وقت جي اهميت ۽ قدر
الطاف شيخ
ڪيترا ماڻهو پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ يا ٻاهر وڃي نوڪري
ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون کان صلاح وٺڻ لاءِ فون ڪندا رهن ٿا. هو منهنجو فون نمبر اخبار وارن
کان يا شايد انٽرنيٽ تان هٿ ڪري ڳالهائين ٿا ۽ ڪوشش ڪري هنن کي جواب ڏيڻ، پنهنجي ڄاڻَ
۽ تجربي مطابق هنن کي مشورو ڏيڻ آئون پنهنجو فرض سمجھان ٿو. آئون سوير سُمهڻ وارو آهيان
پر اسان جي ملڪ ۾ دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ جو ڪلچر ٿي پيو آهي، (جيڪو
ڪنهن قوم يا ملڪ لاءِ بيحد خراب ۽ نقصانڪار شيءِ آهي) سو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فون رات ڌاري
نِنڊ ڦِٽائيندو آهي، ته سخت ڊسٽرب ٿي ويندو آهيان پر پوءِ پاڻ کي اهي لوليون ڏئي ننڊ
کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي انهن ڳالهين جو احساس ئي نٿو ٿئي ... بهرحال رات جو دير
سان فون ڪري ٻئي کي ڊسٽرب ڪرڻ جي نه فقط مونکي شڪايت آهي پر ان بابت مون سان ٻاهر رهندڙ
منهنجي ڪيترن هم وطنن به اها شڪايت ڪئي آهي، ته آئون ان بابت لکان. ڳالهه اها آهي ته،
اڄڪلهه اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا شاگرد تعليم حاصل
ڪن ٿا.... جپان، چين، ملائيشيا کان دبئي، سعودي عرب، ايران، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا
۽ ڪئناڊا وغيره. هنن جا فون نمبر هنن جي مائٽن ۽ دوستن وٽ رهن ٿا. پرديس ۾ رهي اسان
جا هم وطني پنهنجي وطن کان فون اچڻ جو انتظار ڪن ٿا، ڄاڻي واڻي ته ائين نه ٿيندو هوندو
پر اڻ ڄاڻائي يا غير ذميوار رويي ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي جنهن وقت دل چوي ٿي پرڏيهه
فون ڪن ٿا. هو اهو نٿا سوچين ته هنن وٽ ته ڏينهن آهي پر جنهن ملڪ ۾ هو پنهنجي دوست
يا مائٽ کي فون ڪري رهيا آهن اُتي ڇا هوندو!.
