Sunday, February 20, 2011

ملاڪا شيروات جي ملڪ ۾ - الطاف شيخ



ملاڪا شيروات جي ملڪ ۾

الطاف شيخ
دهلي ۾ بيمار، ڏٻرن، نٺر، سست ۽ ڪجهه خوفناڪ شڪلين جي ڪتن جي هر گهٽيءَ ۾ لوڌ نظر اچي ٿي جيڪي جتي ڪٿي هنگندا وٿن، پڇ  اوور فلو ٿيندڙ گٽرن مان ٻوڙي لوڏيندا وتن يا بڇڙي شڪل ٺاهي لنگهندڙن جي موڊ آف ڪندا رهن ٿا. آئون چوندو هوس ته مسلمان ملڪن ۾ اسان جو ئي ملڪ آهي جتي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڇڙواڳ ۽ نڌڻڪا ڪتا ماڻهن کي ڏاڙيندا ۽ پاسي کان لنگهندڙن جا ڪپڙا پليت ڪندا وتن پر هاڻ سال پويان سال گذرڻ تي اسان وٽ ڪتن جو تعداد گهتايو پيو وڃي. ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته ميلن تائين هڪ به رول ڪتو نظر نه ايندو،  پر هاڻ ڳوٺن جا ماڻهو به اهڙن ٽوٽي، بيمار ۽ پاڳل رول ڪتن کي اسان جو دوست نه پر دشمن سمجهن ٿا. پر هتي انڊيا ۾ جنهن گهٽيءَ مان لنگهه ته همراهه ويٺا آهن. خاص ڪري مندرن وٽ جتي ايندر ماڻهو رحم کائي هنن ڪتن کي کاڌو مهيا ڪن ٿا، ۽ ايتري ئي انگ ۾ رول ۽ نڌڻڪيون (پوڙهيون ۽ بيمار ڊڳيون) پڻ آهن. جن جي جوانيءَ ۾ ته مالڪن کين ماتا ماتا ڪري کير ڏڌو، پيتو وڪيو ۽ پئسو ڪمايو ۽ هاڻ جڏهن هو ان تي چٽي آهن ته کين Disown ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي ته هي پوڙهيون ۽ بکايل ڍڳيون گند ڪچري ۾ منهنجو وجهي پيون گذر سفر ڪن. ان کان علاوه هي پوڙهيون، ڏٻريون، ٽوٽي ڍڳيون ٽرئفڪ لاءِ به عذاب آهن جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي وقت وچ رستي تي ايتريون ته ڍڳيون ٻيهر رهن جو ٽرئفڪ جئم ٿيو وڃي ۽ هاڻ هنن ڳئون ماتائين کي ڏنڊو هڻي به ڪير هڪلي؟ ڪيترين ته اهڙين پوڙهين ڍڳين مان (جيڪي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون) جان ڇڏائڻ لاءِ بارڊر جي هن پار. يعني اسان جي ملڪ ڏي ٽپايون وڃن ٿيون. جيڪي اسان جا ڪاسائي گابي جي گوشت ۾ سنڌ جي مارڪيٽن ۾ کپائيندا رهن ٿا ۽ انهن، سڪل ۽ پوڙهين ڍڳين جي گوشت نه سولائيءَ سان ديڳڙي ۾ ڳري ٿو ۽ نه پيٽ ۾ هضم ٿئي ٿو. بهرحال انڊيا جي رستن تي لاوارث هنن ڳئون ماتائن جو تعداد گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي رهي ٿي. 

 
مٿين ٻن ڳالهين کان علاوه دهليءَ جي رستن تي جتي ڪٿي مٽندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو. اسان جي ايشيا ملڪن ۾ ڪٿي آهي Toiletes جو بندوبست ۽ انڊيا جهڙو ملڪ جنهن جي آدمشاري هيڏي ڳتيل آهي، پنهنجا مثانا خالي ڪرڻ لاءِ عوام ڪيڏانهن وڃي. پوءِ جتي ڪٿي آڏ اڳيان بيٺا مٽن، ڪن ڪن سوڙهن رستن تي پيشاب جي ايڏي بدبوءِ آهي جو هڪ نئين ماڻهوءَ کي منجهايو رکي جيسين وڃي نڪ جون ناسون هن اوپري ماحول سان سمجهوتو ڪن. سو اهي مٿيون ٽي Points مڙيئي اڄ جي ماڊرن امير ٿيندڙ ۽ شلپا شيٽي، شسميتاسين، ايشوري راءِ، امرتا ارورا، پريانڪا چوپڙا..... جهڙين حسين فلمي هيروئنن جي ملڪ انڊيا جي حساب ۾ Negative تاثر ڏين ٿيون نه ته هونءَ انڊيا ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جهڙن ملڪن کان مٿي ٿيندو وڃي. خاص ڪري Lsw & Order ۾، سستائيءَ ۽ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾، مهذب پڻي ۾ ۽ ڪيتريون ڳالهوين اسان کي انڊيا کان سکڻ به کپن جيئن پهرين اسان اهوئي سمجهندا هئاسين ته سونهن جي نشاني ۽ ماڊل فقط اسان جي فلمي انڊسٽري جون بهار، نغمه، انجمن، ماهه پارا.... جهڙيون صحمتند ۽ جاهل عورتون آهن پر هاڻ انڊين چئنل کلڻ بعد ماڻهن کي سونهن جي ڄاڻ پئي آهي ته بپاشا باسو، ڪرينا ڪپور، اميشا پاٽيل، مليڪا شراوت، نيها دوپيا، لارا دتا، جهڙيون فلمي هيروئنون وڌيڪ سهڻيون آهن، جن جي پيٽ ۾ کاڌو گهٽ ۽ دماغ ۾ تعليم زياده آهي.
اهڙي طرح انڊيا جا بارڊر کلڻ تي جڏهن اسان جي ماڻهن جو هن پاسي اچڻ وڃڻ عام ٿيندو ته پوءِ کين احساس ٿيندو ته قاعدي قانون توڙي امن امان، واپار وڙي تعليم، ميڊيڪل، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انڊيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪتل آهي جنهن کان اسان کي ڪجهه پرائڻ کپي. پوءِ ئي ڌاريان ماڻهو خرچ ڪري اسان جو موهن جو دڙو ڏسڻ ايندا، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺٽو ڏسڻ ايندا ۽ دنيا جي سڀ کان اعليٰ انڊسٽري، ٽوئرزم مان اسين لاڀ حاصل ڪري سگهنداسين.

No comments:

Post a Comment