Tuesday, February 08, 2011

مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهن

مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهن


ننڍي کنڊ جي اوس پاس انڊامان، نڪوريا ۽ لکديپ ٻيٽن کان علاوه هڪ ٻيو ٻيٽن جو جهڳٽو مالديپ ٻيٽن جي نالي پڻ آهي جنهن کي مالديو Maldives به سڏين. هي ٻيٽ قدرتي سونهن، موسم ۽ ڌرتيءَ کان الڳ ٿلڳ هجڻ ڪري دنيا جي ٽوئرسٽن لاءِ (خاص ڪري جپان ۽ يورپ جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ) جيڪي پنهنجي شهر جي گوڙ گهمسان کان ڀڄي ڪنهن ماٺ مٺوڙي واري جاءِ تي ڪجهه ڏينهن گذارڻ چاهين ٿا، بهترين جاءِ آهي.
مالديپ ٻيٽَ عربي سمنڊ يا خليج بنگال بدران صحيح معنيٰ ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ آهن. اهي ڪولمبو (سريلنڪا) کان 640 ڪلوميٽر پري آهن. ڪولمبو کان هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ست هزار رپيا کن آهي. سنگاپور کان به مالديپ ٻيٽن لاءِ ڊائريڪٽ اڏام آهي پر اها تمام مهانگي آهي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو اٽڪل 40 هزار رپيا آهي.
مالديپ ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ اٽڪل ٻه هزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آهن جن مان 215 اهڙا آهن جن ۾ ماڻهو رهن ٿا. ٻيا ٻيٽ ايئن خالي آهن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آهن يا وري ڪجهه اهڙا آهن جن تي ڪجهه به نه آهي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رهن ٿا. هنن ٻيٽن بابت هڪ ٻي ڳالهه اها آهي ته مالديپ ٻيٽ Maldives هڪ هنڌ هجڻ بدران سمنڊ ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن. خط استوا جي اتر کان اٽڪل 6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) کان شروع ٿي خط استوا کان ٿورو هيٺ تائين هليا وڃن ٿا. اتراهين ٻيٽ کان آخري ڏاکڻو ٻيٽ 900 ڪلوميٽر پري آهي. سڀ ٻيٽ ننڍا ننڍا آهن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جي ڊيگهه 6 ڪلوميٽر آهي. هي ٻيٽ ڪنهن ملڪ جي ملڪيت هجڻ بدران پاڻ هڪ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا جنهن جي گاديءَ جو هنڌ مالي (Male) آهي. جنهن ٻيٽ تي هي شهر مالي آهن. ان جي ڊيگهه فقط هڪ ميل (ڏيڍ ڪلوميٽر کن) آهي. ملڪ جو يعني هنن ٻيٽن تي پهچڻ لاءِ جيڪو بين الاقوامي هوائي اڏو آهي اهو الڳ ٻيٽ تي آهي ۽ اهو ٻيٽ به ايترو ننڍو آهي جو ان تي فقط هوائي اڏو آهي ۽ هوائي جهازن جي مسافرن لاءِ ماني سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجهه بورچيخانا آهن. مسافر هوائي جهاز مان لهي مختلف لانچن ۾ يا ڊوميسٽڪ اڏامن ۾ مختلف ٻيٽن ڏي روانا ٿيو وڃين. 1972ع کانپوءِ ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ 55 نيون هوٽلون- هر ٻيٽ تي هڪ، هڪ الڳ ٺهرايون ويون آهن، ان کان علاوه ٽوئرسٽن لاءِ ننڍا گهر، ساديون ۽ سستيون هوٽلون پڻ ڪيترن ئي ٻيٽن تي آهن- خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ننڍيون وڏيون Huts ٺهيل آهن. سمنڊ ته خير چوڌاري ئي ٿيو. ٻيٽ جي وچ تي ٺهيل گهر يا هوٽل جي کڏ تي بيهي ڏس ته چوڌاري سمنڊ ۽ ٻيا ٻيٽ نظر اچن ٿا. هنن ٻيٽن جي سمنڊ ۾ پوزيشن ائين آهي جيئن هار ۾ موتي پوئيل هجن. هنن ٻيٽن لاءِ ڪنهن خوب لکيو آهي:
Satered across the equator like jewels flung into the sapphire depths of the Indian Ocean lie the Maldives.
مالديپ ٻيٽن جو حال به جپان وانگر رهيو آهي. هتي جا ماڻهو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلا پنهنجي ۾ مگن رهڻ چاهين ٿا. هو گهڻي ماڊرنزم ۽ ٻين قومن جي ڪلچر کي پنهنجي سان مڪس ڪرڻ نٿا چاهين. ٽوئرزم هڪ انڊسٽري ٿي پئي آهي ۽ ڪمائيءَ خاطر هو ڌارين جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا. هر مسافر کي ايئرپورٽ تي لهڻ شرط هڪ مهيني جي ويزا مليو وڃي پر مهينو کن گهمڻ بعد هو جتان آيو آهي اوڏانهن روانو ٿي وڃي. ڀلي ڪو انڊين هجي يا سريلنڪن، آمريڪن هجي يا دبئي ڪويت جو شيخ، هو ڪنهن به مالديپ جي ٻيٽ تي زمين خريد ڪري نٿو سگهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه هوٽلون ۽ هوائي ڪمپنيون ڌارين ملڪن جا ماڻهو هلائي رهيا آهن پر انهن کي به هتي هميشه رهڻ جي شهريت نه آهي.
مالديپ جي ٻيٽ خط استوا وٽ هجڻ ڪري انهن تي ڏينهن رات ۾ ڪو خاص فرق ناهي. مينهن گهڻا پون ٿا سال ۾ اٽڪل هڪ سئو انچ کن. ٽيمپريچر به سڄو سال 27 ڊگريون رهي ٿو ڪا هڪ ٻه ڊگري هيٺ مٿي ٿئي ٿو. هتي جا رهاڪو مڪس قومن جا آهن. گهڻي ڀاڱي ڏکڻ هندستان جا دريويدن آهن ۽ ٻئي نمبر تي عرب ۽ سريلنڪا جا سنهالي. بهرحال هي سڀ گهڻو گهڻو اڳ آيا. هنن ٻيٽن تي جيڪا زبان ڳالهائي وڃي ٿي ان جو نالو ديويهي (Divehi) آهي جيڪا سريلنڪا (سلون) جي سنهالي زبان سان گهڻو ملي ٿي. هونءَ به سلون ئي هڪ واحد ملڪ آهي جيڪو هنن ٻيٽن کي ويجهو آهي. ماضيءَ ۾ جيڪي اوسي پاسي جي ملڪن جون قومون يا يورپي ايندا رهيا سي گهڻي ڀاڱي سلون ۾ رهڻ بعد هيڏانهن آيا.سنهاليءَ کان علاوه هتي جي زبان ۾ ڪيترائي لفظ عربي، هندي ۽ انگريزيءَ جا پڻ آهن. عربن جو پڻ هن ٻيٽ تي وڏو اثر آهي جن جا ٻيڙا آفريڪا يا هند سنڌ کان هنن ٻيٽن ڏي ايندا رهيا ٿي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ هن ٻيٽ تي اسلام آيو. هتي جا ماڻهو ملائيشيا جي ماڻهن وانگر عربستان کان آيل عرب واپارين جي اخلاق مان متاثر ٿي هنن مذهب (اسلام) اختيار ڪيو. اڄ مالديپ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ هتي جا ماڻهو سني فرقي سان تعلق رکن ٿا. جتي ڪٿي مسجد ۽ نمازي نظر اچن ٿا. گادي واري شهر مالي (جنهن ۾ ملڪ جو صدر رهي ٿو) ۾ سونهري گنبذ واري مسجد پري کان نمايان آهي ۽ هتي ڏنل تصوير ۾ پڻ صاف نظر اچي رهي آهي. هن مسجد جي سوني گنبذ لاءِ چون ٿا ته لبيا جي قذافيءَ ٺهرايو.
مالديپ ٻيٽن جي گادي وارو شهر مالي جيڪو هڪ ميل کن ڊگهي ٻيٽ تي آهي هوائي جهاز جي لهڻ وقت اڳيان بندرگاهه ۽ ان ۾ بيٺل ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. سوني قبي واري مسجد پڻ نظر اچي ٿي.

No comments:

Post a Comment