سفيد گلاب
الطاف شيخ
ڪارنٽي ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ گهڙيال ۾ وقت ڏسڻ لاءِ اٿي ويٺي. ان وقت ساڍا پنج ٿيا هئا.
ان بعد هوءَ وري ليٽي پيئي ۽ پاسو ورائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. پر ننڊ نه آيس. هر هر سندس دل تي اهو پئي هريو ته اڄ سيپٽمبر مهيني جي پنجويهين تاريخ آهي.
سيپٽمبر جي پنجويهين تاريخ سندس ڄمڻ جو ڏينهن هو. اڄ هن جو ’برٿ ڊي‘ هو. ان حساب سان اڄ هوءَ پورن پنجويهن سالن جي ٿي هئي. هن جا خيال آهستي آهستي ٿي ان انگ جي چوڌاري ڦرڻ لڳا.
چئبو ته اڄ پنجويهن سالن جي ٿي ويس. ۽ هاڻ ڄاڻ ته ستاويهن جي به ٿيس. ان بعد اٺاوهين جي ۽ پوءِ ٽيهن جي.
هن پنهنجي دماغ مان اهي خيال لوڌي، ننڊ کي آڻڻ جي هڪ واري وري ڪوشش ڪئي. ڪجهه دير کان اڳ لڳي به ويس. پر گهڻي وقت لاءِ نه، ساڳيا خيال کيس وري وري ستائڻ لڳا. چئبو ته پنجويهن سالن جي پوڙهي ٿي ويس.
ڪجهه دير هنڌ تي پاسا ورائڻ بعد، ننڊ تان آسرو پلي. ڪارنٽي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکي ڇت ڏي گهورڻ لڳي.
هڪ پوڙهي عورت، پنجويهه سالن جي!
اها ڳالهه سوچي هن کي ويتر گهڻو مونجهه ٿيو ته هاڻ وڌيڪ پوڙهي ٿيڻ ۾ ڪا گهڻي دير ناهي. فقط پنجن سالن بعد هوءَ ٽيهن جي به ٿي ويندي. پنج سال ته ڪو وڏو عرصو آهي ڪونه. گذريل ٽي سال به ته خواب وانگر گذري ويا. ٽي سال اڳ هوءَ اڃا شاگرد هئي، نوجوان هئي، پنهنجن والدين تي ڀاڙڻ واري هڪ ٻار هئي.
ٽن سالن اندر هن منجهه ڪيڏي ته تبديلي اچي چڪي آهي.والدين بنا هاڻ هن کي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪرڻو پوي ٿو. اڪيلي سر پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ماءٌ ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ اچي رهي ٿي. پر ڪڏهن به ٻن يا چئن هفتن کان مٿي نه رهي. ڇو جو هن جي پيءَ جي سار سنڀال لاءِ هر وقت ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. ان ڪري کيس گهڻي وقت لاءِ اڪيلو ڇڏي نٿي سگهي. آخري دفعو ماڻس جڏهن هن وٽ آئي هئي ته ان کي ڪيترو عرصو ٿيندو؟
اها ڳالهه ناهي ته هن کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا ملڻ جلڻ لاءِ ڪو ماڻهو ناهي. هاڻ پاڻ هن تي ٻين ڀاڙيو ٿي. اهي هئا هن جي اسڪوول جا ٻار، شروع شروع ۾ هن کي انهن سان ويجهو ٿيندي بنهه مزو نٿي آيو. ماءُ پيءُ ۽ ان پراڻي ساڳي ماحول بنا هن اڪيلائي محسوس ڪئي ٿي. هر هڪ ماڻهوءَ ۽ هر هڪ شيءِ هن کي اوپري اوپري لڳي ٿي. هن کي اهو لڳو ٿي ته آيا اسڪول جا ٻار هن کي پسند ڪندا يا نه. ۽ آيا هن کي کين پڙهائڻ ۾ خوشي ٿيندي يا نه.
هو ماحول جي پيدا ٿيل خلا کي دور ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو وقت اسڪول جي ٻارن سان گذارڻ لڳي. آهستي آهستي هو به هن سان هري مري ويا.
گهڻو ڪري ڏهاڙي، ڪانه ڪا ڇوڪري کيس پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چوندي هئي. پر شروع ۾ هوءَ ڪنهن جي به گهر نه ويئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ ڇوڪري بيمار ٿي پيئي ان کي پڇڻ لاءِ هن کي پهريون دفعو ڪنهن ڌارئين جي گهر وڃڻو پيو. اها ڇوڪري فقط ڇهن سالن جو ٻار هئي. سندس ماءُ پيءَ به تمام ننڍي عمر جا هئا. پيءَ (جيڪو هاڻ ٽيهن ورهين جو ٿيو هوندو) هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ سؤ رپيا ماهوار پگهار تي ڪلارڪ طور ڪم ڪيو ٿي. ڪارٽنيءَ هن بابت دل ئي دل ۾ ڪيترا ڀيرا سوچيو ته چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي ڄمار تي پهچي هو ان گهٽ پگهار مان ڪيئن پورت ڪري سگهندو.جڏهن ته ان وقت تائين ته کيس ڇهن کان به مٿي ٻار ٿي ويندا.
ڪارنٽي هاڻ هر روز ڪنهن نه ڪنهن سان ملڻ لاءِ نڪرندي هئي ڪنهن جي به گهر هوءَ هٿين خالي نه ويندي هئي. ڪڏهن هوءَ بيضا وٺي ويندي هئي ته ڪڏهن کير يا ڪا ٻي شيءِ.
ٻار ۽ سندس مائٽ هن جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. پهرين دفعي جڏهن هوءَ ڪنهن جي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ته هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا هن جو وڃڻ عجيب يا خراب ته نه لڳندو. ڪا دير هوء پنهنجو پاڻ سان بحث ڪندي رهي ته هن کي وڃڻ کپي يا نه. رحمدل هجڻ ڪري. هن وڃڻ چاهيو ٿي پر ساڳي وقت لڄاري هجڻ ڪري وڃڻ کان ڪيٻائين ٿي. ان کانپوءِ ٻئي دفعي ساڳي گهر ويندي فقط ٿوري هٻڪ ٿي هيس ۽ پوءِ ته بلڪل ئي نه.
ٻار چڱو ٿي وڃڻ بعد به ڪارنٽي ۽ ٻار جي ماءُ پيءُ جي کيڪار کڙي جاري رهي. جيڪا ڳالهه کيس پسند آئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم دوران کيس اهو پڙهايوويو هو ته اسڪول ۽ والدين جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ هجڻ ضروري آهي.
ڇا هن کي ٻين ٻارن جي گهر ۾ ائين وڃڻ کپي-؟ هن اسڪول، پنهنجي پاڻ ۽ والدين جي وچ ۾ تعلق رکڻ لاءِ مختلف نمونن بابت سوچيو. بهترين طريقو اهو آهي ته ٻار جي گهر وڃي هن جي مائٽن سان ملڻ کپي. اهڙيءَ طرح سان استاد اهو معلوم ڪري سگهن ٿا ته ٻاهر ڪهڙي قسم جي گهرو ماحول ۾ رهي ٿو ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهي ٿو ته ٻار کي ذهني ۽ جسماني طرح وڌڻ ويجهڻ ۾ اسڪول ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو.
هن ان بابت پنهنجي هيڊ ماستر سان ذڪر ڪيو. هيڊ ماستر شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. ”ها، ائين ڀلي ڪر.“ هن سندس همت افزائي ڪئي. هو پاڻ ته ڪنهن جي گهر وڃي نٿي سگهيو. اسڪول بعد سندس گهر ۾ئي ڪيترا ننڍا ننڍا ڪم نڪري پيا ٿي. هڪ ٻئي ماستر مرڪي ڪارنٽيءَ کي چيو:
”نون آيل مڙيئي ماستر ۽ ماسترياڻيون هڪجهڙا آهن. هو اچڻ سان اهو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو کين ٽريننگ ڪاليج ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. پوءِ ڪجهه وقت گذرڻ بعد کين سمجهه ۾ اچيو وڃي ته هر اها شيءِ جيڪا ٽريننگ ۾سيکاري وڃي اها ڪرڻ ضروري ناهي.“
ٻئي جي گهر وڃڻ مان ڪيترو فائدو آهي؟ هڪ جوان عورت جو ائين ٻئي جي گهر ۾ نڪري پوڻ ڪيتري قدر سٺو آهي؟
هوءَ هنن کي صلاح صُلي فقط تڏهن ڏيندي جڏهن کانئس پڇيو ويندو. هڪ تازي گريجوئيٽ ٿي آيل ماسترياڻيءَ جو ٻارن بابت انهن جي مائٽن کي سمجهائڻ- جيڪي عمر ۾ کانئس گهڻو گهڻو وڏا آهن؟
۽ .... هن اهو به تصور ڪيو ته ٻين جي گهرن ۾ ائين ئي گهڙي وڃي خبرون چارون شروع ڪرڻ هن لاءِ ڪيترو ته عجيب آهي. ماڻهو هن بابت الائي ڇا سوچين؟ ڪٿي اهو ته نه چوندا ته هوءَ سندس گهرو ڳالهين ۾ داخل اندازي ٿي ڪري.
ڪيترا ڏينهن هوءَ تصور ئي تصور ۾ سوچيندي رهي ته مختلف گهرن ۾وڃي هن کي ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کپن.
فرض جي پوئواريءَ جو خيال ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي خواهش، زندگيءَ جي هلچل ۾ حصو وٺڻ جي آنڌ مانڌ- انهن مڙني ڳالهين جو خيال هڪ طرف ۽ ٻي طرف اها ڳالهه ته ڌارين ماڻهن جي وچ ۾ ڪيئن وڃي وهجي ۽ ٿي سگهي ٿو هن تان کل ٿئي- جي سوچ جو ٽڪر سندس من ۾ هلندو رهيو. سندس مايوسي، فيصلي جي ڪچائي، ۽ اجايو ڊپ هڪ طرف هو ته ٻئي طرف سندس دل ۾ اها سڌ هئي ته ڪا ڪم جي ڳالهه ضرور ڪجي. ڪنهن جي خدمت ڪرڻ، مدد ڪرڻ، ٻين جي اهنجن ايذائن کي ٻڌڻ ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ. هن نيٺ هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين وڃڻ شروع ڪيو ۽ گهر جا ڀاتي ساڻس ملي خوش ٿيندا هئا.
گذريل ڏينهن جو سوچي، ڪارنٽيءَ کي پنهنجي شروعاتي شرم ۽ ڊپ تي تعجب لڳو. هاڻ ماڻهن سان ملڻ هن لاءِ سولو ڪم هو. ڪيترن ٻارن جون مائرون اڪثر هن جي گهر هن سان ملڻ پڻ اينديون هيون. هن کي هاڻ سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ڌارين سان ڇا ڳالهائجي، ڇا نه ڳالهائجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ خاموش رهجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ فقط مرڪجي. هاڻ هوءَ آهستي آهستي ذهني طرح پڻ بالغ ٿي پيئي هئي. مکڙيءَ مان هو هڪ کڙندڙ گل ٿي پيئي هئي. هن جي اندر جي اونهائيءَ تائين، روشني پيدا ٿي پيئي هئي ۽ هن اندر ئي اندر خوشيءَ جي لهر محسوس ڪئي. شايد اهو قلبي سڪون ۾ خوشي جيڪو بهار جي موسم ۾ يورپ ۾ ايندو آهي، يا چيري گل کڙڻ جي موسم ۾ جپان ۾ ايندو آهي.
هڪ سال اڳ، هيڊ ماستر استعيفى ڏني. سندس خالي ٿيل جاءِ تي ڪارنٽي هيڊ ماستر ٿي. يعني هاڻ پاڻ ئي اسڪول جي وڏي ٿي- سوين ڇوڪرين جي جوابداري کڻندڙ، جيڪي ڇوڪريون اڳتي هلي مائرون ٿينديون جن کي هڪ ڏينهن پنهنجن ٻارن جي سنڀال جو پڻ فڪر ٿيندو. هن کي اهو سوچي خوشي ٿي ٿي ته هن کي انهن ڪيترن ئي جيئرن جاڳندڙن انسانن جي سنڀال جو موقعو نصيب ٿيو آهي. جڏهن به ڪا ڇوڪري سندس گهر گهمڻ لاءِ ايندي هئي ته هوءَ کيس دل کولي سمجهاڻيون ۽ نصيحتون ڏيندي هئي جيئن هوءَ هڪ بهتر عورت ثابت ٿي معاشري جي خدمت ڪري سگهي.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو ٻڌي غمگين به ٿي ويندي هئي جڏهن ڪا ڇوڪري کيس اهو اچي اطلاع ڪندي هئي ته هن جي شادي ٿيڻ ڪري هوءَ اسڪول ڇڏي رهي آهي. ڪارنٽي اهوسوچي ڏينهن جا ڏينهن بي چين ۽ ڏکويل محسوس ڪندي هئي ته هڪ ڇوڪري جيڪا هرو قت سندس ويجهو رهي سا هاڻ کانئس وڇڙيوپئي وڃي. جيتوڻيڪ هينئر وقت اچي چڪو هو جو ٻين کان اڳ سندس شادي ٿي وڃڻ کتي ٿي. پوءِ آهستي آهستي هن سکي ورتو ته معاشري جون اهي ڳالهون جن کي هوءَ بدلائي نٿي سگهي تن سان کيس سمجهوتو ڪرڻ کپي.
هوءَ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ حساس ۽ حقيقت پسند ٿي پيئي. عورت جي ڪلب ۾ ٽي سال رهڻ بعد هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ڪي ڪي آدرش جن کي هن ننڍي لاڪون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي ناممڪن هو. ڪن ڪن ڳالهين يا سوچن جو فقط دل ۽ دماغ تائين واسطو رهي ٿو. ٻاهر جي دنيا ۾ اهي ڳالهيون هوبهو ائين ڏسڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. آهستي آهستي هن، جيڪي ڪجهه ڪري سگهي ٿي ان تر راضي رهڻ سکي ورتو ۽ جيڪي ڪجهه ڪري نٿي سگهي ان تي ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
پر ڪڏهن ڪڏهن، رات جي ماٺ مٺوڙي ۾، جڏهن هن جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي، هوءَ پاڻ بابت سوچي غمگين ٿي ويندي هئي. هوءَ ڪو خال ضرور محسوس ڪرڻ لڳي. ڪجهه هو جنهن بنا هن پنهنجو پاڻ کي اڻپورو انسان سمجهيو ٿي. هن کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ لڳي ٿي. ان وقت هن کي هيڪاندي گهڻي تانگهه ٿيندي هئي ته ڪاش ڪو اهڙو هجي جنهن جو هن کي ساٿ هجي. جيڪو هن جي ڏک درد ۾ ڀائيوار ٿي کيس آٿت ڏئي، جيڪو هن جي پوئيواري ڪري، خيال رکي، ۽ پيار جي چادر ۾ کيس ويڙهي ڇڏي. جڏهن کيس اهي سوچون ۽ خيال ورائي ويندا هئا ته وهاڻي کي چهٽي هوءَ زور زور سان اوڇنگارون ڏيئي رئندي هئي.
مائٽن کي ڇڏي اچڻ جو ڏک کيس ڪيتريون ئي راتيون لڳاتار ٿيندو رهيو. ان کانپوءِ به رکي رکي کيس اها رات ياد اچڻ لڳي جڏهن هوءَ کانئن موڪلائي نئين شهر ۾ نوڪريءَ لاءِ آئي هئي. بنا ڪنهن سبب جي هن کي رکي رکي پنهنجين ساهيڙين سان ساڙ ۽ حسد ٿيڻ لڳو ۽ رکي رکي چڙ پڻ آئي ٿي.
آهستي آهستي ڪري هن ان ڪمزوريءَ تي پڻ ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪنهن سان پيار محبت ڪرڻ جي سڪ دل مان ڪڍي هُن اسڪول جي ٻارن ڏي ڌيان ڏيڻ ۽ ٻين جي خوشين جو خيال رکڻ شروع ڪيو.
پر رکي رکي ڪنهن وقت سندس دل جي اسٽيج اڳيان ڏنل پڙدو رڙهي ويو ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي ورتائين ٿي جنهن جي هن کي ضرورت هئي. جيڪي ڪجهه هن چاهيو ٿي. ڪنهن ٻار کي پيار ڪندي کيس دل ئي دل ۾ شوق جاڳيو ٿي ته ڪاش کيس پنهنجا ٻار هجن ها. کيس اهي ڳالهيون سوچي اندر ئي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا ٿي. هن جي دل ان ڳالهه تان ڪڙهندي هئي ته هوءَ ڪنهن کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ٿي نٿي سگهي.
هن کي هاڻ اهو محسوس ڪري چڪر ٿي آيا. پنجويهه سال. اڄ ڪير هن کي چاهيندو؟ نوجوان ڇوڪرا هن جهڙي وڏي عمر واري ڇوڪري سان شادي ڪندي گهٻرائيندا. وڏي عمر وارا هن جي گهڻي تعليم کان ڊڄندا ۽ هن کي جيڪڏهن پهرين زال مان ٻاهر هوندا ته هو پڪ اهوئي سوچيندا ته هن جهڙي اعلى عهدي ۽ مشغول زندگي واري زال سندس ٻارن جو خيال هرگز رکي نه سگهندي.
ڊپلوما، ڊگري يا ٻي ڪا هيڪاندي وڏي تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪڏهن توهان سُکي نه آهيو؟ ان کان وڌيڪ ته هو غريب هارياڻي يا جهوپڙيءَ ۾رهندڙ ڇوڪريءَ کي خوشي نصيب ٿيل آهي. جيڪا حقيقت جي گهڻو ويجهو رهي ٿي ۽ شادي وغيره جا موقعا پڻ اهڙي قسم جي ڇوڪرين کي کانئس وڌيڪ آهن.
هن کي سندس ويجهي ۽ پياري ساهيڙي ڊيعين جي خط جي ياد آئي جنهن ۾ هن اها خبر لکي هئي ته ’قانون‘ واري سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪري ورتي آهي. ڪارنٽيءَ چپن ۾ ٽوڪ طور مرڪيو. لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ ڊيعين سئٽزرلينڊ، آسٽريا ۽ اٽلي جا تواريخي شهر ڏسي پنهنجي وطن انڊونيشيا موٽندي ۽ پنهنجي ڳوٺ جاوا ۾ پهچڻ بعد جڪارتا يا سورابايا شهر ۾ آفيس کوليندي.
پر ڊيعين جو حال پڻ ساڳيو ئي ٿيندو- ڪارنٽيءَ جهڙو- جيڪو هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ جو ٿيڻ کپي. ڪارنٽيءَ ساڙ ۾ اچي ٿوري خوشي محسوس ڪئي. اهو سوچي ته نه فقط هن جو پر هڪ ٻي ڇوڪريءَ جو پڻ اعليٰ تعليم وٺڻ بعد ساڳيو ئي هن جهڙو حشر ٿيندو.
ڊيعين- سڄو نالو ’سمار ڊيعن پورباورجو‘ ۽ ڪارنٽيءَ جي ساڳي عمر هئي. ننڍي هوندي ساڳي پرائمري اسڪول۾ گڏ پڙهيون، ان بعد، ڊيعين، سورابايا شهر ۾ هڪ سينئر ڊچ هاءِ اسڪول مان تعليم ورتي ۽ ڪارنٽيءَ جونيئر هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ماستريءَجي سکيا لاءِ يورپين ٽريننگ ڪاليج فار ٽيچرس ۾ داخلا ورتي.
سورابايا شهر ۾ رهڻ دوران هو ٻئي سڀ کان وڌيڪ گهاٽيون ساهيڙيون هيون. ان بعد ڊيعين اعلى تعليم لاءِ هالينڊ هلي ويئي پر ڪارنٽيءَ کي هميشه خط لکندي رهي.
ڊيعين هميشه کل خوشيءَ وارا خط لکندي هئي. ماڻهو هميشه هن جي تعريف ڪندا هئا، هن کي اڃا اهو خيال هو ته قانون جي ڪم ۾ هوءَ هر وقت خوش ۽ پرسڪون رهندي. پر هن کي معاشري جي ان ڏکويل ڀاڱي جي بنهه خبر نه هئي جيڪو هن جي ڀاڳ ۾ پڻ اچڻ وارو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ وائڙي ٿي ويندي جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڏسندي ته سج نڪرڻ بدران آسمان ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري مينهن وسائي رهيا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان اڳ ڇا هوءَ ڊيعين کي ان کان آگاهه ڪري وٺي يا نه. ڊيعين ڪڏهن به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ نه سکي آهي. هوءَ وري ڪوشش ڪرڻ بدران هڪدم آڻ مڃڻ واري ڇوڪري آهي. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت جي ڏکن جو ٻڌي بيحال ٿي وڃي. ڊيعين هڪ هيرو جواهر هئي، ۽هيري جي اصلي تجلي لاءِ مٿس تمام گهڻي گهڙت ٿيل هئي.
زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ کي ضرور واقف ڪندي. هالينڊ کان ڊيعين جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي تنجنگ پرآڪ بندرگاهه ۾ اچي لهندي ته ان وقت ڪارنٽي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندي.
پر اها به ڳالهه آهي ته هن ويچاريءَ کي پريشان ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ ٿي سگهي ٿو هن کي اهي مسئلا درپيش اچن ئي نه- نه؟ هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مرڪ ڪارنٽيءَ جي چپن تي وري تري آئي.
پنجويهه سال، ڇا ڪير هن کي هن عمر ۾ پنهنجي زال بڻائيندو؟ هڪ وڏي عمرجي ڇوڪريءَ کي. مرد، پنجويهن سالن جي عمر ۾ ڪڏهن به پوڙهو نٿو ليکيو وڃي. پر هڪ عورت-؟ مرد جيئن چاهي ڪري سگهي ٿو. پر هڪ عورت ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. معاشري جي تقاضا موجب هن کي ماٺيڻو، نيڪ ۽ نماڻو ٿي رهڻ کپي.
”نماڻائي“هڪا هڙو لفظ آهي جيڪو مردن پنهنجي فائدي لاءِ گهڙيو آهي. عورت کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ هن معاشري ۾هڪ عورت ٿيڻ معنى هميشه زنجيرن ۾ ٻڌل رهڻ.
ڪا پراڻي ڳالهه ياد ڪري هن کي ڪاوڙ آئي. سندس ٻن ڀائرن کي ته سندس پيءُ پڙهائيءَ لاءِ ٻاهرموڪليو. جن يورپ جي سير ۽ سونهن مان چڱيءَ طرح لطف ورتو. ڪارنٽيءَ کي پنهنجن ڀائرن وانگر يورپ وڃي پڙهڻ جو شوق هو. پر هن جي ماءُ پيءَ کيس نه ڇڏيو. بهانو ڪهڙي ڏنوته خرچ پکي لاءِ ايترو پئسو ناهي. ڀائرن لاءِ پئسوهو. پر هن لاءِ نه.
ڪاوڙ مان هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. ۽ پوءِ هن روئي ڏنو.
پر پوءِ جلدئي هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو. سندس قائم ڪيلان اصول: ”اها شيءِ جيڪا حاصل نه ڪري سگهجي ان کي ڇڏي ڏجي.“ کيس بچائي ورتو. بستري مان اٿي هن گائون پاتو، سامهون آرسي هئي جنهن ڏي نظر کڄي ويس. ان ۾ پنهنجو ڦاڻ کي غور سان ڏٺو. سنهي، جسم جي پوري پني، ڏيا واري، سندس بيضوي چهرو هر خيال کان باعث ڪشش هو.
ڪارنٽيءَ مرڪيو.
ٽپالي ٿي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو هن لاءِ ڪو خط هجي. هن جي ڀائرن ٿي سگهي ٿو اڃا کيس نه وساريو هجي. ٻه خط! هڪ ته ملانگ شهر مان، سندس پيءُ جي هٿ اکريءَ ۾، ٻئي کي ڏسڻ بنا هن جهٽ پٽ کوليو. هن جي ماءُ هن ڏي برٿ ڊي جو تحفو موڪلي چڪي هئي. ان بابت لکيل هو. ماءُ پيءُ جو خيال اچڻ سان هن مرڪيو. سندس ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن جو ’برٿ ڊي‘هميشه ياد رکندا هئا. سندس ڀائر جڏهن پري يورپ ۾هوندا هئا.
تڏهن به سندس ماءُ هنن ڏي تحفا موڪليندي هئي. هوءَ اڃا تائين پنهنجي ٻي شادي شده ڌيءَ- جنهن کي هاڻ ته اچي ٽي ٻار ٿيا هئا، کي به برٿ ڊي تي مختلف شيون موڪليندي رهي ٿي. هن جي ماءُ.... ڪارنٽيءَ اوچتو پنهنجي ٻئي ڀاءُ، مارتونو بابت سوچيو، ۽ تعجب کاڌو ته آيا سندس ماءُ جڏهن هن ڏي به تحفو موڪليو يا نه. مارتونو سڀ ۾ نرم دل ۽ نيڪ هو. هو اسڪول لاءِ ٻئي ڪنهن شهر ۾ وڃڻ بدران ماءُ پيءَ سان ئي چنبڙيو رهيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ مائٽن وٽ ئي رهڻ ڪري طبيعت ۾ تمام گهڻو سڌو ۽ محدود ٿي پيو. پر پوءِ ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ جيئن ئي ڳوٺ ڇڏي ’باتا ويا‘ شهر ويو ته هٿن مان نڪري ويو. فرسٽ ايئر پاس ڪرڻ لاءِ هن ٻه سال لڳائي ڇڏيا. ان ڪري نه، ته ڪو هو هوشيار نه هو، پر هن کي اتي پڙهڻ لاءِ فرصت ئي نٿي ملي. باتا ويا رياست جون ڇوڪريون البيليون۽ سهڻيون هيون. بوگور ۽ سوڪا بومي شهرجي ڇوڪرين جي حسن ۽ سونهن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. مارتونو بابت وڌيڪ سوچي ڪارنٽي هيڪاندي غمگين ٿي ويئي. هو هوشيار هو پر ڪمزور دل هو. هر خط ۾ هو اهوئي لکندو هو ته هاڻ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندس، پر هن ڪڏهن به ائين نه ڪيو. سندس خط آزين نيزارين سان ڀريل هوندا هئا. هو هڪدم معصوم هرڻ وانگر لڳندوهو جنهن جي چوڌاري جهنگلي جانور ڦري آيا هجن. مارتونو ۾ڪابه بدڪاري نه هئي پر هو ماحول جو شڪار ٿي ويو هو. هن کي پنهنجين غلطين ۽ ڏوهن جي چڱيءَ طرح پروڙ هئي پر هن کي ايتري سگهه نه هئي جو کڻي پنهنجين عادتن کي بدلائي. هو واچوڙن ۾ ڦرندو رهيو ٿي. ڊانٽي جي هڪ ڪهاڻي Divine Comedy جي ڪردارن وانگرجيڪي پنهنجين خواهشن جي واچوڙن ۾ گول ڦرندا رهن ٿا.
مارتونوکي ڊانٽي سان پيار هو. ”هڪ ڏينهن ڪارنٽي“، هواڪثر چوندو هو، ”تون ڊانٽي جي ڪردار بيٽرس سان گڏ، سفيد گلاب جو حصو ٿي ويندينءَ، پوءِ مڪان ۽ زمان جي قيد کان بلڪل ڏور، روشنائي جي دائري ۾ ويهي، ڪل ڪائنات جي نور جي پوڄا ڪندينءِ.“
”۽ منهنجا ڀاءُ مارتونو تون ڪٿي هوندين-؟“ هوءِ مرڪندي ڀاڻس کان پڇندي هئي، ”ڇا جهنم ۾؟“
”هائو. جهنم ۾. شايد ٻرندڙ قبر ۾. شايد رت جي ٽهڪندڙ نديءَ ۾.... منهنجي ڀيڻ ڪارنٽي، اهو هرگز نه وسارجانءِ جيڪي Divine Comedy ۾ بيٽرس کي ڊانٽي چيوهو جڏهن هوءَ پنهنجي صحيح مقام تي پهچي ويئي هئي.:
“O’ Lady, in Whom my Hope Hath Vigour, And Who for My Salvation Didst Endure to Leave in Hell Thy Foot Prints...?
مارتونو لاءِ اهو سچ هو. هن ڪافي ڀوڳيو هو. ٻه سال اڳ هن پنهنجي پيءُ کي خط ذريعي ٻڌايو هو. هو ’سوڪا ڀومي‘ شهر جي هڪ عورت سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪا هن جي ٻار جي ماءُ بنجي ويئي آهي. هو هن سان شادي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. جيئن ان عورت ۽ سندس ٻار جي ناموس ۽ حياتي بچي سگهي.
ان بعد پيءُ ۽ پٽ جوواسطو نه رهيو. مارتونو ڪڏهن به پاڻ بابت ڪارنٽي کي نه لکيو. هُن ماڻهن کان ٻڌوپئي ته هوپنهنجي زال ۽ ٻار سان گڏ بورنيو جي ڪنهن ڏورانهن ڳوٺ ۾ر هي ٿو. ڪنهن کي اها به سُڌ نه هئي ته هو پيٽ گذر لاءِ ڇا ڪري ٿو.
ڪانرنٽيءَ ٻيو خط کوليو. اهو مارتونو وٽان ئي هو.
ماروتنو هونءَ کڻي کيس ياد نه ڪندو هو پر سندس برٿ ڊي ڪڏهن به نه وساريندو هو. هر برٿ ڊي تي هو پنهنجي ڀيڻ ڪارنٽي کي ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو هو. تحفي ڏيڻ ۾ هن جي چونڊ سڀ ۾ اتم اتاهين هئي.
ڪارنٽيءَ لفافو ڦاڙي منجهانئس خط ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. مارتونو بورنيو مان ٻار سوڌو هن ڏي اچي رهيو هو. سندس زال جوهفتو کن اڳ اوچتي ٿيل موت جو پڻ احوال هو. غريب مارتونوکي ڪڏهن به سک جو ساهه نصيب نه ٿيو. هوءَ پنهنجي ٻار ڪارنٽيءَ وٽ ڇڏڻ لاءِ اچي رهيو هو.
ڪارنٽيءَ جي دل هڪدم باغ بهار ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن شيءَ سندس اندر ۾خوشيءَ جي ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. هڪ ٻار... هن کي خوشيءَ جو ڪو تحفو ملندومحسوس ٿيو جنهن تي شايد هن جو حق هو.
خط کي جهوليءَ ۾رکي، ڪارنٽيءَ واري ٻيو گهمرو پڙهڻ شروع.
مارتونو ظاهر آهي ڪنهن ٻئي تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪندو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪارنٽي کي ٻار جي خيال رکڻ جي وڌيڪ ڄاڻ هئي جيڪو مارتونو مرد ماڻهو هجڻ ڪري وڌيڪ خيال نٿي رکي سگهيو.
برٿ ڊي جو ڇا ته عمدو تحفو چئبو. پر ڇا مارتونو کي اها به خبر يا يادگيرو آهي ته اڄ منهنجو برٿ ڊي آهي؟ جيڪڏهن ياد اٿس ته پوءِ هن پنهنجي خط ۾ ته ڪوبه اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي. هن فقط پنهنجن ئي دردن ۽ پريشانين بابت لکيو آهي.
مارتونو آيو، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد واپس بورنيو هليو ويو. هو عمر ۾ ڪجهه وڏو لڳي رهيو هو. تمام گهڻو وڏو. ٿڪل ٿڪل. اکيون ڄڻ ننڊ لاءِ واجهائي رهيون هجنس. ڪارنٽيءَ هن کي گهڻو سمجهايو ته کيس بورنيو وڃڻ بدران پنهنجي ئي ٻيٽ جاوا ۾ رهي ڪمائيءَ جو ڪو ذريعو ڳولڻ کپي. سندس ٻيو ڀاءُ اتي وڪيل هو جنهن جي آفيس ۾ هو ڪم ڪري سگهيو ٿي.
ڪارنٽيءَ جي ان صلاح تي مارتونو مرڪيو. ”پنهنجي ڀاءٌ کي آئون تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان. آئون بورنيو ۾ به خوش آهيان.ملڪ سڀ ڪجهڙا جهڙو بورنيو تهڙو بالي. جهڙو جڪارتا تهڙو جاوا ۾ اتي رهندڙ ماڻهو به سڀ هڪجهڙا آهن. اداس ۽ پريشان حال، ڪوبه اڄڪلهه ڪٿي مستقل نه آهي. جاوا ۾ توڙي سماترا يا ڪنهن ٻئي هنڌ.“
مارتونو رات جي وقت روانو ٿيو. سندس ننڍڙو ٻار ڌرمو، ٻئي ڏينهن ماٺ ۾ رهيو. پهرين کان به وڌيڪ خاموشيءَ ۾ رهيو. فقط سندس اکين مان اٻاڻڪائي ظاهر ٿي ٿي. هي عجيب ٻار هو. ٻيا ٻار جيڪر ان حالت ۾ روئن ها. پر هي بلڪل نٿي رنو.
ٻار شروع کان ڪارنٽيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ٿي. مارتونو فقط ٻه ڄار ڏينهن رهيو جيئن ڌرمو سندس ڀيڻ ڪارنٽيءَ ۽ نئين گهر سان رلي ملي وڃي. ٻن ڏينهن ۾ ٻار هن سان هري مري ويو. ڪارنٽيءَ کي ٻار جو پيار ايترو جلد جيتي بيحد گهڻي خوشي ٿي.
ٻار بيحد ماٺيڻو هو. هن ڪڏهن به تيسو ضد نٿي ڪيو، هن ورلي ڪجهه ڪو ڳالهايو ٿي نه ته گهڻو ڪري ماٺ ۾ رهيو ٿي. هن جي فقط ڪارين اکين ڳالهايو ٿي.
ڪارنٽيءَ هن کي بال وٺي ڏنو. پهرين پهرين هو ان کي ڀت تي هڻي کيڏندو رهيو. پوءِ، هڪڙي شام، جڏهن ڪارنٽي گهر ۾ موجود نه هئي، ته هن بال کي ڦاڙي، کولي پاسي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
جنهن وقت ڪارنٽي ٽائيپ ڪندي هئي ته هو به اچي ٽيبل وٽ ٻانهون ٻڌي هن جي پٺيان بيهندو هو. ۽ پوءِ جڏهن هوءَ اٿي ويندي هئي ته پاڻ ٽائيپ جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪندو رهندو هو.
هو واقعي عجب جهڙو ٻار هو. سندس اکيون تمام گهڻيون سهڻيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ٽائيپ سان کيچل ڪرڻ يا الارم گهڙيال سان مستي ڪرڻ تي ڌڙڪو ڏيئي جهليندي هيس ته ڏکيارو ٿي هن ڏي ائين نهاريندو هو ڄڻ هن کي دل ۾ ٿي پيو هجي. کيس ائين نهاريندو ڏسي هوءَ مرڪي کڻي ڀاڪر پائيندي هيس.
ڪارنٽيءَ جي زندگيءَ ۾ اهو هڪ نئون دور هو. هن پنهنجو پورو ڌن ڌيان ڌرمونءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي ماءٌ نه هئي ۽ ڏٺو وڃي ته پيءُ جهڙو هيس تهڙو نه. مارتونو هليو ويو هو. ڪير چئي سگهيو ٿي ته هو ڪيڏانهن ويو؟
ٻار لاءِ سواڪارنٽيءَ جي ٻيو ڪوبه نه هو جنهن کي کڻي ڀاڪر پائي. جنهن جي ڪڇ ۾ ڊوڙي وڃي لهي. هو تمام خوش هئي. هن ڌرموءَ ڏي هر وقت ڌيان ڏيڻ چاهيو ٿي جيئن هو وڏو ٿي هڪ سٺو ماڻهو ٿئي، ۽ نه پنهنجي پيءُ وانگر. پر ڇا هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي؟ هن جي پيءُ به جيتوڻيڪ سخت محنت مزدوري ڪري پنهنجي پٽن جو سٺي طرح نيپاج ڪيو هو پر تنهن هوندي به مارتونو ڪيڏو غلط راهه ڏي ڀٽڪي ويو.
جيڪڏهن ٻار کي خيال سان پاليو وڃي، هن کي هر وقت پيار ڏنو وڃي ۽ کيس ڏنگاين ۽ حرڪتن کان جهليو وڃي، ته هو ضرور صحيح راهه اختيار ڪري سگهي ٿو. پر ڌرموءَ لاءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن ننڍي لاڪون پنهنجي پيءُ جو ڪردار پاڻ ۾ جذب ڪري ورتو هجي. جنهن جو رت سندن نسن ۾ ڊوڙي رهيو هو.
هن کي اهو سوچي فڪر ٿيو ۽ ٻار کي غور سان ڏسڻ لڳي.
ٻار جي خوشيءَ ۾ هن پڻ خوشي محسوس ڪئي ٿي. آهستي آهستي هن کي يقين ٿي ويو ته سندس زندگيءَ جو اهم مقصد ٻار جي نگهباني ڪرڻ آهي. اهو سوچي هن جي خوشيءَ جي حد اڃا به گهڻو وڌي ويئي.
ٽي مهينا اهڙي طرح گذري ويا.
هڪ ڏينهن ڌرمو کي اچي کرٽيو ٿيو. هر وقت کنگهي کنگهي ساڻو ٿي ٿي ويو. وقت جو ڦيٿو تمام گهڻو تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو. بيماريءَ جي حالت ۾ هو بستري حوالي ٿي ويو ۽ ڪارنٽي سندس سيرانديءَ کان ويهي سڄي سڄي رات گذارڻ لڳي. هڪ ٻئي پويان ڪيتريون ئي راتيون گذري ويون. ۽ هاڻ ڌرموءَ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ۽ پوءِ جنهن خاموشيءَ سان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ان ئي خاموشيءَ سان هن کي اسپتال مان ڪڍيو ويو. ڌرموءَ جي حياتي شايد ايتري هئي.
ڪارنٽي هڪ دفعو وري اڪيلي ٿي پيئي. غم ۽ ٿڪ جا نشان سندس اکين مان صاف ظاهر هئا. واٽ جي ڪنڊن وٽ سوڙهيون ليڪون سندس ڪومايل بدن جو ثبوت ڏئي رهيون هيون.
جنهن ڏٺو ٿي تنهن چيو ٿي ته ڌرموءَ پٺيان هن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ چوڙي ڇڏيو آهي. ڪنهن چيو اهي نشان ڪجهه عرصي کان پوءِ هليا ويندا. پر وات جي پاسن وارا لينگها ائين ئي رهيا. اکين جي چوڌاري اوجاڳي جا ڪارا چڪرا کيس سمجهو ۽ سلجهيل عورت جو ڏيک ڏيڻ لڳا.
هوءَ اڃا به ڌرموءَ جو ڪمزور جسم ڏسي رهي هئي. جنهن کي کنگهه سان گڏ رت اچي رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ هن کي ڌرموءَ جي اکين جي اداسي ياد اچي رهي هئي.
سندس پيءُ جي واتان هن اها ڳالهه ٻڌي هئي ته سندس هڪ ڀاءُ ٽي بيءَ وگهي مري ويو هو. ۽ هن ٻار کي جيڪو سندس ئي ٿيو- لڳي ٿو ته خاندان جي بيماري ورثي ۾ ملي.
خدا کي شايد اهو منظور نه هو جو اهڙي قسم جو خانداني ورثو جيڪو سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي نصيب ٿيو پر کيس نه ملي سگهيو. هنن بدران ته جيڪر کيس ٽي بي ٿئي ها. ڀائٽي بدران شل پاڻ مري وڃي ها.
ڪارنٽي پاڻ کي پوڙهو محسوس ڪرڻ لڳي. هوءَ پنهنجين شاگردياڻين سان ائين هلڻ لڳي ڄڻ اهي سندس ئي اولاد هجن، ۽ ان جو اظهار هوءَ وات ذريعي، اکين ذريعي ۽ چن تي ايندڙ مسڪين مرڪ ذريعي ڪندي رهئي
اسڪول جون ڇوڪريون هاڻ کيس ڪاڪا (وڏي ڀيڻ) چوڻ بدران وڏي عمر جي عورت وارو خطاب ”امان“ چئي مخاطب ٿيڻ لڳيون. پهرين هنن اهو سنڱ سندس غير حاضريءَ ۾ استعمال ڪيو پر پوءِ آهستي آهستي- جيتوڻيڪ ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته ڪنهن شروع ڪيو ۽ ڪٿان شروع ٿيو- ڪلاس ۾ به شروع ٿي ويو. ڪارنٽي پهريون دفعو پنهنجي لاءِ اهو خطاب ٻڌي وائڙي ٿي ويئي. پهريون دفعو جيتوڻيڪ هن اهو لفظ سس پُس ۾ ٻڌو پر پوءِ ٻئي ۽ ٽئي دفعي هيڪاندو گهڻو زور سان چٽو پٽو.
ويجهڙائي ۾ هوءَ هڪ پينٽر وٽ هلي ويئي. ڪارنٽيءَ کي هن ڪجهه عرصو اڳ ٻه چار دفعا چيو هو ته سندس منهن اٽليءَ جي آرٽسٽ ليانارڊو ڊا ونسيءَ جي موناليزا جهڙو ٿو لڳي. رافائيل جي مئڊونا ڊيل گرانڊوچا جهڙو آهي.
پر اهي سڀ اڳ جون ڳالهيون هيون.
هاڻ هوءَ ان عمر کان گهڻو مٿي چڙهي آئي هئي.
صبر سان هاڻ هوءَ ٻڍاپي جو انتظار ڪرڻ لڳي آهي- جيڪو هر عورت ٽيهن سالن جي عمر ۾ پهچي محسوس ڪري ٿي. ڪارنٽيءَ کي مستقبل سان هاڻ ڪابه اميد وابسته نه رهي آهي. هوءَ هاڻ روزمره جي ڪم ڪار ۾ ئي مشغول ٿي ويئي آهي.
آرميجن پاني (Armijin- Pane)
]’سفيد گلاب‘ افساني جو هي انڊونيشي ليکڪ (آرميجن پاني) انڊونيشيا جي وڏي ٻيٽ- سماترا ۾ 1908ع ۾ ڄائو هو. 1970ع ۾ مري ويو. پاڻ اسڪول ٽيچر ۽ اخباري نمائندو هو. لڙائيءَ کان اڳ 1933ع ۾ Pujangga Bru نالي ادبي رسالو ڪڍڻ وارن شروعاتي اديبن مان هڪ هو. 1940ع ۾ سندس هڪ وڏو حقيقت تي مبني ناول Belenggu (ملئي ۽ انڊونيشي لفظ معنى ’زنجيرون‘) ڇپيو. ان کان علاوه 1953ع ۾ افسانن جو مجموعو Kisah Antara Manusia (انسانيت جا قصا) ڇپيو. ان کان علاوه پاڻ ڪجهه شاعريءَ ۾ ڊراما نويسي پڻ ڪئي اٿس.[
No comments:
Post a Comment