ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو وڌندڙ تعداد
ملائيشيا وڃڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي ٽريول ايجنٽ کي ٻڌائڻ لاءِ فون ڪيم.
”ڪڏهن ٿا وڃڻ چاهيو؟“ سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ پڇيو. ڪراچيءَ جي هر اهم روڊ تي توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي آفيس نظر ايندي. ڪنهن زماني ۾ اسان جي ماڻهن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ کوڙ نوڪريون هيون. اسان جي ماڻهن جو ڏور اوڀر توڙي عرب ملڪن ۾، يورپ توڙي آمريڪا ۾ مانُ هو. اسان جي ماڻهن جي ولايت ڏي وڃڻ لاءِ پيهه پيهان هوندي هئي ۽ جنهن کي بزنيس جو شوق ٿيندو هو، هو هوائي جهازن جون ٽڪيٽون وڪڻڻ جي ايجنسي کوليندو هو. هاڻ نه اسان لاءِ نوڪريون رهيون آهن ۽ نه اسان جي ماڻهوءَ يا ناڻي جو اهو مانُ رهيو آهي. ٽريول ايجنٽ ڏينهن جو وڏو حصو پنهنجين آفيسن ۾ ويٺا مکيون ۽ مڇر مارين. آئون ۽ منهنجا جهازي دوست شروع کان ولايت يا ملڪ اندر سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ڪرنل محي الدين جي ٽريول ايجنسي کان ٽڪيٽون وٺون. سالن کان سندس آفيسن جو انچارج قادر ڏيسائي، اسان لاءِ ڳولي ڳولي ڪنهن اهڙي هوائي ڪمپني جي ٽڪيٽ ڪڍندو آهي جيڪا مشهور نه هجي، سندس خالي جهاز هوا ۾ آڪٽين ساڙيندا رهندا هجن، يا وڏو ڦيرو ڪري منزل تي پڄائيندا هجن، پر اهو آهي ته ٽڪيٽ سستي ڏيندا هجن.
اڳئين دفعي ٿاءِ ايئرلائين ۾ ڪوالالمپور ۾ وڃڻ جي ٽڪيٽ جو پڇيومانس ته چوڻ لڳو ته MAS (ملائيشين ايئر سسٽم) ڪمپني جي هوائي جهاز ۾ وڃ.
”ڇو ڀلا؟ـ مون پڇيوهئومانس.
” هنن ڪوالالمپور، ڪراچي، ابو ڌابي ۽ واپس ڪراچي کان ڪوالالمپور نئين روٽ کولي آهي. ابو ڌابي کان جهاز خالي پيا موٽن. ڪمپنيءَ ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ تمام سستي ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور واري ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون کلي ويون آهن، جن ۾ اڃا ٽوئرسٽ دلچسپي نٿا رکن ۽ هنن مشهوريءَ خاطر پنهنجي ملڪ جي هوائي ڪمپني MAS سان حساب ڪتاب ڪري MAS جي مسافرن کي ٽي ڏينهن راتيون مفت رهائش آفر ڪئي آهي.“
مون ٿاءِ ايئر لائين جي پچر ڇڏي قادر ڏيسائيءَ جي ڳالهه مڃي. هونءَ به اسان جي ماڻهن لاءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ جُون ۽ جولاءِ جا گرمي وارا مهينا سٺا آهن، جو انهن مهينن ۾ هوائي جهاز ۽ هوٽلون خالي نظر اچن ٿا. ڇو جو يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو اونهاري ۾ پنهنجن ملڪن ۾ ئي خوش ويٺا آهن. هو فقت سياري جي موسم ۾ پنهنجن ملڪن جي سخت سرديءَ ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جو رخ رکن ٿا. اهو ائين آهي جيئن اسان جا ماڻهو اونهاري جون موڪلون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري ۽ گلگت پاسي جو رخ ڪن ٿا. سو هن دفعي، ٽريول ايجنٽ قادر ڏيسائي جي پڇڻ تي ته آئون ملائيشيا ڪڏهن وڃڻ چاهيان ٿو، يڪدم ٻڌايومانس ته ”جُون جي پهرئين هفتي ۾.“
”بهتر آهي هي ٻه مهينا نه وڃو.“ هن چيو.
”ڇو ڀلا مفت جي هوٽل نه ملي سگهندي ڇا؟“ مون کلندي چيومانس جيتوڻيڪ هينئر مون کي هوٽل جي ڪمري جي ضرورت به نه هئي. پنهنجي ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جا ملائيشيا ۾ ايترا هئا جو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪنهن وٽ رهجي، ڪنهن کي جواب ڏجي.
”مفت ۾ هوٽل جو ته هاڻ سوچي به نٿو سگهجي، ويندي ٽڪيٽ تي به هي ٻه مهينا لاٿ ناممڪن آهي.“ ڏيسائيءَ ٻڌايو.
”ڀلا ملائيشيا جي هوائي جهاز ۾ نه ته ٿائلينڊ يا سري لنڪا جي؟“ مون پڇيو.
”سائين سڀني جو اهو حال آهي.“ ڏيسائي چيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”اسڪولن ۾ موڪلون هجڻ ڪري هرڪو ملائيشيا پاسي وڃڻ ٿو چاهي. ان کان علاوه عربن جي به اوڏانهن ڌُم لڳي پئي آهي.“ هن چيو.
”پوءِ مون لاءِ هينئر وڃڻ اهڙو ضروري ناهي.“ مون چيو مانس، ”ٽڪيٽ سستي ٿيڻ جي شوق ۾ آئون آڪٽوبر ۽ نومبر تائين به انتظار ڪندس.“
”انهن ڏينهن ۾ آئون توهان کي اوترن پئسن ۾ جپان تائين ٽڪيٽ وٺائي ڏيندس، جيترن ۾ هينئر ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور جي آهي.“ قادر ڏيسائيءَ چيو.
”اهو ته ڏاڍو سٺو. ويندي وقت ڪوالالمپور ۾ لهي پوندس ۽ هفتو کن ملائيشيا جو چڪر هڻي پوءِ اوساڪا هليو ويندس. پر قادر ڀائي اوساڪا کان واپسي تي ڪوالالمپور ۾ ٻاهر نڪرڻ ته نه ڏيندا. 24 کن ڪلاڪن بعد جيڪا ٻي اڏام آهي، ان جي انتظار لاءِ ڪوالالمپور جي هوائي اڏي (KLIA) واري هوٽل جو خرچ ايئر ڪمپني ڏيندي يا نه؟“
”سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو. ڪو وقت هو جو ملائيشيا جي هوائي ڪمپنيءَ کي ڪنهن پڇيو ڪونه ٿي. هاڻ هو اسان کي نٿا پڇن. پر جپان کان واپسي تي ڪوالالمپور ۾ فلائيٽ لاءِ انتظار ڪرڻ واري هڪ ڏينهن لاءِ، هوٽل ۾ فقط رهائش جو وائوچر وٺرائي ڏيندس، باقي مانيءَ جو نه ملي سگهندو.“
”ان جو فڪر نه ڪر. ان لاءِ گهران مٺي ماني پچرائي پاڻ سان کڻي نڪرندس.“ قادر کي چيم ۽ پوءِ آهستي پڇيومانس ته ائين ڀلا ڇو آهي.
”سائين ماٺ اٿانوَ ڀلي. ايران ۽ عرب ملڪن جا ٽوئرسٽ ان ايئرپورٽ واري هوٽل جي ڊبل مسواڙ ڏيڻ لاءِ به تيار آهن جو هنن کي سستي ٿي پوي. ان ڪري هوٽل جو پئسن سان به خالي ڪمرو سولو نٿو ملي. آئون توهان لاءِ هينئر کان ڪوشش ڪريان ٿو.“
ڏيسائيءَ سچ ٿي چيو. ملائيشيا ۾ سالن کان ٿورا گهڻا ٽوئرسٽ آيا پئي، پر نائن اليون واري آمريڪي واقعي کان پوءِ عرب دنيا جا ماڻهو هڪ طرف اچڻ لڳا آهن ته ماڊرن سهولتن جي ميسر هجڻ ڪري يورپ پاسي جا ٻئي طرف اچڻ لڳا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته تاريخي ۽ قدرتي سونهن جون شيون ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن، پر ملڪي يا غير ملڪي ماڻهو گهمڻ لاءِ اوڏانهن وڃن ٿا، جيڏانهن هنن کي امن امان ۽ سهولتون ميسر ٿين ٿيون. ماڻهو گهر ڇڏي ٻئي شهر يا ٻئي ملڪ ۾ وڃي پئسو خرچ ڪري ٿو ته سڪون ۽ خوشيءَ خاطر. اسان وٽ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي ۽ اروڙ جهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن، جن سان دنيا جي تاريخي شين سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر امن امان جي صورت خراب هجڻ ڪري ڌارين ملڪن جو يا مڪاني ماڻهو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري. اپر سنڌ ۾ ته ججن جهڙا سرڪاري ڪامورا به اغوا ٿيو وڃن، اتي ڪهڙو عام ماڻهو گهمڻ لاءِ نڪرندو. مٺي، عمرڪوٽ پاسي وري به امن امان جي صورت بهتر آهي ته فرق ڏسو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان ماڻهو اوڏانهن گهمڻ لاءِ وڃڻ شروع ٿيا آهن.
ڪجه سال اڳ تائين اسان جي ملڪ جا پئسي وارا ماڻهو، اونهاري جي موڪلن ۾ ٻارن کي وٺي پاڪستان جي اترانهن علائقن ۾ گهمڻ لاءِ ويندا هئا، پر هاڻ دهشت گردي، بمباري ۽ اغواگيري ڪري ماڻهن اوڏانهن به وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. اتي جا دڪان ۽ هوٽلون خريدارن کان خالي ٿيا پيا آهن. سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ ٻڌايو ته اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سَرندي وارا پاڪستاني هاڻ موڪلن ۾ ملائيشيا وڃڻ لڳا آهن. هنن هاڻ ڪوهه مري، اسلام آباد، ڪالام، ائبٽ آباد، گلگٽ، اسڪردو وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ڪير پنهنجو پئسو خرچ ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهندو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽوئرزم مان ملڪ کي فائدو رسي ٿو. ڌاريا ماڻهو جڏهن گهمڻ لاءِ اچن ٿا ته هو دل کولي پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ مڪاني هوٽل جي مالڪ کان وٺي ٽئڪسي، ٽانگي وارو ۽ سامان کڻڻ وارو مزور چار پئسا ڪمائي ٿو. اسان جي ملڪ جي ٽوئرزم کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار مون کي ٻڌايو ته هو ڌارين ماڻهن کي اسان جو ملڪ گهمڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ڪجهه اشتهاري ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپڻ چاهين ٿا، جيئن ماڻهن کي اسان جي تاريخي شين جي خبر پوي. مون کان راءِ پڇڻ تي مون اهو ئي چيومانس ته ان قسم جي اشتهاربازيءَ جهڙيون سڀ شيون پوءِ جون ڳالهيون آهن. توهان پهرين امن امان جون حالتون سڌاريو ته ٽوئرسٽ پاڻ ئي اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي بندوبست لاءِ ماڻهو پاڻهي هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهڻ شروع ڪري ڏيندا، جيئن ايران ۽ انڊيا ۾ آهي. گهٽي گهٽي ۾ نيون هوٽلون کليون پيون آهن. شهر جون بازاريون سڄي سڄي رات کليون پيون آهن. عورتون مرد رات جو به اڪيلو سفر پيا ڪن.
ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن به ان ئي ٿيوري تي عمل ڪيو آهي. ملائيشيا کي ٽِن (قلعي)، مڇي، پام آئل ۽ رٻڙ مان وڏي ڪمائي آهي، ان هوندي به هو سمجهن ٿا ته ٽوئرزم به وڏي انڊسٽري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن امن امان جي حالت بهتر کان بهتر رکي آهي. رستن تي پوليس وارو نظر نٿو اچي، پر ملائيشيا جو پوليس کاتو ايڏو طاقتور آهي جو ڏوهاري ورلي ڪو بچي سگهي ۽ ساڳي وقت غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو انصاف آهي. ان ڪري هر اهو ماڻهو جنهن کي قانون لاءِ عزت آهي، اهو بي ڊپو ٿي هلي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ فقط چور، ڊاڪو ۽ لوفر لفنگا ڊپ ۾ رهن ٿا. هتي جي امن امان جي بهتر صورت ڏسي ويندي يورپي ۽ جپاني به ملائيشيا ۾ اچڻ شروع ٿيا آهن. هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ ڪوبه چور، ڌاڙيل، اغواگير، دهشتگير آزاد نٿو ڦري. دڪاندار يا هوٽل وارو کاڌي پيتي جي شيءِ پاروٿي يا خراب نٿو ڏئي. ڇو جو هتي جي امير توڙي غريب کي ّبر آهي ته ملڪ ۾ نه فقط قانون آهي پر ان تي سختي تي عمل ٿئي ٿو ۽ ڏوهه ڪرڻ تي ڪوبه قانون جي پڪڙ کان بچي نٿو سگهي. ڏوه موجب ڏوهاريءَ کي سزا ڀوڳڻي ئي پوي ٿي پوءِ هو چاهي وزير جو پٽ هجي يا ڪنهن ڪاموري، رئيس يا نواب جو.
امير عرب ملڪن ۽ ايران جا ماڻهو هميشه يورپ ۽ آمريڪا پاسي ويندا هئا، پر نائن اليون واري واقعي کان پوءِ هاڻ هنن اوڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي جو هنن ئي اتي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ هاڻ هو ڪيڏانهن وڃن؟ ان جو نعم البدل هڪ ته انڊيا آهي، پر ان کان به وڌيڪ بهتر، ماڊرن، هر سهوليت سان ڀرپور ۽ يورپ جون سِڪون لاهيندڙ ملڪ ملائيشيا آهي. ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ هجڻ ڪري هنن کي جتي ڪٿي حلال شيءِ ملي ٿي ۽ اهو ته مٿي لکي آيو آهيان ته معيار جي لحاظ کان هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ هائجنڪ آهي. ڪوبه ان معاملي ۾ دغا نٿو ڪري سگهي. ائين ته پاڪستان به مسلمانن جو ملڪ هجڻ ڪري هر شيءِ حلال ملي ٿي، پر اخبار پڙهڻ وارن کي اها به ڄاڻ آهي ته ٻاڪري ۽ ڳائي گوشت جي نالي ۾ ڪتن، گڏهن ۽ مئل وهٽن جو به گوشت هلايو وڃي ٿو ۽ ڏوهاري رشوت ڏئي آزاد به ٿيو وڃن.
اڳئين دفعي ملائيشيا ويو هوس ته ان وقت به عرب ٽوئرسٽ نظر آيا ٿي، پر هاڻ ته تمام گهڻا نظر اچن ٿا. اڪيلا، فئملين سان، ويندي اڪيليون عرب ۽ ايراني عورتون به نظر آيون. اهو سڀ ان ڪري جو هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ هنن کي ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ هنن کي هتي جي کاڌن پيتن مان ته ڪا بيماري نٿي لڳي سگهي، پر مليريا ۽ ٽائفائيڊ جهڙي بيماري به نٿي لڳي سگهي جو اهڙين بيمارين جا هنن جراثيم ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. عرب ٽوئرسٽن جي گهڻائي ڏسي ملائيشيا وارا پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جون اڏامون عرب ملڪن ڏي وڌائيندا رهن ٿا. هونءَ جيڪو سندن جهاز ڪراچي کان موٽي ويندو هو، اهو هاڻ ابوڌابي تائين هليو وڃي ۽ مسافرن سان ڀرجي موٽي ٿو. ايندڙ مهيني کان هو رياض سعودي عرب لاءِ هفتي ۾ ٽي اڏامون شروع ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه دمام ٻه ۽ جدي چار اڏامون اڳهين ويون ٿي. دبئي کان ته روزانو اچي وڃي ٿي.
ڪيترائي عرب ملائيشيا ۾ نه رڳو گهمڻ لاءِ پر بزنيس ۽ پراپرٽي خريد ڪرڻ لاءِ به اچن ٿا. ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ چوڌاري نيون نيون عمارتون ٺهي رهيون آهن. ڪوڙين جي ملهه جون، جهنگلن وارين زمينن مان هتي جي حڪومت وڏو پئسو ٺاهي رهي آهي. عمارتون ٺهڻ تي هتي جا واڍا، رازا، دڪاندار، چوڪيدار سڀ روزگار کي لڳا پيا آهن. عرب هونءَ انگلينڊ ۽ ترڪيءَ ۾ گهر ٺهرائيندا هئا، هاڻ ملائيشيا ۾ ٺهرائڻ لڳا آهن. اهڙن گهرن ۾ هو سال جو مهينو اڌ فئملي سان يا اڪيلو اچي گذارين ٿا. ملائيشيا جي حڪومت ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ٺهرائي رهي آهي، جن سان عربن جي دلچسپي وڌي. ڪوالالمپور جو بڪت بنتانگ وارو علائقو شروع کان سهڻو رهيو آهي. اهو ٽوڪيو جي گنزا ۽ نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر جو ڏيک ڏئي ٿو. اتي سنگائي وانگ پلازا، بڪت بنتانگ پلازا ۽ اسيتان(Isetan) شاپنگ ڪامپليڪس به آهي. هن هنڌ تي، جتي جالان بڪت بنتانگ (روڊ) کي هتي جو هڪ ٻيو مشهور روڊ (جالان) سلطان اسماعيل ڪراس ڪري ٿو اتي جالان (شاهراهه) برنگان وٽ هتي جي عرب اسٽريٽ آهي، جنهن جي شروع ۾ ڪمانون(Arches) ٺهيل آهن، جن جي مٿان عربيءَ ۾ ”عين عربيه“ لکيل آهي. هتي جي ملئي دوست ٻڌايو ته Arabs Come here to dine, shop and meet ظاهر آهي، هن هنڌ تي عربن لاءِ پنهنجي ملڪ وارو ماحول بڻائي ڏنو ويو آهي. عربي گانا پيا هلن، هوٽلن جا عربي نالا جن تي عربي ڊش تيار ٿي رهيا آهن. فارچونا هوٽل جي ڀرسان هڪ عربي اسٽائيل جي هوٽل ”صحرا ٽينٽ ريسٽورنٽ“ نظر اچي ٿي، جنهن جي ٻاهران عربي ۾ نالو ”مطعم خيمه الصحراءَ“ لکيل آهي. هوٽل جي ڀرسان عربي اسٽائيل جو باغيچو پڻ آهي. ريسٽورنٽ جي ٻاهران حُقي (شيشه) ڇڪڻ جو بندوبست پڻ رکيو ويو آهي. اهي عرب عورتون جيڪي اڪيليون اچن ٿيون ۽ پڙدو ڪن ٿيون، انهن لاءِ هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ جو الڳ بندوبست ٿيل آهي.
هڪ ٻي ”العرب ريسٽورنٽ“ هڪ يمني عرب کولي آهي، جنهن ۾ يمن جا کاڌا Serve ڪيا وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ ڪوالالمپور جي خوبصورت علائقي ائمپنگ ۾ جيڪا تربوش (Tarbush) ريسٽورنٽ آهي، اها به هڪ عرب جي آهي. بهرحال ملائيشيا کي اهو فائدو رسي ٿو ته سندس ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو اهڙين هوٽلن، دڪانن ۽ ڪاروبارن ۾ روزگار کي لڳيو وڃن. هڪ ملئي بورچيءَ ٻڌايو ته ان ريسٽورنٽ تربوش جون KL (ڪوالالمپور) ۾ هڪ کان وڌيڪ برانچون آهن. پر سڀ کان گهڻا عرب هن ائمپنگ واري ريسٽورنٽ ۾ اچن ٿا. KL جي ڪيترن شاپنگ سينٽرن ۽ مسجدن ۾ جتي عربن جي گهڻائي آهي، اتي ايران جي ”زم زم ڪولا“ پڻ وڪامندي نظر اچي ٿي. بهرحال ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي سياڻي حڪومت دنيا جي مختلف ماڻهن کي (خاص ڪري امير ماڻهن کي) ملائيشيا گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن جي دلچسپي جون شيون پيدا ڪيون آهن. ايتري قدر جو پنهنجي ملڪ جي مسجدن کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ شهر شهر جي مندرن، ٽِڪاڻن، گرجا گهرن، پگوڊائن کي وڌائڻ سان گڏ سهڻو بڻايو آهي، ان ڪري نه رڳو مختلف ملڪن کان هندو، سک، عيسائي ۽ ٻُڌ وغيره ملائيشيا ۾ اچي پنهنجن عبادت گهرن کي ڏسي خوشي محسوس ڪن ٿا، پر ملائيشيا ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جا ماڻهو به فخر محسوس ڪن ٿا ۽ هنن کي پنهنجي حڪومت لاءِ دل ۾ پيار ۽ عزت پيدا ٿئي ٿي.
No comments:
Post a Comment