اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....
گذريل مضمون ۾ پاڻ ملائيشيا جي ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري واري رياست ترنگانو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جتي جيUMT يونيورسٽي ۾ ميرپورخاص جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مير شهداد خان ٽالپر جو مير الهداد ولد محمد رحيم ٽالپر PhD اسڪالر آهي. هن جي دعوت ڏيڻ تي منهنجي دل ۾ هڪ دفعو وري ملائيشيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو جو ملائيشيا جي هن رياست جو پنهنجو جادو آهي. ملائيشيا ويندڙن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته فرصت ملي ته ٽرنگانو ۽ ڀرواري رياست ڪيلنتان ضرور وڃجو.
ترنگانو رياست کي ’دارالامان‘ به سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪجهه رياستن جي سلطانن پنهنجن رياستن جا عربي نالا به رکيا آهن، جيئن سلينگور رياست ’دارالاحسان‘ سڏجي ٿي. ڪيداح رياست دارالامان ۽ پهانگ رياست دارالمعمور سڏجي ٿي. ترنگانو رياست جي گاديءَ جو شهر ’ڪئالا ترنگانو‘ آهي. هي شهر ترنگانو نديءَ جي منهن وٽ آهي، يعني جتي ترنگانو ندي سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ٿي ڪري اتي هي ڪافي آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ رياست سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) جي به قبضي ۾ رهي، جيڪي هن کي ترنگ ڪانو سڏيندا هئا. ترنگانو رياست جي ايراضي 5 هزار چورس ميل ٿيندي. يعني جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائجي ته اوتري پکيڙ ۾ ترنگانو رياست ٿيندي. باقي آدمشماري ۾ سڄي ملائيشيا ۾ گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ ترنگانو ۽ ڪيلنتان پاسي ته اڃان به گهٽ آدمشماري آهي. سڄي ترنگانو رياست ۾ هاڻ 10 لک ماڻهو ٿيندا ۽ هوڏانهن اسان وٽ جيڪب آباد جي آدمشماري 15 لک آهي ۽ لاڙڪاڻي جي 25 لک آهي. ترنگانو رياست ست ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ملئي زبان ۾ دائرا(Daerah) سڏجن ٿا. هتي جي ملئي زبان ڪوالالمپور ۽ جوهور بارو واري پاسي جي ملئي زبان کان ڪجهه مختلف آهي، جيئن اسان وٽ لاڙي، اترادي ۽ ٿري زبانن ۾ ڪجهه فرق آهي. هيءَ رياست سمنڊ جي اهم روٽ تي هجڻ ڪري صدين کان هتي ڌارين جي اچ وڃ رهي آهي. لکت ۾ ان جو احوال ڇهين صدي کان چيني واپارين ۽ جهاز رانن جي ڊائرين مان ملي ٿو. ملائيشيا جي ٻين رياستن وانگر هن رياست ترنگانو ۾ به اسلام جي آمد کان اڳ ماڻهن جو ڪيترين صدين تائين ٻڌ ۽ هندو ڌرم سان واسطو رهيو. هن رياست لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين هتي اسلام آيو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪئالا برانگ شهر ۾ سن 1303 جو هڪ ڪتبو مليو آهي، جنهن تي عربي ۾ لکت آهي.
ڪئالا برانگ ۽ هن رياست جي گادي واري شهر ڪئالا ترنگانو تان ياد آيو ته پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن جي نالن ۾ ڪئالا ائين اچي ٿو، جيئن اسان وٽ ٽنڊا آهن....
ٽنڊوآدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار.... وغيره. تيئن هتي ڪئالا ترنگانو، ڪئالالمپور، ڪئالا ڪنگسار، ڪئالا مودا، ڪئالا بيسار، ڪئالا سنگائي بارو.... وغيره آهن. ڪئالا (Kuala) ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نديءَ جو منهن. ڪئالا ترنگانو، ڪئالا ڪنگسار ۽ ڪئالا لنگاٽ معنيٰ ترنگانو، ڪنگسار ۽ لنگاٽ ندين جا منهن. جتي اڄ وارو ڪوالالمپور آهي، اتان هڪ گپ واري ندي لنگهي ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو پيو گپ واري ندي جو منهن. اهڙي طرح مودا معنيٰ جوان، بارو معنيٰ نئون، سنگائي معنيٰ ندي جن اڳيان ڪئالا لڳايو ويو آهي. ملائيشيا ۾ گهاٽا جهنگل هجڻ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ درياهن ذريعي پهچي سگهبو هو. چوڌاري سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا پيٽ گذر لاءِ مڇيون ماريندڙ يا ويندي قزاق ۽ ڦورو جتي جتي ندي ڇوڙ ڪندي هئي، اتان ان جي منهن وٽ (سمنڊ کان ايندڙ ماڻهو لاءِ نديءَ جو اهو منهن ٿيو، جنهن مان هو گهڙي اندر اچي ٿو) هن ڪناري جو رخ رکي ٿو. اهڙي طرح هر نديءَ جي منهن وٽ هڪ عدد شهر ٺهي ويو. انهن شهرن مان ڪيترن جا نالا ڪئالا سان شروع ٿين ٿا.
1724ع ۾ ترنگانو هڪ خودمختيار رياست جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو پهريون سلطان تُن زين العابدين ٿيو، جيڪو ان وقت جي جوهور رياست جي سلطان جو ننڍو ڀاءُ هو. جوهور رياست مغربي ملائيشيا جي بلڪل پوڇڙ تي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جو گادي وارو شهر ”جوهور بارو“ ڪازوي (پل) ذريعي سنگاپور ٻيٽ سان ڳنڍيل آهي. اوڻيهين صدي ۾ جڏهن ترنگانو جي رياست سيام (ٿائلينڊ) جي ڪنٽرول ۾ هئي ته هن رياست جو سلطان هر سال سيام حڪومت کي ڏن ڏيندو رهيو. پر اهو آهي ته سيام حڪومت هيٺ ترنگانو ترقي ڪئي ۽ خوش حال ٿيو. 1919ع ۾ سيامين جو انگريزن سان معاهدو ٿيو، جنهن هيٺ ترنگانو انگريزن حوالي ڪيو ويو. انگريزن پنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ رياست جو وڏو سلطان کي ئي رکيو، پر هن کان سڀ ڪجهه پنهنجي مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار ذريعي ڪرايو ٿي. ملئي ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي. کين دٻائي رکڻ لاءِ انگريزن 1928ع ۾ فوجي طاقت استعمال ڪئي. ٻي وڏي جنگ دوران جپانين ترنگانو سان گڏ ملائيشيا جون ٽي ٻيون رياستون: ڪيلنتان، ڪيداح ۽ پرلس سيام وارن جي حوالي ڪيون. جپان جي شڪست بعد هي سڀ رياستون وري انگريزن حوالي ٿيون، پر پوءِ سگهوئي 1957ع ۾ ملائيشيا کي خودمختياري ملي. پاڻ ملائيشيا جي هن رياست ترنگانو جو احوال هتي جي مشهور يونيورسٽي (UMT يونيورسٽي ملائيشيا ترنگانو) جي ڪري ڪڍيوسين، جتي اسان جو مير الهداد ٽالپرAquaculture سبجيڪٽ ۾PhD ڪري رهيو آهي. هن يونيورسٽي ۾ چار فئڪلٽيون آهن:
- سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي
- مئنيجمينٽ ائنڊ ايڪانامي
- ائگرو ٽيڪنالاجي ائنڊ فوڊ سائنس
- مئريٽائيم اسٽڊيز ائنڊ مئرين سائنس.
يونيورسٽي جي چانسلر، هن رياست جي سلطان ۽ هاڻوڪي بادشاهه جي زال راڻي تئانڪو نور زهره آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي. راڻي سلطانا نور زهره 1973ع ۾ ڪيداح رياست جي شهر الور اسٽار ۾ ڄائي. سندس اصل نالو روزيتا بنت عادل آهي، پر شاديءَ بعد سندس نالو نور زهره رکيو ويو. هن هڪ عام ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ الور اسٽار جي انگريزي اسڪول ”سينٽ نڪولس ڪانوينٽ اسڪول“ مان گريجوئيشن ڪئي.
هتي ٻه ڄار سٽون مير الهداد ٽالپر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي ملڪ جي ذهين شاگردن مان هڪ آهي ۽ هن جي ڪري اسان جي ملڪ جو نالو هن يونيورسٽي ۽ ملڪ ۾ مٿانهون ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت هن جي زندگي اسان جي اڄ جي نوجوان شاگرد ۽ والدين لاءِ پڻ سبق آموز آهي.
مير الهداد ٽالپر نائين جون 1963ع تي ميرپورخاص پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مير شهداد خان ٽالپر ۾ هڪ غريب پورهيت مير محمد رحيم جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ اڃا پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو. الهداد ٻڌايو ته هن جي ماءُ جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺاڻي ۽ ايترو ڪا پڙهيل نه هئي، پر هن هر صورت ۾ چاهيو ٿي ته هن جو اولاد تعليم يافته ٿئي. هوءَ هر وقت الهداد کي علم پرائڻ لاءِ همت افزائي ڪندي رهي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. بي ايس سيB.Sc آنرس ۽M.Sc ۾ هن جا سبجيڪٽ ”فريش واٽر بايولاجي“ ۽ ”فشريز“ هئا. هن ٻنهي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي. سنڌ گورنمينٽ جي فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري لاءِ جيڪو 1993ع ۾ ڪميشن جو امتحان ٿيو، ان ۾ به پاس ٿيل اميدوارن ۾ مير الهداد ٽاپ پوزيشن کنئي ۽ اڄ ڪلهه هو ان ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ 1995ع ۾ آمريڪا جي آبرن يونيورسٽي الاباما مان پوسٽ گريجوئيشن ڊپلوما ڪئي، جنهن جو سبجيڪٽAquaculture هو. هاڻ گذريل سال کان ملائيشيا جي هن يونيورسٽي UMT مان ساڳي سبجيڪٽ يعني اڪئاڪلچر ۾PhD ڪري رهيو آهي. هن سبجيڪٽ ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ:
Brood Stock Management of Sea bass
Water Quality Management
Live Feed Culture
Fresh Water Prawn & Crab breading
وغيره وغيره.
مير الهداد ٽالپر جي گهرواري مسز گل نساءِ ٽالپر به هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪميشن پاس ڪيل خاتون آهي. هوءَ سنڌ گورنمينٽ جي پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. اڄ ڪلهه موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ترنگانو آيل آهي جو سندن ٻار به هتي پڙهي رهيا آهن. والدين وانگر ماشاءَ الله سندن ٻار به پڙهائي ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. سندن وڏي ڌيءَ ردا بتول ڪوالالمپور ۾BBA ڪري رهي آهي. سندس مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ به اي ون گريڊ رهيو.
مير الهداد جا باقي ٻه ننڍا ٻار محمد معظم ۽ شازما زهره جيڪي ملئي زبانFluent ڳالهائين ٿا، هتي جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا. هنن پڻ سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن سالياني امتحان ۾ هنن پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيو.
مون مير الهداد ٽالپر کي چيو ته ”اهو سڄو ڪريڊٽ توهان جي والده جو آهي. هوءَ عظيم عورت چئبي، جنهن غربت ۾ ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندي به اڪيلي سر توهان کي تعليم يافته ۽ سٺو شهري بڻايو.“ منهنجو ارادو هو ته هتان ملائيشيا مان موٽڻ وقت مٺي، جهڏو ۽ عمرڪوٽ ويندي رستي تي ميرپورخاص ترسي ملاڪا جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ پنهنجي پيٽارو جي دوست عبدالرزاق ناريجو جي ڳوٺ ۾ وڃڻ سان گڏ ڳوٺ مير شهداد خان پڻ وڃي مير الهداد ٽالپر جي والده محترمه سان ملندس، پر افسوس جو الهداد ٻڌايو ته هن جو ٽي سال اڳ انتقال ٿي ويو.
No comments:
Post a Comment