انتساب
ماسٽر مئرينر-ڪئپٽين رشيد ابڙو جي نالي
ڪئپٽين ابڙو، پاڪستان مرچنٽ نيويءَ جو ھڪ وڏو ۽ اھم ماڻھو، جنھن فقط ۽ فقط محنت ذريعي پنھنجو نالو نه رڳو پنھنجي ملڪ ۾ پر جھازي دنيا ۾ پڻ پيدا ڪيو آھي. رشيد ابڙو منھنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري ھئڻ سان گڏ، ساڳئي اسڪول (مخدوم غلام حيدر ھاءِ اسڪول ھالا)، ساڳئي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو)، ساڳيءَ نيول اڪيڊمي (ميرين اڪيڊمي چٽگانگ) مان پڙھيو آھي ۽ مون واري شپنگ ڪارپوريشن جا جھاز به ھلايا اٿس. ان ڪري منھنجو ساڻس ننڍپڻ کان وٺي ويجھو تعلق رھيو آھي. ھو اسن جي بئچ جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽينن کان عمر ۾ چار پنج سال ننڍو آھي. پر جھازي ڄاڻ ۽ تجربي کان سندس مقام اسان سڀني کان مٿانھون آھي. ھن خاص ڪري بزنيس ۽ شپ مئنيجمينٽ جھڙي نئين فيلڊ ۾ ڪاميابي ماڻي پنھنجو نالو مٿانھون ڪيو آھي.
منھنجا دوست مون کان پڇندا آھن ته ڪئپٽن رشيد ابڙو جھاز رانيءَ ۽ جھازن سان واسطو رکندڙ بزنيس، مارڪيٽنگ، چارٽرنگ، وغيرھ جو ايڏو ڄاڻو ڪيئن ٿيو؟
منھنجو کين اھو ئي جواب ھوندو آھي ته ھن پنھنجي پڙھائيءَ ۽ نوڪريءَ کي عبادت وانگر سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان منھن ڏنو. ڪيترائي سال جھاز ھلائڻ بعد جڏھن ھو جھازي آفيس ۾ جھازن جو انچارج ۽ مئنيجر ٿي آيو، ته به ھن ڪڏھن به آفيسرن واري ٽان ڦان نه ڪئي. ھو جھاز ھلائيندڙن جو باس نه پر Facilitator ٿي رھيو. ھن پنھنجي تجربي ۽ ڄاڻ موجب سندن مدد ۽ رھنمائيءَ کي پنھنجي ڊيوٽي سمجھيو. آفيس ۾ اسان سڀني جو ٽائيم صبح جو نائين کان شام جو پنج ھوندو ھيو، پر ڪئپٽين رشيد جي گھر وڃڻ جو وقت مقرر نه ھوندو ھيو. آءٌ پنھنجي انجيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان پنجين بجي اٿي، گھر وڃڻ کان اڳ رشيد جي مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ چانھن پيئڻ ايندو ھيس ته سندس دڪان کليو پيو ھوندو ھيو. يعني نه رڳو فائيل، ڪاغذ، ڪمپيوٽر کليا پيا ھوندا ھيا پر سندس سڄو اسٽاف ويٺو ھوندو ھيو.
“ڀلا ھلبو يا نه؟” پڇندو ھيومانس.
“ڪيئن ھلان؟” رشيد جو جواب ھوندو ھيو؛ “يورپ کلي ئي ٻارھين کان پوءِ ٿو. ان ڪري مون کي اڃا ويھڻو پوندو.”
اسان جي آفيس ۾ پاڻ يورپ واريءَ ريجن جو انچارج ھيو، جتي جو ٽائيم يعني سج اسان کان چار پنج ڪلاڪ پوءِ ٿو اڀري ۽ لھي. ڪڏھن ڏس ته جرمنيءَ ۾ اتي جي جھازي آفيس انچارج سان ڪنھن ڳالھ تي بحث پيو ڪري ته ٻيءَ گھڙيءَ انگلينڊ ۾ ڪنھن واپاري فرم جي سامان کڻڻ لاءِ جھاز جي ڀاڙي تي پيو ڳالھائي. پنھنجي ڪمپنيءَ جا سڀ جھاز مشغول ھجڻ جي صورت ۾ يوناني ۽ فرينچ جھازران ڪمپنين جي خالي جھازن کي، پنھنجي ڪمپنيءَ لاءِ مسواڙ تي وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو. پوءِ ڪنھن سان ڀاڙو “ٽائيم پيريڊ” (يعني في ڏينھن) جي حساب سان پيو طئي ڪندو ته ڪن سان ھڪ بندرگاھ کان ٻئي بندرگاھ (يا سڄي سفر) جو حساب پيو طئي ڪندو. ھن، جھازران ڪمپنين جي جھازن ۽ واپاري ڪمزورين جي ڄاڻ ھجڻ ڪري، جھازران ڪمپنين جي مالڪن سان بحث ۾ ھميشھ بازي کٽي، پنھنجو فائدو ڪرايو ٿي ۽ بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب ڏيتي ليتيءَ جا ٽرمس ۽ ڪنڊيشنس (Terms & Conditions) فيڪس ذريعي لکت ۾ طئي ڪيا ٿي.
يورپ جون آفيسون، جنھن وقت اتي چيئن يا پنجين بجي بند ٿين ٿيون، ان وقت اسان وٽ رات جا اٺ يا نو ٿين ٿا ۽ اسان جو رشيد ان وقت بريف ڪيس کڻي آفيس مان نڪرندو ھئو. جھاز جو صحيح وقت تي بندرگاھن ۾ پھچڻ ۽ نڪرڻ ۽ سامان صحيح طور ڍورائڻ جي پوئواري خاطر، کيس ھر وقت باءِ ايئر مختلف بندرگاھن ۾ پھچڻو پيو ٿي. گھمڻ لاءِ بئنڪاڪ يا دبئي جو چئن ڪلاڪن جو سفر ڪنھن لاءِ ڀلي کڻي دلچسپ ھجي، پر ڪراچيءَ کان نيو يارڪ يا سائوٿ آمريڪا جي بندرگاھن تائين، ڊگھا ھوائي سفر سزا کان گھٽ نه آھن. خاص ڪري ھوائي جھاز مان لھڻ بعد ھوٽل ۾ وڃي آرام ڪرڻ بدران، پنھنجي جھاز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بندرگاھ ڏي ڀڄڻ. پر ڪئپٽين رشيد جي منھن تي سدائين مرڪ ئي نظر آئي. چاھي کيس ھوائي سفرن ۾ مسافر جي صورت ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينھن لڳاتار اوجاڳو ڪرڻو پيو ھجي يا پاڻيءَ جي جھاز کي ائٽلانٽڪ جي ڇتين ڇولين کان يا جاپاني سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن کان اڪارڻو پيو ھجي، ھو ھر وقت مطمئن ۽ ڪمپوزڊ نظر ايندو.
رشيد جي اھا مرڪ ۽ خوش اخلاقي ھينئر ته نه پر ننڍپڻ کان سندس ٽريڊ مارڪ رھي آھي. ڪاليج جي ڏينھن ۾ سندس ڪلاس ميٽ ھوندا ھئا: لياقت جتوئي (ھاڻوڪو منسٽر)، بلال حيدر، ممتاز (ٻئيPIA جا پائلٽ)، محسن پنھور (پوليس ۾ ڊي آءِ جي ۽ ھاڻي مرحوم)، ظفر شورو (پوليس ۾ صوبيدار)، پرويز شاھد (پاڪستان آرمي جو ليفٽيننٽ جنرل)، عبدالجبار عباسي، عاشق شاھ (سيڪريٽري سنڌ سرڪار)، نصير قاضي (ريلوي) وغيرھ. آءٌ کانئن ٽي سال کن مٿين ڪلاسن ۾ ھئس. ٻين ٻارن وانگر ھي وڙھندا به رھيا ٿي (۽ ماشاءَاللھ اڃا تائين به ڪيترن جي کٽ پٽ ھلندي رھي ٿي) پر بقول ھادي بخش جتوئيءَ ۽ انجنيئر مشتاق بلوچ جي ھڪ رشيد ابڙو (۽ ٻيو قاسم لاشاري) نه ڪنھن سان رٺا، نه ڪنھن جي شڪايت ڪيائون، سدائين ٻين کي پرچائڻ ۾ پورو ھوندا ھئا.
رشيد سان ڪم ڪندڙ سندس ھڪ جونيئر آفيسر چيو ته؛ ڪئپٽين رشيد ھونئن ته ڏاڍو سٺو آھي، پر ڊيوٽيءَ جي معاملي ۾ تمام سخت آھي.
“ھو بلڪل ھوندو.” مون کيس سمجھايو؛ “ڇو ته ھو پاڻ به ننڍي ھوندي کان وٺي محنتي رھيو آھي ۽ ڊيوٽي ھميشھ ايمانداريءَ سان ڏني اٿس. ان ڪري ھو پاڻ به اھو ئي چاھيندو ته ٻيا به ڊيوٽي صحيح ڪن.”
مون کيس ڪجھ ننڍپڻجا مثال ٻڌايا: ھڪ دفعي مون وارو جھاز، جپان جي بندرگاھ نگويا ۾ بيٺل ھيو. ٻن ڏينھن بعداسان جي ڪمپنيءَ جو ھڪ ننڍو ۽ پراڻو جھاز اسان جي ڀر ۾ اچي بيٺو، جنھن تي رشيد انھن ڏينھن ۾ ڪئڊٽ ھيو. ننڍي ھجڻ جي ڪري اسان سمجھي سگھياسين ٿي ته، ڪراچيءَ کان جاپان تائين ان جھاز کي ڇا ته طوفانن ۽ سامونڊي لھرين سٽيو ھوندو ۽ پراڻي ھئڻ ڪري مٿس ڪم ڏاڍو ھيو. نون آيل ڪئڊٽن کي سخت جان بنائڻ لاءِ چپنگ ۽ scraping جھڙا ڏکيا ڪم ڏنا ويندا آھن. وجھ ملڻ تي ھو ڪڏھن ڪڏھن گسائيندا به رھندا آھن. آءٌ پنھنجي جھاز تان ڏسندو ھيس ته سخت سيءَ ۾ سڄو سڄو ڏينھن رشيد ڪم ۾ لڳو پيو ھوندو ھيو ۽ شام جو موڪل مھل جھازي نوڪريءَ کان بيزاريءَ جو اظھار يا ڪنجھڻ ڪرڪڻ بدران ھميشھ مرڪندو ۽ چرچا ڪندو، پنھنجي ڪمري ڏانھن روانو ٿيندو ھيو. شايد ان ڪري ئي سندس ٻيا ساٿي ڪئڊٽ ته کيس ڏاڍو پسند ڪندا ھيا پر آفيسر پڻ. سندس چيف آفيسر (ڪئپٽين کان ھڪ رئنڪ ھيٺ وارو نيويگيٽر) جنھن کي اھا خبر نه ھئي رشيد منھنجو ڳوٺائي يا مائٽ آھي، تنھن جاپان ڇڏڻ وقت رشيد جي تعريف ڪندي، مون کي ٻڌايو؛ “يار منھنجو ھي ڪئڊٽ رشيد ڏاڍو ٽف آھي. ڪم ۽ ڊيوٽيءَ کان ڪڏھن نه ٿو ڀڄي. سخت طوفانن جي لوڏن ۾ به ننڊ مان اٿاري ڪم لاءِ چئجيس ٿو ته، بنا ڪنھن شڪايت جي ان ۾ جنبيو وڃي. سي-مئن-شپ (جھازي تعليم جو ھڪ سبجيڪٽ) ۾ ته ھوشيار آھي پر ھينئر کان نيويگيشن ۾ به پختو آھي ۽ آءٌ کيس ٻئي سفر کان جھاز ھلائڻ لاءِ برج (جھاز جي ڪنٽرول روم) تي رکندس.”
رشيد ۽ مون کي ڪڏھن به ساڳئي جھاز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو، جڏھن ته اسان جا جھاز، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاھن تي ساڳئي وقت تي ايندا رھيا. مختلف رئنڪن تي جھاز جو گھربلSea Time پورو ڪندو ۽ ضروري امتحان پاس ڪندو، رشيد آخر تائين ڪئپٽين ٿيو. پاڻ جيترو جھازران آفيس جيManagement ۾ سٺو آفيسر/ مئنيجر آھي، اوتروئي ھو جھازن جو ڪئپٽين ٿي رھيو. ھن ڪيترائي سال ملڪ جي جھازران ڪمپني ۽ ٻين ملڪن جي جھازن کي، خاص ڪري بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي جھازن کي، دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف موسمن ۾ ھلايو.
ڪئپٽين رشيد لاءِ مشھور آھي تهبھن ڪڏھن به ڏکئي وقت تي دل نه لاٿي. اھي لمحا ۽ گھڙيون جن ۾ ڪيترن جھونن ڪپتانن کي به پگھر اچيو وڃن، اسان جو رشيد سڪون ۽ شانتيءَ سان ويھ ويھ ڪلاڪ به برج تي بيھي، جھازن کي طوفانن ۽ ڪُنن مان سلامتيءَ سان اُڪرائيندو رھيو. بقول ھڪ نوجوان ڪئپٽين جي جيڪو ڪنھن زماني ۾ ڪئپٽين رشيد جي جھاز تي، ھڪ جونيئر نيويگيٽر ھيو؛ “ڪئپٽين رشيد سان ڪم ڪرڻ ۾ اسين سڀenjoy ڪندا ھئاسين، جو مشڪل وقت تي نه ھو پاڻ پريشان ٿيندو ھيو ۽ نه اسان کي ٿيڻ ڏيندو ھيو. وڏيءَ ھمت وارو ڪئپٽين آھي. ھن کي جاگرافي، تان، سمنڊ ۽ سامونڊي لھرن، ھوائن جي رخن وغيرھ جي نه فقط ڄاڻ آھي پر انھن مان فائدو وٺي، جھاز کي ھميشھ بھتر ۽ سلامتيءَ واري راھ تان اُڪارڻ جي ڏات به آھي ته ڏانءُ پڻ.”
ڪئپٽين رشيد ابڙي جو جنھن فئمليءَ سان تعلق آھي، اھا تعليم ۽ ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. سندن والد سائين نور محمد ابڙو (مرحوم) ۽ ڏاڏو احمد خان صاحب شاعر ٿي گذريا آھن. سنڌ جا ناليرا شاعر سليم ھالائي ۽ انور ھالائي سندس سڳا چاچا آھن.
ڪئپٽين رشيد ابڙي جھاز ھلائڻ جو مٿانھون ۽ آخري امتحان ۱۹۸۰ع ۾ پاس ڪيو، جنھن بعد ھو دنيا جي ڪنھن به ملڪ جو ۽ ڪنھن به قسم جو جھاز ھلائي سگھي ٿو. ان امتحان پاس ڪرڻ واري کي ماسٽر مئرينر پڻ سڏجي ٿو. ڪيترائي سال جھازن جي ڪمانڊ سنڀالڻ (يعني ڪئپٽين ٿي ھلائڻ) بعد، ھو جھازران آفيس ۾ جھازن ۽ انھن جي ڪئپٽينن جو آفيسر ٿي رھيو. اسان وٽ رٽائرمينٽ جي عمر سٺ سال آھي، پر رشيد پنجاھ سال جي عمر کان به اڳ نوڪري ڇڏي، پنھنجو پرائيويٽ بزنيس ڪري رھيو آھي. جنھن جو واسطو پڻ جھازن ۽ جھازرانيءَ سان آھي. جھاز ھلائڻ ۽ جھاز سان واسطو رکندڙ ڄاڻ کان علاوھ، ڪئپٽين رشيد اقتصاديات جو پڻ شاگرد رھيو آھي ۽ Economics سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي اٿس.
ڪئپٽين رشيد ابڙو، پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين پڻ آھي. ان کان علاوھ ھو ھيٺين ادارن جو ميمبر پڻ آھي:
پاڪ ليبر بورڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽريز FPCCI
FPCCI جي زونل ڪميٽي لاھور
ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ پاڪستان/ انگلينڊ
مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن
مئنيجمينٽ ڪميٽي ماسٽر مئرينر سوسائٽي
ڪئپٽين رشيد ابڙو، پنھنجي پراڻي ڪاليج- پيٽارو جي ڪمن پڻ دلچسپي وٺندو رھيو آھي ۽ اسان جي پيٽارين ايسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آھي.
ان کان علاوھ ڪئپٽين رشيد ابڙو پورٽس ۽ شپنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين، پاڪستان سعودي بزنيس ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ۽ پاڪستان نيشنل فيري سروسز جو ڊائريڪٽر پڻ آھي.
پاڻ پنھنجي پرائيويٽ جھاز بزنيس کي منھن ڏيڻ کان علاوھ ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي قسم جا سيمينار ۽ ڪانفرنسون پڻ اٽينڊ ڪندو رھي ٿو. تازو ھينئر ويجھڙائيءَ ۾ جنيوا، سئيٽزرلينڊ ۾ جيڪا انٽرنيشنل لئبر آرگنائيزيشن جي ڪانفرنس ٿي ھئي، ان ۾ نمائندي(Delegate) جي حيثيت سان ويو. ان کان اڳ جن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ ھن نمائندي جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، انھن منجھان ڪجھ ھي آھن:
IMOطرفان جھازن تي خطرناڪ قسم جي سامان کڻڻ جو سيمينار جيڪو مدراس (انڊيا) ۾ ٿيو.
SAARCوارن جو سيمينار جيڪو UNESCAP وارن آرگنائيز ڪيو.
IGTEX وارن جي نمائش ڪولمبو، سريلنڪا.
پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي گڏيل بزنس جي ڪانفرنس ۾ نمائندي جي حيثيت سان تريءَ ويو.
اھڙيءَ طرح سعودي عرب به نمائندي جي حيثيت سان گڏيل بزنيس ۽ شپنگ جا سيمينار اٽينڊ ڪيائين.
ڪئپٽين رشيد ابڙي جي ٻين سٺين ڳالھين مان اھا وڏي ڪاميابي ۽ رڪارڊ قائم ڪرڻ واري ڳالھ آھي ته، ھن PNSC ۾ چارٽرنگ مئنيجر جي حيثيت سان ننڍڙي عرصي ۾، پنجاھ لک ٽن ڪوئلو، ڪڻڪ، ولائتي ڀاڻ ۽ Iron Ore مختلف جھازن ذريعي مختلف ملڪن کان ٽرانسفر ڪرايا. ۱۹۹۲ع ۾ نارٿ اسٽار نالي ھڪ جھازي ڪمپنيءَ جو بنياد رکيائين، جنھن ٻن سالن اندر ھڪ سؤ کان مٿي جھازن ۾ ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ وغيرھ ڍوئرايو.
ڪئپٽين رشيد ابڙي جي ڄم جي تاريخ ۵ جون ۱۹۴۹ع آھي. پاڻ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۷۱ع ڌاري پنھنجي مامي محمد اسحاق ابڙي جي گھران شادي ڪيائين. کيس ٽي ٻار؛ عاطف، سدره ۽ انجم آھن.
الطاف شيخ
No comments:
Post a Comment