اھڙا جھاز جن ۾ ريل گاڏيون به چڙھن
الطاف شيخ
گذريل مضمونن ۾ پاڻ پاڻيءَ جي مختلف جهازن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اڳ ۾ ته فقط هڪ ئي قسم جا جهاز Cargo ships هوندا هئا. ان وقت جا ويندي مسافر بردار جهاز (Passenger ships) به اڌ گابرا “ڪارگو جهاز” هئا. ٽيهه سال کن حاجين کي جدي کڻي ويندڙ پئسينجر جهاز “سفينه حجاج” ڪارگو جهاز ئي ته هو، جنهن جي سامان جي هئچن (گگدامن) ۾، ويچارا حاجي پنهنجي سامان سميت سٿجي جدي ويندا هئا. بهرحال گذريل صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ سامان ۽ سفر جي نوعيت مطابق جهاز ٿي پيا... ڪارن کي کڻندڙ جهاز، وهٽن کي کڻندڙ جهاز (Live stock ships)، تيل کڻندڙ جهاز، ڪاٺ کڻندڙ جهاز، ڪيميڪل کڻندڙ جهاز، ڳوڻين بنا Bulk ۾ اناج ڍوئيندڙ جهاز وغيره، نڪري پيا. هڪڙا ريفر نالي جهاز پڻ آهن، جيڪي فروزن سامان کڻن ٿا. انهن جي هئچن (گدامن) کي مشينن رستي بيحد ٿڌو رکيو وڃي ٿو. گوشت کڻڻ جي صورت ۾ -20 ڊگريون ۽ مڇي کڻڻ لاءِ -30 جي لڳ ڀڳ ٿڌڪار رکي وڃي ٿي جو ايتري ٿڌ ۾ گوشت يا مڇي ڇهه مهينا رکڻ سان به خراب نٿي ٿئي. ميوو ۽ ڀاڄيون کڻي هلڻ ۾ انهن جهازن جي گدامن جو ٽيمپريچر +5 رکيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ميون ۽ ڀاڄين مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ لڳاتار Exhaust فئن جو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. بهرحال هي ڪم جهاز هلائيندڙ انجنيئرن جو ٿئي ٿو، جيڪي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران “ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن” جهڙا سبجيڪٽ پڻ پڙهن ٿا.
آسٽريليا وارا، مسلمان ملڪن لاءِ ته حلال ۽ پاڻ ذبح ڪرڻ جي چڪر ۾ جيئريون رڍون ۽ ڍڳيون “ڍورن جي جهازن” ۾ موڪلين، باقي ٻين ملڪن لاءِ ڪُٺل ۽ فروزن گوشت هنن ريفر جهازن ذريعي وڃي. جهاز تي چاڙهڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ، رڍن يا ڍڳين کي ڪُهي سندن گوشت کي ڪناري جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو وڃي ٿو، جيئن اهو اندر تائين پٿر ٿي وڃي. پوءِ اهو گوشت جهاز جي ٿڌن گدامن ۾ ڀريو وڃي ٿو. جهاز تي مقرر آفيسر وچ وچ مان، ڪنهن ڪنهن فروزن جانور جي گوشت ۾، هڪ فٽ کن ڊرل “اليڪٽرڪ مشين” ذريعي داخل ڪري، مطمئن ٿئي ٿو ته اهو گوشت واقعي فروزن حالت ۾ جهاز ۾ چڙهي رهيو آهي. پوءِ هڪ دفعو جهاز تي چڙهڻ بعد جهاز جي انجنيئرن جي ذميواري آهي ته، هو سڄو سفر- ٻن ٽن هفتن جو يا مهيني ڏيڍ جو، هر وقت گهربل ٿڌ قائم رکن. بندرگاهه اچڻ ۽ سامان لاهڻ تي سامان جا مالڪ هڪ ته جهاز جو لاگ بڪ ڏسن ٿا ته، واقعي اهو گهربل ٽيمپريچر Maintain ڪيو ويو يا نه- جنهن جو رڪارڊ چئن چئن ڪلاڪن بعد لکيو ويندو آهي. ان کان علاوه سامان جي مالڪ جا سرويئر، وچان وچان فروزن رڍ يا ڍڳي ڪڍي، ان جي اندر ساڳو سوئو (Drill) اندر تائين وجهي، دلجاءِ ڪن ٿا ته، اها ٿڌ اندر تائين آهي يا نه.
مٿينِ ريفر جهازن تي انجنيئرن کي، جهاز جي انجڻن جو فڪر هڪ طرف ڪرڻو پوندو آهي ته ٻئي طرف ڪارگو کي ٿڌو رکڻ جو- جو ڪڏهن ڪڏهن اهو فروزن سامان اِهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ان جي قيمت جهاز جي قيمت کان گهڻي هوندي آهي ۽ سامان خراب ٿيڻ تي جهاز جو مالڪ جهاز وڪڻي، ته به سامان جي قيمت ادا ڪري نه سگهندو. هڪ اهڙي ريفر جهاز تي آئون ٿرڊ انجنيئر هوس، جنهن تي فروزن ڪارگو “ڪنگ پران” هئا، جيڪي اسان انڊونيشيا مان جپان لاءِ کنيا هئا. بهرحال جيئرن جانورن جي جهاز (Cattle ship) کان وري به ريفر جهاز صاف سٿرا ۽ سڪون وارا ٿين ٿا.
پئسينجر جهازن جو گذريل صديءَ جي ٻئين ۽ ٽئين چوٿي ۾ وڏو ڌوم ڌڙاڪو ۽ شانُ مانُ رهيو. يا کڻي چئجي ته ٽائٽنڪ جهاز کان ڪُئين ميري ۽ ايلزبيٿ جهازن تائين. پر هاڻ جهازن جا مالڪ پئسينجر جهازن تي پئسو نٿا لڳائين. شروع جي ڏينهن ۾ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائڻ، پئسينجر جهازن جو اهم ڪم هوندو هو. ماڻهو يورپ کان آمريڪا يا آمريڪا کان يورپ ڪيئن اچن؟ هو هنن وڏن پئسينجر جهازن ۾ آيا ٿي، پر پوءِ گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي کان جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهڻ لڳا ۽ ٽڪيٽون مهانگيون ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏا وڏا هوائي جهاز ٺهي پيا، جن ۾ سفر ڪرڻ سان ڀاڙي ۽ وقت جو بچاءُ ٿيڻ لڳو ته، ماڻهن پاڻيءَ جي مسافر جهازن (Passenger ships) ۾ سفر ڪرڻ گهٽائي ڇڏيو. هاڻ جيڪي پئسينجر جهاز ۽ فيريون هلي رهيون آهن، اهي سير سياحت لاءِ آهن. يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ کڻي وڃن ٿيون. يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان عرب ملڪن ڏي کڻي اچن ٿا يا وري آمريڪا کان برمودا، بهاما ۽ ٻين اهڙن خوبصورت ٻيٽن تي، ماڻهن کي موڪلون ملهائڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا.
فيري پڻ جهاز ئي آهي، بلڪ عام ماڻهوءَ کي ته جهاز ۽ فيريءَ ۾ فرق ئي نظر نه ايندو. اڄڪلهه يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا) پاسي “فيريون جهاز” مسافرن کي هڪ هنڌکان ٻئي هنڌ پهچائين ٿيون. فيريون گهڻو ڪري سمنڊ جو ننڍڙو حصو اڪارين ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون، پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ شهر (ملائيشيا). انهيءَ ٻنهي هنڌن تي هاڻ وڏيون پليون به ٺهي ويون آهن ۽ فيري رستي گهٽ ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر جڏهن ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ آئون اتي رهندو هوس ته، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، وڃڻ لاءِ هر ڪنهن فيري استعمال ڪئي ٿي. انهن فيرين ۾ نه فقط مسافر پر انهن جون موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ انهن سان گڏ فيرين ۾ سمنڊ پار ڪن. سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه مالمو، جتان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اتي ته فيرين جو ڏاڍو رواج آهي. صبح کان رات جو يارهين تائين، اڌ اڌ ڪلاڪ بعد مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) مختلف ڪمپنين جون فيريون ۽ “هُوور ڪرافٽ” هلن ٿا، جيڪي نه فقط مسافر ۽ سندن ڪارون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڍوئين، پر بسون پڻ. ان کان علاوه ڪجهه فيريون پولينڊ، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ تائين به وڃن، جيڪو هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن جو سامونڊي سفر ٿئي. مالمو ۾ تعليم دوران ڪڏهن ڪڏهن مونکي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمنيءَ جي شهر فليزنبرگ جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي وڃڻو پوندو هو، جتي پهچڻ لاءِ ڪڏهن باءِ ايئر ويندو هوس ته ڪڏهن ٽرين رستي. سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ بالٽڪ سمنڊ جي ڪري، باقي يورپ کان ڪٽيل آهي، سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سئيڊن مان ريل ذريعي جرمني ڪيئن ٿو پهچي سگهجي؟ مالمو جي ريلوي اسٽيشن تي سئيڊن کان علاوه جرمني جي شهرن جون ٽڪيٽون وڪامندو ڏسندو هوس ته، مونکي به حيرت ٿيندي هئي. پوءِ سال کن جي رهائش بعد فائنل ييئر ۾، مونکي جڏهن جرمني وڃڻو پيو ته سڀني صلاح ڏني ته، اوڏانهن وڏو ڀاڙو ڏيئي باءِ ايئر ڇو ٿو وڃان. سو پوءِ آئون به باءِ ٽرين جرمني وڃڻ لڳس، جيڪو سفر نه فقط آرامده ۽ خوبصورت نظاري وارو ٿي ٿيو، پر هوائي جهاز کان سستو پڻ. مالمو شهر جي وچ واري ريلوي اسٽيشن Malmo central تان جرمني جي شهر فليزنبرگ جي ٽڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندو هوس، جيڪا ڪجهه وقت خشڪي (زمين) تان هلي بندرگاهه ۾ داخل ٿيندي هئي، جتي اها جرمني ويندي فيريءَ ۾ داخل ٿي ويندي هئي. اها فيري ايڏي ته وڏي ٿي ٿئي جو ان ۾ ٽي چار ريل گاڏيون بيهيو رهن. ريل گاڏين جي بيهڻ لاءِ انهن فيرين تي زمين جهڙا ريل جا پٽا ٿين. هي فيريون بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان ائين لڳي بيهن ٿيون، جو انهن ۾ ٺهيل ريل جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ٺهڪيو بيهن. مالمو يا ٻين شهرن کان ايندڙ ريل گاڏيون هنن پٽن ذريعي فيريءَ ۾ داخل ٿيو وڃن. پوءِ فيري هلڻ مهل مسافر جي چاهين ته ريل گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا رهن يا ان مان ٻاهر نڪري فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي، سمنڊ جو نظارو ڪن يا فيريءَ جي ريسٽورنٽ ۾ چاهه/ ڪافي پيئن.
ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ جو اهو حصو پورو ٿيو وڃي ته، فيري جرمنيءَ جي سرزمين جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اچيو بيهي، جتي پڻ ڪناري کان وٺي ريل جا پٽا ٺهيل آهن. هڪ دفعو وري فيريءَ کي اهڙي طرح بيهارين جو ان ۾ ٺهيل ريل جا پٽا ٻاهر جي پٽن سان ڀچي بيهن ٿا ۽ ٽرين آسانيءَ سان انهن پٽن تي اچي، جرمنيءَ جي مختلف شهرن ڏي رواني ٿيو وڃي. ڪا ڪا ٽرين ته اڃا به پري فرانس جي ريلوي اسٽيشن تائين هلي وڃي ٿي. مسافرن جون ٽڪيٽون، پاسپورٽ ۽ ويزائون، ريل گاڏي هلندي يا فيري ۾ چيڪ ٿيندا رهن ٿا.
No comments:
Post a Comment