شهزادي کي ڪُهڻ...
پاڪستان اسٽيل کان، اتي جي مئنيجر حشمت شيخ ۽ پير ڳوٺ جي انجنيئر غلام محمد جماڻيءَ سان گڏ ڪراچيءَ موٽي رهيو هوس. رستي تي قائد آباد وٽ، حشمت چيو ته مڇي وٺڻي آهي. مٺي پاڻيءَ جي مڇي، هتي سستي ملي ٿي.
”وٺي اچ.“ اسين سندس ڪار ۾ ئي ويٺا رهياسين. ڪا دير جڏهن اس ۾ وهندي گذري ته مس مس حشمت، هٿن ۾ ٽي ڪلو ڏنڀرو مڇيءَ جي ٿيلهي سان، پري کان نمودار ٿيو.
”ڪيئن ملي؟“ جيئن ئي ڪار ۾ ويٺو ته جماڻيءَ سوال ڪيس.
”ادا ٻه سؤ رپيا ڪلو!“ حشمت جواب ڏنو، پر خوشيءَ مان نه.
”اهو ته سٺو اگهه نه چئبو. وڪڻڻ وارو ڪير هو- مڪراني، پٺاڻ يا ڪو ٺٽي جو سنڌي؟“
حشمت سڙي کامي چيو: ”ڏنڀرو ٺٽي جو هو، پئسا خرچ ڪرڻ وارا اسين ڪراچيءَ جا، وڪڻڻ ۽ پئسا ڦرڻ وارو ماڳهين گمبٽ جو هو.“
”گمبٽ کان هتي اچي مڇيون پيو وڪڻي، شاباس هجيس.“ مون چيو.
”شاباس به ڪا اهڙي تهڙي! اهڙو لاهه ماڻهو آهي جو منهن جو پڪو ٿيو ويٺو ڦُري. نه ٿو ڏسي پنهنجا نه پراوا.“
”ان کان وڌيڪ سستي ته پاڻ ڏي، گلشن حديد ۾ پئي وڪامي. توهان وٺوس ئي نه ها، يا پهرين اگهه پڇوس ها.“ جماڻيءَ حشمت کي سمجهايو.
”ادا ٻار ڪونه آهيان جو سمجهائين ٿو. اهو ته پهرين پڇيومانس ته ڪلو گهڻي ٿو ڏين؟ جواب ۾ مٺو ٿي چيائين: ”دلبر! عام ماڻهن وارو اگهه ٻڌايائين يا ڀائپيءَ وارو؟“
ان تي چيومانس: ڀائپيءَ وارو ٻڌاءِ.
”ته پوءِ دلبر اگهه جو فڪر ئي نه ڪر. مڇي کڻي وڃ. گهڻي توريان؟“
چيومانس، ”هڪ ڪلو.“
زالن وانگر نرڙ تي هٿ هڻي چيائين، ”ههڙي مڇي ۽ فقط هڪ ڪلو؟ مهرباني ڪري رئيس اهو به مون تي ڇڏي ڏي.“
۽ آئون چُپ ٿي ويس. پوءِ هن ويهي سڄي مڇي وڍي ڪٽي، صاف ڪري، ڇلر لاهي ڳڀا ڳڀا ڪري ٿيلهيءَ ۾ وڌي. پوءِ منهنجي حوالي ڪري چيو: ”سائين ڇهه سؤ رپيا ڏيو.“
مون کان رڙ نڪري ويئي. پڇيومانس، ”ڪهڙي حساب سان؟“
وراڻيائين، ”ٽي ڪلو آهن. توهان لاءِ في ڪلو فقط ٻه سؤ رپيا.“
”اهو ٻڌي اندر ئي سڙي ويو. ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪهڙو ويهي جهيڙو ڪيانس. مس مس ڪلو تي ڏهه رپيا ڇڏيائين.“
اسان سڀ کلڻ لڳاسين.
”وڏو ڪو لاهه آهي، آئيندي ان کان ڪير وٺندو، سنڌي ٿي ڪري پنهنجن جي کل ٿو لاهي.“ جماڻيءَ چيو.
ان تي حشمت فلمي ٽهڪ ڏيئي چيو، ”وري اهڙو ائڪٽر جو مڇي ڪپيندي، اوچتو دانهن ڪري چوي ٿو: ”سائين فوٽو ڪڍو فوٽو ڪڍو.“
آئون وائڙو ٿي ويس ته ڪنهن جي فوٽوءَ لاءِ ٿو چوي. آخر پڇيومانس ڪنهن جو فوٽو؟ تنهنجو فوٽو؟
ان تي مڇيءَ ڏي اشارو ڪري چيائين، سرڪار هن ڏنڀري جو فوٽو ڪڍو.
”هاڻ ڏيوس جواب!“
”پر سائين تڏهن به اگهه جو ضرور پڇوس ها.“ ٿوري دير بعد جماڻيءَ وري حشمت کي چيو.
”ادا مڇي ڪپرائيندي، گهڻو ئي خيال آيم ته اگهه جو فيصلو ڪري پوءِ هڪ يا اڌ ڪلو ان مطابق چوانس. پر هن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪٿي ڏنو. ڪجهه پڇڻ جي ڪيم ته هن يڪدم مٿين فوٽو واري ڳالهه ڪئي. ان بعد وري ٻيو دفعو جهڙا چپ چوريم ته وري پاڻ شروع ٿي ويو: چي صاحب! مون کي روئڻ ٿو اچي، روئڻ!
ان تي پنهنجي ڳالهه وري اتي ڇڏي، کانئس پڇيم ته آخر روئڻ ڇو ٿو اچئي؟
وراڻيائين، سائين روئڻ ٿو اچيم جو ههڙا ڏنڀرا ويٺو ڪُهان. ههڙن شهزادن کي درياهه شاهه ۾ هجڻ کپي ۽ نه هتي. ۽ نه وري توهان جي گهر جي ديڳڙيءَ ۾! بس سائين هاڻ هڪڙي مهرباني ڪجو. اديءَ کي چئجو ته هن شهزادي کي رڌي به وري اهڙو ئي عاليشان ڪري...
هاڻ ٻڌايو ته هن گمبٽ جي بڪبڪي سان آئون ڪيئن ٿي مقابلو ڪري سگهيس؟“
No comments:
Post a Comment