رڳو ڇوڪرين جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو
ڏٺو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جهڙيون ايسوسيئيشنون ۽ ادارا سِڌي طرح يا اڻ سِڌي طرح ڪافي حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيا آهن. هڪ نئون لکندڙ جيڪو ڪچو ڦِڪو لکي ٿو ته هو چاهي ٿو ته هن جي همت افزائي ٿئي. اسان وٽ اڄ ڪلهه سنڌي اخبارن جو تعداد چڱو خاصو آهي پر ايترو به نه آهي جو هو هر نئين لکندڙ جي لکڻي ڇپين. اهڙي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت اهم رول ادا ڪيو آهي. هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ هفتي ۾ يا پنڌرهن ڏينهن ۾ هڪ دفعو ادب دوست گڏجاڻي ڪن ٿا جنهن ۾ هرهڪ کي پنهنجي تخليق- ڪهاڻي يا شعر پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هو پنهنجي ڪاوش ٻين کي ٻُڌائي خوش ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت محفل ۾ موجود سينئر اديب جيڪا ٽيڪاٽپڻي ڪن ٿا ان مان نئين لکندڙ کي فائدو رسي ٿو جو هن جي رهنمائي ٿئي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ آئون جيڪي ڪجهه سکيس اهڙين محفلن مان جتي منهنجا سينئر اديب نسيم کرل، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، امر جليل، آغا سليم ۽ سليم خواجا جهڙا منهنجي لکڻين تي جيڪا ٽيڪاٽپڻي ڪندا هئا اها ڌيان ۾ رکي لکندو رهيس. آئون اسڪول جي ڏينهن ۾ پيٽارو ۾ جهاز هلائڻ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران چٽگانگ (بنگال) مان ٿورو گهڻو اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکندو ضرور رهيس پر ڪو خاص نه- لکڻ کان وڌيڪ مونکي پينٽنگ ۽ ڪئليگرافي جو شوق هو. جنهن بابت شمس جعراڻي کي اڄ به ياد آهي ته ميٺارام هاسٽل ۾ جڏهن به واندڪائي ملندي هئي ته مصوري ڪندو هوس. جيئن امر جليل ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ جو متوالو وڌيڪ هو. هن جو لکڻ پڙهڻ تي به شوق هو پر ڪو اهڙو گهڻو نه. پوءِ ڪراچي کان نواب شاهه اچڻ تي سندس هڪ ڪلاس ميٽ ۽ دوست قمرالدين ٻگهيو- جيڪو پوءِ قمر شهباز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو، امر جليل کي سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي وڃڻ لڳو جتي هرهڪ ڪجهه نه ڪجهه لکي ايندو هو جنهن تي ٻيا پنهنجيون Comments ڏيندا هئا ۽ پوءِ امر جليل جي لکڻ جي خاصيت وڌيڪ ڊيولپ ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هڪ نمايان اديب مڃيو وڃڻ لڳو. ڏٺو وڃي ته اها سنڌي ادبي سنگت نه هجي ها ته اڄ اسان امر جليل ۽ قمر شهباز جهڙن ڪيترن ئي وڏن اديبن کان محروم رهجي وڃون ها. آئون پنهنجو تجزيو ٿو ڪريان ته جيڪي ڪجهه ادبي دنيا ۾ منهنجي حيثيت آهي، ان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ آهي. ادبي دنيا ۾ جيڪا همت افزائي يا تعليم ۽ رهنمائي ملي اها سنڌي ادبي سنگت جي ڪري. سٺ جي وچ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ڪراچي جي ميٺارام هاسٽل ۾ وندر جون گهڙيون مصوري ذريعي گذاريندو هوس ته هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ لاڙڪاڻي جي شاگرد فدا حسين بلوچ (جيڪو پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي مئنيجر ٿيو) مونکي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ وٺي هليو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جا اديب نورالدين سرڪي جي آفيس ۾ گڏ ٿي پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئا. اتي منهنجي ملاقات منهنجن دلپسند ليکڪن امر جليل، آغا سليم، قمر شهباز ۽ نسيم کرل سان ٿي. نسيم کرل هر هفتي خيرپور کان ڪراچي ايندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڀرسان ڪنهن هوٽل ۾ اچي رهندو هو.هوٽل جو نالو شايد زميندار هوٽل هو. اسان ساڻس ملڻ هوٽل ۾ به ويندا هئاسين. کائڻ پيئڻ جو شوقين هوندو هو ۽ اسان کي به خوب کارائيندو هو. هن کي جڏهن ڪا ڪهاڻي پوري ڪرڻي هوندي هئي ته ٻئي ڏينهن ڳوٺ وڃڻ بدران سڄو هفتو ٽِڪي پوندو هو. مِڪسڊ گِرل ۽ پهرين مُراد جهڙيون ڪهاڻيون نسيم کرل ڪراچي جي ان هوتل ۾ رهي لکيون ۽ نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ هفتيوار سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيون، جن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي هلي ۽ انهن ۾ ڪجهه حد تائين هن تبديلي به آندي.
انهن ڏينهن ۾ لکڻ وارا ٿورا هئا ته رسالا به بنهه نه برابر هئا. نسيم کرل چرچا ڀوڳ به ڏاڍا ڪندو هو. هڪ دفعي نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌي به موجود هو. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن عبدالواحد سنڌي صاحب سان سنڌ اسلاميه هوٽل (بولٽن مارڪيٽ) ۾ سندس جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئاسين يا شايد سندن ريٽائرمينٽ تي الوداعي دعوت ڏئي رهيا هئاسين. نسيم کرل ٿوري تعريف ڪري چيو ته سائين عبدالواحد صاحب پنهنجي رسالي ۾ اسان جون ڪهاڻيون گهٽ ڏئي ٿو. رڳو ڇوڪرين جون ڏئي ٿو. جواب ۾ اسان ڏاڍو کِليا هئاسين جڏهن سائين عبدالواحد صاحب چيو ته “نسيم کرل اجايو ناراض آهي. هي منهنجي عمر آهي ڇوڪرين سان عشق ڪرڻ جي؟ آئون ته اهو چاهيان ٿو ته عورتن جي همت افزائي ڪئي وڃي جو سنڌي ادب ۾تمام ٿوريون عورتون لکن ٿيون.” پر ان ڏينهن لڳي ٿو ته نسيم کرل سخت ڪاوڙ ۾ هو. هوٽل مان نڪرڻ بعد تاج بلوچ، امر جليل، آغا سليم ۽ مونکي جهلي چوڻ لڳو بهتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان مان، ڪوبه نه لکي. نسيم کرل جي وڃڻ بعد مون امر جليل کي چيو ته توهان ته وڏا ليکڪ آهيو ۽ هر رسالو توهانجي ڪهاڻي ڇپيندو اسان لاءِ ته اهو ئي نئين زندگي رسالو آهي. سو هاڻ ڇا ڪجي.
امر جليل ٽهڪ ڏيئي چيو: “نسيم کرل جا اهي وڏيرڪا حڪم آهن. هفتي کن کان پوءِ پاڻهي پرچي ويندو ۽ چوندو ته نئين زندگي لاءِ لکو.” ۽ پوءِ اسان امر جليل جي فلئٽ تي اچي چانهه پيتي هئي جتي هن هڪ ڳالهه واهه جي ڪئي ته اسان اديبن کي اهو نه سوچڻ کپي ته اخبار يا رسالي جو مالڪ ڪير آهي. اسانجو دوست آهي يا دشمن. اسان کي پڙهندڙن جو سوچڻ کپي ۽ انهن جو سوچي لکڻ کپي. رسالو يا اخبار کڻي سرڪاري هجي يا ڪنهن سياسي پارٽي جي پر اها گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي ته اسان کي ضرور لکڻ کپي. ڪراچي جي هنن ادبي محفلن ۾ ڄاڻايل اديبن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ايندا هئا جهڙوڪ آزاد جتوئي، اقبال جتوئي، سليم خواجا، مورائي، يوسف شاهين، تاجل بيوس، تاج بلوچ، عنايت ۽ هدايت بلوچ وغيره.
مٿي ذڪر ڪيل ڇوڪريون جن لاءِ نسيم کرل صاحب کي شڪايت هئي ته نئين زندگي جو ان وقت جو ايديٽر عبدالواحد صاحب رڳو انهن جون لکڻيون ڇپي ٿو، ڪير هيون؟ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، ريٽا شاهاڻي، رشيده حجاب، جميلا نرگس، پروين سومرو، وغيره.
بهرحال اهي سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا پر بقول نسيم کرل جي “ڇوڪريون”، اڄ ستر کي پهچي ويون آهن، ڪي ويچاريون ته الله کي به پياريون ٿي ويون آهن. هنن تمام سٺو لکيو ۽ تمام وڏو نالو پيدا ڪيو آهي.
No comments:
Post a Comment