انسان ۽ سمنڊ
سمونڊ جو منهنجي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر رھيو آھي، ان جو تصور ئي منهنجي لاءِ اتساھ پيدا ڪندڙ آھي. مون ڪيترو ئي وقت سمنڊ ڪناري ويھي، مست ڇولين کي ڏسندي من پرڀايو آھي. سياري جي سرد راتين ۾ سمنڊ جي ڪناري، عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل “گھڙولي” ٻڌي آھي. مان انسان جي سيني ۽ وشال سمنڊ جي ڀيٽ ڪندو آھيان، جن جي اندر سوين طوفان لڪل ھوندا آھن ۽ جڏھن اھي طوفان اٿندا آھن ته ھر شيءِ کي لوڙھي ويندا آھن.
“منهنجو ساگر منهنجو ساحل” کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙھيا اٿم. سندن سفرنامن سان منهنجي چاھ جو بنيادي ڪارڻ اھو ئي سمنڊ آھي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالھيون پڙھي مون کي آسيس ملندي رھي آھي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙھندو آھيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالھيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيھون ۽ حسن جو ذڪر ھوندو آھي.
الطاف جڏھن ڪجھ لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏھن اتفاق سان مون کي ھڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماھيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاھينڊڙ ٽيم سان گڏ سمنڊ ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنهن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. ٻئي ڏينهن اسان ھڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل ٻاھر سمنڊ ۾ نڪري وياسين. اڄڪلھ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آھي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوھ وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رخ طرف وڃي رھيا ھئاسين ۽ جيئن ئي ھڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پھتي ٿي، بوٽ “ڇپاڪ” جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏھن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ھا ته، اھا ضرور اونڌي ٿي پوي ھا. ان وقت مون کي ذھن ۾ الطاف جي ھن ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” جا ڪجھ واقعا ذھن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي به ھڪ اھڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوھ مان ڇھڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ھڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پھريون تجربو ھو)
مٿي ٻڌايو اٿم ته ھن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. الطاف شيخ جي پڙھندڙن کيس خط لکيا ھئا ته، ھو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي به ڪجھ لکي، پر جيئن ته سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رھيا ھئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻھو جپاڻين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناھي، تنهن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان بددل ڪرڻ بجاءِ ھن ھميشھ سامونڊي زندگيءَ جو بهتر ۽ دلچسپ رخ پئي ڏنو آھي. اھا حقيقت آھي ته پنهنجي دلچسپ تحريرن سان ھن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻھن جو چاھ وڌايو آھي، پر خوفائتن واقعن نه ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناھي. اھڙا واقعا ٻڌائڻ گھرجن، جيئن ماڻھن ۾ ڏکاين کي منهن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ھو ذھني طرح ھر ڳالھ لاءِ تيار رھن. اھا زندگي ڪھڙي جنهن ۾ خطرا نه ھجن؟ خطرن کي منهن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آھي. مون کي ياد آھي ته ننڍي ھوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اھڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس، جن ۾ سامونڊي جھاز ڪنهن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباھ ٿي ويندا ھئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اڃ جو مقابلو يا ته منزل تي پھچندا ھئا، يا ڪنهن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا ھئا. تڏھن مان سوچيندو ھئس ته، سنڌيءَ ۾ اھڙيون ڪھاڻيون ڇو نه آھن؟ سچي ڳالھ ھيءَ آھي ته سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نه ھئڻ جي برابر لکيو ويو آھي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوھ نٿو ڏيان، ڇو ته ھن سماج ۾ زندھ رھڻ ۽ پنهنجي ۽ قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ ئي وڏو “ائنڊوينچر” آھي.
بهرحال! ھيءُ ڪتاب، جنهن ۾ الطاف ٻين کي پيش آيل سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنيون آھن، ھڪ سٺو قدم آھي ۽ اھو سلسلو جاري رھڻ گھرجي.
الطاف پاڻ چوي ٿو: “سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ وانگر آھي، جنهن ۾ کل خوشي به آھي ته، ڏک ڏاکڙا به.” تنهن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ زھني سکيا حاصل ڪرڻ به ضروري آھي ۽ اھو ڪم الطاف پنهنجي فنڪارانه قلم سان ڪري سگھي ٿو. جيئن ھن ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” ۾ واقعن کي اھڙيءَ طرح پيش ڪيو آھي، جو پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ ھو به ان واقعي جو ھڪ ڪردار آھي. ان سان ھو خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگھي ٿو. اھا ئي ڪتاب جي خصوصيت آھي. پڙھندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف ھر ڪھاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجھاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪھاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا به دلچسپ بڻائي ڇڏيو آھي.
ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻين ۾ فنڪارانه Touches ڏئي جنگ جي تباھڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجھ حوالا به ڏنا آھن. مون کي يقين آھي ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجھ پرائيندا.
نصير اعجاز
No comments:
Post a Comment