا ڪراسنگ وٽ ڳاڙهي سنگنل ٿيئڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
ان خيال کان اسانجو ڪراچي هر ڳالهه کان آزاد آهي. هڪ ئي وقت ڪارون موٽرون به پيون هلن ته پيادا به پيا رستو ڪراس ڪن. ڪنهن کي وقت آهي اهو ڏسڻ جو، ته سنگنل ڳاڙهو ٿيو يا سائو! انهن سرڪاري بتين جو ته ڪم ئي آهي ڳاڙهو سائو ٿيڻ ــــــ جيڪڏهن گذريل هنگامن ۾ سندن شيشا ۽ بلب نه ڀڳا آهن ته.
”ائڪسيڊنٽ به ٿيڻو هوندو ته ٿي ويندو. قسمت ۾ مرڻو هوندو ته مري وڃبو، هڪ ڏينهن.“ ڪنهن جي واتان ٻڌم. پر سنگنل جي ڳاڙهي ٿيڻ تائين هڪ هنڌ ويهي انتظار ڪرڻ، نه پنڌ هلندڙ کي ڪرڻ کپي، ۽ نه وري گاڏي هلائيندڙ کي ڳاڙهي سنگنل ٿيڻ تي گاڏيءَ کي بريڪ هڻي بيهارڻ کپي.
ڪجھه ڪجھه اها آهي فلاسافي جنهن تي لڳو ٿي ته منهنجي ملڪ جي ماڻهن (مون سميت) ڪراچيءَ ۾ عمل ڪيو ٿي.
No comments:
Post a Comment