گجرات جي شهر بڙودا ۽ آسپاس ۾
الطاف شيخ
هندستان جي صوبي گجرات جي بڙودا شهر ۾اسان ڄاڃين جي رهائش جو بندوبست ڪنواريتن هوٽل ايڪسپريس ۾ ڪيو هو جيڪا ريلوي اسٽيشن جي ڪافي ويجهو لڳي ٿي جو پندرهن ويهن منٽن ۾ اسان اچي هوٽل کان نڪتاسين. مون کي ۽ سنجي کي هوٽل جي اٺين فلور تي ڪمرو مليو جتان پري پري تائين شهر جو نظارو ٿي سگهيو ٿي. هڪ بجي ٻي فلور جي ڊائننگ هال ۾ اسان جي لنچ جو بندوبست رکيل هو جيڪو پڻ ڪنواريتن طفان هو جو نولراءِ هر هر سڀني کي تاڪيد پئي ڪئي ته پوري وقت تي پهچجو جو مانيءَ تي ڪنواريتا به هوندا. ان وقت يارهن ٿيا هئا. سنجي ٿوري دير ٽي وي ڏسي سمهي رهيو، آئون وهنجي نڪتس ته هوٽل جو بيرو اسان ٻنهي لاءِ چانهه کڻي آيو. مون سنجي کي اٿاريو.
”انڪل مون کي سمهڻ ڏيو، چانهه کان پياري آهي ننڊ مون کي!....“ سنجي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ چئي وري ڪوما ۾ هليو ويو. مون پهرين پنهنجي ۽ پوءِ سنجي جي چانهه پيتي.... مون کي چانهه جي هڪ انگريز شوقين جو قول ياد آيو:
There is no life beyond tea.
بهرحال اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن حقيقت اها آهي ته گهڻي چانهه پيئڻ سٺي ڳالهه ناهي. پر هينئر مون ته هڪ ڪوپ پيتو ٻيو ڪوپ سنجي جو پي پئسا سجايا ڪيا جو پيئڻ ۽ نه پيئڻ جي باوجود هوٽل وارا في ڪوپ چاليهن روپئي جي حساب سان ڪنواريتن کان يا اسان جي دوست نولراءِ کان پئسا چارج ڪندا جن جو بيرو چانهه رکڻ مهل ان جي اسي روپيه بل تي مون کان صحيح وٺي ويو. Amount جي هيٺان پلس سروس چارجز ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي به لکيل هئي معنيٰ اهو وڃي هڪ سؤ انڊين روپيا ۽ اسان جا ڏيڍ سؤ روپيا ٿيا. آئون دل ئي دل ۾ گهڻي چانهه پيئڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ان سک واري Reasoning ڪرڻ لڳس جيڪو روز شام جو پنهنجي دوست سان گڏ لسيءَ واري ٺوٺ جيڏي گلاس ۾ وسڪي پيئندو هو. گهڻي پيئڻ ڪري هڪ ڏينهن هن جو دوست گذاري ويو. سک کي ان جو ڏاڍو صدمو رسيو ۽ سڀني اڳيان شراب پيئڻ کان توبه ڪيائين.
هڪ ڏينهن هن جي گهر پاڙي جو هڪ همراهه اوچتو گهڙيو ته ڏسي ته سردار جي ته ساڳي ٽيبل تي ساڳيو ٺوٺ جيڏو گلاس وسڪي سان ڀري پي رهيو آهي.
”سردارجي! تو ته شراب پيئڻ کان توبه ڪري ڇڏي هئي؟“ پاڙي واري حيرت مان پڇيس.
”بلڪل صحيح ٿو چوين.“ سک وراڻيو.
”۽ پوءِ هي گلاس تنهنجي هٿن ۾؟“
”هي منهنجي دوست جو آهي، مون پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي هن پنهنجي مرحوم دوست جو پي رهيو آهيان.“
سو دل کوٽي ته عذر گهڻا چانهه. جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ بهانا کوڙ پر ڇا ڪجي اها چانهه مون کي لکڻ لاءِ تيار ڪري ٿي جيئن هڪ پٺاڻ بابت ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته ڄامشوري واري پراڻي ڦاٽڪ وٽ پشاور کان ايندڙ هن ٽرڪ واري کي جلال چانڊئي جو ڪيسٽ زور سان ٻڌندو ڏسي تعجب مان پڇيومانس ته، خان صاحب سمجهه ۾ اچئي ٿو؟ وراڻيائين:
”کيا کرون اس ظالم کي آواز مجهي جگا رکهتي هي.“
لنچ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا ڪجهه دير ٽي ويءَ جا مختلف چئنل گهمائڻ بعد گذريل ڏينهن جي سفر جون اهم Points ويهي لکيم جيئن وقت ملڻ تي يا ننڊ ڦٽڻ تي انهن مان هڪ هڪ تي تفصيلي احوال لکي سگهان.
ٽي ويءَ تي گهڻي ڀاڱي گجراتي زبان جا چئنل هئا. ڇو نه هجن؟ گجرات انڊيا جي امير صوبن مان هڪ رياست آهي جنهن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ کي گهڻي کان گهڻي فارين ايڪسچينج ڪمائي ڏين ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گهڻي کان گهڻا ايشين گجراتي آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور نه ڏس ته ڪينيا ۽ يوگنڊا نه ڏس. جتي ڪٿي توهان کي گجرات جا بزنس مين ملندا. انگلينڊ ۽ آمريڪا ته ڄڻ ڀريو پيو آهي. خاص ڪري گجرات جي پٽيل ذات وارن سان. جيئن ملائيشيا پاسي پنجابي معنيٰ پاڪستاني تيئن نيويارڪ توڙي لنڊن ۾ پٽيل معنيٰ انڊين. گجرات جو صوبو انڊسٽري ۾ به چڱو خاصو امير آهي ۽ هتي جي فيڪٽرين جو مال سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو جنهن مان پڻ گجرات صوبي ۾ ڪافي غير ملڪي ڌن دولت اچي ٿو. گجرات جو پراڻو گاديءَ وارو شهر احمد آباد جيڪو 1411ع ۾ احمد شاهه ٻڌرايو ۽ شروع واري دؤر ۾ ته مٽي ۽ ڌوڙ هو، ان ڪري هن کي مغل شهنشاهه جهانگير ”گرد آباد“ (ڌوڙ جو شهر) ئي سڏيو، اهو پوءِ سترهين صديءَ جي شروع تائين دنيا بلي بلي شهر ٿي پيو. جنهن لاءِ 1615ع ۾ سر ٿامس. رونالي هڪ انگريز سفير پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته:
“Gujrat`s City Ahmedabad is Goodly city, as large as London”.
۽ پوءِ اڳتي هلي اوڻهين صديءَ جي آخر ڌاري ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هتي ايترا ته ڪارخانا ٺهي ويا خاص ڪري ڪپڙن (Textile) جا، ۽ شهر جي چوڌاري ڪارخانن جون ايتريون ته چمنيون (Funnels) نظر آيون ٿي جو احمد آباد ”مشرق جو مانچسٽر، سڏجڻ لڳو. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه هتي لکڻ بي مهل نه ٿيندي ته هن صوبي گجرات جا آمريڪا ۾ ايترا ته ماڻهو آهن خاص ڪري پٽيل ذات جا جو اڄڪلهه آمريڪا وارا ڪنهن به پٽيل کي آمريڪا جي Visa نٿا ڏين. جنهن به نالي سان گڏ پٽيل ذات ڏسن ٿا ته ان جي ويزا Reject ڪريو ڇڏين سو هاڻ گجرات جا پٽيل پنهنجي ذات لکڻ کان لنوائين ٿا.
سامهون واچ ۾ وقت ڏٺم ته هڪ ٿي رهيو هو. پنهنجا ڪاغذ پٽ بند ڪري اٿي کڙو ٿيس. سنجي کي اٿاريم ته جلدي ڪر لنچ تي دير نه ٿيڻ کپي. جيسين هو تيار ٿئي آئون ٻاهر نڪتس ۽ لفٽ ذريعي ٻئي فلور تي پهتس ته گهوٽيتن جي سهرن ۽ راڳن جا آواز ڪن تي پيا. معنيٰ آئون صحيح فلور تي پهتو آهيان. ٻيا به اتي ئي آهن:
ڇهه سو هار جوڙائي
مڪيش موڙ چوان
لهه لانءُ مڪيش تنهنجو سهرو چوان
تنهنجي حياتيءَ جو خير الله کان پئي گهران
لهه لانءُ مڪيش.....
*
من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
اجهي مارو آيا، جيڏل ڪاڻ آيا
حيدرآباد جهڙي شهر مان، لايون مان گهرايون
من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
سکر جهڙي شهر مان، موٽرو مان گهرايون
من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
ٽورنٽو (Canada) جهڙي شهر مان هوائي جهاز مان گهرايا
من! ماندو نه ٿيءُ! اجها ڄاڃي آيا.
پشپا (گهوٽ جي ڀيڻ) جي مڙس شمن لعل مون کي سامهون کان ايندو ڏسي ڳائڻ واري ٽوليءَ کي هڪل ڪئي ته بابا پاڻيءَ وارن جهازن جو به ته نالو کڻو..... ۽ پوءِ ”چاچا الطاف ڀلي ڪري آيائو“ چئي کيڪاري ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو.
لنچ تي ڪنواريتينجا به ڪجهه مهمان ۽ مائٽ هئا سڀ گجراتي ويس وڳن ۾. ماني ٽڪي به نج گجراتي هئي، اسان جي کاڌي پيتي جو اسٽائيل اتر انڊيا جي کاڌن جهڙو آهي. ملائيشيا پاسي رهي ڏکڻ هندستان جي مختلف کاڌن کان به واقف هوس. ۽ هاڻ هتي گجرات ۾ خبر پئي ته هنن جي کاڌن جو اسٽائيل نه اتر جي رياستن جهڙو آهي جنهن تي مسلمانن جي اثر ڪري ڪيترا هندو (۽ ٻڌ به) گوشت کائين ٿا ۽ نه ڏکڻ هندستان جي مدراسي، دکني ۽ تاملن جي کاڌي جو اثر آهي جيڪي مرچ مسالا گهڻا استعمال ڪن ٿا. هتي ته دال به مٺي کاڌي وڃي ٿي ۽ اسان کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته منجهند جي ماني (۽ پوءِ رات جي ماني جي پڻ) شروعات مٺي (Sweet Dish) سان ڪئي وئي. مون کيرڻي پاسي تي رکي ته پوءِ ٿو کان ته ڀر ۾ بيٺل ڪنوار جي ماءُ پيءُ يڪدم چيو ته ”ڀائي صاحب هي تمام سٺي ۽ خاص طرح ٺاهي وئي آهي.“ يعني هنن سمجهيو ته آئون کائڻ پسند نٿو ڪريان. سامهون منهنجي ٽيبل تي نولرءِ ڏٺم ته هو ۽ سندس زال کائي رهيا هئا تنهن کلندي سنڌيءَ ۾ چيو: ”ادا هنن سڀني گجراتين ۾ اهو رواج آهي، لنڊن ۾ هنن وٽ ويندو آهيان ته اتي به ائين ڪن. مئڪڊونالڊ تي به پهرين ائپل پائي کائين ان بعد برگر.“ مٺي کائڻ بعد هوٽل جو بيرو سڀني اڳيان ٽامي جي ٿالهي ۽ ان ۾ چار ننڍڙيون ڪٽوريون رکندو ويو ۽ پوءِ ٻيو بيرو هر هڪ جي پليٽ ۾ هڪ يا ٻه پوريون ۽ چپاتي رکندو ويو ۽ ٻوڙ يا ڀاڄيءَ جا ڊش رکڻ بدران، جيئن اسان پنهنجي پسند جو ٻوڙ ضرورت موجب ٿورو يا گهڻو کڻي سگهون، هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان هر قسم جي ٻوڙ جو ذرو هر هڪ پياليءَ ۾ وجهندو ويو جنهن مان هڪ مٺي دال به هئي.
مڪيش جي ڪنوار جيڪا هن شهر بڙودا جي، گجراتي زبان ڳالهائڻ واري آهي، تنهن جي مامي ٻڌايو ته گجرات جي رهاڪن تي ”جين ڌرم“ جو اثر هجڻ ڪري هنن جي کاڌن جا ڊش گوشت ۽ مڇيءَ بنا ٿين. يعني هو رڳو داليون ۽ ڀاڄيون کائين ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته گجرات ۾ مٺاڻ جو واهپو گهڻو آهي. مٺيون شيون ڪجهه وڌيڪ ئي مٺيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ ڪيتريون شيون جيڪي ٻين هنڌن تي نمڪين (Saltish) ٺاهيون وڃن ٿيون، هتي گجرات ۾ مٺيون (Sweetish) آهن. يعني گجرات ۾ نمڪ پارن بدران شڪر پارا پسند ڪيا وڃن ٿا. ”اسان نوڊلز ۽ اسپاگهيٽي بدران مٺيون سويون پسند ڪريون ٿا، ويندي دال جو ٻوڙ به مٺو کائون ٿا ان جا جيتوڻيڪ سٺا اثر نه نڪتا آهن. خاص ڪري اڄ جي دؤر ۾ جڏهن مردن کان پنڌ ۽ عورتن کان جند ڇڏائي ويا آهن، هتي جا ماڻهو ڊائبٽيز ۽ ٿولهه جا مريض ٿيندا وڃن.“
گجراتين جي مشهور کاڌن مان ڪاڌي (Kadhi) هڪ آهي جيڪو ڌوري، ڦلڪين ۽ سنهي ڪٽيل ڀاڄين جو هڪ ڊش آهي. هڪ ٻيو ڊش اونڌيو (Undhyoo) آهي جنهن ۾ پٽاٽا، گجر ۽ مٽر ٺڪر جي ديڳڙيءَ ۾ وجهي ديڳڙي کي اونڌو ڪري مٽيءَ ۾ پوري مٿان باهه ڏيئي پچايو وڃي ٿو. اهڙي ريت ان پڪل ٻوڙ کي اونڌيو سڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو اهو لفظ اونڌو مان نڪتو هجي. ڪيترا لفظ گجراتي ۽ سنڌيءَ جا ملن ٿا آخر سنڌ ۽ گجرات ائين آهي. جيئن سنڌ ۽ پنجاب جو ڏاکڻو حصو جتي سرائڪي زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا گهڻي ڀاڱي اسان کي سمجهه ۾ اچي ٿي. گانٺيا گجرات ۾ به مشهور نمڪو آهي ۽ انهن کي چيو به گانٺيا وڃي ٿو. شايد هي گجراتيءَ جو لفظ هجي جيڪو ٻين ڪيترن گجراتي لفظن سان گڏ سنڌي زبان ۾ اچي ويو هجي. گجرات آئيس ڪريم ٺاهڻ کان به مشهور آهن. وادي لعل (Vadilal) نالي گجرات جي آئيس ڪريم سڄي اولهه انڊيا ۾ مشهور آهي، جنهن جا ويهه Flavours آهن.
لنچ بعد ڪجهه دير گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ملندا رهيا. سواءِ ڪنوار جي ڏاڏي جي، ٻيا سڀ شاديءَ لاءِ ٻاهرن ملڪن کان آيا هئا. جتي هو رهيا ٿي ۽ جتي هنن جا ڌنڌا ڌاڙيون آهن. سڀ خوش هئا ته هن شاديءَ بهاني سڀني جو پنهنجي اباڻي وطن چڪر لڳو ۽ هڪ ئي وقت سڀني سان ملاقات ٿي وئي. ڪنوار جو پيءُ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍو آهي ۽ ڏاڏو اسي ورهين جي ڄمار ۾ تمام گهڻو چست ۽ سمارٽ لڳي رهيو هو. رات جو مينديءَ تي اسٽيج تي ڳائڻ وڄائڻ جي پروگرام ۾ هو پنهنجن پٽن ۽ نهرن سان گڏ ڪا دير ڊانس ڪندو رهيو. سندس صحت جي راز پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو روزانو ٻه ميل واڪ ڪري ٿو ۽ کاڌي تي ڪنٽرول رکي ٿو. مٺو کائڻ ته هن سالن کان ڇڏي ڏنو آهي.
”گجرات ۾ رهي مٺاڻ نه کائڻ واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي.“ مون کلندي چيومانس.
مينديءَ جو پروگرام شام جو هتي جي هڪ ڪلب ۾ رکيو ويو هو. شام جو ڇهين بجي سڀ تيار ٿي هوٽل کان نڪتاسين ۽ اسان جي گهوٽيتن بس ۾ ويهڻ سان مڪيش جي شاديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ شروع ڪيا. دهليءَ ۾ ته ڪنواريتن هندي يعني اسان واري اردوءَ ۾ ڳايو هو هتي خبر ناهي هي ڪنواريتا به انڊين هندين فلمن جا گانا ڳائين يا شايد گجراتيءَ ۾. بهرحال اسان جي ڄاڃين سنڌي راڳ ئي شروع ڪيا.
مڪيش ڇڪ مهريءَ کي
اسين سيڻين گهر لهنداسين
سيڻان! ڏاج ڏيکار پنهنجي ڌيءَ جو
اسين اسر وينداسين
لاهيو ڪوٽ جو ڪڙو
اسين مومل نينداسين
مڪيش مهريءَ کي ڇڪي يا نه ڇڪي اسان جي ڊرائيور پنهنجي بس کي ڇڪيو ۽ بڙودا شهر جي وڏن رستن ۽ چوراهن تان بس کي ڦيرائيندو اسان کي شهر گهمائيندو اڳيان وڌيو. رستي بيٺل ماڻهو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا، ننڍا وڏا ۽ ٻار به سمجهي ويا ته هي شڪليون ڪنهن ٻئي شهر يا ديس کان آيل آهن ۽ شاديءَ جي ئي ڄڃ آهي. ڪن کي اسان هٿ لوڏي Wave پئي ڪيو ته ڪن اسان کي. بس ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ ڪري دريون بند هيون پر تڏهن به اسان جو ڪجهه ڪجهه آواز ٻاهر وڃي رهيو هوندو. ٻيو نه ته اسان جا چرندڙ چپ ڏسي سمجهندا هوندا ته اسان ڳائي رهيا آهيون پر سندن ”ڪيم ڇو؟ مزا ماڇو!“ وازي زبان جا راڳ نه پر نج سنڌيءَ جا....
لاڙون لاڏل جي ڦلڙي جوڙائي
ڏس ديڳين جا ڌڌڪار لعل سائين
آهيان نياڻي آهيان نياڻي
پنهنجن ڀائرن جي مان آهيان نياڻي
پلئه ٻڌندم شال پنهنجي ڀائرن جا
پلئه ڇوڙيندم شال پنهنجي ڀائرن جا
مان آهيان نياڻي، مان آهيان نياڻي......
*
چڙهه ريل راڻا! سوڍا سياڻا،
کڻ ناز اکڙيون نيڻ نماڻا
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان
چڙهه ريل راڻا! سوڍا سياڻا
*
بس وارا راڻا! بس هوريان هلاءِ
بس هوريان هلاءِ، بيهي مون سان ڳالهاءِ
اکيون مڪيش جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ
بس وارا راڻا! بس هوريان هلاءِ
مينديءَ جو ڪنواريتن تمام وڏو بندوبست رکيو هو. ماني ٽڪيءَ کان علاوه ڳائڻ وڄائڻ جو پروگرام به هو جنهن لاءِ وڏي اسٽيج ٺاهي وئي هئي. ڊانسون ۽ ننڍا ننڍا ڊراما سڀ ڪنوار جي ساهيڙين ۽ پاڙي جي ڇوڪرين طرفان هئا. هڪ اردو غزل ڳائڻ واري عورت وچ وچ ۾ غزل ڳائيندي رهي. بهرحال ڪا ڊانس، غزل يا ڊرامو بور ٿي لڳو ته رامچند سان اچي ٿي ڪچهري ڪيم يا ڊاڪٽر لڇمڻ سان جو هو ٻئي ڀائر شاديءَ بعد ڏورانهين ڏيهه آمريڪا هليا وڃڻا هئا، باقي نولراءِ ۽ ادا گلاب راءِ وغيره کي ته اسان سان ئي گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد هلڻو هو. رات جا ٻه ٿيا ته دودي ۽ مهرچند کي چيم ته يار هي پروگرام ته خبر ناهي ڪنهن وقت ختم ٿئي آئون ڪنهن آيل مڪاني مهمان سان گڏ واپس هوٽل ڏي هليو ٿو وڃان. پروگرام ختم ٿيڻ مهل جيڪڏهن ڪو مون کي ڳولهي ته ٻڌائجوس ته مون کي ننڊ پئي آئي ۽ هليو ويس.
منهنجي سوير اچي سمهڻ تي اهو فائدو ٿيو جو صبح جو جڏهن ٻيا سڀ ستا پيا هئا ته آئون نيرن ڪري شهر جي چڪر تي نڪري پيس. بڙودا جهڙي تواريخي شهر ۾ رهي ڪري ٻاهر نڪرڻ بدران بند ڪمري ۾ گذارڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟
هوٽل جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته گيٽ تي بيٺل سنتريءَ چيو:
”سائين آئون توهان لاءِ ٽيڪسي گهرايان؟ ويري گذر ٽيڪسي؟“
”نه مهرباني آئون Walk لاءِ نڪتو آهيان.“ مون وراڻيومانس.
مون کي سواري کتي ٿي پر ٽيڪسي بدران آٽو رڪشا جي ضرورت هئي ۽ ٻيو ته وڏي هوٽل جي در تان ڪا سواري کڻڻ معنيٰ ڊرائيور کي ٻڌائڻ ته آئون مڪاني ماڻهو نه آهيان ۽ وڏي هوٽل ۾ رهيل آهيان معنيٰ هو ڀاڙو به ان حساب سان وٺي.
بڙودا دراصل شهر جو به نالو آهي ته ضلعي جو به جيئن حيدرآباد، نوابشاهه وغيره،. انڊيا جي هن صوبي گجرات ۾ ستاويهه کن ضلعا آهن جي جي نالن کان ٻيو ڪو ڌاريو واقف هجي يا نه پر اسان سنڌ جا رهاڪو جيڪي بلڪل گجرات صوبي جي پاڙي ۾ رهون ٿا ننڍي هوندي کان لوڪ ڪهاڻين، تاريخ، جاگرافيءَ ۾ ٻڌندا اچون ۽ اهي نالا اسان کي بلڪل Familiar لڳن ٿا جيئن ته: ڪڇ جو رڻ (جيڪو بلڪل اسان جي ٿر سان مليو پيو آهي، ڪڇ (جتي جا ماڻهو نه فقط آزاديءَ کان پوءِ پر ان کان اڳ ئي اسان وٽ ايندا رهيا جيئن اسان جا ماڻهو تعليم ۽ بزنس لاءِ گجرات جي مختلف شهرن ۾ ويندا رهيا ٿي. اسان جي ويجهو هجڻ ڪري هنن جي زبان ”ڪڇي“ گجراتيءَ کان به وڌيڪ اسان جي سنڌي زبان سان ملي ٿي. اڄ به توهان کي ڪيترائي ننڍا وڏا دڪاندار ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ ڪڇي ملندا جيڪي گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي علائقن، ڪياماڙي، کارادر، ميڍادر ۾ رهن ٿا) ڄام نگر ضلعو، احمد آباد، امريلي، بناس، ڪٿا، جهونا ڳڙهه، راجڪوٽ، پور بندر، گوڌرا، گانڌي نگر، ڀاءُ نگر، سورت، نوسري ضلعو وغيره.
جيئن ته حيدرآبا دکن نظامن کان ميسور ٽيپو سلطان کان مشهور رهيو آهي تيئن بڙودا گائيڪ وادي نوابن ۽ حاڪمن کان سڃاتو وڃي ٿو جيڪي مرهٽن جي هڪ شاخ آهن. گائيڪ واد حڪمرانن جو گهراڻو هڪ طاقتور حاڪمن جو گهراڻو ٿي گذريو آهي جيڪي پيشوا جا جنرل هئا ۽ هنن هن علائقي تي حڪومت دوران بڙودا کي گاديءَ جو هنڌ رکيو. بڙودا هنن جي دؤر ۾ وڏي اوج تي پهتو خاص ڪري مهاراجا سايا جيراءِ جي ڏينهن ۾ جيڪو اوڻهين صديءَ جي آخري سالن کان وٺي ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن تائين تخت تي ويٺو ۽ هن ڪئين ڪم ڪيا خاص ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ. هتي جي ايم ايس (مهاراجا سايا جيراءِ) يونيورسٽي به هن گائيڪ واد حاڪم ٺهرائي، ريلوي جي ڄار وڇائي ۽ اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرايون. انگريزن سان به پورو وقت رهائي رکي ويٺو ۽ هنن به گائيڪ واد حاڪمن جو نالو نه ورتو .گائيڪواد انهن ٽن اتم نوابن مان ليکيو ويو ٿي جن کي 21 بندقون جو سلوٽ مليو ٿي. (باقي ٻه هئا: حيدرآباد رياست جو نظام ۽ هزهائينيس ميسور). بڙودا جي نوابي ماضيءَ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ بڙودا محلاتن جو شهر سڏجي ٿو.
تواريخ ۾ بڙودا جو ذڪر سن 812ع کان اچي ٿو، جڏهن بڙودا وادا پادراڪا (Vadapadraka) سڏبو هو. بڙودا هڪ مڪاني راجپوت حاڪم جي نالي سان ”چند ناواتي“ به سڏبو هو. وقت سان گڏ بڙودا جا نالا بدليا رهيا جيئن ته: ورهاوتي، وتپا تراڪا ۽ پوءِ ودودرا ٿيو. انگريزن لاءِ جيئن ته ڪيترائي مڪاني لفظ اچارڻ ڏکيا ٿي ٿيا سو هنن پنهنجا نالا رکيا. ودودرا کي هو بڙودا سڏيندا هئا. 1971ع ۾ هن شهر جو نالو بڙودا بدران وري پراڻو ودودرا ڪيو ويو.
بڙودا جي تاريخ مختلف دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. هندو دؤر پراڻي زماني کان وٺي 1297ع تائين هليو ۽ پوءِ دهليءَ جي سلطان مسلمانن جي حڪومت 1297ع کان 1401ع تائين هلي. هو پنهنجي گاديءَ واري شهر دهليءَ کان هنن ڏورانهن علائقن تي ڪنٽرول هلائيندا هئا ۽ پوءِ گجرات سلطانن جي نالي سان مڪاني مسلمانن حاڪمن Independent حڪومت سن 1201ع کان 1573ع تائين هلائي ۽ پوءِ 1573ع کان بڙودا اڪبر جي ڏينهن کان وٺي مغل شهنشاهن جي قبضي ۾ آيو، جيڪو دؤر 1734ع تائين هليو ۽ پوءِ مرهٽا دؤر شروع ٿيو جنهن ۾ گائيڪ واد گهراڻو حاڪم رهيا ۽ 1734ع کان 1947ع تائين رهيو. 1802 ۾ انگريزن بڙودا ۾ ريزڊنسي قائم ڪئي. پر گائيد واد حاڪمن کي پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت قائم رکڻ ڏنائون ۽ هنن حاڪمن به پنهنجي ذاتي عياشي ڪرڻ بدران عوام جي ڀلي لاءِ به گهڻو ئي ڪجهه ڪيو خاص ڪري تعليم جي معاملي ۾ جنهن جو مختصر ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون.
لنڊن ۽ ٽوڪيو جهڙن شهرن وانگر بڙودا شهر جي وچ مان به درياهه وهي ٿو جنهن جو نالو وشوار مورتي ندي آهي. اسان جي هوٽل ايڪسپريس ۽ ڀر واري ودودرا هوٽل بڙودا ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ۽ ساڄي پاسي آهن. ڀر ۾ ريس ڪورس، سرڪٽ هائوس ٽي بي اسپتال آهي. آٽو رڪشا وارو مون کي ريس ڪورس واري دت روڊ تان شهر ڏي وٺي هليو جيڪو ريلوي اسٽيشن جي کاٻي پاسي آهي. ريلوي اسٽيشن جي ٻئي پاسي تلڪ روڊ تي پڻ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون نظر آيو جهڙوڪ: ائمبسڊر هوٽل، هوٽل ثريا، راما ان، اپسرا هوٽل، جگديش هندو لاج، وڪرم هوٽل ۽ ٻيون. اڳتي هلي هي روڊ ”وشوار مورتي“ نديءَ جي ٻي پاسي هليو وڃي ٿو. درياهه ڀرسان ئي ڪرتي مندر، شويا باغ، جمعا مسجد، ماندوي باغ، فتح گنج، موتي باغ نظر آيا. حيدرآباد جيڏي هن بڙودا شهر ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي اسپتالون نظر اچن ٿيون. ڪي ته تمام وڏيون ۽ سرڪاري اسپتالون ڏسڻ ۾ آيون. ليپرسي اسپتال، مينٽل اسپتال، آيروديڪ اسپتال وغيره. آٽو رڪشا وارو پهرين فتح گنج واري علائقي ۾ وٺي هليو جتي ڪيٿولڪ چرچ جي سامهون ٻه ٽي فوٽو گرافرن جا دڪان هئا جن کي فوٽون ٺاهڻ لاءِ فلم رول ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته هتي ڇوڪرين ۽ عورتن جي وڏي تعداد سائيڪلون ۽ موٽر سائيڪلون هلايون ٿي. سنڌي هندو جيڪي سنڌ کان هندستان لڏي آيا انهن جو به وڏو تعداد هن صوبي گجرات ۾ رهي ٿو. گانڌيدام ۽ گانڌي نگر ۾ ته تمام گهڻا رهن ٿا پر احمد آباد ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ به ڪيترائي رهن ٿا ويندي سندن الگ الگ رهائشي ڪالونيون آهن. مون کي اها آئيڊياز نه هئي ته هتي ڪي سنڌي به رهن ٿا. فوٽو گرافر جي دڪان تي جيسين هو فوٽو تيار ڪري ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هو سنڌي آهي ۽ پوءِ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هتي ڪيترائي سنڌي رهن ٿا. ”هتي بڙودا ۾ سنڌين جي رهائش جون ٻه وڏيون ڪالونيون آهن.“ هن ٻڌايو، ”اسان جو هڪ ڪلب به آهي جتي شاديون مراديون رچايون وڃن ٿيون. لئبرري به آهي ۽ ملاقات جو حال به جتي هر آچر تي اسان جي گڏجاڻي ٿئي ٿي.“
واپسيءَ تي پنهنجي رهائش واري هوٽل ”ايڪسپريس هوٽل“ جي بلڪل لڳولڳ ڇهه ماڙ بلنڊنگ جي اڳيان سنڌي ساهتيه جي بورڊ ڏسي مٿي آفيس ۾ به ويس پر ان ڏينهن اها آفيس بند هئي ۽ ان بعد وري مون کي ٽائيم نه مليو ۽ هونءَ به بڙودا ۾ گس پنڌ تي يا دڪانن ۾ ايترن ته سنڌي ڳالهائڻ وارن سان ملاقات ٿي وئي جو پوءِ اهو Charm ئي نه رهيو يعني اها ڪا نئين ڳالهه نٿي لڳي ته هتي به ڪي سنڌي رهن ٿا.
آٽو رڪشا جو ڊرائيور شهر جو چڪر ڏيارڻ دوران ڪيترين ئي اهم عمارتن اڳيان ڪافي دير ترسيو ٿي جتي پاڻ يا اتي موجود ماڻهن انهن عمارتن بابت ٻڌايو ٿي. گهڻا تڻا پاڪر، ميوزيم، اسڪول ۽ اسپتالون نظر آيون ٿي جنهن مان هن شهر جي خوشحالي محسوس ٿئي ٿي. هڪ ”فائين آرٽس ڪاليج“ وٽ به هو ڪافي دير ترسيو ۽ اتي جي شاگردن کان خبر پئي ته هن ڪاليج ۾ داخلا لاءِ نه فقط گجرات ۽ انڊيا جي ٻين صوبن مان پر ڌارين ملڪن مان به هتي اچن ٿا. هتي جي ڪجهه ٻين اهم جاين جو مختصر احوال ڏيان ٿو جيئن ڪو هفتي ٻن لاءِ هن شهر ۾ اچي رهي ته انهن کي چڱي طرح ڏسي سگهي. دراصل بڙودا ۾ ۽ گجرات جي ٻين شهرن ڀاءُ نگر، ڪاٺياواڙ کان جهونا ڳڙهه، پور بندر، دواڙڪا ۽ احمد آباد ۾ اسان سنڌين جي ڏسڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه آهي جنهن لاءِ خاص ٻن ٽن هفتن لاءِ هلي ملي گجرات ڀلي کڻي يورپي سياحن جي دلچسپيءَ جو سبب نه هجي پر اسان سنڌ جي رهواسين لاءِ ضرر آهي، پر هتي اچڻ کان اڳ هن پاسي جي تاريخ جاگرافي ۽ لوڪ ڪهاڻين، ادب ۽ شاعريءَ جو جيترو گهڻو مطالعو ڪو ڪري ايندو ايترو ئي هن کي مزو ايندو.
مهاراجا سايا جي رائو يونيورسٽي (MSU)
انڊيا جي اهم يونيورسٽين مان هڪ آهي. سندس عمارت به بيحد Impressive آهي. ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته هن وقت پنجويهه هزار شاگرد Enrolled آهن. سڄي گجرات ۾ اهائي هڪ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ پڙهائي جو ميڊيم انگريزي آهي. ان ۾ 13 مختلف Facalties آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ 17 هاسٽلون آهن جن مان چار ڇوڪرين جي لاءِ آهن. حيدرآباد جيڏي هن شهر ۾ هڪ سؤ کن پرائيويٽ انگريزي اسڪول آهن ۽ ويهه پبلڪ اسڪول.
ساياجي باغ
وشوا متي ندويءَ جي ڪناري وٽ هي باغ آهي جيڪو گائيڪ واد حاڪم سايا جيرائو ٽئين 111 سن 1879ع ۾ ٺهرايو. 113 ايڪڙن ۾ پکڙيل هن پارڪ ۾ هڪ ننڍڙو چڙيا گهر (Zoo) به آهي ان کان علاوه بڙودا ميوزيم ۽ تصويرن جي گيلري صحت ۽ هائيجن جو ميوزيم ۽ سردار پٽيل Planetarium پڻ هتي آهي.
ثريا نارائڻ مندر
بڙودا جي پراڻن مندرن مان آهي جيڪو ثريا نارائڻ باغ وٽ آهي.
ڪرتي مندر
تلڪ روڊ تي، اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا جي ڀرسان هي مندر آهي، جيڪو 1936ع جو ٺهيل آهي.
انهن شين کان علاوه نهرو روڊ تي لڪشمي ولا محل آهي ۽ ان جي ڀرسان مهاراجا فته سنگهه ميوزيم جنهن ۾ هتي جي حاڪمن جو گڏ ڪيل آرٽ جون ديسي ۽ ولايتي شيون آهن، ويندي يورپ جي مشهور آرٽسٽن رافيل، ٽائٽيان ۽ مريلو جون ٺهيل تصوريرون آهن.
آئون ان ڏينهن هوٽل تي پهتس ته هڪ ٿي چڪو هو. ڪمري تان ٿي گرائونڊ فلور تي آيس جتي لنچ جو بندوبست رکيل هو. شاديءَ جي پروگرام هڪ ٻي هوٽل ۾ رکيو ويو جتي شام جو ڇهين بجي ئي پهچڻو هو جيئن شاديءَ جا ساٽ سوڻ ۽ ريتون رسمون اڳواٽ ٿي سگهن. منجهند جي ماني کائي ڪمري تي اچي سمهي رهيس. شام جو ڇهين بجي ڌاري تيار ٿي هيٺ لٿس ته هڪ وڏي بس ڄاڃين کي وٺي شادي واري هوٽل ڏي هلڻ لاءِ تيار هئي. گهوٽ به پنهنجي روايتي لباس ۾ تيار ٿي الڳ ڪار ۾ اسان سان گڏ هليو. هڪ دفعو وري گهوٽ جي ڀيڻن، سوٽين، ماساتين، پڦين ۽ چاچين راڳ ڳائڻ شروع ڪيا:
ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا.
سنهڙن پيرن کي، سهڻن هٿن کي
بينسر مڪيش جي لاڙئون جو آئي
ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
دهري لاڏل جي لاڙئون جو آئي
ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
ٻانهي گهوٽ جي لاڙئون جو آئي
ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
وس ڪڪر ڪوهيارل! ڀلي پئي بوند وسي
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي
ٻانهن ۾ وينگس کي ٻانهين ٺهندي
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي....
هوٽل ۾ پهچڻ سان اتي موجود گهوٽتياڻيون به ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويون. ضروري ساٽ سوڻن بعد ڪنواريتن گهوٽ کي شادي هال ۾ گهڙڻ ڏنو ۽ هڪ ننڍڙي چانهه ۽ Snacks جي دعوت بعد گهوٽ کي اسٽيج تي ويهاري هن کي ٻن پنڊتن حوالي ڪيو ويو جيڪي ڪا دير منتر پڙهندا رهيا بلڪه تمام گهڻي دير منتر پڙهندا رهيا ۽ اسين ڪڏهن ماٺ ڪري ٻڌاندا رهياسين ته ڪڏهن فوٽو ڪڍندا رهياسين ۽ پاڻ ۾ خبرون چارون به ڪندا رهياسين. آئون ڪجهه دير ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ سان خبرون ڪري پوءِ پنهنجي پيٽارو جي ساٿي ڊاڪٽر رامچند اوڏ سان اچي ويٺس. جيڪو ڪافي عرصي کان ڪولوروڊو يونيوسٽيءَ جي سول انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر ريسورسز ۽ Irrigated ائگريڪلچر جو پروفيسر آهي. اها يونيورسٽي آمريڪا جي رياست Colorado جي شهر فورٽ ڪولنس ۾ آهي. سندس زال ۽ پٽ دهليءَ ۾ سندس پٽ راجيش جي شاديءَ بعد آمريڪا هليا ويا هئا باقي پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ لاءِ انڊيا ۾ ترسي پيو هو ۽ هاڻ سڀاڻي هن جي فلائيٽ هئي. ڊاڪٽر رامچند ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد NED انجنيئرنگ ڪاليج مان سول انجنيئرنگ ۾ BE سن 1970ع ۾ ڪئي، ان بعد ٿائلينڊ جي شهر بئنڪاڪ جي ايشيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان 1973ع ۾ واٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد ڪارنيل يونييورسٽي، اٿيڪا نيويارڪ (USA) مان ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ پي ايچ ڊي ڪئي.
پاڻ نوڪريءَ دوران نيپال، انڊونيشيا ۽ عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو رهيو ۽ کيس انگريزي، اردو، سنڌي اوڏڪي کان علاوه ملئي ۽ عربي زبانون به اچن ٿيون. ساڻس گذريل مهيني رکي رکي ملئي ۾ ڳالهائڻ ڪري ٻين کي تعجب ٿي لڳو. خود سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻوين کي خبر نه هئي ته رامچند کي انڊونيشين/ ملئي زبانون اچن ٿيون. هن لاءِ اهي زبانون سکڻ ضروري هو جو هن کي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. عربي زبان هن مصر ۾ سکي جتي هو 1992ع ۽ 1993ع ۾ Irrigation Improvement Project جو ٽيم ليڊر هو.
ڪجهه دير بعد مڪيش جي ڪنوار شمي کي به اسٽيج تي آندو ويو ان بعد وڏو ٻائو ۽ ان جو اسسٽنٽ جيڪي ساٽ سوڻ ڪندا رهيا. ناريل کي ڀڃڻ کان وٺي هڪ ئي گلن جي هار ۾ رهڻ وغيره. انهن ۾ ٻنهي (گهوٽ ڪنوار) کي شامل ڪيو ويو ٿي. آخر ۾ پنڊت گهوٽ جي پيءُ سان ڪا دير ڳالهائيندو رهيو. رامچند چيو ته هو نول کان هن شاديءَ جا ساٽ سوڻ ۽ دعائون پوريون ڪرڻ جي بدلي ۾ ڳئون گهري رهيو آهي.
”هينئر ۽ هتي ڇا؟“ مون پڇيومانس.
رامچند پنهنجي روايتي کل کلندي چيو: ”ڪيش ڏيندس يا ڪنواريتن کي چوندو ته هن کي وٺي ڏيو.“
بهرحال پوءِ سگهو ئي مبارڪون ڏيڻ جو دؤر شروع ٿي ويو ۽ وڏي اسٽيج جي ڀر ۾ ٺهيل ننڍي اسٽيج تي ويٺل هڪ ڳائڻي جوڙي هارمونيم تي هندي ۽ گجراتي غزل شروع ڪري ڏنا. مهرچند اوڏ به اچي ڀر ۾ ويٺو.
”رامچند! بڙودا ۾ رهي پئين ته صلاح اٿئي؟“ مهرچند چيو، سڀاڻي کان اسان بڙودا ۽ اوس پاس جا شهر گهمڻ لاءِ نڪرنداسين.“
”نه يار مهيني کان مٿي انڊيا ۾ ٿي ويو اٿم، سڀاڻي صبح سان بڙودا ڇڏي بمبئي پهچان جو شام جو USA لاءِ منهنجي فلائيٽ آهي.“ رامچند چيو.
ڳائڻ وڄائڻ جي هيءَ محفل رات جو ڏهين تائين هلندي رهي ان بعد مانيءَ لاءِ انائونس ٿيو، جنهن جو بندوبست هوٽل جي ڇهين فلور تي رکيو ويو هو.
No comments:
Post a Comment