Tuesday, February 08, 2011

سري لنڪا تي ڌارين جي حڪومت ۽ پهرين عورت وزيراعظم

سري لنڪا تي ڌارين جي حڪومت ۽ پهرين عورت وزيراعظم
  
سري لنڪا تي پورچو گالين ۽ ڊچن جي حڪومت بعد انگريزن جي 1815ع کان 1948ع تائين حڪومت رهي. انگريز شايد سري لنڪا ۾ گهڙي نه سگهن ها ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وانگر سري لنڪا تي به ڊچن (هالينڊ جي رهاڪن) جو قبضو قائم هجي ها پر هوڏانهن يورپ ۾ سندن سرزمين تي هلندڙ جنگين ۾ هالينڊ (جنهن کي نيدر لئنڊس به سڏجي ٿو) فرانس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ هو (ڊچ) پنهنجي وطن کان ڏور سري لنڪا، سماترا، جاوا، بالي جهڙن ڏورانهن ٻيٽن کي صحيح طرح ڪنٽرول ڪري نه سگهيا. ان وقت انگريز ته هونءَ ئي سڏ پنڌ تي (انڊيا) ۾ ويٺا هئا سي رڙهي سري لنڪا ڀيڙا اچي ٿيا، ڊچن مخالفت ڪئي پر منجهن ايڏو جوش نه هو ۽ چپڙي ڪري هٿ ڪڍي ويا ۽ انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار جي نالي ۾ اچي ويٺي. هيءَ سن 1796ع جي ڳالهه آهي. انگريزن پهرين سري لنڪا ۾ عارضي طور رهڻ جو سوچيو هو پر پوءِ پير ڄمائڻ سان ڏٺائون ته لئه لڳي پئي آهي. ساوڪ ۽ سک لڳا پيا آهن. ماڻهو سادا ۽ سلوڻا، سندن حاڪم پاڻ ۾ ئي پيا وڙهن. سو سال ٻه مدارس کان هن ٻيٽ جو انتظام هلائي پوءِ چڱي طرح قبضو ڪرڻ لڳا. 1802ع ۾ سري لنڪا کي برٽش جي ڪرائون ڪالوني بنايو ويو. ڪئنڊي ۾ رهندڙ بادشاهه سان ته 1796ع ۾ ڪولمبو پهچڻ سان ئي ميل ملاقاتون شروع ڪيون هئائون. هن کي اهوئي چيائون ته تون بي اونو ٿي عيش ڪر عوام جو فڪر نه ڪر ۽ نه پنهنجي ڪنهن سوٽ يا ماسات جو ڊپ ڪر جيسين اسين آهيون تيسين تنهنجي تخت کي ڪير به هٿ نه لائي سگهندو. ڪئنڊي جو مڪاني بادشاهه خوش تي ويو پر هن کي دل ۾ هوارا کورا رهي ته هي ڌاريان يورپي چڱا ٿيا جيڪي اسان جي ڌرتي تي رهي اسان تي پيا لئه رکن. هن پنهنجي انتظاميا کي سڌارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز کي کڙڪ پئجي وئي ته اها ڳالهه هنن لاءِ خراب آهي. ڪئنڊيءَ جو بادشاهه اسان تي ڀاڙڻ نٿو چاهي ۽ اسان کي وڌيڪ سهولتون ۽ قبضا ڪرڻ ۾ دقت پيش ايندي. هو موقعي جو انتظار ۾ رهيا. آخر ٿورو گهڻو موقعو ڏسي انگريزن سڄي ملڪ تي 1803ع ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ پوءِ ٻارهن سالن بعد 1815ع ۾ انگريزن کي سٺو موقعو ملي ويو. ڪئنڊي جي وڏن سردارن جي بادشاهه سان کٽ پٽ ٿي پئي انگريزن انهن جو پاسو کڻي اصل بادشاهه جي ڀينگ ڪرائي ۽ پاڻ بالم ٿي سڄي ٻيٽ جا حاڪم ٿي رهيا.
1920ع ۾ انگريزن گورنر سر وليم مئننگ جي نظرداري هيٺ آئين جو ڪچو مسودو ٺاهيو ويو جنهن کي 1924ع ۾ صحيح شڪل ۾ آندو ويو جيئن ملڪ جا قوم پرست قبول ڪري سگهن. 1931ع ۾ آئين کي وري نئين سنئينءَ ٺاهيو ويو جيئن سري لنڪا جي مڪاني سياستدان کي ڪجهه وڌيڪ سياسي طاقت ملي سگهي. 1947ع ۾ سري لنڪا ۾ پهرين اليڪشن ٿي. ڪجهه سياسي پارٽين گڏجي هڪ گڏيل پارٽي يونائيٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP) ٺاهي ۽ انهن مسٽر ڊان اسٽيفن سينا نائڪي کي وزيراعظم طور چونڊيو جيڪو برٽش حڪومت ۾ ائگريڪلچر جو وزير رهي چڪو هو.
سري لنڪا کي 4 فيبروري 1948ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ سينا نائڪي مرڻ تائين (1952ع تائين) سري لنڪا جو وزيراعظم رهيو. ان بعد سندس پٽ ڊڊلي سينا نائڪي سري لنڪا جو وزيراعظم ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سنهالي ٻڌن  کي احساس ٿيو ته جيتوڻيڪ هن ڌرتيءَ جا اصلي ڄاوا هي سنهالي ٻڌ آهن. پر انتظاميا، پوليس ۽ هر نوڪري ۽ واپاري ۾ تامل هندن جو گهڻو هٿ آهي. هيءَ ڪهڙي آزادي آهي جنهن ۾ مڪاني ماڻهن مٿان وري ڌاريان (يعنيٰ تامل جيڪي پوءِ آيا ۽ 20 سيڪڙو به ڪي مس آهن) حڪومت ڪري رهيا آهن. هن سوچيو
دراصل انگريزن جي سؤ سال حڪومت ۾ هنن تاملن کي گهڻو اڳتي ڪيو. تعليم توڙي واپاري وڙي ۾ ٻيٽ جا اصل ماڻهو سنهالي انگريزن جي زبان، ڪلچر ۽ مذهب جي مخالفت ڪري رهيا هئا ان ڪري انگريزن انهن کي ڇڏي تاملن کي ترقي ڏياري. نتيجي ۾ اهو ٿيو جو سريلنڪا جي آزاديءَ وقت حڪومت جا اهم عهدا ۽ نوڪريون تاملن جي ئي هٿ ۾ آيون. اهي ئي گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ۽ هوشيار هئا. انهن جي ئي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن ڪاليجن ۾ هو. تعليم فقط انگريزي ۾ هلي رهي هئي جنهن ۾ هو ڀڙ تي چڪا هئا. سنهالي ٻڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ لڳا ته ٻڌمت جي ڌرتيءَ تي ڌرتي ڄاون (ٻڌن) سان هيءَ ناانصافي آهي.
1956ع ۾ سڄي دنيا ۾ ٻڌن گوتم ٻڌ جي وفات جي 2500 وين ورسي ملهائي. سري لنڪا ۾ به هي Occasion “ٻڌا جاينٿي” جي نالي سان وڏي پئماني تي ملهايو ويو. ان ئي سال مسٽر ايس، ڊبليو، آر ڊي بندرا نائڪي ۽ سندس سياسي پارٽي: سري لنڪا فريڊم پارٽي (SLFP) ٻڌ ڌرم جي نعري هيٺ ڪافي مشهوري حاصل ڪئي. مسٽر بندرانائڪي 1951ع ۾ UNP (يونائيٽيڊ نئشنل پارٽي) مان استعيفا ڏئي پنهنجي پارٽي SLFP ٺاهي هئي. سندس هڪ نعرو اهو به هو ته ڌارين جي زبان (انگريزي) ڇڏي پنهنجي وطن جي سنهالا زبان استعمال ڪئي وڃي. يعني تامل زبان کي به ڇڏي ڏيو. هن قوم پرستي ۽ زبان جي جنگ تاملن ۽ سنهالين ۾ جهيڙي کي وڌائي ڇڏيو. ان ئي سال (1956ع) ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مسٽر بندرانائڪيءَ جي پارٽي وڏي سوڀ حاصل ڪئي ۽ پاڻ ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. حڪومت جون واڳون وٺڻ سان هن سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جي زبان سنهالا ڪرائي. ان ڳالهه تاملن کي وڏو نقصان رسايو ۽ هنن فيڊرل پارٽي جي جهنڊي هيٺ حڪومت جي سخت مخالفت شروع ڪئي. افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه اها ته مسٽر بندرا نائڪي کي سن 1956ع ۾ پنهنجي ئي هڪ ٻڌ جيڪو عام ماڻهو نه پر بکشو (monk) هو ان گولي هڻي ماري وڌو. مسٽر بندرانائڪي هن ٻڌ بکشوءَ اڳيان عزت خاطر جهڪي رهيو هو.
سال کن جي انٽرم بعد 1960ع جي اليڪشن ۾ بندرانائڪي صاحب جي زال مسز سريماوو بندرانائڪي ملڪ جي وزيراعظم ٿي. پاڻ ايشيا جي پهرين عورت وزيراعظم ٿي. گولڊامير، اندراگانڌي، بينظير، ڪوري اڪينو، حسينا واجد يا گلوريا وغيره سڀ پوءِ پوءِ ٿيون.

No comments:

Post a Comment