مرچنٽ نيوي ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندس....
الطاف شيخ
مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا
اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري
توهان پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙيءَ
طرح هڪ GP3 ڪورس جو
به اشتهار ايندو آهي ته ”ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي هيڏي ڳري پگهار
جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو،
جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي
چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.“
