ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي
الطاف شيخ
مهرباني، محترما، توهان بلڪل بي فڪر رهو. توهان کي ميٽنگ جي ٽائيم کان اڳ اتي پهچائيندس. هن پاسي کان هلڻ بهتر ٿيندو جو ٿوري ٽريفڪ آهي، ۽ ڪار ڦاسڻ جو امڪان پڻ گهٽ آهي منهنجي خيال ۾ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي وينداسين سو پريشان ٿيڻ اجايو آهي.
ڇا چيو توهان بيگم صاحبه؟ هائو، هائو، مون کي ٽئڪسي هلائيندي واقعي وڏو عرصو ٿي ويو آهي. اٽڪل ويهن سالن کان هلائيندو اچان. گهڻو اڳ سنگارپور هيئن نه هو جيئن اڄڪلهه سخت مشغول ۽ ماڻهن جي گپا گيهه سان ڀريل آهي. گذريل وقت ۾ سنگارپور وڌيڪ سانتيڪو هو. نه ايتريون گهڻيون لاريون ۽ موٽرون هيون ۽ نه ايترا ٽئڪسي ڊرائيور.
ها محترما، چار ڏوڪڙ ٿيو وڃن. بس مڙيئي پيٽ گذر لاءِ ڪافي آهي. ڇا ڪجي. سنگاپور جهڙي شهر ۾ رهڻ لاءِ محنت ڪرڻ تمام ضروري آهي. اسان جهڙن ماڻهن کي، جن وٽ نه تعليم آهي ۽ نه واپار وڙي لاءِ پئسو ڏوڪڙ، پگهر جو ئي پورهيو ڪري زال ۽ ٻارن لاءِ پئسو ڪمائي سگهون ٿا.
هائو، بيگم صاحبا، چڱو وڏو عيال اٿم- اٺ ٻار، ڇهه ڀٽ، ٻه ڌيئون، وڏوئي ڪٽنب ٿيو. هاٰ! ها! صحيح ناهي. انهن ڏينهن ۾ سينگارپور ۾ڪٿي هئي فئملي پلاننگ! ماڻهن ڪيترائي ٻار ڄڻيا ٿي. هر سال، هڪ ٻار، بلڪل صحيح ناهي. اڄڪلهه گهڻو بهتر آهي. ٻه ٻار، ٽي ٻار، ڪافي ٿيا، بس. حڪومت به ان تي ئي زور ڏيئي پيئي ته ٻن جي انگ تائين ڪافي آهن. يا وڌ ۾ وڌ ٽي بس.
وري به آئون ڀاڳن وارو آهيان،منهنجا سڀ ٻار وڏا ٿي چڪا آهن. چار پٽ روزگار کي لڳل آهن- هڪ واپاري آهي، ٻه ڪلارڪ، هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماستر، هڪ نئشل سروس ۾، هڪ اڃا ٻئي درجي ۾ پڙهي پيو. منهنجي وڏي ڌيءَ ويهن سالن جي ٿي ويئي آهي. گهر ۾ ئي رهي ٿي، ماءُ جي مدد ڪري ٿي. نه، اڃا شادي نه ٿي اٿس- تمام گهڻي شرم واري آهي. ڪجهه ڪجهه بيمار به رهي ٿي، پر طبيعت سٺي آهي، تمام چئيوان ڇوڪري آهي. منهنجي ٻي ڇوڪري- اوهه! بيگم صاحبا! پيءُ لاءِ عذاب ٿيو پون. اهڙيون ڇوڪريون جيڪي شريف ٿي نٿيون هلن ۽ ماءُ پيءُ جي چئي ۾ نه آهن. تمام افسوس اٿن، بس قدرت طرفان سزا ٿي. اڄڪلهه، نوجوان اسان وانگر نه آهن. جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اسان وڏن جو چيو هميشه مڃيو ٿي. اسان جي مائٽن جيڪڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ جهليو ٿي ته اسان اها هرگز نٿي ڪئي. نه ته ڏنڊي سان علاج ٿيندو هو. منهنجو پيءُ تمام سخت طبيعت جو هو. مائٽن لاءِ اهو سٺو آهي ته هو ٻارن سان سخت ٿي هلن. ٻيءَ صورت ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيڪار ٿيو وڃن. پوءِ پڙهڻ کان آڱوٺو، هروقت گسائڻ تي روز، نائيٽ ڪلبن ۾ ويندا ۽ پوءِ اتي نشي پتي کان علاوه پيار جهڙا ڌنڌا ڪندا. محترما، توهان منهنجي ڳالهه مڃيون ٿيون يا نه-؟ اڄ جا نوجوان ٻار مائٽن لاءِ مٿي جوسور آهن. بيگم صاحبا، هن ’ڪافي- هائوس‘ جي ٻاهران اهي نوجوان ڏسين پئين-؟ منهنجي ڳالهه تي يقين ڪرين ته اهي اسڪول جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اٿئي پر نمونو اهڙو رکن پيا ڄڻ ڪن وڏن ماڻهن جا ٻار هجن. ڇا ته پئسو خرچ ڪن ٿا، ڇا سگريٽ ڇڪين ٿا، ڇا گندي ڪپڙي جو فئشن ڪن ٿا ۽ عشق معاشقا ڪن ٿا. هڪ ٽئڪسي ڊرائيور جي حيثيت ۾ آئون کانئن سندن افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. محترما، توهان ائين ٻڌايو نه ته ماسترياڻي آهيو؟ خبر ناهي توهان کي اها ڄاڻ آهي يا نه ته هي اسڪول جون ڇوڪريون، پندرهن سورهن سالن جي ڄمار جون، صبح جو گهران ته يونيفارم پائي اسڪول وڃن ٿيون ۽ پوءِ اسڪول بعد واپس گهر نٿيون اچن. هو پاڻ سان ڪتابن جي ٿيلهن ۾ گهمڻ جا ڪپڙا کڻيو نڪرن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن عوامي ٽئاليٽ يا هوٽل ۾، يونيفارم لاهي اهي ڪپڙا پائن ٿيون ۽ منهن تي ڏاڍي ميڪ اپ، شيڪ اپ ڪن ٿيون. هنن جا مائٽ سوچي به نٿا سگهن. هو پنهنجن مائرن کي اهوئي ٻڌائي نڪرن ٿيوته اڄ اسڪول ۾ ميٽنگ آهي. جلسو آهي. راندين جي پريڪٽس آهي. هي آهي، هو آهي، پر حقيقت ۾ هو کين فقط بيوقوف بنائين ٿيون. اوهه! مئڊم، توهان کي منهنجي ڳالهه تي تعجب ٿو لڳي، پر مونکي خبر آهي. آئون کين هِتان هُتان کڻندو رهان ٿو. هو گهڻوڪري ڪافي هائوس ۽ هوٽلن ٻاهران واڪ ڪن ۽ پوءِ لانگهائون آمريڪي يا يورپين ٽوئرسٽ سان دوستي ڪري پئسو به حاصل ڪن ٿيون ته لست مزو، به، مئڊم، جي آءٌ توهان کي ٻڌايان ته هنن وٽ ڪيترو پئسو آهي ته شايد توهان کي يقين ئي نه اچي. مان توهان کي ڇا ٻڌايان! گذريل رات، هڪ نوجوان ڇوڪري- شڪل ۾ تمام سهڻي، عاليشان ميڪ اپ ٿيل ۽ سيڪسي ڪپڙا پهريل، منهنجي ٽئڪسي ۾اچي ويٺي ۽ آرچرڊ مئنشن ڏي وٺي هلڻ لاءِ چيو- جيڪا سنگاپور ۾ انهن ڳالهين کان مشهور آهي، خاص ڪري ان بلڊنگ جي چوٿين ماڙ جا فليٽ ان ڪم لاءِ استعمال ٿين ٿا. لهڻ وقت ڀاڙي لاءِ هن جهڙو پرس کوليو ته مان توهان کي ڇا ٻڌايان! رڳو آمريڪن ڊالر ئي ڊالر هئا- سي به ڏهين ڏهين ڏهين وارا نوٽ. انهن مان هڪ نوٽ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو ته باقي پئسا موٽائڻ جي ضرورت ناهي جو هن کي ايتري دير ترسڻ جو به وقت ناهي. مئڊم، اهو توهان کي ٻڌايان ته هر مهيني هنن ڇوڪرين ۽ سندن آمريڪن بواءِ فرينڊس مان- جيڪي منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويهن ٿا، مون کي جيترو ڀاڙوملي ٿواوترو باقي عام ماڻهن کان نٿو ملي- جيڪي هر وقت ڀاڙو گهٽائڻ لاءِ ڪرڪندا رهن ٿا، ۽ ڏهه سينٽن جي ريجي واپس وٺڻ لاءِ به هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا آهن. اهڙا ڪي ڪي پئسينجر اصل چريو ڪريو رکن. پر هي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڀاڙي جي معاملي ۾ گهوپي هرگز نٿا ڪن. بس انهن کان جيڪي گهر ته ڏيو ڇڏين. ٽئڪسي ۾ چُم چٽ ۽ دلپشوري ڪندا رهن ٿا ۽ هو فقط اهوچاهين ٿا ته ٽئڪسي بس هلندي رهي. پوءِ ڀاڙوکڻي ميٽر جي حساب سان وٺين. آئون توهان کي ڇا ٻڌايان ته ڪي ڪي ٽئڪسي پٺيان ايڏوخرچ ڪن ٿا جو بس. اهو اجهو هيئن، سنگاپور ۾ رات جو هڪ بجي کانپوءِ ٽئڪسي جو ڀاڙو ٻيڻو ٿئي ٿو، ۽ آئون ان ڪري ان وقت ٽئڪسي هلائڻ پسند ڪريان ٿو. جو ظاهر آهي ته گهڻو ڀاڙو ملي ٿو. روز رات جو آئون الروئا هوٽل يا تنگ ڪورٽ يا آرچرڊمئنشن جي ٻاهران وڃي بيهندو آهيان ۽پوري پڪ سان منهنجو چڱو ڌنڌو ٿيو وڃي. گذريل ڇنڇر تي، بيگم صاحبان، آئون چرچو نه پيو ڪريان، ته فقط هڪ رات ۾ مون ڏيڍ سؤ کن ڊالر ڪمايا هئا! ڪجهه ميٽر تي ڪجهه ائين خرچين طور مليم. ڌارين ملڪن کان آيل ڪجهه سياحن کي اها خبر ناهي ته ڇوڪريون ڪٿان هٿ ڪجن. سوانهن کي آئون ڇوڪرين جاڏس پتا ڏيندو آهيان ۽ انهن وٽ وٺي به ايندو آهيان. جنهن جي بدلي ۾ هو هميشه منهنجو کيسو گرم رکن ٿا. بيگم صاحبا توهان کي ڇا ڇا ٻڌايان جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٻڌائڻ شروع ڪريان ته منهنجي ڪهاڻي ڪڏهن به کٽي نه سگهي. پر توهان کي آئون ايترو ضرور ٻڌائيندس ته محترما، جيڪڏهن توهان کي ڪا جوان ڌيءَ آهي ۽ هوءَ چوي ته امان منهنجي اسڪول۾ اڄ ميٽنگ يا جلسو آهي ۽ رات جو دير سان موٽنديس، ته توهان ڪڏهن به ائين نه چئجو ته هائو هائو، ڀلي. پر توهان هن کان پڇا ڪندا ڪريواهو ڇو آهي، ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي، ۽ پنهنجو پاڻ به وڃي ان جو پتو ڪريو. اڄ جي ٻارن تي بلڪل اعتبار نه ڪجو. جيئن اڳ جي ٻارن تي ڪبو هو. بيگم صاحبا، آئون توهان کي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٻڌايان ٿو جومون کي پاڻ به جوان ڌيءَ آهي- جنهن کي آئون گهڻو ئي چاهيان ٿو، پڙهڻ ۾ به هوشيار آهي. آئون پاڻ هن جي اسڪول جا رپورٽ ڪارڊ ڏسندو آهيان جنهن ۾ سندس ماسترياڻيون ’ويري گڊ‘، ۽ ’ائڪسيلينٽ‘ وغيره لکنديون آهن. هي منهنجي هوشيار ڌيءَ منهنجو دلپسند ٻار آهي. کائنس پڇندو آهيان ته پڙهائيءَ بعد ڇا ڪندينءَ ته جواب ڏيندي آهي ته يونيورسٽي وينديس. منهنجو ٻيو ڪوبه ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهي نه سگهيو، پر هيءَ جيڪا بيحد هوشيار ۽ سمارٽ آهي ڪو وڌاءُ نه پيو ڪريان- هن جون ماسترياڻيون واقعي هن جي رپورٽ ڪارڊ تي ويري گڊ ۽ ائڪسيلينٽ لکنديون آهن. هوءَ گهر ۾ به پڙهندي آهي، پنهنجي ماءُ کي به مدد ڪرائيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿوري سست پڻ رهي ٿي. ان، هڪ ڏينهن چيو ته سندس ماسترياڻي کيس اسڪول ۾ دير تائين ترسي ڪجهه وڌيڪ پڙهڻ لاءِ چيو آهي. هن کي ڪجهه وڌيڪ پڙهائڻو آهي جو هوءَ حسابن واري سبجيڪٽ ۾ ڪمزور آهي. سو مون چيومانس ته ڀلي. پر پوءِ هوءَ ڏينهن پٺيان ڏينهن اهوئي چوندي رهي ۽ شام جو دير سان موٽڻ لڳي. ان بعد مليل هوم ورڪ ڪري سمهي رهي ٿي. هڪ ڏينهن، اوهه! محترما! اڄ به اها ڳالهه سوچي مون کي باهه ٿي وڃي- هڪ ڏينهن، آئون پنهنجي ٽئڪسي ۾ وڃي رهيوهوس ته اوچتو ڇا ٿو ڏسان! ڏسان ته هڪ ڇوڪري بلڪل منهنجي ڌيءَ لي چوءَ جهڙي، ٻين چيني ڇوڪرين سان گڏ،يورپي مردن سان هڪ ڪافي هائوس جي ٻاهران بيٺي آهي. مون کي يقين ئي نٿي آيو ته اها ڪيئن لي چوءِ ٿي سگهي ٿي. منهنجي ڌيءَ ته اسڪول ويل آهي. پر هيءَ ڇوڪري ته يونيفارم بدران، عام ڪپڙن ۽ ميڪ اپ ۾ آهي، ۽ هلڻ چلڻ ۽ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ بي ڊپي پيئي لڳي. اها منهنجي ڌيءَ ٿي نٿي سگهي. پوءِ هو سڀ اندر ڪافي هائوس ۾ گهڙي ويا ۽ منهنجي دل ڄڻ ٻڏي ويئي- ڇا چوندا آهن ملئي زبان ۾، بيگم صاحبا، منهنجي دل ‘Susah- Hati’ ٿي ويئي ۽ مون پنهنجو پاڻ کي چيو، آئون ان لي چوءِ ۽ سندس ڀولڙين وارين حرڪتن کي ڏسي رهندس. وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪار! هوءَ ساڳي هنڌ تي نظر آئي. منهنجو ته اندر ئي سڙي ويو. ٽئڪسيءَ کي پاسي تي بيهاري آئون بي حيا ڌيءَ ڏي ڊوڙيس. ڳٿر ۾ هٿ وجهي ٻه چار ٿڦڙون واهي ڪڍيون مانس. هوءَ رڙيون ڪندي رهي پر مون ڪابه پرواهه نه ڪئي. ڇڪي آڻي ٽئڪسي ۾ ويهاريومانس ۽ گهر لاهي وري اچي موچڙا هنيا مانس. منهنجي زال ۽ ڪجهه پاڙي وارن مون کي ڇڪي پري ڪيو. اهي جي وچ ۾ نه پون ها ته شايد ماري ماري ساهه ڪڍان ها. کيس ٽن ڏينهن لاءِ سندس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيم، سندس اسڪول وارن کي سچ ٻڌائيندي شرمندو ٿي ٿيس، سو لي چوءِ لاءِ ٻڌايومانس ته بيمار آهي ان ڪري اسڪول اچي نٿي سگهي. بيگم صاحبا منهنجي جاءِ تي توهان هجو ها ته ڇا سوچيو ها؟ هن کي ايترو ذليل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيئي هئي جڏهن سندس پيءُ ڏينهن رات پورهيو ڪري نه فقط سندس هر گهرج پوري ڪريو ويٺو هو پر سندس يونيورسٽيءَ جي پڙهائي واري خرچ لاءِ پڻ پئسو گڏ ڪري رهيو هو.
بيگم صاحبا، هينئر سڀ ٺيڪ ٿي ويو. مهرباني. هوءَ هاڻ سواءِ اسڪول جي ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهي. ۽ آئون هن جي ماءُ کي به اها تنبيهه ڪندو رهان ٿو ته هن تي هر وقت نظر رکي، جيڪي ڪجهه ڪري ٿي اهو ڏسندي رهي، ۽ هن جي ساهيڙين کي به اک ۾ رکي- ته اهي ڪهڙي قسم جون ڇوڪريون آهن.آه! محترما، اڄڪلهه جا ٻار ڪيڏو مسئلو آهن پنهنجي مائٽ لاءِ..... ڇا، بيگم صاحبا؟“ اوه! معاف ڪجو، محترما، افسوس جو توهان جي ميٽنگ ختم ٿيڻ تائين ترسي نه سگهندس. منهنجي لاءِ وڃڻ ضروري آهي. مهرباني ڪري دل ۾ نه ڪجو. آئون جلدي ۾ آهيان سگهوئي وڃي هوٽل الرواءِ يا آرچرڊ مئنشن پهچان- اتي ڪيترائي نوجوان ٽئڪسيءَ جي انتظار ۾ هوندا. سو، توهان کان موڪلائڻ چاهيان ٿو، توهان جي وڏي مهرباني.
ڪئٿرين لم (Catherine- Lim)
]”شادي“ ۽ ”ٽئڪسيءَ واري جي ڪهاڻي“ افسانن جي ليکڪا ڪئٿرين آهي. ڪئٿرين- لم سنگاپور جي چينائڻ آهي. پاڻ 1964ع ۾ ملايا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. هن وقت ’ڪئٿولڪ جونيئر ڪاليج سنگاپور‘ ۾انگريزي زبان ۽ انگريزي ادب پڙهائي ٿي. پاڻ شادي شده آهي ۽ ٻه ٻار اٿس.[
No comments:
Post a Comment