ٽائٽانڪ جھاز جا اھم ڪردار
الطاف شيخ
ٽائٽانڪ جھاز جي “ٻڏڻ واري پوزيشن” جوزف نالي فورٿ آفيسر ڪڍي ھئي. جھاز جي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارو نيويگيٽر آفيسر، جيڪو چيف آفيسر يا فرسٽ آفيسر سڏجي ٿو. يعني چيف آفيسر کي پروموشن ٿيڻ تي ھو ڪئپٽن ٿئي ٿو. فرسٽ آفيسر کان پوءِ ھيٺ وارو آفيسر سيڪنڊ آفيسر سڏجي ٿو، پوءِ ٿرڊ آفيسر، پوءِ فورٿ آفيسر ۽ ان بعد ڊيڪ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ڪيترن ئي جھازن تي ھڪ کان وڌيڪ ٿين. پاڻيءَ جو جھاز ڏينهن رات ھلائڻو پوندو آھي. ھفتي جا ست ئي ڏينهن ۽ مھيني جا ٽيھ ئي ڏينهن. ان ڪري واري وٽيءَ تي، ڪو سامونڊي نقشن تي پينسل سان رستو ٺاھيندو آھي، ڪو چنڊ، تارن ۽ ڏينهن جو سج جي پوزيشن Sextant اوزار ذريعي معلوم ڪري ڏسندو آھي ته واقعي جھاز ان ٺاھيل رستي تي پيو ھلي يا ھيڏانهن ھوڏانهن ٿڙيو ٿو وڃي؟ ڪو لڳاتار سامھون ڏسندو رھندو آھي ته سامھون يا پاسي کان ڪا شيءِ جھاز لاءِ رنڊڪ ته پيدا نٿي ڪري؟ ھينئر رڊار به آھي، جنهن جي اسڪرين تي ٽيھ چاليھ ميل پري جي به خبر پئجيو وڃي ته سمنڊ جي مٿان ۽ ھيٺان ڇا آھي، نه ته اڳئين زماني ۾ - يعني ٽائٽانڪ جھاز وارن ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا کوھي (ٿنڀي) تي مٿي چڙھي اتان ڏسندا ھئا ته ڪا شيءِ سامھون ھجي ته اڳواٽ نظر اچي وڃي. سو ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جيتوڻيڪ سخت افراتفري ۽ نفسانفسيءَ جو عالم متل ھو پر فورٿ آفيسر جوزف تارن ذريعي ٽائٽانڪ جھاز جي پوزيشن معلوم ڪري ورتي ته ان وقت ٽائٽانڪ جھاز دنيا جي گولي تي ڪھڙي ھنڌ تي آھي؟ ۽ وائرليس ذريعي جيستائين نياپو ويو ٿي، اطلاع ڪرائي ڇڏيائين ته ٽائٽانڪ جھاز ٻڏي رھيو آھي. اوسي پاسي ۾ بيٺل ۽ لنگھندڙ جھاز ان پوزيشن (42oN, 47oW) وٽ پھچي، ٽائٽانڪ جي ٻڏندڙ ماڻھن جي مدد ڪريو.










اھڙن حادثن وقت پھرين عورتن ۽ ٻارن کي بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چاڙھيو ويندو آھي ۽ پوءِ مردن کي. جان ھر ھڪ کي پياري آھي، جڏھن سر تي اچي ٿي ته پوءِ ڪيترن کان اھڙا ڪتابي اصول وسريا وڃن. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي لاھڻ وقت جھاز جي آفيسرن پوري پوري ڪوشش ڪئي ته زالون، ٻار ۽ پوڙھا پھرين چڙھن، پر ڪن ڪن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن – خاص ڪري بورچين ٻيڙيءَ ۾ زوريءَ چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جھاز جي ڊيوٽي آفيسرن کين منع ڪئي. ٻين آفيسرن وٽ ته پستول ھئا، جن اھڙي بي قائدگيءَ وقت ھوائي فائر به ڪيا ٿي.
جھاز ۾ ھڪ جپاني مسافر ماسابومي ھوسونو نالي پڻ ھو. ھن جي ان وقت عمر 42 سال ھئي ۽ جپان جو سرڪاري ڪامورو (Bureaucrat) ھو. پاڻ جپان جي وزارت ٽرانسپورٽ ۾ ھو ۽ يورپ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ آيو ھو. ھاڻ آمريڪا (نيويارڪ) وڃي رھيو ھو، جتان پوءِ ٻئي جھاز ۾ پئسفڪ سمنڊ پار ڪري، ھوائي ٻيٽ کان ٿيندو، جپان موٽڻو ھو. ھو ٽائٽانڪ جھاز تي سائوٿمپٽن بندرگاھ مان چڙھيو ۽ ھن جي ڊائري مطابق، جيڪا ھن ٽائٽانڪ جھاز جي ليٽر ھيڊ تي حادثي کان پوءِ لکي آھي، ھو ستو پيو ھو ته ڪنهن سندس سيڪنڊ ڪلاس جي ڪئبن جي در کي زور سان ٿڏو ھنيو. ھن اٿي در کولي ڏٺو ته جھاز جو اسٽيوورڊ ھو، جيڪو ھن کي سندس حصي جي ھڪ لائيف جئڪيٽ ڏئي اڳتي ٻئي کي ڏيڻ لاءِ وڌي ويو. پينٽ قميص ۽ اوورڪوٽ پائي، مسٽر “ھوسونو” منجھيل دماغ سان ٻاھر نڪتو. ڊنر واري ڊانس پارٽيءَ توڙي شراب ڪواب سڀني جا مٿا ڳرا ڪري ڇڏيا ھئا. ويتر ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري ھر ھڪ جون وايون بتال ھيون. ھي پھرين مٿين ڊيڪ ڏي ٿي ڀڳو، پر ماڻھن جي پيھ پيھان ڪري وري ٻئي پاسي کان ڦري بوٽ ڊيڪ تي پھتو ته ڏٺائين ته لائيف بوٽن ۾ ماڻھن کي چاڙھي ھيٺ سمنڊ ۾ لاٿو پيو وڃي. اونداھ ڪارونڀار ڪري ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي آيس ۽ ھر ھڪ ماٺ مٺوڙي ۾ ائين پئي ھليو ڄڻ سڀ ڪم ڳجھھ ڳوھ ۾ ٿي رھيو ھجي. ان ھوندي ‘ھوسونو’ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي: “منهنجي دل اندران رڙي رھي ھئي. مون ذھني طرح پنهنجو پاڻ کي ھر ڳالھ لاءِ تيار رکيو. پنهنجو پاڻ کي موت جي آخري سفر لاءِ ريجھايم. مون ڪابه اھڙي ڳالھ نٿي ڪرڻ چاھي، جنهن سان منهنجي ملڪ ۽ ماڻھن جو ناموس خراب ٿئي. پر ساڳي وقت آئون اھا به اميد رکيو ويٺو ھوس ته، شل مون کي به ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ جو موقعو ملي وڃي ۽ پوءِ جھاز جي ھڪ آفيسر رڙ ڪئي: “ٻيڙيءَ ۾ اڃا به ٻن ڄڻن جي جاءِ آھي.” ھوسونو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي “آئون جيڪو اھو سوچي رھيو ھوس ته ھاڻ آئون پنهنجي پياري زال ۽ ٻارن کي ڏسي نه سگھندس، آفيسر جا اھي لفظ ٻڌي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ٽپ ڏنم.”
بعد ۾ ھوسونو کي ڪارپاٿيا جھاز ۾ کڻي نيويارڪ پھچايو ويو. ٻن مھينن بعد جڏھن ھوسونو پنهنجي وطن جپان پھتو ته ھن کي ھرڪو شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو ته ھن کي زندگي ڪنهن ٻئي جي موت جي بدلي ۾ ملي آھي. يعني ڪنهن ٻئي جو وارو – خاص ڪري ڪنهن عورت يا ٻار جو موقعو ماري پاڻ چڙھيو آھي. جپان ۾ اڄ به ضمير جي ملامت يا ٻئي جو پاڻ لاءِ خراب رايو، سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالھ سمجھي وڃي ٿي. جنگ کان اڳ ته جپان ۾ اڃا به گھڻو شرم جو ڪلچر ھو. جپانين شرم جي زندگي گذارڻ کان ٻڏي مرڻ بهتر سمجھيو ٿي. ماڻھن جي افواھن ۽ اخبارن ۾ غلط سلط خبرن ڪري جپان حڪومت ھوسونو کي 1914ع ۾ نوڪريءَ تان لاھي ڇڏيو. ھن ان بعد 1923ع تائين ھڪ خانگي آفيس ۾ ڪم ڪيو. ھن جي پوٽن ڏھٽن ٻڌايو ته ھوسونوءَ شرم کان مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ذڪر نه ڪيو. ھوسونو 1939ع ۾ گذاري ويو ھو. ھوسونوءَ جي اھا ڊائري اڄڪلھ ٽائٽانڪ فائونڊيشن وارن وٽ آھي، جيڪا ھنن نمائش طور رکي آھي.
آخر ۾ ڪجھ ٽائٽانڪ جھاز بابت: جھاز آھستي آھستي ٿي سمنڊ جي تري ۾ ھليو ويو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ (Position) جي ان وقت ڄاڻ حاصل ٿي چڪي ھئي، پر اھا ھڪ اندازي مطابق ھئي. افراتفري جي عالم ۾ ان وقت آسمان تي چمڪندڙ تارن جو حساب ڪري ڳولي وئي ھئي. ان وقت اڄ جھڙا نه ھئا سيٽلائيٽ نيويگيٽر ۽ نه حساب ڪرڻ لاءِ نيويگيشنل ڪئلڪيوليٽر. پر انهن ڏينهن ۾ اھا پوزيشن ان حساب سان ڪافي ھئي. يعني پنج ڏھ ميل ھيڏانهن ھوڏانهن سان ڪو فرق نٿو پوي. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن ۽ ٻيڙين کي ڳولڻ لاءِ اھا اٽڪل طور ۽ (Approximate) پوزيشن ڪافي ھئي. بچائڻ وارا جھاز جڏھن پھتا ھئا ته تيز ھوائن ۽ سامونڊي ڇولين ڪري مسافرن جا لاش ۽ ٻيڙيون، ڏھ ٻارھن ميلن تائين پکڙيل ھيون. بهرحال جھاز جي صحيح پوزيشن اڌ صديءَ کان پوءِ پھرين سيپٽمبر 1985ع تي پئي ته ڪھڙي ھنڌ تي جھاز سمنڊ جي تري ۾ پيو آھي؟ دراصل سالن کان ٽوٻن (Divers) سمنڊ اندر غوطا ھڻي ٽائٽانڪ جھاز جي ڀڳل جسم (جنهن کي انگريزيءَ ۾ Wreck سڏجي ٿو) کي پئي ڳوليو، جيئن ممڪن ھجي ته ان کي مٿي ڪڍيو وڃي. ٻڏندڙ جھاز کي مالڪ جي اجازت سان بچائڻ، ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪڻ يا ڇڏي ڏنل (Abandon) جھاز بچائڻ کي “سالويج” (Salvage) سڏجي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي ڪيتريون ئي سالويج ڪمپنيون آھن، جن کي پنهنجا ٽوٻا ۽ ٽگ بوٽ ٿين ٿا ۽ ھر وقت ھوشيار رھندا آھن – بلڪ تاڙيندا رھندا آھن ته ڪڏھن ٿو ڪو جھاز ٻڏي يا خطري ۾ آيل جھاز جو مالڪ کين مدد لاءِ سڏ ڪري، جيئن ھو سڀ کان اڳي پھچي وڃن. اھڙي نموني جي سالويج ڪرڻ ۾ وڏو فائدو آھي، جو فيءَ سان گڏ جھاز ۾ پيل مال جو پڻ وڏو حصو ملي ٿو.
ٽائٽانڪ جھاز جي ريڪ (ڍانچي) کي آمريڪا جي نيول جھاز USS KNORR، روبوٽ سان ھلندڙ سب مئرين ‘Argo’ ذريعي سمنڊ جي تري ۾ مٿينءَ تاريخ تي ڳولي لڌو. ٽائٽانڪ جو ريڪ سمنڊ جي تري ۾ ھڪ پاسي کان ليٽيل آھي، جيئن ماڻھو پاسيرو ٿي سمھي. اھو نيو فائونڊلئنڊ جي ڪناري کان 300 ميل پري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي، جتي سمنڊ سوا تيرھن ھزار فوٽ يعني چار ڪلوميٽر کن اونهو آھي. اھا اونهائي تمام گھڻي آھي. سمنڊ ۾ ھڪ اونهائي تائين – پنجاھ سٺ فوٽ تائين ته ماڻھو وڃي سگھي ٿو، ان بعد ھيٺ وڃڻ لاءِ ھن کي خاص ڪپڙا کپن، جو جيترو ھيٺ وڃجي ٿو، اوترو پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ خاص ڪپڙن سان به ھڪ حد تائين ھيٺ وڃي سگھجي ٿو. ان بعد ڪنهن بند ٿيل جھاز ۾ ھيٺ لھي سگھجي ٿو. آمريڪن نيوي وارن ٽائٽانڪ جي ڳولا لاءِ جيڪا آرگو نالي آبدوز (Submarine) سمنڊ ۾ ھيٺ لاٿي ھئي، سا به ڪا عام آبدوز نه ھئي. ايترو ھيٺ وڃڻ لاءِ ھنن ھيءَ ھڪ خاص آبدوز ٺاھي، جنهن تي ماڻھن بدران روبوٽن ڪم ڪيو ٿي ۽ منجھس خاص قسمن جون رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائٽ ڪئميرائون فٽ ڪيون ويون ھيون، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي جون تصويرون مٿي بيٺل USS – Knorr جھاز تي موڪلينديون رھيون. تعجب جي ڳالھ اھا آھي ته ٽائٽانڪ جھاز جا ڪيترا ئي حصا تمام سٺي حالت ۾ آھن – شايد اونهي سمنڊ ۾ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ ڪري. جھاز جو Stern (پويون حصو) غائب آھي – جيڪو جھاز ٻڏڻ وقت ٿيل ڌماڪن ۾ الڳ ٿي ويو ھو ۽ جھاز ته اھي سمنڊ جي اونهائيءَ جا چار پنج ڪلوميٽر پار ڪري ھيٺ تري ۾ وڃي پيو آھي، باقي Stern (جھاز جي پڇڙي) سڌو ھيٺ وڃڻ بدران، ساڄي کاٻي سمنڊ جي اندرين ڇولين Under Currents جي زور تي ڪيڏانهن ڏور وڃي پٽ پئي آھي. رنگين تصويرن ۾ شراب (Wine) جا دٻا، گھرو سامان سڙو ۽ ٻيون ڪيتريون شيون صاف نظر پيون اچن، پر جھاز جي ڪجھ حصن ۽ شين تي سينبار ۽ سامونڊي گاھ سپون (Sea Growth) پڻ چڙھي ويو آھي. جھاز جو اڳيون حصو ۽ ھڪ پاسو گھڻو ڌڪيل آھي. دراصل برف جي ڇپ (Ice berg) ان کي ايترو چيڀاٽيو جو جھاز جي پاسي جا ڪوڪا ڪنڊا (Rivets) ٻاھر نڪري آيا ۽ چوڌاري پاڻي ڌوڪي آيو. جھاز جي دونهين ڪڍڻ لاءِ چار چمنيون (Funnels) ھيون، جن مان ھڪ غائب آھي.
اڄ جي دور ۾ ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ اھو ايترو سولو ڪم ناھي، ان لاءِ وڏو خرچ، مشينري ۽ اٽڪل جي ضرورت آھي. ھڪ ھلڪي شيءِ کي رسو ٻڌي مٿان ٻئي جھاز تان ڇڪي سگھجي ٿو. ڳري شيءِ ڪناري تي بيھي ھيٺان کوھ مان ته ڇڪي سگھجي ٿي، پر جھاز تي بيھي (جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري تي تري رھيو آھي) ھيٺان سمنڊ جي تري مان جھاز جھڙي ٻي ڇپ کي مٿي ڇڪي نٿو سگھجي. رسا ٻڌي مشينن ذريعي گھڻو زور ڏبو ته ھيٺيون جھاز ٿورو مٿي چڙھي يا نه، مٿيون جھاز جنهن تي توھان بيھي اھو ڇڪڻ جو ڪم ڪري رھيا آھيو، اھو سمنڊ اندر ھيٺ ٻڏڻ شروع ڪندو. بهرحال! ڪجھ ٻيا طريقا ۽ اٽڪلون آھن، جھڙوڪ ٿلھي رٻڙ جو وڏو ڦوڪڻو ھيٺ ٻڏل جھاز سان ٻڌي، پوءِ ان کي ڪمپريسر ذريعي ھوا ڀرڻ سان ڦوڪڻو مٿي کڄڻ تي ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي کڻي سگھجي ٿو. پر ان لاءِ به خاص قسم جا ڦوڪڻا کپن ۽ انهن کي ٻڏل جھاز سان ٻڌڻ جا به ڪي طريقا ٿا ٿين ۽ ٽائٽانڪ جھاز ته ايڏو ھيٺ اونهو آھي، جو اھي سڀ ڪم ڪرڻ بيحد ڏکي ڳالھ آھي. ان کان علاوه جھاز – جنهن ۾ ڪيترا ئي ڪمرا، اسٽور، گودام، پاڻي، ڪوئلي، تيل جون وڏيون ناديون ٿين ٿيون. ڪجھ عرصو گذرڻ بعد انهن سڀني ۾ گئسون ڀرجيو وڃن ۽ ٻڏل جھاز تي ڪم ڪندڙ سالويج وارا انهن گئسن يا ڪم دوران انهن گئسن ۾ ٿيل ڌماڪن ڪري موت جو شڪار پڻ ٿيا آھن.
سڀ کان وڏي
ڳالھ ته جھاز بچائڻ واريون سالويج ڪمپنيون يا ملڪن جون حڪومتون، اھڙن پراڻن جھازن
جا ڍانچا تڏھن ئي بچائين ٿيون، جڏھن انهن ۾ ڪو مال ملڪيت ھجي. ٽائٽانڪ جھاز لاءِ
چيو ويو پئي ته ھن ۾ سون جون سرون (Bullion)، ڳھ، زيور ۽
ھيرا جواھر آھن، پر ان جو ڪوبه پڪو ثبوت اڄ ڏينهن تائين نه ملي سگھيو آھي، جنهن
لاءِ ماڻھو خوار خراب ٿئي ۽ ڪروڙھا ڊالر خرچي، سالويج ڪرائي. انگلينڊ ڇڏڻ وقت ٽائٽانڪ
جھاز 43 ملين پائونڊن ۾ “ڪمرشل يونين انشورنس ڪمپني” وٽ انشوئر ٿيو ھو، پر
اھا پڪ ناھي ته ان انشورنس ۾ رڳو ٽائٽانڪ جھاز ۽ ان جا مسافر انشوئر ٿيل ھئا يا
جھاز جو ڪارگو (سامان) پڻ. سڀ کان وڏي ڳالھ ته ڪيڏي به ڪوشش بعد ھن جھاز (ٽائٽانڪ) جي ڍانچي کي مٿي ڇڪڻ مشڪل ته ڇا پر ناممڪن لڳي ٿو، جو جھاز نه فقط تيرھن چوڏھن
ھزار کن فٽ ھيٺ سمنڊ ۾ آھي، پر سمنڊ جي تري تي ھجڻ بدران تري تي پيل ريتيءَ ۾
پنجاھ کن فٽ ھيٺ دٻجي ويو آھي. ان کان علاوه جن مسافرن جا لاش نه مليا، انهن جا
مائٽ پڻ اھو ئي چاھين ٿا ته ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي (ريڪ) سان ھاڻ ھٿ چراند نه ڪئي
وڃي، جو ٿي سگھي ٿو ته ان اندر ڪيترن جا ئي لاش اڃا موجود ھجن ۽ مڇين انهن کي نه
کاڌو ھجي. جھاز جي اٿل پٿل تي اھي لاش نڪري ايندا يا سمنڊ جي اونهائيءَ ۾ رھندڙ
خوفناڪ مڇيون جھاز جي ڍانچي ۾ ٿيندڙ وٿين مان اندر گھڙي وينديون.
No comments:
Post a Comment